سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون

ڪهاڻي: 3

صفحو :5

”زمين مان گھڻي اپت ڪڍڻ لاءِ زياده پئسي جي درڪار ھئي: پاڻي ڪڍڻو، ڀاڻ ڏيڻو، لوڙھا ڏيڻا ۽ زياده ڍور وٺڻا ھئا. لاچار انھيءَ زميندار کان پئسا اڌارا کنيم. پوءِ رات ڏينھن زمين تي محنت ڪرڻ لڳس. اتي پوسل ھئي، تنھن ڪري اسان جي تندرستي چڱي رھي نھ سگھي. آئون پنھنجي زال ۽ ٻار سوڌو تپجي پيس. ڏينھن جا ڏينھن پيا ھئاسين. منھنجن پٽن مان وڏو ويچارو مري ويو. انھيءَ ڏک ۾ منھنجي زال ڏينھن جا ڏينھن بستر نشين ھئي.“

”تنھن کان پوءِ اسان جي مال ۾ اچي مرض پيو. ڪيتريون ئي رڍون مري ويون. زميندار مھرباني ڪري مون کي مدد ڏني، اسين وري ساڄا ٿياسين، ۽ خوش گذارڻ لڳاسين. اوچتو ھڪڙي ڏينھن سخت طوفان لڳو، ۽ مينھن اچي پيو، جنھن ٻوڏ ڪري ڇڏي. اسان جي ٻني سڄي ٻڏي ويئي. گھر کي چوڌاري پاڻي وڪوڙي ويو. ڍور، ڍڳا ۽ رڍون ٻڏڻ لڳيون، ۽ گھر جو ڀاڱو ڪري پيو. پاسي ۾ سمنڊ ھو، سو ڪاھي اچي انھيءَ پاڻيءَ سان گڏيو. اسان کي ٻڏڻ جو اچي ڊپ ٿيو.

”اھڙي حال ۾ اسان ھڪڙي ٻيڙي پاڻ ڏي ايندي ڏٺي، جا اچي اسان جي پٺينءَ دريءَ وٽ بيٺي. اتان ڏاڍي مشڪلات سان اسان ٽپي انھيءَ ۾ پياسين. ھڪڙي زال ۽ ھڪڙو ڇوڪر، جي مون کي ٻنيءَ جي ڪم ۾ مدد ڪندا ھئا، سي بھ چڙھيا، ڪپڙا ۽ ٻيا ٿورا ٽپڙ، جي بچائي، ڪڍي سگھياسين، سي کڻي نڪتاسين. سگھو ئي پوءِ ڏٺوسين تھ اھو گھر بھ ڪري پيو ۽ زمين بھ ٻڏي ويئي.

”اسان جي ڪمبختيءَ وري اچي منھن ڪڍيو. ھن ڀيري نھ رڳو آئون اڪيلو ھوس، پر زال ۽ ٻھ ٻار بھ ھئم. حيران ٿيس تھ ڇا ڪريان! پر دل ۾ چيم آئون موراڪو ۾ ڪين آھيان، آزاد آھيان، ۽ چڱن ماڻھن ۾ آھيان، جي مون تي قياس ڪندا، آئون محنتي ۽ تندرست آھيان. خيال ڪري ڪري ارادو ڪيم تھ موٽي پنھنجي ڌڻيءَ وٽ وڃان، جنھن وٽ نوڪر ھوس. پر پئسي کان سواءِ ٻار ٻچن سميت اوستائين ڪيئن پھچان؟ آئون تھ اڳي ئي پنھنجي زميندار جو قرضي ھوس. ھن مون تي قياس ڪيو، نھ رڳو قرض معاف ڪري ڇڏيائين، پر ٻيا پئسا بھ بخشش ڏنائين.

