سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: آکاڻيون (ڀاڱو پهريون)

 

صفحو : 5

هڪڙي ڏينهن اوچتو سڄي اسڪول جي صفائي ٿيڻ لڳي. ڇڻڪار ٿيو ۽ ميز تي چادر وڇائي گلدان به رکي ڇڏيائون. سڀ ڇوڪرا  اڇا اُجرا ٿي آيا ۽ آئون به ڌوتل ڊگهي قميص پائي آيس. سڀئي پيا چون ته اڄ امتحان ٿيندو. پوءِ هڪڙو ٻيو ماڻهو آيو ۽ وڏن وڏن ڇوڪرن کان سوال پئي پڇيائين! هن کي ڏسي مونکي خوشي ٿي، شام ٿي ته مٺائي ڏنائون. پوءِ انهيءَ صاحب سان رات جو ڪچهري ٿي. گهڻو ڪري سڀ ڳوٺ جا ماڻهو آيا ۽ منهنجو بابو به ويٺو هو. اسان جي استاد ۽ ٻين پڙهيلن ڪلام ڳاتا ۽ شعر پڙهيا. انهي وقت ته خبر ئي ڪا نه پئي پوي ته شاعر ڪير ٿيندو آهي ۽ ڳائڻ جو هنر ڇا کي چئبو آهي! پر اها ڪچهري مون کي ڏاڍي وڻي. اتي ڳوٺ جي چاچي ولو، وطن جي نالي سان ڪي شعر پڙهيا. انهن شعرن ۾ ان شخص ڪکائن گهرن، ٻنين ٻارن، وڻن ٽڻن، واهن شاخن جون ڳالهيون ٻڌايون. انهن شعرن ٻڌڻ سان مون کي ائين پئي لڳو، ڄڻ ته مون کي اڳي ئي انهن شين جي ڄاڻ هئي، جن جو هو ذڪر ڪري رهيو هو. هن پنهنجا سڀ شعر سريلي آواز سان ڳائي پئي ٻڌايا، انهيءَ وقت سڀني شاعرن مان، مون کي چاچي ولوءَ جو شعر ڏاڍو پئي وڻيو. انهيءَ وقت جي ٻاراڻي سمجهه آهر مون هن شاعر جو شعر ٿورو سمجهيو ۽ پوءَ گهر وڃي بابي کان پڇيم ته ۽ وطن ڇا ٿيندو آهي؟

پوءِ بابي مون کي ڀر ۾ ويهاري وطن جي باري ۾ ٻڌايو ”پٽ! جڏهن تون وڏو ٿيندين، تڏهن تو کي پوري ڪل پوندي ته وطن ڇا ٿيندو آهي!“

هر هڪ ماڻهو پنهنجي وطن کي شاد ۽ آباد ڪرڻ لاءِ ڇو پاڻ پتوڙيندو آهي ۽ـ وطن جا ڪهڙا حق ۽ فرض ٿيندا آهن! پر هاڻي تنهنجي لاءِ اهو ڪافي آهي ته جنهن زمين جي ٽڪري تي اسان  جيئون ۽ مرون ٿا، جنهن زمين ۾ اسان ٻج ڇٽي هر ڏيئي،فصل پوکيون ٿا، جنهن زمين جي ٽڪري تي اسان ڪچا پڪا گهر ٺاهي رهون ٿا، جنهن تي اسان جا مال هلن چلن ۽ چَرن پيئن ٿا، سا زمين اسان جي پنهنجي آهي. ڇو ته اها اسان جي وطن جي زمين آهي. جن ڍورن، نارن، واهن ۽ دريائن جي پاڻيءَسان اهي زمينون آباد ٿا ڪريون، سي واهه ۽ درياءَ به اسان جا آهن. ڇو ته اهي به اسان جي وطن مان وهن ٿا.

جنهن زمين جي ٽڪري تي اسان ويهي ڪچهري ڪريون ٿا ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ بيت ۽ ڪافيون ڳايون ٿا، جا اسان جي ماءُ جي ٻولي آهي، سو به اسان جو وطن آهي. انهن گهرڙن، مال وجهه، وڻن ٽڻن، واريءَ جي دڙن ۽ ڏونڻن پوٺن، واهن ۽ دريائن ۽ انهن ڪچهرين کي گڏي پنهنجو وطن ٿا چئون. هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي وطن سان ڏاڍي محبت ٿيندي آهي. هو پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ انهيءَ زمين جي ٽڪر کي پيارو گهرندو آهي. جنهن کي اسان وطن چئون ٿا.

جيئن آئون وڏو ٿيندو ٿو وڃان، تيئن وطن واري ڳالهه مون کي وڌيڪ چٽيءَ طرح سمجهه ۾ ايندي ٿي وڃي ۽ وطن جي هر هڪ شئي سان مون کي جيئن پوءِ تيئن ڏاڍو پيار ٿيندو ٿو وڃي. توهان وڏا ٿيندو، ته توهان به ائين ڪندو. هاڻي توهان به مون وانگر ٻار آهيو، جيئن آئون اڄ کان سورنهن سترنهن سال اڳ ٻار هئس.

وطن جو پيار ڏاڍي ڇڪ رکي ٿو. ان لاءِ سبب آهن:

اسان جيڪو اَن کائون ٿا، سو اسان جي وطن مان پيدا ٿئي ٿو. اسان جيڪو پاڻي پيئون ٿا، سو به وطن جو پاڻي آهي. جنهن زمين تي اسان جا گهرڙا آهن، جن گهرن ۾ نپجي اسان وڏا ٿا ٿيون، سي سڀ اسان جي وطن ۾ آهن. تڏهن چئبو ته اسان جو مرڻ جيئڻ وطن سان آهي. اهڙي شئي کي ته ساهه سان سانڍبو ۽ ان کي سندر ۽ سهڻو بنائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪبو! پنهنجي شيءِ جو ٿي، سو ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺاهبو ۽ سينگاربو. ان جي هر شيءِ اسان جي آهي، ٻئي ڪنهن جو به ان تي حق نه آهي.

اچو ته دل ئي دل ۾ پاڻ سا انجام ڪريون ته جڏهن وڏا ٿينداسون ته وطن کي سندر ۽ سهڻو بنائڻ لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿينداسون. پوءِ ڀل اهو ڪيڏو به ڏکيو ڇو نه هجي!

ڀلا جيسين وڏا ٿيون، تيسين اچو ته ڪي گهرڙا ٺاهيون، ڪي رانديون رچايون ۽ ڳايون.

فلڪ تان ڇني چنڊ تارا هزارين،
گلن جا پوئي هار پيارا هزارين،
اسان تنهنجي صورت سجائينداسون پيا،
اي پيارا وطن، اي پيارا وطن!
اي منهنجا وطن، اي منهنجا وطن!

