رابندر ناٿ
ٽئگور
(ناٽڪ)
پوسٽ آفيس
چهچٽو
پهريون
پردو پهريون
]
ڪاڪي ڪيولرام جو گهر. هڪ حڪيم ڪرسيءَ تي ويٺو آهي
۽ ڪاڪو اڳيان بيٺو اٿس. پريان هڪ بيمار ڇوڪري کٽ
تي سمهي پيئي آهي. گرم کٿو مٿان پيل اٿس؛ پر منهن
کليل ۽ اکيون پوريل اٿس.[
ڪاڪو- (حڪيم کي) ڪهڙي نه منهنجي حالت ٿي آهي! جيستائين هيءَ
ٻچڙي گهر ۾ نه هئم، تيستائين ڪنهن به ڳالهه جي
چنتا ڪانه هوندي هئم. پاڻ کي هر طرح آزاد پئي
سمجهيم. پر اڄ منهنجا ساس پراڻ هن پياريءَ پٽڙيءَ
۾ آهن ۽ پيريءَ ۾ موهه جي ڦاسي اچي پيئي اٿم. هن
ٻچڙيءَ جو شل ڏينهن ڏنگو ۽ وار ونگو نه ٿئي. پر
جيڪڏهن ڪجهه ٿي پيس، ته پوءِ مان هڪ گهڙي به گهر ۾
گهاري ڪين سگهندس، ۽ جيئڻ جنجال ٿي پوندم.
حڪيم صاحب، اوهين ڪو چاڙهو سمجهو به ٿا؟
حڪيم- ڪُپڙيءَ ۾ ڪڻا هوندس، ته چڙهي پوندي. پر اسان جي طب جي
ڪتابن ۾ جيئن لکيل آهي، تيئن....
ڪاڪو- ڇا ٿا چئو؟ مون کي ڏڪڻي نه وجهو. طب جي ڪتابن جون ڳالهيون
ڇڏي، سوليءَ طرح ٻڌايوم، ته مان ڇا ڪريان؟
حڪيم-(ناس چپٽي سنگهي) هيءَ بيماري گهڻي چيٺ پڇي- ”تر جي گٿي سؤ
چوٽون کائي!“ تنهنڪري توهان کي هن جي تمام گهڻي
سنڀال ڪرڻ گهرجي. متان پوءِ هٿ هڻو.
ڪاڪو- (هٿ پيا ڏڪنس) جيئن چئوم تيئن ڪريان.
حڪيم- توهان کي اڳيئي چيو اٿم، ته وڏي سنڀال هيءَ ڪرڻي آهي، ته
هيءَ دروازي کان ٻاهر پير به نه ڪڍي.
ڪاڪو- هيءَ ته ڏاڍي جٺ ٿي! منهنجي پٽڙي، آزاديءَ جي ڪوڏي سا سڄو
ڏينهن گهر ۾ ڪيئن ويهندي؟ ٻار گهمي گهتي ۽ پاڻ
وندرائي ته مائٽ جي دل به خوش، پوءِ مان هن کي
ڄاڻي واڻي ڪيئن بند ڪري ويهاريان؟ ٻيو ڪو اپاءُ
آهي ئي ڪونه ڇا؟
حڪيم- سائين منهنجا، هيءَ سرءُ جي موسم آهي ۽ پاڻيءَ ڇڄڻ جا
ڏينهن آهن. ٻهراڙيءَ ۾ ڏسو ته جتي ڪٿي ٻيهڙ ٽيهڙ
جو ڦهڪو ۽ هنئاچي جو آزار! شهر ۾ تپاولي به زور
آهي. رات جو ماڪ پيئي پوي ۽ ولهه پيئي واڪا ڪري، ۽
ڏينهن جو به اڀرندي جي خراب هوا پيئي لڳي. پوءِ
ٻاهر ڪيئين ڪڍندوس؟ اُپاءُ اهو ئي آهي جو اوهان کي
ڏسيم، آئيندي مالڪ آهيو.
