سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون

ڪهاڻي: 1

صفحو :1

پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

1- پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون

 

ھڪڙي ڏينھن ماستر پنھنجي ھڪڙي شاگرد کان پڇيو تھ ”خانو! اڄ تون ڪيڏي گھمڻ ويو ھئين؟“ ھن ورندي ڏني تھ ”سائين، درياء ڏي ويو ھوس. پوءِ ٽڪر جي مٿان انجڻ ڏسندو ۽ ڪناري وارن باغن مان گھمندو موٽي گھر آيس.“

ماستر چيو تھ ”مزي جھڙي ھوا کائي ۽ مزا ڏسندو آيو ھوندين؟“ خانوءَ چيو تھ ”سائين، ڪوئي مزو ڪونھ ھو، سڃ جو پنڌ ھو. ڪوبھ ماڻھو مون کي ڪونھ گڏيو. انھيءَ کان شاھي سڙڪ ڏيئي وڃان ھا تھ چڱو ھو.“

ماستر چيو تھ ”جي تنھنجو مطلب ماڻھو، گھوڙا ۽ گڏھھ ڏسڻ ھو تھ پوءِ برابر توکي شاھي سڙڪ سان اچڻ- وڃڻ گھربو ھو، پر جانو توکي ڪونھ گڏيو؟“ خانوءَ چيو تھ ”اسين گڏجي نڪتا ھئاسين، پر ھو پٺ تي رھجي ويو، تنھن ڪري آئون ھن کي ڇڏي ھليو ويس.“

ماستر چيو تھ ”اھا ارمان جي ڳالھھ آھي. ھو توسان سنگت رکيو ھلي ھا ۽ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا وڃو ھا.“ خانوءَ چيو تھ ”سائين، ھو ڏاڍو ڍرو آھي، جيڪا شيءِ ڏسي تنھن تي بيھندو نھاريندو ھلندو آھي.“ ھن جي سنگت کان مان ائين ئي چڱو آھيان. مون کي پڪ آھي تھ ھو اڃا ڪين موٽيو ھوندو.“

ماستر چيو تھ ”اجھو جانو بھ ٿو اچي. ڪيئن جانو، تون ڪٿي ھوئين“. ھن چيو تھ ”سائين، درياءَ جي پاسي گھمڻ ويو ھوس، پر ڏاڍا مزا ھئا، جھنگ ئي جھنگ ڏيئي، گاھن منجھان لنگھي، درياءَ تائين ويس. اتان وري ٽڪر جي چوٽيءَ تي انجڻ ڏسڻ ويس. اتان وري درياءَ جو ڪنارو ڏيئي، ٻنين منجھان لنگھندو گھر آيس.“

ماستر چيو تھ ”اتان تھ خانو بھ گھمي آيو آھي. چوي ٿو تھ ڪوبھ مزو ڪونھ ھو، سڃ جو پنڌ ھو، ۽ ھو سڙڪ سان وڃڻ کي وڌيڪ پسند ٿو ڪري؟“ جانوءَ چيو تھ ”اھا حيرت جي ڳالھھ آھي. مون کي تھ ھرھڪ قدم تي خوشي حاصل پئي ٿي. آئون عجيب غريب شين سان پنھنجو رومال ڀري گھر آيو آھيان.“ ماستر چيو تھ ”تڏھن اسان کي انھن مزن ۽ عجيب غريب شين جو بيان ڪري ٻڌاءِ تھ ڀلي خانو بھ ٻڌي.“

جانوءَ چيو تھ ”حاضر سائين! ھتان نڪتاسين تھ جيڪا گھٽي شھر کان ٻاھر تائين ٿي وڃي، سا سوڙھي ۽ وارياسي آھي، تنھن ڪري آئون تڪڙو اتان نڪري ويس. انھيءَ ھوندي بھ ٻاھرئين لوڙھي وٽ ھڪڙي ٻير ڏٺم، جنھن تي سايون تندون ڄار وانگي پکڙيون پيون ھيون، اجھا انھيءَ جي ھڪڙي ٽاري مون وٽ موجود آھي.“

ماستر اھا ڏسي چيو تھ اھا ”بي پاڙي“ ول اٿيئي. اھا انھيءَ لاءِ مشھور آھي تھ پنھنجي منھن نھ ٿيندي آھي، پر ٻين وڻن تي ٿيندي آھي. انھن جي پنن ۽ ٽارين مان رس ۽ پاڻي پي، وڌندي ۽ پکڙندي ويندي آھي، جنھن ڪري اھو وڻ سڪي ويندو آھي، پر پاڻ تازي رھندي ايندي آھي. انھيءَ جي پاڙ آھي ئي ڪانھ. پاڻيءَ جي بدران اھا ھوا تي بھ جِي سگھندي آھي. عشق پيچ بھ انھيءَ قسم جي ھڪ ول آھي.“