 

نيري لاٽ وارو ڏيئو

Text Box: ڪنهن ملڪ ۾ هڪڙو سپاهي هو، جنهن پنهنجي بادشاهه جي فوج ۾ نهايت بهادري ۽ وفاداريءَ سان لاڳيتا ڪيترا ئي سال خدمت ڪئي پر  جڏهن لڙائي پوري ٿي ۽ صلح جو اعلان ٿيو ۽ اڃا هن جي بدن جا، لڙائي ۾ رسيل ڦٽ پورا ڇُٽائي ڪو نه هئا، تڏهن بادشاهه انهيءَ سپاهي کي گهرائي چيو، هاڻي تون ڀلي گهر موٽي وڃ، مونکي اڄ کانپوءِ تنهنجي خدمت جي ضرورت ڪونهي ۽ آئون تو کي هاڻي پگهار نه ڏيندس. آئون فقط انهن کي اُجورو ڏيندس. جي بُتَ جا سگهارا هوندا ۽ ڪو به جسماني نقص ڪو نه هوندن ۽ پگهار جي عيوض مون وٽ سخت پورهيو  به ڪري سگهندا. غريب سپاهيءَ جا ته  واڄٽ ئي وڄي ويا. سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته آئيندي سڄي زندگي جا چار ڏينهن ڪيئن ڪٽبا؟ نيٺ ڪڙو منهن ڪري هو پنهنجي گهر روانو ٿيو. جڏهن هلندي هلندي ٻيلي مان اچي لنگهيو، تڏهن سج لهي ويس ۽ چوڌاري هڪ قسم جي ڊيڄاريندڙ اونداهي ڇانئجي ويئي. ان اونداهيءَ ۾ هن کي پري کان هڪ جهوپڙيءَ ۾ هڪ پوڙهي ڏانئڻ ٿي رهي! سو جهوپڙيءَ جي در تي پهچي پوڙهيءَ ڏانئڻ کي چيائين ”الله جي نالي مون کي سمهڻ لاءِ ڪو هنڌ ڏي ۽ کائڻ لاءِ ڪو ماني ڳڀو ڏي، نه ته ڄاڻ منهنجو ساهه ٿو نڪري!“ ڏائڻ جواب ڏنو، ”واهه! ڪنهن کي گتي پيئي آهي، جو لشڪر مان ڀڳل سپاهيءَ کي مفت ۾ کاڌو ڏيندو؟ آئون جيئن چوان تيئن جيڪڏهن ڪندين ته توتي قياس ڪري، تو کي پاڻ وٽ رهڻ ڏيندس.“

سپاهيءَ پڇيو ته ”ڪهڙو ڪم مون کي ڏيندينءَ؟“

ڏائڻ چيو ”تون منهنجي هن باغ جي ويهي گُڏَ ڪڍ!“ سپاهي قبول ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي پوريءَ طاقت سان پوڙهي ڏائڻ جي باغ ۾ پورهيو ڪيائين پر شام تائين سڄي باغ جي گُڏ ڪڍي ڪين سگهيو. اهو ڏسي ڏانئڻ چيس ته ”رات جو گُڏ جو ڪم ته تو کان ٿي ڪين سگهندو، ان ڪري آئون تو کي هڪ ٻي رات به هت رهڻ ڏينديس، تون ان جي عيوض هي ٻه چار اُٺ ڪاٺين جا چيري ڏي! سپاهيءَ کي ان ڪم ۾ ساري رات لڳي ويئي. صبح جو ڏانئڻ چيس ته تون اڃا به هڪ رات وڌيڪ مون وٽ رهي سگهين ٿو. ٻئي ڏينهن واسي تنهنجي لاءِ هڪ بلڪل هلڪو ڪم رکيو اٿم. اهو هيءُ آهي ته گهر جي پُٺ ۾ هڪ جهونو ڦٽل کوهه آهي ۽ ان ۾ منهنجو نيلي لاٽ وارو ڏيئو ڪري پيو آهي، جيڪو ڪڏهن به وسامندو نه آهي. تون سڀاڻي اهو ڏيئو کوهه مان ڪڍي، مون کي آڻي ڏيندين.

ٻئي ڏينهن هيءَ ڪراڙي ڏانئڻ سپاهيءَ کي کوهه وٽ وٺي ويئي ۽ هن کي هڪ ٽوڪريءَ ۾ ويهاري کوهه ۾ هيٺ لاٿائين. هيٺ لهڻ سان هن اهو ڏيئو وڃي ڳولي لڌو ۽ پوءِ ڏانئڻ کي اشارو ڏنائين ته هاڻي مون کي مٿي ڇڪي ٻاهر ڪڍ. ڏانئڻ هن کي مٿي ڇڪڻ شروع ڪيو، جڏهن هو کوهه جي پڳ وٽ پهتو ته ڏانئڻ هٿ ڊگهيري، نيليءَ لاٽ واري ڏيئي کي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. سپاهي ڏانئڻ جي بدنيتيءَ کي پرکي ويو ۽ چيائينس ته ”جيسين  منهنجا ٻيئي پير زمين تي خير سلامتيءَ سان ٻاهر نڪري، مضبوط ڄمي نه بيهندا، تيسين هيءُ ڏيئو آئون تو کي ڪين ڏيندس.“

انهيءَ تي ڏانئڻ کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ رسيءَ کي هٿ مان ڇڏي ڏنائين، جنهن ڪري هو واپس وڃي کوهه جي تري ۾ ڪريو. پوءِ ته ڏانئڻ تکي تکي ٽنگن کي سٽيندي، موٽي پنهنجي گهر ڏانهن هلي ويئي. ويچارو سپاهي کوهه جي تري ۾ ڪريو پر گهڻو ايذاءَ ڪو نه رسيس. ڏيئي نيري روشني پئي ڏني، جا ڏسي هن سوچيو ته فقط هن روشنائي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ هن کي ته هاڻ موت اچي سامهون ٿيو هو، هو وري ڪجهه وقت خيال ۾ پئجي ويو ته آخر  ڇا ڪجي! اتفاق سان ان مهل سندس هٿ کيسي ڏانهن کڄي ويو، کيسي ۾ تماڪ ڇڪڻ واري سلفي پيل هئس. تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڪيائين. انهي سُلفيءَ ۾ اڌو گابرو تماڪ اڃا به ڀريو پيو هو. دل ۾ چيائين مرڻو ته هاڻ هونئن ئي آهي ڇو نه هي پويون ڀيرو به تماڪ ڇڪي وٺان! ائين چئي سلفيءَ کي ان نيلي لاٽ واري ڏيئي مان دکائي تماڪ ڇڪڻ شروع ڪيائين اڃا جيئن ئي ان مان دونهون نڪري هوا ۾ مٿي چڙهيو، تيئن هڪڙو بنهه ڪوئلي جهڙو ڪارو ۽ آڱر جيترو بندرو ڄامڙو ماڻهو اتي جو اتي پيدا ٿي پيو ۽ سندس سامهون هٿ ٻڌي اچي بيهي رهيو. چي: سائين ڪهڙا حڪم احڪام آهن؟

سپاهيءَ عبرت ۾ پئجي چيس ”مون کي ڪهڙو حق آهي، جو تو کي ڪمن ڪارين واسطي حڪم ڏيان!“

ڄامڙي شيديءَ جواب ڏنس، ”جيڪو به اوهان جو حڪم هوندو، اُن جي پيروي ڪندس. آئون توهان جو زر خريد غلام آهيان!“

