ھڪڙي پکيءَ کي وٺڻ جي ڏاڍي خواھش ھيم، پر ھٿ اچي
نٿي سگھيو. ڏاڍو سھڻو ھو، سائي، واڱڻائي ۽ نيلي
رنگ جو ھو. پاڻيءَ جي مٿان تنبي پوءِ تير وانگي
چڀِ وڃيو پاڻيءَ ۾ ٿي ڪيائين، وري نڪري مٿي وڃي،
وري تنبڻ ٿي لڳو، مٿو وڏو، چھنب وڏي ۽ پڇ ننڍو
ھوس. ”ڪٻر“ کان ھلڪو ٿي ڏٺو.“
ماستر چيو تھ ”اھو ”ٽوٻو“ پکي ھو. ڍنڍ جي پکين مان
آھي ۽ مڇيءَ تي گذران ڪندو آھي. پاڻيءَ جي ڪنارن
تي آکيرا جوڙي رھندو آھي.“
جانوءَ چيو تھ ”آئون ڪوشش ڪري وري ٻيو ڀيرو
ڏسندوسانس. تمام سھڻو پکي آھي. پوءِ انھيءَ نھر جو
ڪنارو ڏئي، درياءَ تائين ويس، جتي اھا درياءَ ۾
ڇڙي ٿي. پوءِ درياءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي اٿي
ھليس. ڪناري تي ننڍا پکي ڏٺم، جن ”ٽين ٽين“ ڪيو پڇ
پئي لوڏيو ۽ گپ ۾ چھنبون پئي وڌائون. ڀوري رنگ جا
ھئا.“ ماستر چيو تھ ”شڪ ناھي تھ اھي ”ٽيٽا“ ھئا.
اھي بھ پاڻيءَ جا پکي آھن. گپ ۾ ننڍڙي پاڻيءَ ۾
جيت ۽ ڪينئان ڳولي کائيندا آھن.“
جانوءَ چيو تھ ”انھن کان سواءِ بيشمار ”ابابيل“ بھ
ھئا، جي ولر ڪيو ھوا ۾ پئي اڏاڻا ۽ ٻوليون پئي
ڪيائون ۽ ھڪٻئي ۾ رانديون پئي ڪيائون. اڳڀرو وري
ھڪڙو ماڻھو ٻيڙيءَ ۾ ھو، جنھن مڇيون پئي ماريون.
نيزي جھڙي شيءِ ھٿ ۾ ھيس، اھا اڇلي ٿي ھنيائين تھ
وڏي مڇي انھيءَ ۾ ٽنبجيو پئي آئي.“ ماستر چيو تھ
”انھيءَ اوزار کي ڇتِ چوندا آھن. انھيءَ سان مھاڻا
ڏنڀرا، گوجون ۽ ڄرڪا ماريندا آھن.“
جانوءَ چيو تھ ”سائين، آئون اڃا اتي ئي بيٺو ھوس
تھ مٿان ٻھ تمام وڏا پکي ڊگھين ٽنگن سان اچي لٿا.
گوڏن جيڏي پاڻيءَ ۾ گھمندا وتيا، ۽ ڊگھيون چھنبون
پاڻيءَ ۾ وجھيو مڇيون ڪڍيو ٿي اڏاڻا. ٻنھي ائين
ٿي ڪيو، پوءِ پري وڃي ويھي اتي کائڻ لڳا.“ ماستر
چيو تھ ”اھي ”ڪھنگ“ ھوندا يا ”سانھيون“ ھونديون.
اھي ”ڪونجن“ جي جماعت مان آھن، مگر ڪونجون اڪثر
جبل ۾ گذارينديون آھن ۽ پاڻيءَ جي ڏينھن ۾ ھيٺ
لھنديون آھن، پر ڪھنگ ۽ سانھيون ڍنڍ جا پکي آھن.“
جانوءَ چيو تھ ”پوءِ آئون ٻنين منجھان لنگھندو گھر
ڏي موٽيس تھ واٽ تي بيشمار اڇا تتر، ڪارڙا تتر، پٽ
تتر اڏامندا ڏٺم. ڪڪرن وانگي ولر ڪيو پئي اڏاڻا.
