سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون

ڪهاڻي: 3

صفحو :4

 

3-مصيبت جي وقت صبر ۽ تحمل

ھڪڙو ڇوڪر جارج نالي ڏاڍي چڱي طبيعت وارو ۽ مزي جھڙو ھو، مگر منجھس ھڪڙو عيب ھوندو ھو. اھو ھي تھ ھن کي صبر ۽ تحمل ڪونھ ھوندو ھو. جيڪو بھ ڪم ڪندو ھو سو ڏاڍي شوق سان ڪندو ھو، پر جي انھيءَ ۾ ڪا روڪ يا حرڪت ٿيندي ھئي تھ ھو اھڙو خفي ۽ بيزار ٿيندو ھو، جو چڙي، اھو ڪم ڇڏي ڏيندو ھو ۽ وري انھيءَ کي ھٿ نھ لائيندو ھو.

ھن جي پيءُ، مسٽر ڪارلٽن پنھنجي باغيچي ۾ ھن کي ھڪڙو ٻارو ڏنو ھو تھ انھيءَ ۾ ھو، پنھنجي مرصي موجب گل ڦل ۽ ڀاڄيون- ڀتيون پوکي. اھو ڪم ھو ڏاڍي خوشيءَ سان ڪندو ھو. انھيءَ ٻاري جي ڪنارن سان ھن جدا جدا رنگن جا گل رکيا ھئا. ٻاري جي وچ ۾ ھڪڙو وڏو گلاب جو گل رکيل ھو. انھيءَ جي آسپاس ساوڪ لاءِ ڇٻر ۽ ڪي ٻيا ٻوٽا ھڻي ڇڏيا ھئائين، پر انھيءَ گلاب تي ھو مست ھوندو ھو ۽ ان جي ڏاڍي سنڀال ڪندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن اتفاق سان باغيچي جو در کليل رھجي ويو ھو، تنھن مان پاسي واري گھر منجھان ڪي پاليل سوئر لنگھي آيا، گلن ۽ ٻوٽن کي لتاڙي کوٽي خراب ڪري ڇڏيائون. جڏھن جارج جي ھنن تي نظر پئي، تڏھن ھن ۽ ھڪڙي نوڪر ھڪدم انھن کي ھڪالي ڪڍيو. پر لنگھندي، ھو جارج جي ٻاري کي لتاڙيندا ڀڄي ويا. جيڪي گل بيٺا ھئا سي تھ ڪيرائي ڇڏيائون، پر وچ واري گلاب جي ٻوٽي کي بھ ڪيرائي ھليا ويا.

جڏھن جارج پنھنجي ٻاري جو ۽ خاص پنھنجي گلاب جو اھو حال ڏٺو، تڏھن ڏاڍو  ڪاوڙيو. چڙ ۽ ڏک کان ڪي بھ ڳالھائي نٿي سگھيو. ٿورو وقت ماٺ ۽ غم ۾ بيھي بيھي، پوءِ ڪوڏر کڻي سڀ ڀڳل گل ۽ پٽيل ٻوٽا انھيءَ ۾ پوري زمين سنئين ڪري ڇڏيائين. ائين ڪري، پوءِ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو ۽ روئندو باغيچي مان نڪري ھليو ويو.

پري کان مسٽر ڪارلٽن ويٺي ڏٺو. تنھن کي پنھنجي پٽ جو حال ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. دل ۾ چيائين تھ ”ھن عمر ۾ جڏھن ٻار پنھنجي ڪاوڙ مارڻ جي طاقت نٿي ٿئي، تڏھن وڏي ھوندي ھو دنيا ۾ ڪيئن سکيو گذاري سگھندو؟“ انھيءَ وقت تھ ڪي بھ ڪين ڪڇيائين، پر شام جو ھو پٽ کي پاڻ سان وٺي ھوا کائڻ ويو. ھڪڙي وڏي گاھھ واري ميدان جي ھن ڀر ٻنيون ھيون، جتي ھڪڙو زميندار رھندو ھو.

انھيءَ جي گھر سان لڳ ھڪڙو ننڍو باغيچو بھ ھو. جنھن ۾ گلن ۽ ميون جا وڻ بھ ھئا، ۽ لوڙھن تي مزي جھڙيون وليون چڙھيل ھيون. ھڪڙو ڪاٺ بھ کتل ھو، جنھن تي ماکيءَ جي مکين جو مانارو رکيل ھو. پاسي ۾ ڍورن جي بيھڻ جا منھھ ھئا، انھيءَ مھل پري کان ڳئون پنھنجي وٿاڻ تي ٿي آيون. اھو سارو بندوبست ڏسي جارج ڏاڍو خوش ٿيو.