سپاهيءَ تنهن تي ورندي ڏنس، ”چڱو پهريائين ته مون کي هن کوهه مان ٻاهر ڪڍ.“

اهو ٻڌي ڄامڙو شيدي آڱر مان جهلي هن کي هڪ زير زمين رستي تان وٺي اٿي هليو. سپاهي به هو ڏاهو، سو هن اهو نيري لاٽ وارو ڏيئو کڻي پاڻ سان گڏ کنيو. رستي تي ڄامڙي شيديءَ هن کي ڏانئڻ جو گڏ ڪيل  ۽ لڪايل خزانو  ڏيکاريو ۽ سپاهيءَ به ان مان جيترو کڄي سگهيس، اوترو خزانو پاڻ سان کنيو. جڏهن هو زمين جي اندر واري رستي مان نڪري پَٽ تي پهتا، تڏهن سپاهي هن کي حڪم ڏنو ته هاڻي مهرباني ڪري وڃ ۽ هن ڏانئڻ جا هٿ پير ٻڌي کيس وڃي ڪنهن عدالت ۾ پيش ڪر!“

ٿورن ئي منٽن ۾ ڏٺائيڻ، ته اها ڏانئڻ هڪ جهنگلي ٻليءَ تي سوار هئي ۽ دردناڪ ڪيهون ڪندي اک ڇنڀ ۾ وٽانئس مَٽي ويئي ۽ هن ڄامڙي شيدي انهيءَ مهل هن کي چيو ”ڏانئڻ جو ڪم پورو ٿي ويو. هن وقت هو ڦاسيءَ تي پيئي لٽڪي!“ ائين چئي وري پڇيائين ”وڌيڪ ڪهڙو حڪم آهي. آئون حاضر آهيان!“

سپاهيءَ جواب ڏنو، هيئنر ته تنهنجي واسطي ٻيو ڪم ڪونهي، تون ڀلي پنهنجي گهر وڃ پر جڏهن آئون تو کي سڏيان، تڏهن تيار رهجئين.“

تنهن تي ڄامڙي شيدي سمجهائي چيس ”ته سڏ ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، تون فقط پنهنجي سلفي هن نيري لاٽ سان دکائج، ته آئون هڪدم تنهنجي پاسي ۾ اچي بيهندس.“ ائين چئي اتي جو اتي هو هڪ پل ۾ غائب ٿي ويو. سپاهي پوءَ شهر ۾ ويو ۽ وڃي هڪ بهترين هوٽل ۾ رهيو. عاليشان قيمتي ڪپڙا پنهنجي واسطي خريد ڪيائين ۽ هوٽل ۾، پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ اعليٰ سامان سان سينگاريل خاص ڪمرو مسواڙ تي ورتائين. پنهنجي رهائش وغيره جو  انتظام ڪري هن ڄامڙي شيديءَ کي سڏي چيو ته ”مون بادشاهه جي نهايت وفاداريءَ سان خدمت ڪئي پر هن مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ته آئو ڀلي وڃي بک مران. هاڻي منهنجو مطلب آهي ته آئون انهي ڳالهه جو کانئس وير وٺان“ ڄامڙي شيديءَ پڇيو ”آئون ان ڳالهه ۾ ڪهڙي حڪم جي تعميل ڪريان؟“ سپاهيءَ جواب ڏنو ”تون رات جو بادشاهه جي محلات ۾ وڃ ۽ هن جي ڌيءَ کي وٺي اچ ته نوڪرياڻي وانگر اچي منهنجي خدمت ڪري.“ ڄامڙي چيو ”منهنجي لاءِ ته هي بلڪل آسان ڳالهه آهي پر ڏس متان تنهنجي لاءِ نقصان ثابت ٿئي سو خيال ڪجائين.“

جڏهن اڌ رات ٿي گذري ته سپاهيءَجي ڪمري جو دروازو يڪدم کلي پيو ۽ اهو ڄامڙو شيدي بادشاهه جي ڌيءَ کي اندر وٺي آيو. اتي سپاهيءَ جي واتان اوچتو واهه واهه جا آواز نڪري ويا ۽ بيٺي بيٺي ڇوڪريءَ کي حڪم ڪيائين ته وڃ ۽ هڪدم ٻهارو کڻي ڪمري جي صفائي ڪر، جڏهن ڇوڪريءَ صفائي جو ڪم پورو ڪيو ته جنهن آرام ڪرسي تي پاڻ ويٺو هو تنهن تي پنهنجو ٽنگون سڌيون ڪري ڇوڪريءَ کي سڏ ڪري حڪم ڪيائين ته منهنجي پيرن مان بوٽ لاهه ۽ پوءِ بوٽ کڻي ڇوڪري ڏانهن زور سان اڇلائي چيائين ته هيءُ وڃي پالش ڪري اچ. شهزادي اهو سڀ ڪم اهڙي طرح ماٺ ميٺ ۾ ۽ سواءِ ڪنهن لفظ ڳالهائڻ جي پئي ڪيو جو ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ننڊ جي نشي ۾ پئي ڪري. اکيون به اڌو گابرو مس کليل هيس. آخر جڏهن پرهه ڦٽي ۽ ڪڪڙن ٻانگ ڏني ته ڄامڙو شيدي هڪدم ڇوڪريءَ کي اتان کڻي محلات ۾ سندس بستري ۾ سمهاي آيو ٻئي ڏينهن صبح جو شهزادي پنهنجي پيءُ وٽ ويئي ۽ کيس چيائين ته مون رات هڪ عبرت ناڪ خواب لڌو آهي. ڏٺو اٿم ته جيئن نه واءَ ۾ پن کڄي ويندو آهي، تيئن مون کي ڪو کڻيو پيو وڃي ۽ وڃي هڪڙي سپاهي جي ڪمري ۾ ڇڏيو اٿس. جتي معمولي نوڪرياڻي وانگر مون کي ان سپاهي جي خدمت ڪرڻي پيئي آهي. مون ڪوٺيءَ کي ٻهاري ڏني، سپاهي جي بوٽن کي پالش ڪيو ۽ ٻيا به اهڙا نوڪرن جهڙا ڪم ڪيا. جيتوڻيڪ اهو هو رڳو هڪ سپنو تڏهن به آئون اهڙي ٿڪجي ٽٽي پيئي آهيان، جو ڄڻ ته سچ پچ مون اهي سڀ ڪم ڪيا آهن. بادشاهه وراڻيو ”ممڪن آهي ته خواب نه به هجي ۽ واقعي ائين ٿي به گذريو هجي! هاڻي منهنجي هيءَ صلاح ڪن لائي ٻڌ. پنهنجو کيسو مٽرن سان ڀري ان ۾ هڪ ننڍڙو ٽنگ ڪري ڇڏ. جيڪڏهن تو کي وري به ڪير  ائين کڻي ويندو ته کيسي جي ٽنگ مان مٽر ڪرندا ويندا ۽ انهي جي ذريعي ٻئي ڏينهن سمورو ڀيد معلوم ڪري وٺبو.