ڪاڪو- پر هيءَ منهنجي ڳچيءَ جي پتلي، صبح سانجهيءَ ٻاهرين هوا
کائڻ تي هريل، تنهن کي ڪيترو بندي ڪيترو بندبو؟
رڳو اڱڻ تائين نڪري، ٿورو ٽنگون من ساهي!
حڪيم- بلڪل نه، هن ڪمري کان پير به ٻاهر نه ڪڍي. هن ڪمري ۾
ٻاهرين هوا به اچڻ نه گهرجي، تنهن ڪري دريون ۽
دروازا سڀ بند رهن.
ڪاڪو- منهنجي سڪيلڌيءَ لاءِ هيءَ ته ڏاڍي سختي ٿي. کيس ته نڪو
آهي هرکَ نڪو سوڳ، ماٺيڻي ۽ سانتيڪي به اهڙي آهي،
جو ههڙيءَ بيماريءَ هوندي به نڪو ڪُرڪي نڪو ڪنجهي.
پوءِ ساڻس ڪابه سختي، مان ڪيئن سهي سگهندس؟ توهان
جي دوا پيئڻ کانپوءِ جنهن مهل ڇڙهيون ٿي هڻي، تنهن
مهل ته منهنجو اندر هيڪاري ڏري اڌ ٿو ٿئي (رومال
سان اکين جا ڳوڙها اگهي ٿو).
حڪيم- جيئن ڇڙهيون هڻي، تيئن پڪ ڄاڻجو ته دوا چڱو اثر ڪري ٿي.
طب واري پاڻ ائين لکيو آهي. ڇوٽڪارو ٿيندو ئي
آڱرين دوائن مان. مٺاڻ مان مرض ڪو نه لهندو. چڱو
ڀلا مان هاڻي موڪلايان ٿو. (ڪاڪو في ڏيئي اماڻيس
ٿو.)
ڪاڪو- اجهو چيلارام پيو اچي (چيلارام ٻڌندو اچي ٿو.)
چيلارام- منهنجو اچڻ نٿو وڻيوَ ڇا؟
ڪاڪو – ڀلي اچو، منهنجن اکين تي! پر توهان کي ٻارن سان کيچل ڪرڻ
وڻندي آهي...
چيلارام- پر نڪي توهين ٻار آهيو، نڪو توهان جي گهر ۾ ڪو ٻار
آهي، پوءِ انهيءَ ڳالهه ڪڍڻ جو سود ڇا؟
ڪاڪو- پر هينئر ته گهر ۾ ٻار اٿم.
چيلارام- سو وري ڪيئن؟
ڪاڪو- توهان کي يادگيري هوندي، ته منهنجي گهر واريءَ جي مرضي
هئي، ته مان سندس ڀائٽي کي پنهنجو پٽ ڪريان.
چيلارام- انهيءَ ڳالهه کي ته ورهيه ٿيا. مون کي خبر آهي ته
توهان کي اها ڳالهه پسند نه آئي هئي.
ڪاڪو -پسند وري ڪيئن ايندي؟ پئسو ڪمائڻ ڪو سٿرو ڪونهي. پئسو
بچائڻ ته هيڪاري مشڪل! انگ کي اڳڙي ۽ پيٽ کي پٽي
ٻڌي، چار پئسا پاڇي وجهجن ٿا، ته آئيءَ ويل ڪم
اچن، سي به اچي پرائو پُٽ اُڏائي! انهيءَ سبب اها
ڳالهه مون کي بنهه نٿي آئڙي، پر هيءَ منهنجي پياري
پٽڙي، منهنجي اکين جي آسابند ۽ ساهه جي تند آهي.
