سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا (ٻارن لاءِ شاعري)

باب:

صفحو:1

ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا

(ٻارن لاءِ شاعري)

ملهار سنڌي

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب ”ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا“ سنڌي ٻاراڻي ادب جي ڀلوڙ شاعر ملهار سنڌي جي ٻاراڻي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ معلوماتي، دلچسپ ۽ نصيحت ڀَريا نظم آهن.

محترم ملهار سنڌيءَ جي شعري مجموعي ۾ اسان کي سنڌ جي سٻاجهڙن ٻارڙن جا مختلف روپ نظر اچن ٿا؛ مثلاً: هاريءَ جو ٻار، ٻهراڙيءَ جو ٻار، محنت ڪش ٻار، ڇولا وڪڻندڙ ٻار، اسڪول ڏانهن ويندڙ ٻار؛ ٻارن جا اِهي سڀ ڪردار اسان جي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.

ٻارَ قوم جو مستقبل ٿين ٿا، تنهنڪري سندن تربيت، تعليم ۽ تحفظ ڪرڻ نه رڳو والدين جو فرض آهي، پر اداراتي سطح تي به ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان جا سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارا به پنهنجي ديس جي ٻارڙن جي ترقي ۽ نشونما ڪرڻ پاڻ تي فرض سمجهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ پاران خصوصي طور ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ اشاعت لاءِ نهايت تيزيءَ سان عمل ٿي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب ”ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا“ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

هيءُ ڪتاب ”ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا“ آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان پڌرو ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، جنهن لاءِ آءٌ جناب مخدوم جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان بنايو آهي.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو سنڌ جي معصوم ۽ سٻاجهڙن ٻارڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

 

03- ذوالحج 1435هه                                       الهڏتو وگهيو

ارپنا

هيءُ ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب پنهنجين

معصوم نياڻين پارس ۽ سحر جي نالي

ٿو ڪريان.

جن جون حَسين شرارتون، ٽهڪ ۽ مُرڪون

مون کي شاعريءَ لاءِ اُتساهينديون آهن!

 

- ملهار سنڌي

 

مهاڳ

 

ٻار فطرت جي هڪ خوبصورت تخليق آهي، جيڪو لفظن جو محتاج ئي ناهي، هو پنهنجي اظهار لاءِ بنان معنيٰ ۽ ترتيب وارا لفظ چئي ٿو. هنن جون ٻاتيون ٻوليون ۽ ٻول ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ نه پر ان جي ميٺاج ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا ۽ باقي وڏا به ڄاڻي واڻي ان انداز سان اهڙي ٻولي ڳالهائن ٿا ۽ انهن کي موٽ ڏين ٿا، جنهن جو پنهنجو به هڪ مزو ۽ حُسن آهي. قدرت جون سموريون معصوميتون ٻارڙن ۾ سمايل هونديون آهن. شايد ان ڪري ٻارکي هانءُ جو ٺار چئجي ٿو. اهڙن هينئن جي ٺارن لاءِ وندر ورونهن، علم ۽ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مختلف ذريعا پيدا ڪيا وڃن ٿا. دراصل هر ذميوار  جو اهو فرض ٿئي ٿو ۽ ان تي فطرت جو قرض به آهي، ته هو هڪ ذميوار ۽ باشعور نسل تيار ڪري پر ڏٺو اهو ويو آهي ته اُهي ادارا جيڪي ان لاءِ قائم ڪيا ويا آهن اُهي ڪجهه ٻيا ڪم ڪري رهيا آهن. پر سماج جا باشعور ماڻهو انفرادي حيثيت ۾ اُهو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان کي بهتر نموني سان نڀائي به رهيا آهن. ان تعليم ۽ تربيت جا جتي ڪيترا ذريعا آهن اتي ٻاراڻو ادب به هڪ خاص قسم جي اهميت رکي ٿو ۽ ڏٺو وڃي ته اُهوئي اهم بنياد ۽ پيڙهه جو پٿر آهي! سنڌي ادب جي زرخيزي ۽ شاهوڪاري پنهنجي جاءِ تي پر ٻاراڻي ادب جي هميشه کوٽ رهي آهي. ان کوٽ جا ڀلي ته ڪيترائي سبب ڇو نه هجن پر اصل ذميواري ڪريڪيوليم وارن جي آهي جن ان پاسي کي ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. هميشه نظرانداز ڪيو آهي! ٻاراڻي درسي ڪتابن ۾ انهن شاعرن کان لکرايو ويو آهي جن ڪڏهن ٻاراڻي ادب لاءِ ڪجھه به ناهي لکيو. ڏٺو وڃي ته ٻاراڻي ادب ۾ به ڊکاڻڪي ڪرائي وئي آهي! سنڌي تعليم ۾ نرسري سسٽم جو اڃان ڪو رواج ڪونهي. حالانڪه سڄي دنيا ۾ خصوصاً آمريڪي، فرينچ، جرمني، چيني، جپاني تعليمي نظام ۾ نرسري جو رواج هڪ مضبوط روايت بڻيل آهي. جنهنڪري اتي (Nursery Rhyme)  نرسري رائم (ٻاراڻا ٻول) شاعريءَ ۾ هڪ بهترين اظهار جو ذريعو آهي. نرسري رائم ڪري ٻارن کي سٺا، سهڻا ٻول ۽ نُڪتا ياد ڪرايا وڃن ٿا، جنهن جي رڌم ڪري هنن ۾ سمجهه سان گڏوگڏ سماجي شعور به پيدا ٿئي ٿو. ۽ هو انهن ٻولن کي کڻي اڳتي وڌن ٿا. نرسري رائم ۾ هنن کي پرفارمنس جو پڻ موقعو ملي ٿو. اسان جي بزرگ شاعرن پڻ انهن انگريزي نرسري رائم (ٻاراڻن ٻولن) کان متاثر ٿي. سنڌي ٻاراڻا گيت تخليق ڪيا آهن. جنهن جا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. پر ڪجھه مثال هي آهن.