Text Box: بادشاهه جڏهن اها ڳالهه پئي ڪئي، تڏهن ڄامڙو شيدي به اتي بيٺو هو پر نظر نٿي آيو ۽ هن اها سموري ڳالهه پئي ٻڌي. ٻيءَ رات جو ڄامڙو وري به ستل شهزاديءَ کي کڻي، گهٽين مان ڦرندو گهرندو اچي سپاهيءَ جي ڪمري ۾ حاضر  ٿيو، ان مهل ڪي مٽر زمين تي ڪرندا آيا، پر انهن مان وريو ڪجهه به ڪين، ڇاڪاڻ جو هن حرفتيءَ ڄامڙي ڇا ڪيو هو جو سڀني گهٽين ۾ ساڳئي قسم جا مٽر ڇٽي ڇڏيا هئائين. شهزاديءَ کي وري به ساري رات ڪڪڙن جي ٻانگ تائين هڪ معمولي نوڪرياڻي وانگر، سپاهيءَ جي خدمت ڪرڻي پيئي. ٻئي ڏينهن بادشاهه ماڻهو موڪليا ته مٽرن واري رستي جو پتو ڪڍن پر بيڪار، ڇاڪاڻ جو هر هڪ گهٽيءَ ۾ اهڙائي مٽر پکڙيا پيا هئا ۽ جيڏانهن ڪيڏانهن غريب ٻارن مٽر پئي چونڊيا ۽ ائين پئي چيائون ته ”ڪالهه رات ڪو مٽرن جو مينهن وٺو آهي.“ تڏهن بادشاهه ڌيءَ کي چيو ”اسان کي ٻي ڪا تدبير ڪرڻ گهرجي. تون جڏهن سمهڻ وڃين ته تنهنجي جتي ڀلي تنهنجي پيرن ۾ پئي هجي، جڏهن جنهن هنڌ تو کي کڻي وڃن ته اتي پنهنجي جتي جو هڪ پادر ڇڏي اچج پوءِ آئون پاڻيهي اهو ڳولائي لهندس.“

ڄامڙي شيدي اها ڳالهه به ڪنڊ پاسي کان  پئي ٻڌي. ٽئي رات به جڏهن سپاهي ڄامڙي کي شهزادي وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ڄامڙي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته آئون هينئر هن ڳالهه ۾ منجهي پيو آهيان، ته جيڪڏهن جتيءُ جو پادر تنهنجي ڪمري مان لڌو ته پوءِ تو لاءِ بنهه ٻارڻ ٻري ويندو! پوءِ  ڪيئن ڪبو؟“

سپاهيءَ چيس ”تو کي جيئن چوان ٿو چپ ڪري تيئن وڃي ڪر.“ اهڙي طرح ٽينءَ رات به سپاهيءَ وٽ شهزادي آندي ويئي ۽ نوڪرياڻي وانگر کانس خدمت ورتائون پر وڃڻ کان اڳي هن اٽڪل ڪري پنهنجي جتيءَ جو پادر اتي بستري جي هيٺان لڪائي ڇڏيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي جتيءَ جي پادر هٿ ڪرڻ واسطي شهر جي گهر گهر جي تلاشي ڪرائي ۽ آخر اهو پادر سپاهيءَ جي ڪمري مان لڌو. سپاهي پاڻ ته ڄامڙي شيدي جي منٿن تي گهر ڇڏي شهر جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويو هو پر بادشاهه جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪير ٿو  کانئس ڀڄي سگهي؟ سو هن کي به جلدي گرفتار ڪري آڻي قيد ۾ وڌائون. سپاهيءَ کان تڙ تڪڙ ۾ ڀڄڻ سبب ، ”نيليءَ لاٽ وارو ڏيئو“  ۽ ڪراڙي ڏانئڻ جو جيڪو سون هٿ ڪيو هئائين، سو به اتي پنهنجي ڪمري ۾ ئي وسري ويو هو. هن وٽ رڳو ٿورو ناڻو پاڻ سان هو. سپاهيءَ جيئن ڳورين زنجيرن سان ٻڌل، جيل جي دريءَ وٽ بيٺو  هو ته ٻاهر بيٺل هڪ دوست تي وڃي نظر پيس، هن کي ڏسي هن دريءَتي ٺڪ ٺڪ ڪئي، جڏهن هو دوست ويجهو ٿيو تڏهن چيائينس ته آئون فلاڻي هوٽل ۾ هڪ ننڍي هڙ ڇڏي آيو آهيان. سا جيڪڏهن اتان آڻي مون کي پهچائين ته آئون تو کي ان تڪليف جو عيوضو ڏيندس.“ هو دوست جلدي ڊوڙي هوٽل ڏانهن ويو ۽ اتان اها هڙ کڻي آڻي سپاهيءَ کي هٿ ۾ ڏنائين. سپاهيءَ جڏهن ڏٺو ته هاڻي ڪو به ماڻهو ويجهو ڪونهي. تڏهن سلفي ڪڍي، ان نيليءَ لاٽ واري ڏيئي مان دکايائين ته هڪدم ڄامڙو شيدي اچي سندس سامهون بيٺو. سپاهيءَ کي چيائين ”ڪو خوف نه ڪر، جتي به تو کي وٺي وڃن، اتي سانت سان ساڻن گڏجي وڃ، پر نيليءَ لاٽ وارو ڏيئو، ڪٿي به پاڻ کان الڳ نه ڪج!“ ٻئي ڏينهن سپاهيءَ تي عدالت ۾ مقدمو هليو. جيتوڻيڪ هن ڪو به ڏوهه جو ڪم ڪو نه ڪيو هو ته به هن کي موت جي  سزا جي فتوي ٰ ملي. نيٺ جڏهن سپاهيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهڻ لاءِ وٺي ٿي ويا ته هن بادشاهه کي چيو ”منهنجو هڪڙو آخري عرض آهي.“ بادشاهه چيو ”گهر جيڪي گهرڻو اٿئي!“ هن جواب ڏنو. ”مون کي اجازت ملي ته آئون هتي ويهي هڪ ڀيرو سلفي ڇڪيان بس!“  

بادشاهه جواب ڏنو ”هڪ ڇڏي ٽي سلفيون ڇڪ پر ياد رک ته اهي تنهنجي حياتي ڪين بچائيندا.“

سپاهيءَ پنهنجي سلفي ڪڍي ۽ ”نيريءَ لاٽ واري ڏيئي“ مان دکايو، سلفيءَ جو دونهون اڃا هوا ۾ مٿي چڙهيو ئي ڪين ته اهو ساڳيو ڄامڙو شيدي هڪ ڏنڊو هٿ ۾ کڻي، اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ چيائنس ”سائين منهنجا ڇا ٿا حڪم ڪريو؟“

سپاهيءَ چيس ”وارو ڪر، هنن ججن کي ڏنڊا هڻي زمين تي وڇائي ڇڏ! ۽ بادشاهه جنهن مون سان هينئر خراب هلت ڪئي آهي، تنهن کي به نه ڇڏ!“ پوءِ ته ڄامڙو شيدي اچي هنن تي وارو وار ڪيو، ۽ هر هڪ کي ڏنڊن سان هڻي سٽي ڪٽي زمين تي ڍير ڪري ڇڏيائين. بادشاهه ڏنڊن لڳڻ وقت زمين تي ليٿڙندي، سپاهيءَ کي اڌ بادشاهي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي سڱ ڏيڻ جوواعدو ڪيو تڏهن مس مس  وڃي سندس جان ڇُٽي. پوءِ سپاهي شهزادي سان شادي ڪري شاهي محل ۾ شهزادن  وانگر رهڻ لڳو.