چيلارام- هيءَ ڀلي لُٽي کائي ۽ توهان کي انهيءَ ۾ فرحت اچي ٿي؟
ڪاڪو – بيشڪ! اڳي پئسي ڪمائڻ جي تانگهه هوندي هئم، تنهن ڪري
پئسي لاءِ پاڻ پيو پتوڙيندو هوس. هينئر جڏهن ڄاڻان
ٿو ته جيڪي ڪمائيندس سو منهنجي هن پٽڙيءَ پٺيان
خرچ ٿيندو، تڏهن پئسي لاءِ پورهيو ڪندي، آنند پيو
اچيم. اڄ چوان ته هن پيريءَ ۾ وڌيڪ پورهيو ڪري چار
پئسا جاستي ڪمايان، ته پنهنجي بلڙيءَ بلي لڳايان.
هيءَ ڀَل چوڙي، جيءُ ماڻي، هيءَ جيئن خرچي کائي ۽
خوش گذاري، تيئن منهنجي دل ٿي ٺري.
چيلارام- توهان اهو ٻار آندو ڪٿان؟
ڪاڪو- هيءَ منهنجي هڪ سرڳواسي دوست جي نياڻي آهي. پڻس ويچارو
سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو. ويجهڙائيءَ ۾ ماڻس به
لاڏاڻو ڪيو، جنهن ڪري سندس چاچو کيس ۽ ڀاڻس کي
سنڀاليندو هو. ٻيئي ٻار سلڇڻا آهن، پر مون کي پٽن
کان وڌيڪ نياڻيون وڻنديون آهن، تنهن ڪري هينئر هن
کي مون گود ۾ ورتو آهي. ڀاڻس کي ته اڳي ئي چاچس پٽ
ڪيو آهي، جو کيس پنهنجو ڪو به اولاد ڪونهي. ائين
ٻئي ٻار ورهائي کنيا اٿئون، ۽ جهونيءَ سنگت جو
ناتو هيڪاري پڪو ڪيو اٿئون.
چيلارام- تڏهن ته توهان جي انهيءَ ڌرم جي ڌيءُ کي مان به خوف
وندرائيندس. پر آهي ڪٿي؟
ڪاڪو- اجهو هوڏانهن نهاريو.
چيلارام- (ٻار ڏي نهاري) اڙي هي ڇا؟ ڇا ٿيو اٿس جو هيئن کٽ وٺي
سمهي پيئي آهي؟
ڪاڪو- ادا، پهريائين ڇاپاڪو ٿيس؛ ڇاپاڪي جي ڪري بت تي ڊٻڙ ڊٻڙ
ٿيس ته مشڪي چوڻ لڳي ته ”ٽڪريون ۽ جبل پيدا ٿيا
آهن!“ ان وقت پنهنجي چاچي جي سنڀال هيٺ هئي. جڏهن
ٻاهر هوا بدلائڻ لاءِ ويئي ۽ ڇاپاڪو لٿس ته
چيائين، ”هتي جي گرميءَ سبب ٽڪريون ۽ جبل سڀ رجي
صفا ميدان ٿي ويا آهن، ته به چانهه بدران ڪريائتو
پيئي پيئان.“
چيلارام – ڏاڍي ڪا چتر ۽ چالاڪ ٿي ڏسجي!
ڪاڪو- اڃا ٻار آهي، پر ڳالهائڻ جي افلاطون آهي. توهان جو ته
نالو ئي ”چيلو“، پر اهڙين ڳالهين ۾ هيءَ توهان جي
به ”گرو“ آهي- جهڙي آهي سمجهو ۽ سياڻي، تهڙي آهي
کلمک ۽ رلڻي ملڻي. راڳ به ڏاڍا عمدا ڳائي ڄاڻي ۽
سر به سٺو اٿس. سندس نيڪ خصلتن، وڻندڙ مٺڙين
ڳالهين ۽ مڌر آلاپ مون کي موهي ڇڏيو. منهنجن رڳن ۾
اهڙي ٿي پيهي ويئي، جو ڏهاڙي سندس گهر وڃي ڪجهه
وقت ساڻس ويهندو هوس. ڪنهن وقت بيمار هوندو هوس،
ته گاڏيءَ ۾ چڙهي به سندس منهن ڏسي ايندو هوس. هن
جي وندر ۾ مون کي پنهنجي بيماري وسري ويندي هئي.