پڻس چيو تھ ”ھي گھر ۽ ھي ٻنيون ھڪڙي اھڙي ماڻھوءَ جون آھن، جنھن تمام گھڻيون مصيبتون ڏٺيون آھن. ھي جيڪي ڏسين ٿو، سو سڀ ھن جي صبر، تحمل، اڻٿڪ محنت جو نتيجو ۽ انعام آھي. آئون ھن جو ٿورو گھڻو واقف آھيان، پر ھاڻ ھن وٽ لنگھي ٿا ھلون، ھلي تازو ڏڌل کير گھري ٿا پيون. چونداسينس بھ تھ پنھنجي حياتي جو احوال اسان کي ٻڌائي.“

ان موجب ھو لنگھي انھيءَ زميندار وٽ ويا، جنھن جو نالو مسٽر ھارڊمن ھو. جڏھن ھڪ ٻئي سان خوش خيرعافيت ڪري ويٺا، تڏھن مسٽر ڪارلٽن چيو تھ ”مسٽر ھارڊمن، مون اوھان جن جاکوڙن، ڪشالن، عجيب غريب ڪمن ۽ مشڪل مسافرين جو گھڻو ذڪر ٻڌو آھي. جيڪڏھن اوھين مھرباني ڪري پنھنجو احوال مون کي ۽ منھنجي پٽ کي ٻڌائيندا تھ اسين اوھان جا شڪرگذار ٿينداسين.“

ھن چيو تھ ”سائين، منھنجو احوال اھڙو عجيب غريب ناھي جو ٻڌائڻ جي لائق ھجي. البت دنيا جا نشيب – فراز ڏٺا اٿم، ۽ زماني جي گردش سٺي اٿم، جيئن گھڻن ٻين بھ ڪيو آھي. انھيءَ ھوندي بھ جي اوھان جي مرضي ھوندي تھ اوھان کي اھي خوشيءَ سان بيان ڪري ٻڌائيندس. مون کي پاڻ ڪڏھن ڪڏھن انھن جي ذڪر مان خوشي حاصل ٿيندي آھي، جو ڄاڻندو آھيان تھ انھن مصيبتن ۽ مشڪلاتن ڪري، ھينئر ايترو سک حاصل ٿيو اٿم، جنھن جي انھيءَ وقت اميد ئي ڪانھ ھيم.

”شايد اوھان ٻڌو ھوندو تھ منھنجو پيءُ دولتمند ماڻھو ھو، پر ھن کي ٻي ڳڻتي ڪانھ ھئي. سکئي آسائش جي گذران ڪري، ھن پنھنجي رکيل موڙي تھ خرچي ڇڏي، پر پنھنجي زمين بھ وڪڻي ڇڏي، جا ھڪڙي مائٽ خريد ڪئي. پر وري بھ ھن مرڻ مھل اھا ھن کي ڏني، جو کيس ٻيو وارث ڪونھ ھو. پر منھنجي پيءُ وري بھ نھ سنڀاليو. پاڻ بھ مئو تھ زمين بھ وري ٻين جي ٿي ويئي.

ھن جي عمر پنجيتاليھھ ورھين جي ھئي ھن جو سارو ڪٽنب، ھن جي مرڻ مھل ڪنگال ٿي پيو. ھو طبيعت جو ڏاڍو شوخ ۽ چيڙاڪ ھو. شايد گھڻي شراب پيئڻ ڪري، ھن جو اھڙو حال ٿيو ھو. ٿوري گھڻي ڳالھھ تي پيو ڪرڪندو جھرڪندو ھو، ۽ ماڻھن سان خفي ٿيندو ھو. منھنجي مامي منھنجي ٻانھن ھٿ ڪئي، ۽ ھو مون کي سنڀالڻ لڳو. ھو ھڪڙي واپاري جھاز جو ڪپتان ھو. آئون ڪيترا ورھيھ پنھنجي مامي سان ھوس، ۽ سندس شاگرديءَ ۾ رھيس، گھڻيئي تڪليفون ۽ آزمائشون ڏسڻيون پيم.