 

چار چور

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي ٻڍڙي زال رهندي هئي، جنهن جي ڪُل ملڪيت هڪ گابو هئي. هو روزانو اهو گابو جهنگ ۾ چارڻ ويندي هئي.

هڪڙي ڏينهن پوڙهيءَ پنهنجي پوٽي کي چيو : ابا اڄ تون گابو جهنگ ۾ چاري اچ، جو مان چاق نه آهيان.

ڇوڪرو گابو ڪاهي جهنگ ۾ ويو، پر ڀلجي جهنگ جي ڪنهن اهڙي پاسي نڪري ويو، جتي چار چور روز اچي گڏ ٿيندا هئا. انهن چورن جو ننڍو ڇوڪرو گابي سان ڏٺو سو ڇوڪري کان گابو ڦري، کيس مار ڏيئي ڀڄائي ڇڏيائون.

ويچارو ڇوڪرو روئيندو گهر آيو ۽ اچي ڏاڏيءَ کي روئيندي رئيندي سڄو احوال ٻڌايائين. مائيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو  جو هائي ڌائي کيس هيو اهو هڪڙو گابو، جنهن سان ڏاڍي دل هيس، سو چورن کان بدلي وٺڻ جو دل ۾ کڻي فيصلو ڪيائين.

ٻئي ڏينهن پوڙهيءَ ڇا ڪيو جو هڪڙي وڏي ڪاٺ جي پيتي هٿ ڪري ان ۾ چيلاٽا ڦاسائي وڌائين ۽ سڄي پيٽي چيلاٽن سان ڀريائين. پوءِ پيٽيءَ کي ڪلف ڏيئي، ان جهنگ ۾ کڻي آئي، جتي جو ڏس سندس پوٽي کيس ڏنو هو. چورن جي گڏ ٿيڻ جي مهل ٿي ته چارئي چور به اچي پهتا.

پوڙهي چورن کي ڏسي اچي روئڻ ۾ پيئي. چورن جو پوڙهيءَ کي روئيندي ڏٺو سي پڇڻ لڳس ته مائي تون ڇو پئي روئين ۽ انهيءَ پيٽيءَ ۾ ڇا اٿئي؟ پوڙهي تنهن تي هيڪاري وڌيڪ روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته ابا ڪهڙيون ٿا مون نڀاڳيءَ  کي سورن سنديون خبرون پڇو؟ مان ڏاڍي ڏکويل آهيان.

چورن تيئن اڳئين کان به وڌيڪ منٿون ڪيس، تڏهن پوڙهي چوڻ لڳي ته ابا هن پيتيءَ ۾ منهنجي ننهن جا لٽا ۽ ڪجهه زيور آهن. اسين مڇي ماني وارا هئاسين پر هاڻ بلڪل غريب ٿي ويا آهيون. لاچار اهي زيور ۽ لٽا، جي هن شاديءَ وقت پاتا هئا، سي هاڻي پيٽ گذرڻ لاءِ وڪڻڻا پون ٿا. مون اهي زيور پنهنجيءَ ننهن لاءِ وڏي شوق مان ٺهرايا هئا. اها ڳالهه ٻڌي چورن کي اچي لالچ کنيو. چيائونس ته پوڙهي، هاڻي اهو سامان شهر ڏي ڪاڏي ٿي کڻي وڃين. شهر ۾ ڄاڻ سڃاڻ کانسواءِ اهو سامان تو کان ڪير ڪو نه خريد ڪندو. پاڻ هر ڪو شڪ ڪندو ته چوريءَ جو مال اٿس. سو اهو سامان ڏي اسان کي اسان پاڻ ۾ ڦوڙي ڪري تو کي ويهه پنجويهه رپيا ٿا ڏيون. اسان وٽ هڪ گابو آهي سو به ڏيون ٿا تو کي، وڃي ان کي تاتَ ته ڪو نه ڪو هاري ناري چار پئسا ڏئي تو کان وٺي ويندو. ان کان علاوه اسان وٽ هڪ ڪُڪِڙ ٻچن سوڌي ۽ ٻانگو ڪُڪُڙ به آهي سو به تو کي ڏيون ٿا جيئن ڀلي روز چوزا ڪهي کاءُ ۽ جڏهن ڪُڪڙ آنا ڏي سي به تري ٻوڙ ڪري کاءُ ته آسودي ٿئين. چورن پاڻ ۾ پهه ڪيو ته جيڪڏهن پوڙهيءَ اها ڳالهه نه مڃي ته پوءِ اها پيٽي زوري کسينداسونس، پر پوڙهي کي ته گهربو ئي اهو هو سو کانئن رپيا ڪڪڙ چوزن سوڌو ۽ پنهنجو گابو وٺي ٿي رواني.

هوڏانهن چور مڇون وٽي پيٽي ڪلهي تي رکي. هليا پنهنجي دڳ سان. نيٺ هو ان جاءِ ۾ آيا، جتي چوريءَ جو مال ورهائيندا  هئا. جاءِ جي مالڪ کي چيائون ته اسان مال پاڻ ۾ ورهايون ٿا پر سدائين ٿيندو آهي پاڻ ۾ حصي رسيءَ تي گوڙ، سو جي هينئر به اهڙو گوڙ ٿئي ته تون ائين ڀانئجانءِ ته مڙ ئي خير آهي، پاڻ ۾ آهيون.

پوءِ ته چورن جاءِ جا در ۽ دريون بند ڪري، ڏاڍو مزي سان وڃي اندر ويٺا. مالڪ ٻاهران در کي ڪلف ڏيئي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو. جڏهن چورن پيٽيءَ جو ڪُلف کوليو ته ڪلف کلندي ئي ڀون ڀون وارا ڀُنڀاٽ ڪندي اچي ٿا چيلاٽا نڪرن! بس پوءِ ته اک ٻوٽ ۾ سڄي ڪوٺي چيلاٽن سان ڀرجي ويئي ۽ چيلاٽا اچي چورن کي چٽيا. هنن گهڻيون دانهون ڪيون ۽ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻاهران هو ، در کي ڪلف سو وٺي جاءِ جي مالڪ کي سڏ ڪيائون. اول ته اهو اچي نه پر نيٺ آيو ۽ جهڙو در کوليائين ته کيس به اچي چيلاٽن ورتو. ”چورن جا ڀائر ڳنڍڙيڇوڙ“ سو هن کي به چڱي سيکت آئي. چورن جو ته اصل سِر پئي ويو. مس مس جان بچين. ڪي ڏينهن ته رليون اوڍيو پيا هئا. جڏهن چاق ٿيا، ته پاڻ ۾ گڏيا، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي!“

