سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون

ڪهاڻي: 2

صفحو :3

2- سگھڙپائي ۽ ڇيڳرائي

حسينا ھڪڙي ھوشيار ۽ چڱي ڇوڪري ھوندي ھئي، پر اڪثر بيپرواھھ ۽ بيخيال رھندي ھئي. پنھنجا سبق برابر ياد ڪندي ھئي، پر پنھنجي سامان گڏ ڪرڻ ۾ ايترو گھڻو وقت لڳائيندي ھئي، جيترو پنھنجي ڪم ڪرڻ ۾ لڳائيندي ھئي. جي ڪو سبڻ جو ڪم ڪرڻو ھوندو ھوس تھ ھڪڙي ھنڌان وڃي سئي ڌاڳو کڻندي ھئي. قئنچي سندس ڪوٽ جي کيسي ۾ پئي ھوندي ھئي تھ انگشتان کٽولي جي ھيٺان پيو رلندو ھو.

جڏھن وري مشق لکڻي ھوندي ھيس، تڏھن ڪاپي- بڪ نھ لڀندو ھوس، مس جي ڪپڙيءَ ۾ مس نھ ھوندي ھيس، قلم ڀڳا پيا ھوندا ھئس يا ڪنھن پيتيءَ پٺيان ڪريا پيا ھوندا ھئس. سليٽ ھڪڙي ڪنڊ ۾ ھوندي ھئي تھ سليٽ جو قلم ٻيءَ ڪنڊ ۾. جيڪو ڪتاب پڙھڻو ھوندو ھوس، انھيءَ جي بدران ٻيو پيو ھٿ لڳندو ھوس. اھا خبر ڪانھ ھوندي ھيس تھ ڪھڙي شيءِ ڪھڙي ھنڌ آھي. ضرورت مھل انھيءَ جي ڳولي ھٿ ڪرڻ ۾ ئي وقت ويندو ھوس.

حسينا جي ماءُ ھن کي سمجھائي سمجھائي ٿڪجي پئي ھئي، تنھنڪري ھن انھيءَ کي پنھنجي ھڪڙيءَ مائٽياڻيءَ ڏي موڪليو، جا ٻھراڙيءَ ۾ رھندي ھئي. ھوءَ ٻڍي زال ھئي ۽ تمام چڱي طبيعت واري ھئي، پر ٻارن تي سخت نظر رکندي ھئي. اتي ھوءَ ماني کائڻ کان پوءِ حسينا کي ھڪڙي ڪوٺي ۾ بند ڪري ويھاريندي ھئي. جڏھن ھوءَ پنھنجو مقرر ڪم پورو ڪندي ھئي، تڏھن ٻاھر نڪرڻ جي موڪل ملندي ھيس.

انھيءَ ھنڌ ٻھراڙيءَ ۾ ڪي پريون رھنديون ھيون. انھن مان ھڪڙيءَ جو نالو ھو ڇيڳرائي. اھا اڪثر حسينا کي اچي ھلاک ڪندي ھئي. اھا ھئي سا پري، مگر جنڙيءَ جھڙي شڪل ھيس. بدشڪل ھوندي ھئي. وار منھن تي پکڙيل پيا ھوندا ھئس. اھا پري، ماڻھوءَ جي صورت ۾ انھيءَ ٻڍيءَ زال وٽ رھندي ھئي، انھيءَ جي ھٿان ھوءَ حسينا کان ڪم ڪرائيندي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن صبح جو اھا پري، ھڪڙي ڳوٿري کڻي آئي، جنھن ۾ پٽ جا ڌاڳا، جدا جدا رنگن جا پاڻ ۾ گڏيا اٽڪيا پيا ھئا، ۽ ڀرڻ لاءِ نموني جو ھڪڙو گل بھ ڀريل منجھس پيو ھو. ڏاڍو عمدو ڀريل ھو، منجھس سڀ رنگ ڏاڍا سھڻا ڀريل ھئا. حسينا کي ڳوٿري ڏيئي چيائين تھ ”بابا ھان وٺ، ھي گل منھنجي مائيءَ توکي ڏنو آھي، چيو اٿس تھ ڏنل نموني جھڙو گل ڀري پوءِ مانيءَ لاءِ ھيٺ لھھ. ھن ڳوٿريءَ ۾ سڀ شيون موجود اٿئي.“