اڏامي وريو ويھو ٿي رھيا. گھر ڏي ايندي ھڪڙي ڍنڍ
جي پاسي کان لنگھيس، انھيءَ جي ڪناري سان ڏاڍا
سھڻا ڪوڏ ۽ مزي جھڙيون ڪوڏيون ۽ سپڙيون ڏسڻ ۾
آيون، اھي ويھي چونڊيم. ھڪڙو وڏو پٿر ھٿ آيم، جنھن
۾ اھي تمام گھڻيون لڳيون پيون ھيون. خبر ناھي تھ
اھي سمنڊ جون شيون اتي ڪيئن آيون؟“
ماستر چيو تھ ”اھا خبر رڳي توکي ناھي، پر گھڻا
عالم انھيءَ ۾ حيران آھن. اھڙيون سمنڊ جون شيون نھ
رڳو زمين تي ٿيون ڏسجن، پر وڏن جبلن جي چوٽين تي
بھ ڏسڻ ۾ آيون آھن، جي سمنڊ کان پري آھن. انھيءَ
مان ثابت ٿو ٿئي تھ ڌرتيءَ جي اڳوڻي حالت ھاڻوڪي
کان ٻيءَ طرح جي ھئي. پر انھيءَ کي ڪيتريون صديون
گذريون آھن، سو چئي نٿو سگھجي.“
جانوءَ چيو تھ ”سج بھ لھڻ تي ھو تھ آئون پنھنجي
گھر جي پاسي واري مٿانھين ميدان تي اچي پھتس.
الھندي ڏي نظر ڪيم تھ شفق جو اھڙو مزي جھڙو نماءُ
ڏسڻ ۾ آيم، جو ڳالھھ ڪرڻ کان ٻاھر. انھيءَ جي ڏٺي
دل پئي خوش ٿي. نظر ڪندي سج بھ ھيٺ ٽٻي ھڻي ويو.
جيڪي ٿورا گھڻا ڪڪر بيٺل ھئا، سي ڳاڙھا، پيلا،
واڱڻائي، ساوا ۽ ٻين ڦڪن ڳوڙھن رنگن جا نظر پئي
آيا. لھڻ مھل سج بھ ايڏو وڏو ڏسڻ ۾ آيو جو ٻنپھرن
جي سج کان ٻيڻو- ٽيڻو پئي ڏٺو!“
ماستر چيو تھ ”برابر ائين آھي. چنڊ بھ اھڙيءَ طرح
اڀرڻ ۽ لھڻ وقت وڏو ڏسڻ ۾ ايندو آھي. ھنن جو ڪو سچ
پچ قد وڏو نٿو ٿئي، رڳو ڏسڻ ۾ ننڍا ۽ وڏا ٿا اچن.
اھو اسان جي اکين جو ڦير آھي. جڏھن تون روشنائيءَ
بابت وڌيڪ بيان پڙھندين، تڏھن توکي اھا ساري حقيقت
معلوم ٿيندي. پر جانو، ڏس تھ ھن پوئين پھر ۾، تو
ھوا کائيندي، ڪھڙا نھ مزا ڏٺا آھن، سبق پڙھيا آھن
۽ آزمودا حاصل ڪيا آھن. خانو، ڇا توکي اھي تماشا
ڏسڻ ۾ نھ آيا؟“
خانوءَ ورندي تھ ”سائين، انھن مان ڪي مون ڏٺا
برابر ھئا، پر ڏانھن ڌيان ڪونھ ڏنم.“ ماستر پڇيو
تھ ”ڇو نھ ڏنئي؟“ ھن چيو تھ ”اھو آئون چئي نٿو
سگھان. اھڙين شين جو آئون خيال ڪونھ رکندو آھيان.
مون کي ڳڻتي ٿيندي آھي تھ جلد پنڌ ڪري گھر موٽي
اچان.“ ماستر چيو تھ ”ائين تڏھن ڪرين ھا، جڏھن
توکي ڪنھن پيغام ڏيڻ لاءِ موڪلجي ھا، پر جڏھن تون
ھوا کائڻ ۽ دل وندرائڻ جي لاءِ نڪتو ھئين، تڏھن
جيتريون گھڻيون مزي جھڙيون شيون ڏسي سگھڻ جون ھيون
سي ڏسين ھا.“
انھيءَ طرح دنيا ۾ ھڪڙو ماڻھو اکيون پٽي ٿو ھلي، ۽
ٻيو اکيون پوري ٿو ھلي. ھڪڙو گھڻو ئي ڪي ڏسي وائسي
سگھي ٿو، ٻيو ڪجھھ بھ ڪين ٿو ڏسي يا ڄاڻي. مون
سمنڊ جا گھڻا خلاصي ڏٺا آھن، جي دنيا جي گھڻن ڀاڱن
تي ويا آھن، پر پڇڻ تي رڳو شرابخانن يا گتن جا ڏس
ڏيندا ۽ شراب جو اگھھ ٻڌائيندا. ساڳي طرح گھڻائي
جوان، دولتمند ماڻھو ملڪن جي سير تي نڪرن ٿا، جي
ڪا بھ مزي جي شيءِ ڪانھ ٿا ڏسن، پر گھڻا اھڙا آھن،
جو پنھنجي آسپاس ٻھراڙيءَ ۾ بھ لکين عجيب غريب
شيون ٿا ڏسن.“
* |