ڪبوتر
مون به ڪبوتر ڌاريا آهن،
دِل سان سارا پاليا آهن.
سهڻن رنگن وارا آهن،
مون کي ڏاڍا پيارا آهن.
صبح جو ساجهر اُٿندا
آهن،
پرڙا سڀ کوليندا آهن.
اُڀ ڏي اُڏري ويندا آهن،
ڏاڍيون ڏوٽيون ڏيندا آهن.
ڏاڍا آهن سهڻا ٻارو!
آهن هي من مهڻا ٻارو!
منهنجو من موهيندا آهن،
چهنب جڏهن چوريندا آهن.
روپهري ۽
اَڇا ڪارا،
وڻندا آهن ٻارو! سارا.
مڪتب کان موٽندو آهيان،
راند
هنن سان ڪندو آهيان.
مون کي سڀ ”ملهار“ وڻن ٿا،
گهوگهو گهُٽ گهو جڏهن ڪن ٿا.
جيئن ٻارڙا
وڏي شوق سان ٿا پڙهن ٻارڙا،
منهنجي سنڌ جا شل جيئن ٻارڙا.
قدر وقت جو جيڪي آهن ڪندا،
اُهي ئي ٿا اڳتي وڌن ٻارڙا.
پنهنجي ديس جي خوب سيوا ڪبي،
ارادو ٿا پختو رکن ٻارڙا.
علم ساڻ جيڪي رکن چاهه ٿا،
منزل تي سي ئي پڄن ٻارڙا.
سندن ٻاتيون ٻوليون ٿيون موهي وجهن،
هر روپ ۾ ٿا وڻن ٻارڙا.
انهن جي ته ڪهڙي آهي زندگي،
اَجايو ٿا جيڪي رُلن ٻارڙا.
آهي قوم جو بارُ
تن جي مٿان،
تڏهن خوب محنت ٿا ڪن ٻارڙا.
”ملهار“ تن لئه دعا ٿو ڪري،
وڏي شال! عهدي رسن ٻارڙا.
جهرڪي
چون چون چون چون ٻولي جهرڪي،
ڪيئن ٿي پرڙا کولي جهرڪي جهرڪي.
آهي وندر واري جهرڪي،
ٻارن کي آ پياري جهرڪي.
هر هر اُڏندي ويهندي آهي،
ڪيڏي سهڻي لڳندي آهي.
ڪنهن کي ڪين ستائيندي آ،
ٻارن کي وندرائيندي آ.
ٻچڙن سان هوءَ پيار ڪري ٿي،
هر پل تن جي سارَ لهي ٿي.
ٻار گليليون هڻندا آهن،
جهرڪيءَ کي ماريندا آهن.
سياڻو پاڻ بڻايو ٻارو!
جهرڪيءَ کي نه ستايو ٻارو!
جهرڪي ٻارن وانگي آهي،
تنهن کي ڏِس ”ملهار“ ٿو چاهي.
ريڊيو
مون کي آهي ننڍڙو ريڊيو،
پر آ ڏاڍو مٺڙو ريڊيو.
جڏهن به واندو هوندو آهيان،
پنهنجو ريڊيو ٻُڌندو آهيان.
خبرون چارون روز ٻُڌائي،
ٻارو! منهنجي ڄاڻ وڌائي.
خاڪا ڊراما هلندا آهن،
مون کي بهتر لڳندا آهن.
ڳالهيون ڀي سمجهائيندو آ،
ريڊيو دل وندرائيندو آ.
سرمد، يوسف پارا راڳي،
روز ٻڌائي پيارا راڳي.
موسيقيءَ سان چاهه رکان ٿو،
بي.بي.سي هر روز ٻڌان ٿو.
ريڊيو سڀ جو ساٿي آهي،
جنهن کي سارو جڳ ٿو چاهي.
وقت نه هي ”ملهار“ وڃايو،
مون کي ريڊيو آ سمجهايو.
ياد
امڙ واري گود ۾،
ملي جا لولي،
ڪيئن وساري ٿو سگهان.
ننڍڙي ٻار چيو،
مان پنهنجي ٻولي،
ڪيئن وساري ٿو سگهان.
پنهنجي ساٿين سان،
ملهايم هولي،
ڪيئن وساري ٿو سگهان.
جن سان راند ڪيم،
ٻارن جي ٽولي،
ڪيئن وساري ٿو سگهان.
ڌرتيءَ جا منظر،
سنڌوءَ جي ڇولي،
ڪيئن وساري ٿو سگهان.
وڏي ڪم
واري ٻلي
وڏي ڪم واري ٻلي آهه ٻارو!
مون ڀي هڪڙي ڌاري ٻلي آهه ٻارو!
ڪوئن مون سان آزار ڏاڍو ڪيو هو،
مزو منهنجي گهر جو وڃائي ڇڏيو هو.
تڏهن تنگ ٿي مون ٻلي آهه ڌاري،
ختم ڪئي آ جنهن منهنجي بيچيني ساري.
ڪوئو ڪو به گهر ۾ نه آهي ڇڏيندي،
سدائين آ هوشيار گهر منجهه رهندي.
ٻلي ميائو ميائو جڏهن ڀي ڪري ٿي،
تڏهن خوب ٻارن کي موهي وجهي ٿي.
هُن ساڻ منهنجو وڏو پيار آهي،
رهندي نه مون کان ڪڏهن ڌار آهي.
ٻلي کائيندي کير ۽ گوشت آهي،
ڪڏهن کيس بُک تي رکيو مون به ناهي.
ڄڻ منهنجي گهر جي آ سينگار ٻلڙي،
هُنَ سان منهنجي آ ”ملهار“ دلڙي.
آس
منهنجي پڙهڻ سان محبت آهي،
مجبوري آ غربت آهي.
بابو ننڍڙي لاءِ مري ويو،
چاچن، مامن آهه ڌڪاريو.
ڀر واري اسڪول ۾ ٻارو!
قلفيون وڪڻان ٿو مان يارو.
ٻار پڙهڻ لئه ايندا آهن،
مون کان قلفيون وٺندا آهن.
ٻين کي پڙهندي ڏسندو آهيان،
تنهائيءَ ۾ رئندو آهيان.
ڪاش! منهنجو ڀي پيءُ هجي ها،
مون کي ڀي اسڪول مُنجي ها.
مان ڀي پو اسڪول وڃان ها،
ننڍڙن ٻارن ساڻ پڙهان ها.
هڪڙي دوست ڪيو آ وعدو،
شام جو مون کي هو پڙهائيندو.
اُن سان گڏجي آءٌ به پڙهندس،
علم پڙهي مان عاقل ٿيندس.
جيڪا دل ۾ آهَه
اڌوري،
دل جي آس ٿئي شل پوري.
سڀ ڪيو ”ملهار“ دعائون،
علم پڙهان شل! ٻالڪ آئون. |