”پاڙي وارن مان بھ ڪن سکرن اسان کي بخششون ڏنيون. بلڪ جيڪا نوڪرياڻي اسان وٽ ھئي، تنھن بھ زور ڪري، اسان کي ڪي ڪجھھ ڏنو، جو ھن پاڻ کي اسان جو گھڻو احسانمند ٿي سمجھيو. نيٺ اسين سنبري پنھنجي وڏي مسافريءَ تي نڪتاسين. منھنجي زال پنھنجو کير پياڪ ٻار ڪڇ تي کنيو، وڏو مون پٺن تي کنيو ۽ ڪپڙن جي ھڙ بھ ھٿ ۾ کنيم. ڏھاڙي ٿورا ميل پنڌ ڪندا ھئاسين. ڪڏھن ڪڏھن بار جي خالي گاڏي ڏسي، انھيءَ  تي بھ ٿي چڙھياسين.“

”ھڪڙي ڏينھن اسان کي ھڪڙو زميندار مليو، جو مارڪيٽ مان ٿيو، گاڏيءَ تي موٽيو ڳوٺ ٿي ويو. مون کان خبرچار ورتائين. مون سارو حال ڏنس. جڏھن خبر پيس تھ آئون باغ ۽ ٻنيءَ جي ڪم مان واقف آھيان، تڏھن مون کي چيائين تھ ”ھڪڙو امير ماڻھو باغ رکائڻ ٿو گھري، سو گھڻو ڪري، توکي رکندو. جي منھنجي گاڏيءَ تي ھلو تھ اوھان کي چاڙھيو وٺيو ھلان؟“ مون کي نوڪريءَ جي گھرج ھئي، تنھن ڪري مون اھا ڳالھھ قبول ڪئي.“

”ھو اسان کي پاڻ سان چاڙھي وٺي ھليو، انھيءَ امير جي منشيءَ وٽ وٺي ھليو ۽ ھن کي سارو حال ڪري ٻڌايائين. منشيءَ منھنجي ڌڻيءَ کان منھنجي حالت بابت خط لکي پڇيو- جڏھن انھيءَ جو جواب آيو، تڏھن ھن مون کي ھڪڙي باغ جو داروغو ڪري رکيو. ھن مون کي ڪي پئسا مدد لاءِ اڳي ڏنا ۽ رھڻ لاءِ جاءِ بھ ڏنائين. ضروري سامان خريد ڪري، آئون وري پنھنجن ٻارن ٻچن سان سکيو ٿي ويٺس.“

”مون پنھنجو اھو نئون ڪم اھڙي خوشي ۽ شوق سان شروع ڪيو، جو ڄڻ تھ اھو باغ خود منھنجو ھو. پوءِ تمام گھڻي محنت ڪرڻ لڳس. منھنجي زال، گھر جي ۽ ٻارن ٻچن جي سنڀال ۾ مشغول رھندي ھئي. گھر جي پٺيان ھڪڙو زمين جو ٽڪر ھو، جو مون کي مليل ھو. انھيءَ ۾ “ آئون فرصت جي وقت باغيچو بنائڻ لڳس، منجھس ميوا ۽ ڀاڄيون پوکيم. منھنجي اڳوڻي ڌڻيءَ، منھنجي باغيچي جي لاءِ پنھنجي باغ مان ڪيتريون ئي عمديون عمديون چڪيون موڪليون. مطلب تھ باغيچو تمام عمدو ٿيو ۽ منجھانئس ٿوري پيدائش بھ ٿيڻ لڳي.

”اتي جي ھوا چڱي ھئي، تنھن ڪري منھنجي زال ۽ ٻار بھ تندرست رھڻ لڳا. ٻار وڏيرڙا ٿيا تھ مون کي باغ جي ڪم ۾ مدد ڏيڻ لڳا. آئون ڏاڍو خوش ٿيس، خدا جو شڪرانو ڪيم، ۽ ڄاتم تھ ھاڻ آئون مصيبتن کان ڇٽيس، پر منھنجي قسمت ۾ ائين ڪين ھو. اتي ٽي ورھيھ مس ٿيم تھ منھنجو ڌڻي مري ويو، ۽ ھڪڙو جوان ماڻھو انھيءَ  جو وارث ٿيو، جو اڳيئي قرض ۾ گرفتار ھو، تنھن ھڪدم باغ جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، ۽ نوڪرن نڙن جي ڪڍي ڇڏڻ جو حڪم موڪليائين.

