ماما اُٺ
ميم سان مامان اُٺ اچي ويا،
چوڏس آهن رنگ رچي ويا.
ڏسجو جت ٿو اُٺڙا چاري،
اُٺڙن سان پيو خوش گذاري.
اُٺ جو رنگ آ خاڪي ٻارو!
جانورن ۾ آهه نيارو.
ڊگهي ڳچيءَ وارا اُٺڙا،
ڪيڏا آهن پيارا اُٺڙا.
اُٺ سُڪيءَ جا ٻيڙا سڏجن،
تن تي واهه ڪجاوا جڙجن.
ڪي اُٺ مهري ڪي اُٺ لاڏون،
بار کڻڻ تي ڏين ٿا ٽاڏون.
بار گهڻو هي کڻندا آهن،
سواريءَ جي ڪم ايندا آهن.
توڏو، گورو، ڪڻڪ ڪنواٽ،
بودو، بوتو، ڏاگهو ٽاٽ.
توڏو تيرهن ڪوهه ڀڄي ٿو،
واريءَ تي هي تيز ڊُڪي ٿو.
ڪنواٽ به پنهنجو مٽ آ ٻارو!
ڪين ڪندو هي گهٽ آ ٻارو.
اُٺڙن کي ”ملهار“ ڏسي ٿو،
ڳوٺ جو هرهڪ ٻار ڏسي ٿو.
سنڌ جو ترانو
ٻولي پياري زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
پنهنجي ڌرتي گلشن آهي،
صدقي تنهن تان تن من آهي،
جيءَ جياري زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
ڌرتيءَ کي خوشحال بڻايون،
گڏجي، مالامال بڻايون،
هاري ناري زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
ڪيڏيون مست هوائون آهن،
فرحت بخش فضائون آهن،
باغ بهاري زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
جُوءِ سندا جنسار اسان جا،
سهڻا سنڌي ٻار اسان جا،
ٻالڪ ٻاري زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
موهن کان هُنَ منڇر تائين،
سنڌڙي، ساري زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
هاريءَ جي هٿ ڪوڏر پياري،
آهي سنڌڙيءَ جو ساٿاري،
هر پاڃاري، زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
محنت سان ”ملهار“ جيئون ٿا،
ڌرتيءَ تي ٻُلهار
وڃئون ٿا،
ڀونءِ ڀلاري زنده آباد،
سنڌ سونهاري زنده آباد.
ميوا
ڏاڍا انب لٿا هن ٻارو!
ڪيڏا خوب مزا هن ٻارو!
انبن سان گڏ گدرا کائو،
سٺا مٺا ميوا کائو.
هنداڻا ڀي ڄڻ ته سڏن ٿا،
هرڪنهن کي سي خوب وڻن ٿا.
وري چَڪونءَ
جو مزو الڳ آ،
صوف الڳ آ ونگو الڳ آ.
زردالو ڀي کائي سڀڪو،
پنهنجي سگهه
وڌائي سڀڪو.
دِل ٿي چئي مان سردو کاوان،
مِٺو ڪمند ۽ ڪيلو کاوان.
انگورن سان پيار آ منهنجو،
کائيندو هر ٻار آ منهنجو.
زيتونن کي ڪير وساري،
نارنگيون ۽ ٻير وساري.
ڏيندا آهن طاقت ميوا،
قدرت جي هن نعمت ميوا.
کائون ميوا ٻار خدا جا،
شڪر ڪيو ”ملهار“ خدا جا.
ڇولن وارو
ٻڌجي ٿو پيو هوڪو ٻارو،
آيو آهي ڇولن وارو.
چَسُ چَسُ چسڪي وارا ڇولا،
آهن وڻندڙ پيارا ڇولا.
گلو، لالو ڊوڙ ولڻ،
صابوءَ کان سڀ ڇولا وٺڻ.
مون کي ڇولا وڻندا آهن،
ڏاڍو چسڪو ڏيندا آهن.
صابل ڇولا وڪڻندو آ،
هوڪا ڏيندي هو گهمندو آ.
هوڪو ٻڌندي ويندو آهيان،
چٽڻي ڇولا وٺندو آهيان.
آءٌ به ڇولا کائيندو هان،
ٻين کي پڻ کارائيندو هان.
صابو آهي پيارو ڇوڪر،
ٻارو محنت وارو ڇوڪر.