حسينا ڳوٿري کولي نموني جو گل ڪڍيو. پوءِ ڳوٿري اونڌي ڪيائين تھ سڀ پٽ، ڳڙ وانگي ڳنڍيو پيو ھو. پھرين ھڪڙو- ٻھ رنگ منجھانئس ڇڪي ڪڍي نموني تي گل ڀرڻ شروع ڪيائين، پر نموني تي نظر ڪرڻ سان ٻين ٻين رنگن جي پٽ جي گھرج ٿيس. پري انھيءَ ڍڳڙيءَ مان اھو رنگ ڳولي، اھو ٿي ڀريائين. انھيءَ طرح ھن کي انھيءَ جي ڳولي لھڻ ۾ گھڻو وقت ٿي لڳو. حسينا ڏٺو تھ انھيءَ طرح گل جي پوري ڪرڻ ۾ ڪلاڪن جي تھ جاءِ ناھي، ڏينھن لڳي ويندا. ھن ٻڍي زال جي ڇڙٻن جو بھ خيال ٿيس، ۽ مانيءَ جي مھل بھ ويئي ويجھي پوندي، تنھن ڪري ڪم بند ڪري ويھي روئڻ لڳي. سگھو ئي ڪنھن ماڻھوءَ جو ڏاڪڻ تان مٿي ماڙيءَ تي اچڻ جو دٻڪو ٻڌائين.

اکين تان رومال لاٿائين تھ ھڪڙي صاف چڱن ڪپڙن ۾ جوان زال پاڻ ڏي ايندي ڏٺائين. جڏھن ھوءَ وٽس آئي، تڏھن چوڻ لڳيس تھ ”ڌيءَ، مون تنھنجو روئڻ ٻڌو، تڏھن آيس. تون چڱي ڇوڪري ٿي ڏسجين، آئون توکي مدد ڏيڻ لاءِ آئي آھيان. منھنجو نالو سگھڙپائي آھي. تنھنجي ماءُ مون کي سڃاڻي ٿي، پر تو مون کي ھي پھريون ڀيرو ڏٺو آھي. اميد آھي تھ اڳتي پاڻ ٻيئي ھڪٻئي جون زياده واقف ٿينديونسين.“

ائين چئي پوءِ ھڪڙي ڪاٺي کڻي، پٽ جي منجھيل ڍيري، جا سندس اڳيان ميز تي پئي ھئي، تنھن کي ٺوڪيائين تھ ھڪدم ھر ھڪ رنگ جو پٽ ڌار ٿي پيو ۽ سنئون سڌو ٿي پئجي رھيو. ڦڪا ۽ ھلڪا رنگ، ڳوڙھن جي پاسي ۾ پئجي رھيا. پوءِ انھيءَ دم اھا پري اڏامي گم ٿي ويئي. حسينا پھرين تھ حيران ٿي وئي، پوءِ آسانيءَ سان ويھي ڀرڻ لڳي، جھٽ ۾ مانيءَ جي وقت کان اڳي گل پورو ڪري ڇڏيائين، جو ھن ٻڍي مائي کي ڏاڍو وڻيو ۽ انھيءَ شاباش ڏنيس.

ٻئي ڏينھن ھوءَ بدمزاج وري ھڪڙو ڪتاب ڪڇ ۾ ڪري حسينا وٽ آئي چوڻ لڳي تھ ”ھي منھنجي ڌياڻيءَ جي گھر جي حساب جو ڪتاب آھن. چوي ٿي تھ ٻنپھرن جي مانيءَ کان اڳي، ھن مان ھڪڙي ڪاغذ تي گذريل سال ۾ جيڪو خرچ ٿيو آھي، سو ڪڍي ڌار ڪر، ۽ تفصيل ڏي تھ ڇا کاڌي پيتي جو خرچ ٿيو، ڇا ڪپڙي گنديءَ تي، ڇا ڀاڙي وغيره تي، ۽ سنڀال ڪج، ڪابھ رقم ننڍي يا وڏي خرچ ٿيل رھجي نھ وڃي. ھي ڪاغذ اٿئي.“ ائين چئي، ھوءَ ھلي وئي.

حسينا ھي ڪم ٻڌي، پھرين تھ ڊڄي وئي. ڪتاب پٽي ڏٺائين تھ سڀ صفحا ڀريا پيا آھن، ۽ سڀ رقمون گڏ لکيون پيئيون آھن. دفعا دفعا ڌار ٿيل ۽ لکيل ناھن. منجھي پيئي. ويچاري چوڻ لڳي تھ ”ھاڻ ڪيئن ڪريان! شروع ڪٿان ڪريان؟ ھڪڙي ھڪڙي قسم يا دفعي جون رقمون ڪيئن چونڊي گڏ ڪريان! خدا ڪري تھ ھوءَ منھنجي نيڪ پري منھنجي مدد لاءِ اچي، نھ تھ آئون ڪم ڪري نھ سگھنديس.“