 

ٻوڙن جو راڄ

هڪري شهر ۾ هڪ ڪٽنب رهندو هو، تنهن جا سڀ ڀاتي اتفاق سان ٻوڙا هئا. سو بعضي بعضي ڏاڍيون مزيداريون ٿينديون هيو. هڪ ڏينهن انهيءَ ڪٽنب جي پرئي مڙس هاريءَ پئي هر ڪاهيو ته هڪ پوليس وارو اچي لنگهيو، تنهن گهوڙو بيهاري سلام ورائي پڇيس ته پريا مڙس، هتان پڪو رستو ڪيتري پنڌ تي آهي؟ تنهن تي هاريءَ هر جهلي چيس ته ميان هي ڏاند منهنجا پنهنجا آهن، تنهن تي سوار ورائي چيس ته رستو ٿو پڇان ته گهڻي پنڌ تي آهي؟ هاري قسم کڻي چيو ته ڏاند منهنجا پنهنجا آهن. سوار ته گهوڙو هڪلي هليو ويو. جڏهن هاريءَ جي زال ماني کڻي آئي ته هاريءِ چيس ته تنهنجي ڀاءُ هي ڏاند ڪنهن ڦڏي واري ماڻهوءَ کان خريد ڪيا آهن اڄ پوليس چڙهي آئي هئي. جوڻس جواب ڏنو ته هيءَ ماني تنهنجي ماءُ پچائي آهي، مون ڪا نه ساڙي آهي. جڏهن هاريءَ ماني کائي بس ڪئي ته جوڻس ٿانوَ کڻي گهر ڏانهن رواني ٿي. پهچڻ سان سس کي چيائين ته چاچي پٽهن پئي چيو ته ماني ساڙي ڇڏي اٿوَ .

اهو ٻڌي هاريءَ جي ماءُ جنهن ان مهل ٻانهن کي سرنهن جو تيل پئي مکيو، پنهنجي نوڪر ڏي منهن ڪري چيو ته ڏس حال! اڄ قضا سان تيل ذري مکي اٿم ته اچڻ سان ئي جهيڙو جوٽيو اٿس. چي تيل کپائي ڇڏئي. اهو ٻڌي نوڪر چيو ته مان نڪري ٿو وڃان توهان ڄاڻُو توهان جو ڪم ڄاڻي. جهڙي مشن هوندي تهڙي ڪُتر ٿيندي. منهنجو انهيءَ ۾ ڪهڙو ڏوهه! ائين چئي نوڪر ڪاوڙجي ٻاهر نڪري ويو.

اهي اٿَوَ ٻوڙن جا حال!!

سچائي

 

(الف)

ٿورا سال ٿيا، لاهور جي هڪ محلي ۾، هڪ غريب مسلمان بيواهه عورت رهندي هئي. محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي نوجوان پٽ حميد جو پيٽ پاليندي هئي. حميد بلڪل سمجهو ۽ ذهين ڇوڪرو هو. سڄي پاڙي جا ماڻهو هن عورت کي چوندا هئا ته ”خدا ڪندو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ تنهنجو پٽ پڙهي لکي ڪنهن چڱيءَ نوڪريءَ ۾ لڳي ويندو.“

پر اڃا حميد مئٽرڪ جو امتحان ئي پاس نه ڪيو هو ته سندس ٻڍي ماءُ بيمار ٿي پئي. فرمانبردار پٽ پنهنجي طرفان هر ڪا ڪوشش ڪئي، پر تقدير اڳيان تدبير ڪين هلي. مائيءَ جو پويون وقت نظر آيو. هيءُ ڏسي حميد دل هاري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ماڻس چيس، ٻچا، روئڻ اجايو آهي. ان مان ڇا وري ڇا سري! دل ڏاڍي ڪر، ڳوڙها اگهي ڇڏ. آئون جيڪا نصيحت تو کي هن سڪرات ويلي ڪريان، تنهن تي عمل ڪرڻ جو انجام ڪر.

حميد ڳوڙها روڪيان ۽ چيائين ته تون منهنجي ماءُ آهين، آئون تنهنجي نصيحت جي لفظ لفظ تي عمل ڪندس. دنيا ڏسندي ته حميد جيڪو مرڻينگ ماءُ سان انجام ڪيو هو سو آخر تائين پاريائين.

ماڻس چيو ته ”منهنجي نصيحت هيءَ اٿئي ته سچائي وڏي قوت آهي، ڀُلئي ڀلائي به اُن کي نه ڇڏج! دنيا ۾ آپدائون پيئون اچن ۽ وڃن. انسان وري سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، پر جو انسان هڪ دفعو به امانت ۾ خيانت ڪندو آهي، سو پاڻ کي اهڙُو هاڃو رسائيندو آهي، جو ان جي تلافي ٿيڻ ناممڪن آهي.“

حميد جواب ڏنو، امان آئون سچيءَ دل سان اقرار ٿو ڪريان ته تنهنجي نصيحت تي هميشه ۽ هر حال ۾ هلندس. ٻڍيءَ کي خاطري ٿي. هڪ ڊگهو ساهه کنيائين، گويا سندس ڇاتيءَ تان هڪ ڳرو بوجهه لهي ويو.

هڪ ڏينهن کانپوءِ ٻڍي لاڏاڻو ڪيو. هاڻي حميد دنيا ۾ يتيم ٿي پيو. خدا کانسواءِ سندس مدد ڪرڻ وارو ٻيو ڪو نه هو، مگر ڌرڻي دنيا جون ٿيليهون کڻي ته ڪنهن جي پٺيان ڪو نه ڦرندو آهي! هو فقط انهن جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا آهن.

”همٿ مردان مدد خدا.“

(ب)

حميد پڙهڻ ڇڏي ڏنو. نوڪريءَ جي تلاش ڪرڻ لڳو پر نوڪري ملڻ مشڪل هئي. سندس ماءُ کي مئي ٻه مهينا گذري چڪا هئا. ماڻس جي چار ڏوڪڙ ڇڏي ويئي هئي، سي به خرچ ٿي ويا. هينئر حميد ڏاڍو غمگين گذارڻ لڳو. سوچڻ لڳو ته ڇا ڪريان. ڪيئن گذارو ٿيندو؟

Text Box: هوُ ٿڪل هو، مايوس هو، سندس بدن ۾ سگهه ڪا نه هئي، پر اميد سندس ساٿ ڪو نه ڇڏيو. در در ڀٽڪي رهيو هو ته ڪنهن شخص کيس چيو، ميان! نواب مظفر بيگ کي هڪ هوشيار ۽ محنتي ۽ ايماندار منشي جي ضرورت آهي. اوڏانهن هليو وڃ، شايد تنهنجو ڪم ٿي پوي!  نواب صاحب هن شهر جو  هڪ وڏو رئيس آهي. سندس ڪارخاني ۾ سوين ماڻهو ڪم ڪن ٿا. حميد اتي پهچي ڏٺو، ته ڪيترا اميدوار بيٺا هئا. سندس دل سست ٿيڻ لڳي. پر وري ويچار ڪيائين ته ڇو دل لاهيان؟ ڪوشش ته ڪريان پوءِ جيڪي ٿيندو سو ڏٺو ويندو!“

ايتري ۾ نوڪر هڪ هڪ اميدوار کي نواب صاحب جي خدمت  ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو. نواب صاحب کي ڪو آدمي پسند ڪو نه آيو. آخر حميد کي سڏ ٿيو جو نواب صاحب کي ادب سان سلام ڪري بيهي رهيو.