جانوءَ چيو تھ ”انھيءَ کان پوءِ ٿوري پنڌ تي مون ھڪڙو ”ڪاٺ ڪٽو“ پکي ڏٺو، جو اڏامي ھڪڙي وڻ جي ٿڙ تي وڃي ويٺو. پوءِ ٻليءَ وانگر ڦرندو انھي تي چڙھندو ويو.“ ماستر صاحب چيو تھ ”برابر، ھو ڪينئان ۽ جيت ڳوليندو آھي. ڪاٽ ڪٽن جون چھنبون مضبوط ٿيون ٿين، وڻن جي ٿڙن ۾ ڪھاڙي وانگي انھيءَ جا ڌڪ ھڻي، ٽنگ ڪندا آھن، ۽ ڪن وڻن کي نقصان پھچائيندا آھن.“

جانوءَ چيو تھ ”سائين، اھي تھ ڏاڍا سھڻا پکي آھن.“ ماستر چيو تھ ”برابر، ھنن جا رنگ اھڙا آھن جھڙا چتن جا. ڪن ڳالھين ۾ انھن کان بھ سھڻا ٿا ٿين.“ جانوءَ چيو تھ ”سائين جڏھن آئون گاھھ واري کليل ميدان تي آيس، تڏھن مون کي ڏاڍي فرحت آئي. ٿڌي ھير پئي لڳي، جيسين نظر پئي پھتي، تيسين ساوڪ ئي ساوڪ ھئي، تنھن کان سواءِ ھزارين جھنگلي گل زمين تي کليا بيٺا ھئا. ڇٻر، ڊڀ، ڳنڍير ۽ لاڻا ھئا. رڳو لاڻن جا ئي ٽي قسم ھئا، جي مون نمونن لاءِ گڏ ڪيا، تنھن کان سواءِ تڪمن جا بھ ڪيئي قسم ھئا.“

ماستر چيو تھ ”برابر، اھي جھنگلي گاھھ ۽ گل مزي جا ۽ رنگ رنگ وارا ٿيندا آھن. چڱو ٻيو ڇا ڏٺئي؟“ جانوءَ چيو تھ ”سائين، ٻيا ڪي نئين قسم جا پکي ڏٺم. ھڪڙو ننڍڙو تتر جي قسم جو پکي ڏٺم، جو جڏھن آواز ڪري مٿان وڃي پيوسانس، تڏھن اڏاڻو، پر ڏاڍو سھڻو ۽ مزي جھڙو ھو!“ماستر چيو تھ ”اھو ”ٻٽيرو“ اٿئي. فصل ٻٽيرو بھ چوندا اٿس. ”پٽ تتر“ ننڍو ٿيندو آھي، پر ٻٽيرو انھيءَ کان بھ ننڍو ٿيندو آھي. شڪاري انھن کي مشڪلات سان ماري سگھندا آھن، جو سندن پيرن مان بُڙڪ ڏيئي اڏامندا آھن. پر انھن جو گوشت کائڻ ۾ چڱو سمجھندا آھن. اھي اڪثر ولر ڪري رھندا آھن ۽کليل ميدانن تي گذاريندا آھن.“

جانوءَ چيو تھ ”ھڪڙي ھنڌ وري ٿورو پاڻي بيٺل ھو، اتي وري ڪيترائي ”ٽيٽيھر“ ڏٺم، جي ڊگھين ٽنگن سان ٿا ٿين ۽ سھڻا بھ آھن. ”ٽي، ٽي، ٽي، ٽي، ھپ“ ڪندا منھنجي مٿان ٿي اڏاڻا ۽ پوءِ وري وڃي اڳيان ٿي ويٺا. وري جڏھن اٿي ٿي آيس، تڏھن وري اھا ٻولي ڪري اڏامي اڳتي ٿي ويا.“

ماستر کلي چيو تھ ”اھي پکي ڏاڍا ٺڳ ٿيندا آھن. ماڻھن کي ٺڳاري نئي، وڏي پاڻيءَ يا گپ ۾ وجھندا آھن. ھو سنئين زمين تي پنھنجا آکيرا ٺاھيندا آھن، پڌر تي آنا لاھيندا آھن ۽ ماديون انھن تي آرو ڪنديون آھن. اھي پري کان پيا ڏسبا آھن. بعضي ھڪڙي ٽنگ تي بيھندا آھن ۽ منڊڪائي ھلندا آھن، تنھن ڪري ماڻھن کي لالچائي ٻئي پاسي وٺي ويندا آھن تھ سندن آکيرن کان پاسي ٿين.“

جانوءَ چيو تھ ”مون کي اھا خبر ھجي ھا تھ چڱو ھو، ڇا لاءِ جو آئون ھنن جي پٺيان تمام پري وڃي نڪتس. اتي ھڪڙو ٻڍو ماڻھو ۽ ڇوڪر ڏٺم، جن لاڻي پئي وڍي. انھن سان بيھي، ڳچ تائين ڳالھيون ڪيم ۽ پڇيومان تھ ”لاڻي کي ڇا ڪندؤ؟“ ھنن مون کي سارو بيان ڪري ٻڌايو تھ لاڻيءَ کي ڪيئن ساڙي کار جوڙيندا آھيون. ھنن مون کي ھڪڙو ننڍڙو نانگ ڏيکاريو، جو مون اڳي ڪڏھن ڪونھ ڏٺو ھو. ڪرڙيءَ جيڏو مس ھو.“