”مون ڀانئيو تھ نوڪري ويئي تھ حرڪت ڪانھي، من اھو زمين جو ٽڪر، جنھن تي باغيچو رکيو ھوم، ۽ اھو ننڍڙو گھر، جو اڳوڻي مالڪ مون کي ڏنو ھو، سو ڇڏين. پر جيڪو نئيون منشي مقرر ٿي آيو، تنھن انھيءَ جي بھ مون کان ڍل يا مسواڙ گھري، جڏھن اھا آئون ڏئي نھ سگھيس، تڏھن ھن مون کي ڇڏي وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. جيڪي نوان وڻ مون پنھنجا آڻي اتي رکيا ھئا، تن جو ملھھ ۽ عيوضو بھ نھ ڏنائين.“

”آخر لاچار ٿي مون ارادو ڪيو تھ پنھنجي نئين ڌڻي وٽ لنڊن ۾ وڃي پڪار ڪريان. پنھنجي زال ۽ ٻارن کي في الحال اتي ڇڏي آئون لنڊن ڏي روانو ٿيس. رستي تي ڪنھن ويندڙ گاڏيءَ تي ويھڻ جي جاءِ مليم. جڏھن لنڊن کي پھچڻ ۾ باقي ٿورا ميل ھئا، تڏھن اتفاق سان گاڏي اونڌي ٿي پئي، آئون مٿي ڀر ڪري پيس ۽ بيھوش ٿي ويس، ڪنھن کي بھ منھنجي خبر ڪانھ ھئي تھ ڪير آھيان، ڪٿان آيس ۽ ڪيڏي ٿي ويس. ھڪڙي ويجھي ڳوٺ جي مسافرخاني ۾ مون کي وڃي ڇڏيائون.“

”اٽڪل پندرھن ڏينھن آئون انھيءَ حال ۾ پيو ھوس، پوءِ ھوش ۾ آيس. جڏھن خبر پيم تھ ڇا ٿيو آھي ۽ ڪٿي آھيان، تڏھن خيال آيم تھ منھنجي زال ۽ ٻارن جو ڪھڙو حال ٿيو ھوندو، جو ھنن کي منھنجي ڪابھ خبر ڪانھ پئي ھوندي! ٻين پندرھن ڏينھن کان پوءِ مس ھلڻ جھڙو ٿيس، ڇالاءِ جو نھ رڳو مٿي کي ضرب پھتي ھيم، پر ڳچيءَ وارو ھڏو بھ ڀڄي پيو ھوم. پئسا جيڪي ساڻ ھئم سي بھ ڪنھن طرح سان گم ٿي ويا. بڇڙي حال ۾ آئون موٽي گھر آيس. اتي اچي ڏسان تھ زال ويچاري بيمار پئي آھي، ٻار پيا روئن ۽ بک جي وگھي پيا مرن.“

”لاچار جيڪو ٿورو گھڻو سامان ھوسين، سو وڪڻي ٿورا پئسا پيدا ڪيم، جڏھن زال بھتر ٿي، تڏھن گھر ڇڏي نڪتاسين. پنھنجي باغيچي کي ڇڏڻ مھل آئون ننڍڙي ٻار وانگي روئڻ لڳس. پھرين دل ۾ آيم تھ ٻيا مفت انھن مان فائدو وٺن، تنھن کان وڻ پٽي وڍي ناس ڪري ھليو وڃان، پر پوءِ پاڻ کي روڪيم.

”في الحال تھ ڳوٺ ۾ ڪا ٻي جاءِ وٺي وڃي رھياسين. آئون ٻھراڙيءَ ۾ گھمڻ ويس تھ من ڪو پورھيو لڳيم. انھيءَ وچ ۾ اڳوڻو منشي پنھنجو حساب صفا ڪرڻ آيو ۽ منھنجي خراب حالت ڏسي، ھن کي ڏاڍو ارمان ٿيو. ھو سچو ۽ قياس وارو ماڻھو ھو اڳيئي ھڪڙي ٻئي امير ماڻھوءَ ھن کي پنھنجي نوڪريءَ ۾ رکيو ھو ۽ ڪنھن پرانھين ھنڌ مقرر ڪري موڪليو ھو.“