نواب صاحب کانئس پڇيو  ڇا تون منهنجو ڪم منهنجي مرضيءَ مطابق ڪري سگهندين؟

جيءُ جناب! ضرور ڪري سگهندس. اوهان کي محنتي ۽ ايماندار ماڻهوءَ جي گهرج آهي. آئون اوهان جون سڀئي اُميدون پوريون ڪري سگهندس.

نواب صاحب حميد کي پيرن تائين تپاسيو. هڪ ئي نگاهه سان سمجهي ويو ته هن ڇوڪري جي حالت مسڪيني آهي. پوءِ چيائنس مگر مون کي ايماندار ماڻهو کپي.

آئون ايماندار آهيان.

بلڪل ٺيڪ، هن وقت کان وٺي تون منهنجو منشي آهين. آئون تو کي چاليهه رپيا ماهوار پگهار ڏيندس. حميد جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو. سِرُ نمائي جواب ڏنائين، اوهان جو عين احسان! ”چڱو، وڃ وڃي دفتر ۾ ڪم ڪر.“

(ج)

Text Box: گهڙي کن کان پوءِ نواب صاحب حميد کي پاڻ وٽ گهرايو. کيس ڪجهه ڪاغذ ڏيئي چيائين، ته هن ۾ مزورن کي ڏنل قرض درج ٿيل آهي، پر مزور سڀ اڻ پڙهيل آهن کين نڪي سمجهه آهي ۽ نه ئي حساب رکي ڄاڻن ته انهن ڏانهن منهنجا ڪيترا رپيا آهن.هيءَ فهرست ٻئي ڪاغذ تي نقل ڪر ۽ هر هڪ رقم کي ڪجهه قدر وڌائيندو وڃ. ڏهن جي جاءِ تي يارنهن ۽ چئن جي جاءِ تي سوا چار لکي ڇڏ. فهرست مون کي تمام جلد کپي!

حميد جي ڪن ۾ سندس ماءَ جو آخري چيل لفظ پڙلاءُ پيدا ڪرڻ لڳا ٿوري هٻڪڻ کانپوءِ چيائين، پر اوهان کي ته ايماندار ماڻهو کپندو هو! هيءَ ته اوهين بيمانيءَ جي فهرست تيار ڪرائڻ ٿا چاهيو مون کان اهو گناهه ڪين ٿيندو!

” ته بس نوڪري ڇڏي وڃ. مون کي اهڙي ماڻهو جي گهرج ڪانهي جو منهنجي حڪم جي بجا آوري نه ڪري.“

۽ مون کي به اهڙي نوڪري ڪا نه کپي، جنهن ۾ بي ايماني ڪرڻي پوي. ائين چئي فهرست نواب صاحب جي ميز تي کڻي رکيائين ۽ پاڻ ٻاهر نڪري ويو.

نواب صاحب کيس وري گهرائي چيو ڏس، ويچار ڪر، اُٻهرو نه ٿيءَ تون غريب آهين اهڙو موقعو موٽي هٿ ڪو نه ايندءِ!

حميد وراڻي ڏني ڀل نه اچي، پر مون کان بي ايماني هرگز ڪين ٿيندي. تڏهن ڇا ڪندين؟

ٻي نوڪري لاءِ ڳولا ڪندس.

۽ جي نه مليئي ته وري موٽي ايندين؟

هرگز نه مرندو مري ويندس پر هيڏانهن نه ايندس.

نواب صاحب چيس ته تون سخت غلطي ٿو ڪرين.

نه سائين هي غلطي ناهي. مون پنهنجي ماءُ سان جيڪو انجام ڪيو هو ته ايماندار ٿي رهندس، سو پورو ڪندس چاهي نوڪري ملي يا نه ملي.

حميد ائين چئي بي پرواهيءَ سان ٻاهر هليو ويو. نواب صاحب پنهنجي هڪ نوڪر کي چيو ته وڃ، وڃي ڏسي اچ ته سندس مڪان ڪٿي آهي ۽ هو هينئر ڪيڏانهن ٿو وڃي؟

(د)

ٻه ڏينهن گذريا. حميد سخت ڪوشش ڪئي ته ڪٿي نوڪري ملي وڃي، پر ڪامياب ڪين ٿيو. ٿڪجي گهر موٽي آيو ۽ کٽ تي ليٽي روئڻ لڳو. ٻن ڏينهن کان ويچاري کي مانيءَ ڀور به نصيب نه ٿيو هو. ايتري ۾ ڪنهن دروازي تي کڙڪو ڪيو. حميد اٿيو  ۽ وڃي دروازو کوليائين. ڏٺائين ته سامهون نواب مظفر بيگ بيٺو آهي. کيس ادب سان سلام ڪيائين. نواب صاحب چيس ته مون کي خبر آهي ته تو کي ڪٿي به نوڪري ڪا نه ملي آهي. ۽ تون ٻن ڏينهن کان بکايل آهين. هينئر ٻڌاءِ تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟

ساڳيو ارادو، جيڪو شروع ۾ هو.

يعني اڃا به منهنجي نوڪري نه ڪندين؟

حميد خاطريءَ سان جواب ڏنو: هرگز نه ڪندس. مون کان بي ايماني ڪين ٿيندي.

ڇوڪرا تو کي ضد ڇڏڻو پوندو نه ته بک ۾ پاهه ٿي ويندين.

فڪر نه آهي. آئون ايمانداري ڪڏهن ڪين ڇڏيندس.

ائين چئي اُٿي بيٺو، پر ٻن ڏينهن جي بک سندس بدن جي طاقت کسي ورت هئي. اکين اڳيان انڌارو ڇائنجي ويس ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو.

نواب دل ۾ چيو ڪهڙو نه نيڪدل نينگر آهي؟ بک مرڻ پسند اٿس پر ايمان ڇڏڻ منظور نه اٿس! ضرور ڪنهن ڏينهن نالو ڪڍندو. اهو خيال ڪندي يڪدم گهڙي مان پاڻي ڀري حميد جي منهن تي ڇڻڪايائين. حميد هوش ۾ آيو ته نواب صاحب کيس چيو پيارا حميد اُٿ! آئون تنهنجي ايمانداريءَ جي پرک وٺي رهيو آهيان. تو ثابت ڪيو ته تون نهايت ايماندار آهين. هينئر تو تي هر حالت ۾ اعتبار ڪري سگهندس. تنهنجو پگهار سَٺُ رپيا ماهوار ٿيندو.