ھن اڃا ايترو چيو تھ ڏسي تھ سگھڙپائي پري سندس پاسي ۾ بيٺي آھي. چوڻ لڳيس تھ ”پياري ڊڄ نھ، ھيءُ ڪم مشڪل ڪين آھي. مون کي تنھنجي دل جو خيال معلوم ٿيو ۽ انھيءَ دم اچي نڪتيس. مون کي اھو ڪتاب ڏيکار؟“ پوءِ ڪتاب وٺي، ورق اٿلائي، چوڻ لڳي تھ ”منھنجي ضد واري، پري- ڇيڳرائيءَ توکي ڄاڻي ٻجھي مونجھاري ۾ وڌو آھي. روزنامي جو ڪتاب توکي آڻي ڏنو اٿس، پر کاتا- وھي يا کاتن ۽ دفعن جو ڪتاب توکي آڻي نھ ڏنو اٿس، جنھن مان اھڙو تفصيل آسانيءَ سان نڪري سگھجڻو آھي. پر تون دلجاءِ ڪر، آئون اھو توکي آڻي ٿي ڏيان.“

پوءِ ويئي ۽ سگھو ئي وڃي اھو ڪتاب کڻي آئي، ۽ ڏيکاريائينس تھ ھر ھڪ صفحي جي چوٽيءَ تي سڀڪا شيءِ دفعي وار لکيل آھي. سيڌي سامان جو صفحو، قاصائي جو، ڪاٺين جو، ڌوٻيءَ جو وغيره ھن کي رڳو ھيٺيان جوڙ يا انگ ملائڻا ھئا، ۽ وڏو جوڙ ڪڍڻو ھو. حسينا کي جوڙ- ڪٽ چڱي ايندي ھئي، تنھن جھٽ ۾ رقمون ھڪٻئي ھيٺيان لکي، جوڙ ڏيئي ڪم لاھي ڇڏيو، اھو ڪاغذ مانيءَ جي مھل کڻي وڃي انھيءَ مائيءَ کي ڏنائين، جا ڏسي خوش ٿي ۽ وري بھ کيس آفرين ڏنائين.

ٻئي ڏينھن انھيءَ حرڪتڻ پريءَ وري ھڪڙي صندوقڙي آڻي ڏنيس، جنھن ۾ بندوق جون ڪاغذي ٽڪليون يا ٽڪيون ھيون، جن تي الف- بي جا سڀ اکر لکيل ھئا. صندوقڙي انھن اکرن سان ڀري پئي ھئي. حسينا کي چوڻ لڳي تھ ”مائي، ھي وڏيءَ مائيءَ ڏني اٿيئي ۽ ھن ڪاغذ تي شعر لکيل آھن. ھن پيتيءَ مان اکر چونڊي، ھنن شعرن موجب سٽون بيھاري، ميز تي رکي وڃ. پر مانيءَ کان اڳ اھو ڪم ڪج.“

حسينا پھرين سمجھيو تھ اھو ڪم آسان آھي، پر جڏھن ڪم ۾ ھٿ وڌائين، تڏھن معلوم ٿيس تھ ھر ھڪ اکر ڳولي ڪڍڻ ۾ ڏاڍو وقت ٿي لڳو، شعر گھڻا ھئا. انھيءَ رستي ھن ڄاتو تھ سج لھي ويندو. وري بھ بي آرام۽ تنگ ٿي، دل ۾ پنھنجي مددگار پريءَ کي ياد ڪيائين، جا انھيءَ دم اچي حاضر ٿي. ھن پنھنجي جادوءَ جي لڪڙيءَ سان اکرن يا ٽڪلين کي ٺوڪ ڏني تھ ھڪ جھڙا اکر سڀ گڏجي ڌار ڌار ڍڳيون ٿي پيا، يعني الف جدا، بي جدا. وري رکجي بھ الف- بي وار ويا. تنھنڪري حسينا کي لفظن بنائڻ ۾ دير ئي ڪانھ ٿي. مانيءَ جي وقت کان اڳي شعر تيار ڪري ميز تي رکي ويئي، ۽ وڃي مائيءَ کي سڏي آڻي ڏيکاريائين. جا ڏاڍي خوش ٿي ۽ کيس پيار ڪيائين.

چوڻ لڳيس تھ ”حسينا، ھاڻ تون ھوشيار ۽ سگھڙ ڇوڪري ٿي آھين. ھاڻ توکي معلوم ٿيو ھوندو تھ ڇيڳرائي مان ڪيتري نھ مشڪلات ۽ ڏکيائي پيدا ٿي ٿئي، سگھڙپائي ڪيتري نھ سولائي ۽ آساني موجود ڪري ٿي ڏئي. ھاڻ اڳتي آئون توکي ڪو مشڪل ڪم ڪين چونديس. تون سواءِ آزمائش جي مون کي اڳتي منھنجي ڪم ۾ مدد ڪري سگھندينءَ.“ تنھن کان پوءِ حسينا محنت ڪري، سڀڪو ڪم اچي اھڙي خبرداري، چالاڪي ۽ سٺائي سان ڪندي ھئي، جو ھوءَ مائي منجھانئس ھر طرح راضي ٿي. ڪن ڏينھن کان پوءِ ھن کي پنھنجي ماءُ ڏي ڏياري موڪليائين، ۽ ڪيتريون ئي مزي مزي جھڙيون شيون انعام بھ ڏنائينس.

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com