”ھڪڙي مسافريءَ ۾ اسين ڀونچ سمنڊ مان لنگھيو ٿي وياسين تھ موراڪو وٽ ڪناري جي ويجھو اسان جو جھاز لڳي پيو. رات جو وقت ھو. سخت طوفان پئي لڳو. اسان سڀني ڀانئيو تھ اجھو ٿا ٻڏون. صبح ٿيڻ سان معلوم ٿيو تھ منھنجو مامو... ۽ گھڻا خلاصي، سخت سيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ ڪرڻ ڪري مري ويا. فقط آئون ۽ ٽي ٻيا وڃي بچياسين. اتي ھوا جو زور بھ ڍرو ٿيو. پوءِ مٿا مونا ھڻي، تختن مان ٻيڙي بنائي وڃي ڪناري تي پھتاسين.

”اڃا اتي وياسين تھ ماڻھن اسان کي قيد ڪري، اتي جي بادشاھھ وٽ وٺي نيو. اسان کي غلام ڪري، ماري ڪٽي پورھيو ڪرائڻ لڳا. سادو – پادو کاڌو ملندو ھوسين. اھڙي سختيءَ ۾ منھنجا سنگتي ھڪڙو ھڪڙو ٿي مري ويا. رڳو آئون وڃي بچيس، جو سڀ ڪنھن مصيبت ۾ صبر ۽ تحمل سان رھندو ھوس.

”مون کي ٻين قيدين ۽ ٻانھن سان گڏ ڏينھن ۾ ٻارنھن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو ھو، ۽ ھفتي ۾ اڌ ڏينھن ساھي کڻڻ جي موڪل ملندي ھئيسون. آئون اتي ڪانھن ۽ لئن مان تڏا ۽ ٽوڪريون جوڙڻ بھ سکيس. اھي جوڙي پنھنجي منھن وڪڻندو ھوس، جنھن ڪري ٿورا پئسا بھ گڏ ڪيم، جن مان بھتر کاڌو ۽ ڪپڙو وغيره ورتم.

”تنھن کان پوءِ اسان کي بادشاھھ جي باغ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رکيائون. آئون خوشيءَ سان سڀ ڪم ڪندو ھوس، تنھنڪري مون کي پسند ڪندا ھئا. اسان جي مٿان جيڪو داروغو ھو، تنھن کي پنھنجو بھ باغ ھو. ھن مون کي ڪڍي انھيءَ ۾ رکيو ۽ ٻيو ھڪڙو مزور پنھنجي خرچ تي منھنجي جاءِ تي رکي ڏنائين. ھو مون کي رواجي نوڪر وانگر شمار ڪندو ھو ۽ پگھار ڏيندو ھوم.

”آئون انھيءَ ملڪ جي ٻولي بھ سکيس، ۽ اھڙو خوش ھوس جو جيڪر باقي حياتيءَ جا ڏينھن اتي خوشيءَ ۾ گذاريان ھا. ھڪڙي رات ڪن بدمعاشن قيدين، پاڻ ۾ منصوبو ڪيو تھ داروغي کي ماري سندس گھر ڦري ھليا وڃن. آئون باغ جي ھڪڙي منھھ وٽ سمھندو ھوس. کڙڪي تي جاڳيس تھ چار ڄڻا لوڙھو ٽپي داروغي جي گھر ڏي ويندا ڏٺم. ڪوڏر کڻي ھنن جي پٺيان لڳس.“

”ھنن گھر جي ھڪڙي ڀت ۾ کاٽ ھنيو ۽ ٻھ ڄڻا اندر لنگھي پيا ۽ ٽيون بھ اندر لنگھڻ تي ھو تھ آئون ڪاھي مٿن ويس. ڪوڏر جي ڌڪ سان ھڪڙي کي تھ ماري وڌم، ۽ ٻئي کي زمين تي ڪيرائي ڇڏيم. پوءِ رڙيون ڪرڻ لڳس، جن تي داروغو ۽ سندس پٽ نڪري آيا. پوءِ اسان ٽنھي گڏجي باقي چورن کي پڪڙيو. پر لڙائيءَ ۾ مون کي ڪاتيءَ جو ڏاڍو خراب زخم ٿي پيو.

”منھنجو ڌڻي داروغو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ منھنجي ڏاڍي شڪر گذاري ڪيائين، جو مون ھن جو ساھھ بچايو ھو. منھنجي ڏاڍي سنڀال ڪيائين. جڏھن آئون ڇٽي چڱو ڀلو ٿيس، تڏھن مون کي آزاد ڪيائين. اگرچ پاڻ وٽ رکڻ لاءِ ڏاڍو خواھشمند ھو، پر مون کي پنھنجي وطن جي سڪ ٿي، تنھنڪري ويجھي بندر تي آيس ۽ اتان ھڪڙي لنگھندڙ جھاز ۾ چڙھي جبرالٽر آيس.