محنت ۾ ”ملهار“ مزو آ،
محنت سان مقصد ملندو آ.
ڪتاب
مون کي وڻندا ڪتاب آهن،
مَنُ موهيندا ڪتاب آهن.
سوئي جاهل سڏبو آهي،
جنهن کان رُسندا ڪتاب آهن.
تن جي اعليٰ عظمت ٻارو!
جيڪي لکندا ڪتاب آهن.
ساري دنيا کان وڌ پيارا،
مون کي لڳندا ڪتاب آهن.
سورج وانگي جڳ ۾ ساٿي،
اُڀري پوندا ڪتاب آهن.
ٻالڪ سي ”ملهار“ پيارا،
جيڪي کڻندا ڪتاب آهن.
سنڌي ٻولي
سهڻي سنڌي ٻولي ٻارو!
آهي سندر سولي ٻارو!
ٻنڌڻن منجهه ٻڌي سي وهوا،
سنڌيءَ ۾ ئي لولي ٻارو!
ٻولين منجهه سمايل آ ڄڻ،
سنڌوءَ واري ڇولي ٻارو!
ڳالهائڻ ۾ سادي سودي،
آهي ڪين پرولي ٻارو!
جنت کان وڌ جائي سمجهان،
جيجل جي مان جهولي ٻارو!
مون سان گڏ ”ملهار“ سڀيئي،
ٻوليو سنڌي ٻولي ٻارو!
انسان
هي جيڪو انسان ٿو سڏجي،
اُوچو تنهن جو شان ٿو سڏجي.
سارو جنهن سنسار سجايو،
دنيا کي رنگين بڻايو.
جيڪو چنڊ تي پهتو آهي،
مريخ تي پڻ رهڻ ٿو چاهي.
جيڪو انس رکي ٿو مَنَ ۾،
اعليٰ آهي هُو سوچن ۾.
جنهن جهاز بڻايا آهن،
هيڏا رنگ رچايا آهن.
اشرف آهي مخلوقن ۾،
۽ ماهر آ تخليقن ۾.
ڪيڏو آ جاکوڙي ٻارو،
جبلن مان ٿو ووڙي
چارو.
ڦهلائي ٿو شعور جڳ ۾،
تڏهن ته آهي سرور جڳ ۾.
بامقصد ٿو جيون گهاري،
محنت سان ”ملهار“ گذاري.
وئڪيشن
وئڪيشن آ ٿي وئي ٻارو!
گهمڻ ڦرڻ جو آيو وارو.
ٻالڪ سارا جهومن ڳائن،
خوشيون پيا ٿا خوب ملهائن.
ڪي ٻالڪ ويا گهمڻ ڪراچي،
چڙيا گهر کي ڏسڻ ڪراچي.
ڪي ويا ڪوئيٽا گرميون گذارڻ،
پنهنجي اندر کي ويا ٺارڻ.
ڀلي گهمجي
ڦرجي ٻارو!
خوب مزو ڀي وٺجي ٻارو!
پڙهڻ لکڻ پر آهه ضروري،
ڪجي ڪتابن کان ڇو دوري.
اُسَ ۾ ڪونه اَجايو رُلجي،
وقت سان پڙهجي وقت سان لکجي.
ڳالهيون جي ”ملهار“ ڪيون هن،
دل ۾ هرهڪ ٻار رکيون هن.
ٻـــالـــڪ
ڪيڏو آهين سهڻو ٻالڪ،
مون کي خوب وڻين ٿو ٻالڪ.
ماکيءَ کان وڌ مٺڙو آهين،
موتئي جو تون گلڙو آهين.
تنهنجا ٽهڪ وڻن ٿا ڏاڍو،
منهنجو من موهن ٿا ڏاڍو.
جڏهن ٿيلهو کڻندو آهين،
تڏهن ڪيڏو وڻندو آهين.
ڌرتيءَ جو تون آهه دلاور،
اَبي امان جو ساهه سهارو.
وِکَ جڏهن تون کڻندو آهين،
هوشوءَ وانگي لڳندو آهين.
منهنجي مَن جو ٺارُ تون آهين،
ٻار ڳچيءَ جو هارُ تون آهين.
سنڌوءَ جو سينگار تون آهين،
ملڪ سندو معمار تون آهين.
ڏاڍو آن ”ملهار“ کي پيارو،
ٿئي شل تنهنجو بخت ڀلارو. |