حمد
تون ئي مالڪ تون ئي داتا،
آهيون رحم ڪرم لئه آتا.
تون ئي آن سنسار جو خالق،
گل ڦل ۽ گلزار جو خالق.
توئي چنڊ ستارا جوڙيا،
سهڻا خوب نظارا جوڙيا.
هرشيءِ ۾ موجود تون آهين،
سڀني جو معبود تون آهين.
تنهنجي ئي در ٻاڏايون ٿا،
ٻانهون هردم ڦهلايون ٿا.
دنيا ۾ پيدا ڪر اُلفت،
جڳ سمورو بڻجي جنت.
سائي ٿي پئي سنڌ سموري،
آس ڪجان ”ملهار“ جي پوري.
سنڌ
راڻي بينظير
سنڌ ٿي توکي پُڪاري سنڌ راڻي بينظير!
ڪونه ٿيندي بابَ تنهنجي جي پڄاڻي
بينظير!
فڪر تنهنجو رهنمائي ٿو ڪري هِن ملڪ جي،
تو ڪئي جا روشني ناهي وساڻي بينظير!
تنهنجي سياست تنهنجون سوچون امرتا ماڻي ويون،
عام آ پيغام تنهنجو تنهنجي واڻي بينظير!
ڀيڻ تنهنجي ياد ذهنن کي جنجهوڙي ٿي ڇڏي،
اڄ به هرهڪ اک آهي پاڻي پاڻي بينظير!
تو ڪئي بي لوٽ خدمت هئي ڏکويل خلق جي،
تنهنجي آ عظمت ڀري جيون ڪهاڻي بينظير!
ڪير اهڙو مرتبو ”ملهار“ ٿو ماڻي سگهي،
ساري دنيا منجهه تو عظمت جا ماڻي بينظير!
اڳتي وڌندو رهه بلاول
ماءُ جي نقشِ قدم تي خوب هلندو رهه بلاول!
تون به ٿي بي خوف دنيا منجهه جيئندو رهه بلاول!
ڪونه جهڪڻو آهه توکي ڪنهن به جابر جي اڳيان،
مشڪلاتون کوڙ ايندئي پر نه هٽندو رهه بلاول!
توکي خدمت آهه ڪرڻي ملڪ جي ۽ قوم جي،
جيڪو محترمه ڏنئي سو سبق پڙهندو رهه بلاول!
پيءُ تنهنجي جيل ڪاٽيا پر نه هاريو حوصلو،
عزم اوچي ساڻ اڳتي قدم کڻندو رهه بلاول!
جمهوريت ئي آهه بدلو تو چيو تقرير ۾،
خوبصورت سوچ سان اڳواڻي ڪندو رهه بلاول!
بينظير آ ماءُ تنهنجي، تنهنجو نانو ذوالفقار،
تنهنجي منزل آهه اڳتي خوب وڌندو رهه بلاول!
تو ۾ نظرون قوم جون ”ملهار“ جي توکي دعا،
ڪاميابيون زندگيءَ ۾ تون ماڻيندو رهه بلاول!
نماڻا ٻار
جيڪي ٻار نماڻا آهن،
سي ته مکڻ جا چاڻا آهن.
روز وڃن اسڪول پڙهڻ لئه،
ڪيڏا سندر سياڻا آهن.
سڀ کي ٻالڪ خوب وڻن ٿا،
سڀ جي من جا راڻا آهن.
ٻارَ ڏسي خوش ٿيان ٿو توڙي،
دِل اندر ڳاراڻا آهن.
اونداهيءَ ۾ روشن ڪِرڻا،
ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا آهن.
ٻالڪ ئي ٻاريندا ٻيهر،
ڏيئا ڏيهه وساڻا آهن.
ٻارن لئه ”ملهار“ سدائين،
گيت لکيا ٻاراڻا آهن.
پياري امان
منهنجي پياري امان،
پيار واري امان.
تو ڏني زندگي،
تو ڏني روشني.
منهنجي هرهڪ گهڙي،
تو آ سيوا ڪئي.
تنهنجا ٿورا امان،
مان نه لاهي سگهان.
تو سيکاريو جيئڻ،
محبتن سان رهڻ.
تو پڙهايو امان،
تو لکايو امان.
تنهنجون دعائون اٿم،
ناه مون کي ڪو غم.