”اتان آئون انگلنڊ ۾ آيس. پنھنجي وطن جا وڻ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. پر لھڻ سان مون کي ۽ ڪن ٻين کي، انھيءَ وقت جي دستور موجب زور سان وڃي جھازي لشڪر ۾ داخل ڪيائون. اھو ڪم مون کي اڳيئي ايندو ھو، سو موراڪو واري غلاميءَ کان پاڻ کي آزاد ٿي سمجھيم، تنھنڪري خوشيءَ سان انھيءَ کاتي ۾ داخل ٿي، پنھنجا سڀ فرض ادا ڪرڻ لڳس. انھيءَ وقت جنگ پئي ھلي، تنھن ڪري ائين ٿيو ھو. پر سگھو ئي صلح ٿيو ۽ مون کي اتان بھ آزادي ملي ۽ چڱو انعام بھ مليو.

”اھا پنھنجي موڙي ساڻ کڻي آئون لنڊن ۾ آيس. ايتريون مصيبتون سٺيون ھيم، بکون ڪڍيون ھيم، تنھن ڪري اھي پئسا اجايا نھ وڃايم، ۽ وڃڻ سان اھي ڪنھن بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيم. پر اڃا مون کي لنڊن جي ٺڳين جي پوري خبر ڪانھ ھئي. ھڪڙي واپاري مون کي لالچائي پاڻ سان ڀائيوار ڪيو. ٿورو وقت اسان جو ڌنڌو چڱو ھليو. پوءِ اوچتو منھنجو ڀائيوار گم ٿي ويو. ڪنھن شاھوڪار کان اڌاري رقم وٺي ويو ھو، تنھن مون کي ھن جو ڀائيوار ڄاڻي نيئي قيد ۾ وجھايو.“

”گھڻائي مٿا ھنيم پر منھنجو ضامن ڪونھ پيو. لاچار قيد ڪاٽڻو پيم. اتي بھ مون کي تڏھن جوڙڻ جو ھنر ڪم آيو. ڏکيا سکيا ڏينھن گذاري، نيٺ قيد مان ڇٽس، پر ھڙ ۾ پائي بھ ڪانھ ھيم. مگر خدا جي مھرباني سان عضوا سڀ صحيح سالم ھئم، تندرست ۽ سگھو ھوس. سمنڊ جي نوڪريءَ کان تھ اڳيئي توبھھ ڪئي ھئم، تنھن ڪري ھڪڙي سکر ماڻھو وٽ وڃي نوڪر بيٺس.“

”اتي مون چڱي محنت ۽ ايمانداري ڏيکاري. کاڌو پيتو، ڪپڙو گندي چڱو ملندو ھوم. پگھار بھ وڌندو ويم. چڱي موچاري رقم گڏ ڪيم. نيٺ پرڻيس. ھڪڙو ننڍڙو گھر ورتم، جنھن سان ھڪ – ٻھ ايڪڙ زمين جو ٽڪر لاڳو ھو. زال جي ملڪيت جي مدد سان گھر جو سامان بھ ورتم، ۽ ھڪڙي ڳئون بھ ورتم، جيڪو فرصت جو وقت بچندو ھوم، اھو زمين تي لڳائيندو ھوس، تنھن مان چڱو موچارو گذران ڪرڻ لڳس.

سگھو ئي پوءِ خدا ٻارڙو بھ ڏنو. ٻھ- ٽي ورھيھ سکيا رھندا آياسين. تنھن کان پوءِ ھڪڙي زميندار منھنجي ڌڻيءَ کان ڪنھن محنتي ۽ ايماندار آبادگار جي پڇا ڪئي. انھيءَ منھنجي سفارش ڪئي. آئون انھيءَ زميندار وٽ ويس ۽ ھن جي زمين ڏٺم. مون کي پسند آئي. سالياني مقاطعي تي مون اھا ورتي. ھن گھڻي مروت سان مون کي مقاطعو ڏنو. اھو ھنڌ لنڊن کان ڏيڍ سؤ ميل پري ھو. آئون ٻار ٻچا وٺي، لڏي پلاڻي وڃي اتي رھيس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com