هڪ لڱا سنڌن جو اهڙو سور پيم، جو اوچتو منهنجي
ساڄي ٽَنگ چُرڻ کان صفا بيهي ويئي. پير چوريان ته
چوري نه سگهان. وٽس وڃڻ جو آسرو پلي، دلگير ٿي
پئجي رهيس. انهيءَ ڏينهن نماشام جي مهل اوچتو ئي
پنهنجي چاچي سان گڏ منهنجي گهر ۾ پيهي آئي. کيس
ڏسي اهڙو گد گد ٿيس، جو يڪدم منهنجي ٽَنگ چُرڻ
لڳي! ائين، مون ۾ ڄڻ ته نئون ساهه اچي ڦوڪيائين.
چيم ته ههڙو سڀاڳو سدورو ٻار، جنهن جي منهن ڏٺي
منهنجا دک دور ٿي ٿا وڃن، سو سدائين مون وٽ هجي.
انهيءَ سبب چاچس جي اجازت سان پاڻ وٽ آڻي
رهايومانس. ائين پئي ڄاتم ته مان پنهنجي آنڊي ڄائي
اولاد کان به وڌيڪ سنڀال لهندوسانس، ته سدائين
نروئي ۽ نوبني رهندي ۽ سندس منهن ڏٺي منهنجي اندر
کي به آنند پيو ٿيندو. پر مِٽي ڪنجهڻي اٿس، سو
هڪڙي نه ٻي رنجهه ڪنجهه ڇڏيس ئي ڪين. ڪڏهن چيلهه ۾
سور ته ڪڏهن پٺيءَ ۾! هينئر ته حڪيم صاحب چوي ٿو
ته ’سَنڌ سَنڌ اچي ورتو اٿس، بخار جي بوٺ بيٺي ئي
اٿس، ۽ تپ ڪائو اصل نٿو کائي.‘
چيلا رام- پوءِ ان جو علاج؟
ڪاڪو- اُگريون دوائون پِي پِي ويچاريءَ جا آنڊا ئي الاجي ڪيئن
ٿي ويا آهن. هاڻ حڪيم صاحب چوي ٿو ته ’جيڪڏهن هن
جو خير گهرڻو اٿوَ، ته هن سرءُ جي موسم ۾ در کان
ٻاهر پير به ڪڍڻ نه ڏيوس.‘ توهان جي سڀاءَ جي سڌ
اٿم. توهان کي پريا پيا ته به توهين اڄ تائين
پروان پنهنجن ٻارن سان کيچل ڪندا وتو. تنهن ڪري ڊپ
لڳم ته متان هن کي راند روند ڪرائڻ لاءِ ڪنهن مهل
در کان ٻاهر ڪڍو.
چيلا رام- ٻار آهن بيپرواهه بادشاهه. سرڳ جا سک آهن ئي انهن
لاءِ، جيڪي ٻاراڻي ٻوجهه ڌارين ٿا. اسين به جيڪڏهن
ٻاراڻي ٻوجهه ڌارينداسين، ته ڌڻي اسان سان
ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪندو. اهڙو لڇڻ ٻارن جي سنگ مان ئي
پرائڻو اٿئون. تنهن ڪري هن وڏيءَ اوسٿا ۾ به
منهنجي وندر ننڍا ٻار آهن. ٻارن کي ٻاهر وٺي وڃڻ
جو ضرور ئي ڪونه ٿيندو اٿم. مان ٻارن کي سندن گهر
جي اندر به وندرائي ڄاڻان. هينئر ڪنهن ڪم سانگي
نڪتس، ته چيم ته توهان وٽان به ٿيندو وڃان.هاڻي
هيءَ نياڻي اوهان وٽ آهي ته سانجهيءَ جو وري اچي
اهڙو وندرائيندوسانس، جو اها بيماري به وسري
وينديس، جنهن ڪري اوهين خود به خوش ٿيندا.