ٻهراڙي جا
ٻار
پڙهڻ لکڻ سان آهي پيار،
ٻهراڙيءَ جا آهيون ٻار.
کير، مکڻ ڏُڌ کائيندا آهيون،
ٻهراڙيءَ ۾ رهندا آهيون،
سادا، سُودا
خوب سچار،
ٻهراڙيءَ جا آهيون ٻار.
ڦَريون
ڦوٽا آڀون کائون،
پيرون پاند پٽيندا آهيون،
سنڌوءَ جا آهيون سينگار،
ٻهراڙيءَ جا آهيون ٻار.
هرپل پڙهندا لکندا آهيون،
وقت سان راند به ڪُڏندا آهيون،
اسين مستقبل جا معمار،
ٻهراڙيءَ جا آهيون ٻار.
وڏن ساڻ عقيدت آهي،
ڪوڙ ڪِني کان نفرت آهي،
ڌرتيءَ ساڻ پڪو آ پيار،
ٻهراڙيءَ جا آهيون ٻار.
پوکي راهي علم، ادب،
محنت ساڻ ملي
ٿو سڀ،
مُرڪي ايندي مُند
”ملهار“،
ٻهراڙيءَ جا آهيون ٻار.
علم
علم سان سدائين رکو چاهه ٻارو!
سدا هڪ ٻئي جا ٿيو همراهه ٻارو!
پڙهي علم جڳ کي ته روشن ڪنداسين،
ستارا ستارا هي انجمن ڪنداسين.
ڪري علم حاصل ٿيو سڀ اڪابر،
ڪي سرجن، فزيشن ڪي انجنيئر ماهر.
ڪري علم سچ پچ ٿو انسان ٻارو!
بنان علم انسان حيوان ٻارو!
ڄمڻ کان مرڻ تائين پڙهندا رهو پيا،
نبيءَ جي حڪم تي سدائين هلو پيا.
وڃڻ آهه مڪتب ڏي ٻارو ضروري،
سوا علم جي آ حياتي اڌوري.
ڪريو ياد ”ملهار“ جي هيءَ
نصيحت،
سدائين علم سان رکو ٻار اُلفت.
سنڌڙي
پنهنجي ڌرتي پياري ٻارو!
آهي عظمت واري ٻارو!
وِکَ وِکَ تي رابيل ڦُٽن ٿا،
خوشبو سنڌڙي ساري ٻارو!
سڀ جي مَنَ کي موهيندي آ،
ٿر جي سوني واري ٻارو!
هوشوءَ، هيمونءَ دودي سنڌڙي،
رَت سان آ سينگاري ٻارو!
لاڙ، سَرو، ٿر، ڪاڇو پيارو،
ساري ڀونءِ ڀلاري ٻارو!
جيئي پنهنجي ڌرتي جوهر،
محنت ڪش ۽ هاري ٻارو!
محنت سان ”ملهار“ ڪنداسين،
ڌرتي سُندر ساري ٻارو.
مزدور جو نظم
زماني جو جيڪو ٿو چرخو چلائي سو مزدور آهي!
ٻين لاءِ پنهنجون ٿو
ننڊون ڦِٽائي سو مزدور آهي!
اُن جي ئي دم سان سمورو هي وهنوار هلندو رهي ٿو،
گرمي ۽ سرديءَ ۾ کُورا
جلائي سو مزدور آهي!
ڏونگر به ڏاري زمينون به کيڙي هو محنت ڪري ٿو،
سمورو هي سنسار سهڻو بڻائي سو مزدور آهي!
سڄي زندگاني ٿو سورن ۾ گهاري او بيحس زمانا!
بدن تي جو ڦاٽل به ڪپڙا ٿو پائي سو مزدور آهي!
ٻچا جنهن جا بُکَ تي بنان ڪنهن سهولت جي جيون
گذارن،
مگر پو به ٻنين ۾ پوکون پچائي سو مزدور آهي!
ڪپڙا اُڻي ٿو، مِلون ٿو هلائي ۽ محلات ٺاهي!
روڊن تي جيڪو ٿو پٿر وڇائي سو مزدور آهي!
مگر پوءِ به پيڙهيل ۽ خوشين کان وانجهيل آ ”ملهار“
جيڪو،
دنيا جي دردن کي سيني لڳائي سو مزدور آهي! |