Twinkle Twinkle little Star,

How I wonder what you are.

Up above the world so high,

Like a diamond in the Sky.

واهه ڙي تارا گول تارا،

روشن تارا چلڪي وارا،

سانجهيءَ ٽاڻي نڪرو ٿا،

اُڀَ سڄي ۾ پکڙو ٿا.

يا وري

Early to bed and Early to rise!

سويل سمهجي سويل اُٿجي.

ٻاراڻي شاعريءَ لاءِ جيڪا اهم ڳالهه آهي اُها آهي لفظن جي چونڊ ۽ رڌم. اُنَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ٻاراڻي شاعري، شاعراڻي فن جي محتاج ناهي بلڪل ائين جيئن پنهنجا لوڪ گيت آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ کي وڌائڻ لاءِ جيتوڻيڪ ڪوبه ادارو نه مليو آهي. پر ان جي باوجود سنڌي ادب ۾ ملڪ جي ٻين زبانن کان وڌيڪ ٻاراڻي شاعري موجود آهي، جيڪا سڀ انفرادي حيثيت ۾ تخليق ڪئي وئي آهي ان ڪم ۾ اتان جي، شاعرن جون محبتون، محنتون ۽ ڪوششون شامل آهن. نالي چڙهيا اديب ۽ شاعر اُن پاسي ڌيان ئي نه ٿا ڏين، پر ذميوار ماڻهو ان کي پنهنجو فرض سمجهي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو هڪ وڏو جهاد آهي. ان جدوجهد ۽ جهاد ۾ ڪيترن ئي نالن سان گڏ ملهار سنڌيءَ جو نالو به شامل آهي. جيڪو علم جي هن ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي! ۽ هڪ خاص ڪم نڀائي رهيو آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته ٻاراڻي شاعري تخليق ڪرڻ تمام ڏکي آهي ۽ ان کي ڇپائڻ اڃان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي!

ملهار سنڌيءَ جي، ڪتاب ”ڌرتي جا ٽانڊاڻا“ جو نالو پڻ خوبصورت آهي جنهن ۾ هُن ڪيترائي سهڻن لفظن جا رانديڪا ڏنا آهن. ٻار جيڪو راند، بُرش پينسل، چاڪ، ڪلڪ ۽ آڱرين سان ليڪا پائي ڀت ۽ زمين تي لکي به کيڏندو آهي، اهو هنن لفظن کي وڌيڪ انجواءِ ڪندو. ملهار سنڌي پنهنجي هن ڪتاب ۾ تمام گهڻا دلچسپ موصوع کنيا آهن، جيڪي، ٻارن کي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ وندر پڻ ڏين ٿا. سندس نظمن ۾ بي ساختگي ۽ سادائپ پڻ آهي. هُنَ هر طرح جي، شاعري ڪئي آهي. هڪ ته هن ٻار ٿي لکيو آهي ۽ ٻيو هن ٻارن لاءِ لکيو آهي هو ٻنهي رخن ۾ ڪامياب ويو آهي. ملهار سنڌيءَ جا موضوع سليس ۽ سادا آهن هُن جي شاعريءَ جو ٻار اسان جو اُهو ڳوٺاڻو ٻار آهي، جيڪو سنڌ جو اصلي ٻار آهي هُنَ ٻار جي، خوبصورتيءَ جو اظهار پڻ سهڻي انداز سان ڪيو آهي.

ٻالڪ سي ”ملهار“ پيارا،

جيڪي کڻندا ڪتاب آهن.

هُو ٻار کي محنت، جدوجهد ۽ عظمت جو پڻ ڏس ڏي ٿو.

محنت ۾ ”ملهار“ مزو آ،

محنت سان مقصد ملندو آ.

ملهار سنڌي پنهنجي شاعريءَ جي ٻار جو جيڪو عڪس چٽيو آهي اُهو به ڏاڍو وڻندڙ ۽ دلڪش آهي.

جيڪي ٻار نماڻا آهن،

سي ته مکڻ جا چاڻا آهن،

اونداهيءَ ۾ روشن ڪرڻا،

ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا آهن،

ٻارن لئه ”ملهار“ سدائين،

گيت لکيا ٻاراڻا آهن.

ملهار سنڌيءَ جي، شاعري سنڌي ٻار جي شاعري آهي هُنَ جي شاعريءَ ۾ هاريءَ جو ٻار، ٻهراڙيءَ جو ٻار، محنت ڪش ٻار، ڇولا وڪڻندڙ ٻار، اسڪول ڏي ويندڙ ٻار، بلڪل اصلي ۽ نج انداز سان نروار آهي! ملهار سنڌي ڪيتري عرصي کان ٻارن لاءِ شاعري ڪري رهيو آهي! ۽ پنهنجو ڪردار خوبصورتيءَ سان نڀائي رهيو آهي! مان کيس هن خوبصورت تخليق تي مبارڪباد ڏيندي اميد ٿو رکان ته هو اڃان به اهڙا ڪيترائي ڪتاب تخليق ڪندو رهندو. ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ وندر جي نئين باب جي سخت کوٽ آهي جيڪا جيڪڏهن ڪنهن پوري نه ڪئي ته ملهار ۽ اسان سڀ گڏجي ان لاءِ پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين.

 

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

لاڙڪاڻو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org