ماستر چيو تھ ”برابر، اھڙا نانگ پوسل وارين جاين تي لڀندا آھن. شڪ ئي نھ پوندو آھي تھ ڪرڙي آھي يا نانگ آھي. انھيءَ کي ”ھڻ کڻ“ چوندا آھن. ننڍڙو آھي، پر ڏاڍو زھري آھي. جوڳي بھ ڏاڍي مشڪلات سان انھيءَ کي وٺندا آھن. چوندا آھن تھ اھو بي- پيرو يا بي گرو آھي. جنھن کي اھي نانگ ڏنگيندا آھن، سو اصل ڪين بچندو آھي.“

جانوءَ چيو تھ سائين، تنھن کان پوءِ آئون ٽڪر تي چڙھيس، جنھن جي چوٽيءَ تي انجڻ بيٺل آھي. جڏھن چوٽيءَ تي چڙھي ويس، تڏھن چوڌاري ملڪ جو نظارو ڏٺم. سارو شھر اتان پيو ڏسجي، ڄڻ تھ ڪو اڇو يا چمڪندڙ ليڪو يا نانگ آھي، جو ور وڪڙ ڏيو پيو وڃي. ان جي ڪنارن سان باغ، وڻ ۽ ساوا ميدان پئي ڏٺا. پري کان آسپاس جو ڳوٺ بھ پئي ڏٺا. ارادو اٿم تھ ڪنھن ڏينھن تر جو نقشو کڻي ويندس ۽ ننڍڙي دوربيني بھ کنيو ويندس، وڃي نشان ڀيٽيندس ۽ زياده چٽائيءَ سان ڏسندس.“

ماستر چيو تھ ”ائين بھتر ٿيندو، بلڪ جي تو مون کي خبر ڏني تھ آئون بھ توسان گڏيو ھلندس ۽ توکي سمجھائيندس.“ جانوءَ چيو تھ ”مھرباني اوھان جي. پوءِ سائين، منھنجي دل ۾ آيو تھ انھيءَ ٽڪر تي جيڪي وڏا قبا ۽ ٻيا قديم نشان آھن، سي گھمي ڏسان. جيڪي ويجھا ويجھا ھئا، سي وڃي ڏٺم. ڪي قديم قبرون ھيون، جن جي پھڻن تي نالا ۽ سال لکيل ھئا، جن جو تاريخ ۾ بيان پڙھيو ھوم، سي پينسل سان لکي ورتم، جو آئون اھڙي ڪم لاءِ اڪثر ڪاغذ ۽ پينسل کيسي ۾ کڻندو آھيان.“

ماستر چيو تھ ”چڱو ڪيئي. انھيءَ ٽڪر تي تمام قديم قبا ۽ قبرون آھن، ۽ آھن بھ مشھور حاڪمن ۽ اوليائن جون، پر ھينئر انھن جي گھڻي سنڀال ڪانھ ٿي ٿئي. ڀلا پوءِ ڪيڏي وئين؟“ جانوءَ چيو تھ ”سائين! پوءِ ٽڪر تان لھي ساون ويئن مان لنگھندو ھڪڙي نھر جي ڪناري تي آيس جا درياءَ ۾ ٿي پوي. انھيءَ جي ڪناري تي سر ۽ ڪانھن جھنگ ڪيو بيٺا ھئا. گل ڪيا ھئائون، سي ڏاڍا سھڻا ٿي لڳا. انھن مان چاقوءَ سان ڪي قلم بھ وڍي کنيم، ۽ ھڪڙو وڏو سر جو گل بھ وڍيم، جو پنھنجي گھر ھڪڙي ڪونڊيءَ ۾ ھڻي ڇڏيو اٿم.

”اڃا اتي بيٺو ھوس تھ پاسي ۾ کڙڪو ٻڌم. ڏسان تھ ھڪڙو وڏو ڪئو نڪتو جو ٽپ ڏئي، وڃي پاڻيءَ ۾ پيو ۽ تري وڃي پار نڪتو. مون اڳي ڪڏھن ڪنھن ڪئي کي پاڻيءَ ۾ ترندو ڪونھ ڏٺو ھو. ڏاڍو عجب لڳم.“ ماستر چيو تھ اھي پاڻيءَ جا ڪئا ٿيندا آھن، جيئن پاڻيءَ جا نانگ بھ ٿيندا آھن. اھي ڪئا، سارين جي پوکن کي ڏاڍو زيان پھچائيندا آھن. لشڪرن جا لشڪر وٺي فصل ۾ ڪاھي پھري پوندا آھن، ۽ ترندا سنگ ڀڃندا ويندا آھن.“ جانوءَ چيو تھ ”برابر سائين، پاسي ۾ سارين جون ٻنيون بھ بيٺل ھيون. اتي بيشمار ڀنڀوريون ۽ پوپٽ بھ ڏٺم. مزي مزي جا رنگ ھئن. ڀانئجي تھ ويٺو ڏسجين. ھڪڙي ڀنڀوري تھ مون ورتي بھ. پوءِ انھيءَ کي چتائي ڏسي وري ڇڏي ڏنومانس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com