(وڃي ٿو)
ڪڪلو- ڪاڪا!
ڪاڪو- جيءُ، منهنجا ٻچا!
(وڌي ويجهو وڃيس ٿو)
ڪڪلو- مان ٿورو وقت اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽان؟
ڪاڪو- نه ٻچا، ٻاهر نه نڪر!
ڪڪلو- اڱڻ ۾ ڏس ته نوريئڙو ڪيئن نه مزا ويٺو ڪري. ان ڏرڻ واري
مائي منهنجي ڀَتَ لاءِ ٻاٽ ڏري ويئي آهي ۽ ٻاٽ جا
ٿورا داڻا اڃا پٽ ۾ پيا آهن، ته هڪ نوريئڙو اتي پڇ
مٿي ڪري اچي ويٺو آهي، ۽ پنهنجن پتڪڙن هٿن سان
داڻو داڻو کڻي، ڏاڍي موج سان ويٺو کائي. مان جيڪر
ٻاهر کٽ تي ليٽي، نوريئڙي جو اهو رنگ نه ڏسان؟
ڪاڪو- نه ٻچا، نه!
ڪڪلو- مون کي نوريئڙي جيتري به آزادي ڪانهي! نوريئڙو ڀلي گهمي
گهتي ۽ موجون ڪري، ۽ مان اڱڻ تائين به نه چُران!
تنهن کان ته مان نوريئڙو هجان ها ته چڱو! ڪاڪا،
مون کي ٻاهر ڇو نٿا نڪرڻ ڏيو؟
ڪاڪو- پٽڙي، حڪيم صاحب منع ڪري ويو آهي؛ چوي ٿو ته ’ٻاهر جي هوا
تولاءِ نقصانڪار آهي.‘
ڪڪلو-حڪيم صاحب کي اها سڌ ڪيئن پيئي؟
ڪاڪو- حڪيم هيترا طب جا ڪتاب ٿا پڙهن، تن کي ايتري به سُڌ ڪانه
پئجي سگهندي ڇا؟
ڪڪلو- ڪتابن پڙهڻ ڪري سڀ ڪنهن ڳالهه جي سُڌ پئجي سگهندي اٿن ڇا؟
ڪاڪو- اڻپڇو، توکي ايتري به سُڌ ڪانهي ڇا؟
ڪڪلو- مان نڪي ڪتاب پڙهان، نڪي اهڙيون سُڌيون پونم
ڪاڪو- هاڻ جڏهن انهيءَ ڳالهه تي آئي آهين، تڏهن ٻڌايائين ٿو ته
وڏا وڏا عالم به تو وانگر آهن. اهي اڪثر گهر کان
ٻاهر نڪرن ئي ڪونه.
ڪڪلو- سو وري ڪيئن؟
ڪاڪو- هو صبح سانجهيءَ پنهنجن ڪتابن ۾ غلطان رهن ٿا- ڪڏهن ڏس ته
ماني ويٺا کائيندا، ته به اکيون ڪتاب ۾ هوندين.
تون به وڏي ٿيندينءَ ۽ ججهو علم پرائيندينءَ، ته
ڪتابن سان اهڙي دل ٻجهي ويندئي، جو گهر کان ٻاهر
نڪرڻ تي به دل ڪانه ٿيندئي ۽ ماڻهو به تنهنجي علم
جون سوين ساکون ڏيندا.
ڪڪلو-مون کي اهڙي ساک کپي ئي ڪانه. مان چاهيان ٿي ته مان آزاد
هجان، گهمان گهتان ۽ سڀڪجهه ڏسان وائسان.
