اونهارو
اونهارو آ پهتو ٻارو!
گرميءَ جو آ چرچو ٻارو!
گرمي سڀ کي تنگ ڪندي آ،
پگهر به ڪڍي وجهندي آ.
جڏهن به بجلي ويندي آهي،
پو ڪنهن کي ڪجهه وڻندو ناهي.
سنهڙا سنهڙا ڪپڙا پايو،
هن گرميءَ کان پاڻ بچايو.
هردم اُسَ کان بچجو ٻارو!
ڪونه اَجايو رُلجو
ٻارو!
اونهاري جي موڪل ملندي،
هر ٻالڪ جي دل خوش ٿيندي.
موڪل خوب ملهائڻ گهرجي،
وقت نه ٻار وڃائڻ گهرجي.
ڳالهه اِها ”ملهار“ جي مڃجو،
ڳالهه ڀلي آ سانڍي رکجو.
ڪاپي
هِن ڪاپي کي دل تان ڌِڪاري ڇڏيون،
ها ڪاپيءَ کي ٻارو وساري ڇڏيون.
پڙهي ۽ لکي ڇونه هوشيار بڻجون،
سڄي ڀونءِ پنهنجي سنواري ڇڏيون.
سڄي جڳ ۾ ساٿي سنڌي قوم کي،
ڪري خوب محنت جيئاري ڇڏيون.
اِها آهه ڪاپي ته دشمن اسان جي،
تڙي تنهن کي دنيا سُڌاري ڇڏيون.
پڙهڻ سان رکون پيار نمبر کڻون،
مقدر جي ٻيڙيءَ کي تاري ڇڏيون.
ڪئي آهه ”ملهار“ جيڪا نصيحت،
اُها دل تي ٻارو! اُتاري ڇڏيون.
بجلي
منهنجو نالو بجلي ٻارو!
مون سان روشن آ جڳ سارو.
مون بن ڪير گذاري سگهندو،
پنهنجي پگهر ۾ هرڪو ٻڏندو.
بلب ۾ راڊون ٻاريندي هان،
پکا خوب هلائيندي هان.
جڳ جو چرخو عجب چلايان،
ٻارن جون دلڙيون وندرايان.
آءٌ هلايان هيٽر ٻارو!
ٽي.وي، ٽيپ ۽
موٽر ٻارو!
کوڙ هلايان ٿي ڪارخانا،
ٿورا ڪيئن لاهيندين زمانا.
اي سيون، فرجون آءٌ هلايان،
ڪيڏا ٿي مان رنگ رچايان.
گهڙي کن جي رُسندي آهيان،
جڳ پريشان ڏسندي آهيان.
ملڪ جو بار ڪُلهن تي آهي!
ڄڻ سنسار ڪُلهن تي آهي.
لوڪ تڏهن ناراض ٿئي ٿو،
بِلُ جڏهن ”ملهار“ ڀري ٿو.
ڏيئو
مون کي ڏيئو چوندا آهن،
اونداهيءَ جو دشمن آهيان،
ذهني ٻالڪ وڻندا آهن،
جيڪي هردم پڙهندا آهن،
مون کي هٿ ۾ کڻندا آهن،
راتين جو مان روشن آهيان،
چمڙا مون کان ڀڄندا آهن،
مون کي ڏيئو چوندا آهن.
گُلڙا
گلڙا واسُ ورهائن ٿا!
گلڙن کي پٽبو ناهي،
گلڙا سُونهن وڌائن ٿا،
گلڙا واسُ ورهائن ٿا.
گلڙن کي سڀ ڪو چاهي،
ملڪ سڄو مهڪائن ٿا،
گلڙا واس ورهائن ٿا،
گلڙن کي پٽبو ناهي.
بهار
خوشيءَ منجهان ٻالڪ جهومن ٿا!
مند بهارَ جي آئي آهي!
ميدانن ۾ رانديون ڪن ٿا،
خوشيءَ منجهان ٻالڪ جهومن ٿا.
سنڌ سڄي ٿي سائي آهي،
پکي به خوش ٿي لات لنون ٿا،
خوشيءَ منجهان ٻالڪ جهومن ٿا،
مند بهارَ جي آئي آهي!
پوپٽ
پوپٽ ڪيڏو پيارو آهي!
گلڙن سان ڏس پيار رکي ٿو،
رنگبرنگي نيارو آهي!
پوپٽ ڪيڏو پيارو آهي!
ٻارن کي هو خوب وڻي ٿو،
هُنَ جو روپ ڀلارو آهي،
پوپٽ ڪيڏو پيارو آهي،
گلڙن سان ڏس پيار رکي ٿو.
وڻندڙ روپ
سارو جڳ جرڪي پوندو آ ٻار جڏهن مُرڪن،
ڪيڏا سنڌي ٻار نرالا پنهنجي ڌرتيءَ جا،
چڱن ڪمن سان لکڻ پڙهڻ سان ڪيڏو پيار اٿن،
سارو جڳ جرڪي پوندو آ ٻار جڏهن مُرڪن.
اونداهيءَ ۾ ٻارَ اُجالا پنهنجي ڌرتيءَ جا،
ٻارن جو هر روپ وڻي ٿو رُسن ۽ پرچن،
سارو جڳ جرڪي پوندو آ ٻار جڏهن مُرڪن،
ڪيڏا سنڌي ٻار نرالا پنهنجي ڌرتيءَ جا.
طوطو
طوطو سڪ مان ڌاريو آ،
مٺڙيون ٻوليون ٻولي ٿو.
ڪيڏو پيار پِرايو
آ،
طوطو سڪ مان ڌاريو آ.
ساوا پرڙا کولي ٿو،
طوطي من وندرايو آ.
طوطو سِڪ مان ڌاريو آ،
مٺڙيون ٻوليون ٻولي ٿو.
چنڊ
چنڊ ماما اڄ چمڪين
ٿو،
چمڪي پيو آ جڳ سارو.
ٻارن وانگي مُرڪين ٿو،
چنڊ ماما اڄ چمڪين ٿو.
ٻارن کي تون آن پيارو،
جوت ورهائي جرڪين ٿو.
چنڊ ماما اڄ چمڪين ٿو،
چمڪي پيو آ جڳ سارو.
وطن سان
چاهه
جوڌا ٻالڪ
سارا آهيون،
پنهنجي وطن سان چاهه رکون ٿا.
سنڌي ٻار سگهارا آهن،
جوڌا ٻالڪ سارا آهيون.
سچائيءَ ۾ ساهه رکون ٿا،
ڌرتيءَ جا ته دلارا آهيون.
جوڌا ٻالڪ سارا آهيون،
پنهنجي وطن سان چاهه رکون ٿا.
ڀوليءَ وارو
آيو آهي ڀوليءَ وارو،
ڀوليءَ کي ته نچائي ٿو،
کيل به ڏسڻ هَلجي ٻارو!
آيو آهي ڀوليءَ وارو.
ٻارن کي وندرائي ٿو،
خوش ٿي جهومي هجوم سارو،
آيو آهي ڀوليءَ وارو،
ڀوليءَ کي ته نچائي ٿو.
قلفيءَ وارو
آيو قلفيءَ وارو ڪاڪو،
سُٺي قلفي ڏيندو آهي،
ڪيڏو آهي پيارو ڪاڪو،
آيو قلفيءَ وارو ڪاڪو.
هوڪا ڏيندي گهمندو آهي،
گهٽين ۾ ويچارو ڪاڪو.
آيو قلفيءَ وارو ڪاڪو،
سُٺي قلفي ڏيندو آهي. |