”ھن مون کي چيو تھ ”جي تون وري بھ مون سان ھلڻ گھرين تھ ھل تھ توکي ٻئي ھنڌ ويھاريان؟“ آئون وڃڻ لاءِ تيار ھوس، مگر ٻارن ٻچن وٺي وڃڻ لاءِ پئسو ڪونھ ھوم. ھن کي اڳيئي ھن نئين منشيءَ تي چڙ ھئي، جو ھن مون سان ڏاڍي بي مروتي ڪئي ھئي. انھيءَ کي جٺ ڦٺ ڪيائين. تنھن باغيچي جي عيوض مون کي ڪي پئسا ڏنا. پوءِ ٻارن سان آئون اتان لڏي نڪتس ۽ ھتي آيس، جتي اڃا تائين رھندو اچان.“

”جڏھن آئون ھتي آيس، تڏھن ھيءَ ساري ٻني جيڪا ڏسو ٿا، سا سڃو ميدان لڳو پيو ھو. ڏسندي ماڻھوءَ جو ھانءُ ڊھيو پئي پيو. ھڪڙو ڀڳل ٽٽل گھر مون کي رھڻ لاءِ مليو پھرين تھ آئون مزدور ٿي پورھيو ڪرڻ لڳس ۽ زمين کي ٺاھيم. پوءِ ڪي پنھنجي پورھيي مان، ڪي ٻاھرين مدد سان، ٿورو زمين جو ٽڪر ورتم، جو آئون والاري ويٺو آھيان. گھڻيون تڪليفون ڏٺيم ۽ نقصان سٺم. ھڪڙي سال تھ مال ۾ مرض پيو، سڄيون ست ڳئون مري پيم. ٻئي سال ۾ ٻھ مزي جھڙا گھوڙا وڃايم. پر آئون صبر ۽ تحمل ڪيو، خدا تي ڀروسو رکيو، محنت ڪندو آيس.“

”ھاڻي ھتي رھئي، مون کي گھڻا ورھيھ گذريا آھن. ٿورو ٿورو ڪري زمين وڌائيندو ويس، ھلٽ زياده ڪندو ويس ۽ پنھنجي وڌندڙ ڪٽنب کي بھ سکيو رکندو آيس. منھنجي زال ويچاري، جا ھيترين مصيبتن ۾ منھنجي سنگتياڻي ۽ مددگار ھئي، سا اڃا تائين جيئري آھي ۽ منھنجي سک ۾ شامل آھي. جھڙا اسين پنھنجي پروردگار جا شڪرگذار آھيون، اھڙا ٻيا ڪي ٿورا ماڻھو ھوندا. منھنجي تھ سائين، اجھا اھا ڳالھھ اٿو. جيڪڏھن اوھان جو پٽ بھ صبر ۽ تحمل سان محنت ڪرڻ سکندو تھ دنيا ۾ سکيو گذاريندو.“

مسٽر ڪارلٽن مسٽر ھارڊمن جي شڪرگذاري ڪئي، جنھن پنھنجي حياتيءَ جو احوال ھنن کي ڪري ٻڌايو. پوءِ ھن کان موڪلائي، پنھنجي پٽ جارج کي ساڻ وٺي، ھو گھر آيو، رستي ۾ ھن جي ڳالھھ منجھان ھن کي ڪاوڙ مارڻ، مصيبتن ۽ مشڪلاتن تي صبر تحمل ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ جا سبق سيکاريندو آيو.

ٻئي ڏينھن صبح جو ھن ڏٺو تھ سندس پٽ سچيءَ دل سان پنھنجي باغ ۾ بيٺو ڪوڏر ھڻي، ۽ ڦٽل باغ ٺاھي.

ھن ٻيو گلاب جو ٻوٽو آڻي ٻاري جي وچ ۾ رکيو، ۽ باغائيءَ کي چئي، ڪي نوان قلم بھ ھڻايائين، ۽ ڪي نيون چڪيون ميون ۽ گلن جي وڻن جون بھ آڻي لڳايائين. مطلب تھ ھڪڙي ڏينھن جي اندر ھن محنت ڪري، پنھنجو ٻارو اھڙو سھڻو ٺاھي ڇڏيو، جھڙو اڳي ھو. اھو پنھنجوڪم ڏسي، جارج پاڻ تھ خوش پئي ٿيو، پر سندس پيءُ کانئس وڌيڪ خوش ٿي ٿيو، جو ڄاتائين تھ مسٽر ھارڊمن جي ڳالھھ مان ھن گھڻو ئي ڪي پرايو آھي.

 

پورو ٿيو

*

 

  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com