ڪاڪو- ٻاهر آهي ڇا، جو ڏسندينءَ؟
ڪڪلو – ٻاهر سڀڪجهه آهي. هن دريءَ مان ئي ڏسان ٿي ته ٻاهر هڪ
وڏي ٽڪري آهي، جنهن جي چوٽي آسمان سان پيئي
ڳالهيون ڪري. مان جيڪر انهيءَ اتانهينءَ ٽڪريءَ تي
چڙهي ان جي به پار هلي وڃان.
ڪاڪو- اها به ڪا ڪرت آهي ڇا، جو ٽڪريءَ تي چڙهي ان جي پار وڃجي؟
اهي اجايون ڳالهيون ڇڏ. هيئن ويچار ڪر ته ڌڻيءَ هي
ٽڪري انهيءَ لاءِ اپائي آهي ته ماڻهو ان جي پار نه
وڃن، نه ته پٿرن جي هيڏي اونچي ڍڳ ٺاهڻ جو سود
ڪهڙو؟
ڪڪلو – ڌڻيءَ هيءَ ٽڪري انهيءَ لاءِ خلقي آهي ڇا ته وچ ۾ اٽڪ ٿي
بيهي، ۽ اسان کي پار وڃن کان روڪي؟ مان ته ائين ٿي
سمجهان ته ڌرتي ڳالهائي نٿي سگهي، تنهن ڪري ائين
آسمان ڏي هٿ کڻي اشارا پيئي ڪري. جيڪي پري پري
رهن ٿا ۽ ايڪانت ۾ پنهنجي دريءَ وٽان پيا نهارين،
سي اهڙا اشارا ڏسن ٿا ۽ ان جو مطلب ٻرجهي پروڙي
سگهن ٿا. جيڪي وڏا وڏا عالم ڏينهن رات ڪتابن ۾
غلطان رهن ٿا، سي....
ڪاڪو- انهن عالمن کي اهڙن خفقانن پچائڻ لاءِ وقت ئي ڪونهي. اهي
واندن جا ڪم آهن.
ڪڪلو- اهي واندن جا ڪم ڪيئن چئبا؟ ڪالهه مون دريءَ مان ڏٺو ته
هڪ ڪرڙوڍَ شخص انهيءَ ٽڪريءَ ڏي جُتي هٿ ۾ کنيو
پئي ويو. ڪلهي تي هڪ لٺ هئس، جنهن جي ڇيڙي وٽ هڪ
هڙ ٻڌل هئس، جا لٺ ۾ پئي لٽڪي. ٽڪڙيءَ جي اڳيان
جيڪو تلاءُ آهي، تنهن جي پاڻيءَ سان اول هٿ منهن
ڌوئي، پوءِ هڙمان چڻن جا داڻا ڪڍي چٻاڙيائين، ۽
تنهن کانپوءِ پاڻيءَ جا ٻُڪ ڀري پيتائين. وري
پنهنجي هڙ لٺ ۾ لٽڪائي، ڪلهي تي ڪيائين ۽ سٿڻ جا
پانچا کنجي، پاڻيءَ مان لنگهي پار ويو، سو ضرور ڪو
ڪم هوندس، مان به جيڪر هن وانگر ائين تلاءَ وٽ
ويهي، چڻا چٻاڙي، ٻڪن ۾ پاڻي پيئان!
ڪاڪو- ٻچا، تون چڱي ڀلي ٿيءُ، ته پوءِ مان توکي اهي سڀ پاسا
گهمائيندس.
ڪڪلو-ڪاڪا،مان ڪڏهن چڱي ڀلي ٿينديس؟
ڪاڪو- بلڙي، تون دلجاءِ ڪر، ڌڻي سگهو ئي تنهنجي ڪس ڪٽيندو ۽ تون
ڏينهن پهر ۾ نوبني ٿيندينءَ.
ڪڪلو- مان ڇٽان ته جيڪر انهيءَ گهڙيءَ پکين وارا پَرَ ڪري اڏامي
وڃان!
ڪاڪو- جيڪر ڪاڏي وڃين؟ |