حميد جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي. حيرت ۾ اکيون ڦاڙي، نواب صاحب ڏانهن  نهارڻ لڳو. شايد خيال هئس ته هيءَ سڀ  خواب آهي. هن ڳالهه کي ڪيترا ورهيه گذري چڪا آهن. اڄ ڪلهه به حميد ان دفتر ۾ ڪم ڪندو آهي. پر اڄ هو معمولي منشي نه آهي نواب صاحب جي سڄي ڪارخاني جو عام مختيار آهي. سندس پگهار سَٺُ رپيا نه پر ڇهه سو رپيا ماهوار آهي. هڪ  عاليشان بنگلي ۾ رهندو آهي. وٽس ڪيترا نوڪر آهن. پر ايمانداريءَ ۾ اڄ به اهڙو ئي صاف ۽ پختو آهي. جهڙو اُن ڏينهن هو، جڏهن نوڪريءَ لاءِ ڦري رهيو هو ۽ مانيءَ ٽڪر لاءِ محتاج هو.

 

 

ٻارنهن شهزاديون

ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه ملڪ شام تي حڪومت ڪندو هو. جنهن کي ٻارنهن شهزاديون هيون. جن مان هر هڪ، ٻيءَ کان وڌيڪ سهڻي هئي. اهي سڀئي هڪ ئي ڪمري ۾ سمهنديون هيون، جتي سندن پلنگ هڪ ٻئي جي ويجهو قطار ۾ رکيل هوندا هئا. رات جو جڏهن شهزاديون سمهنديون هيون ته بادشاهه زناني محلات جي ٻاهرئين در کي ڪلف ڏياري ڇڏيندو هو. صبح جو جڏهن بادشاهه ڪلف لهرائي، در کولي ڏسندو هو ته شهزادين جون جتيون ٽونگ ٽونگ ٿي پيون هونديون هويون ۽ هن کي حيرت لڳندي هئي ته ائين ڇو پيو ٿئي. نيٺ بادشاهه هڪ ڏينهن اعلان ڪرايو، جنهن ۾ پڌرو ڪيائين ته ”جيڪو به ماڻهو اهو ڳجهه ظاهر ڪري ڏيندو ته ڪهڙي سبب شهزادين جون جتيون رات وچ ۾ ٽُنگ ٽُنگ ٿي پون ٿيون، ته ان شخص کي ٻارنهن شهزادين مان هڪڙي جو سَڱُ ڏيندس ۽ منهنجي تخت جو وارث به اهو ٿيندو، پر جيڪو به انهيءَ راز کي ٽن راتين ۽ ٽن ڏينهن اندر ظاهر ڪري نه سگهندو ته ان کي جهنگ ڏانهن روانو ڪيو ويندو.“

ٿورڙا ڏينهن گذريا ته ڪنهن ڀر واري ملڪ جو هڪ شهزادو اچي حاضر ٿيو. چي: ”آئون ٿو اهو راز ظاهر ڪيان!“ شهزادي جي ڏاڍي مان شان سان مرحبا ڪئي وئي ۽ شام جو شهزادين جي سمهڻ واري ڪمري جي ڀر واري ڪوٺي ۾ آڻي کيس ويهاريائون جتي هن جي سمهڻ لاءِ بسترو به موجود هو، هن جو مُک ڪم هو ان معاملي  جي جاچ ڪرڻ ته شهزادين جي ڪمري ۾ رات جو ڇا پيو ٿئي؟ پر شهزادي جي اها بدبختي هئي جو جلد ئي ننڊ اچي ويس ۽ هو سمهي رهيو پوءِ جڏهن صبح جو ڏٺائين ته ٻارنهن ئي شهزادين جون جتيون ڇڳل ۽ سوراخ سوراخ ٿي ويون هيون. اهي شهزاديون اصل ۾ پرستان جي ڪنهن بادشاهه جي محل ۾ رهندڙ شهزادن جي محل ۾ ناچ ڪرڻ وينديون هيون. ڇاڪاڻ ته سندن جُتين ۾ گهڻي ناچ ڪرڻ ڪري ٽنگ پئجي ويندا هئا. ٻيءَ رات ۽ ٽين رات به شهزادي جو اهو ئي حال ٿيو، يعني هر رات هن کي ننڊ کنيو ويندي هئي. آخر شهزادين جي ناچ جو راز هو لهي ڪين سگهيو ۽ پوءِ هن کي جوڳيءَ وارو گيڙو ويس پهرائي مرُلي هٿ  ۾ ڏئي جهنگ ڏانهن روانو ڪيو  ويو.

تنهن کانپوءِ ڪيترائي شهزادا ۽ سردار اهو ڳجهه لهڻ لاءِ آيا، پر انهن جي به حالت اها ئي ٿي، يعني اڳي يا پوءِ سڀئي جوڳي بڻائي جهنگ ڏانهن روانا ڪيا ويا. ائين ٿيندي ٿيندي هڪڙي ڏينهن هڪڙو غريب سپاهي، جنهن لڙائي ۾ ڏاڍا گهاءَ کاڌا هئا. اچي انهيءَ شهر مان لنگهيو، اتي هڪڙي ڪراڙي زال بيٺي هئي. جنهن انهيءَ سپاهي کي ڏسي ورتو، جنهن اچڻ جو کانئس سبب پڇيو. سپاهيءَ ڀوڳ ۾ کيس کلي چيو ته ”ٻارنهن شهزادين جي راز لهڻ لاءِ پيش ٿيو آهيان.“ ڪراڙيءَ زال، سپاهيءَ جي ڳالهه کي سچ سمجهيو ۽ چيائنيس ته ”اها ڳالهه اهڙي مشڪل به نه آهي، جهڙي تون سمجهين ٿو. تو کي فقط اهو ڪرڻو آهي جو رات جو شهزاديون جيڪو شربت پيئڻ واسطي ڏين سو نه پيئج ۽ ننڊ جو اهڙو ڍونگ ڪج جو ڄڻ گهريءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهين!“ ائين چئي پوڙهي هڪ وڏو جُبو هن کي ڏنو ۽ وڌيڪ چيائنيس ته ”هيءُ جيڪڏهن مٿان پائيندين ته ڪنهن کي به نظر نه ايندين ۽ ڪو به تو کي ڏسي ڪين سگهندو. پوءِ تون ڀلي شهزادين جي پويان هوريان هوريان وڃجانءِ ۽ ڏسجانءِ ته هو ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟“

سپاهي اها نصيحت ٻڌي تکو تکو اڳتي وڌيو ۽ وڃي بادشاهه جي دربار ۾ اعلان ڪيائين ته ”منهنجو سر به شهزادين جي راز لهڻ لاءِ حاضر آهي.“ پوءِ هن جي به کانئس اڳي آيلن وانگر وڏي شان ۽ مانَ سان آجيان ڪئي وئي ۽ کيس شاهي وڳا پهرڻ لاءِ ڏنا ويا. سمهڻ وقت هن کي انهيءَ ساڳئي ڪمري ۾ وٺي آيا، هُن رات جو جڏهن بستري تي ليٽڻ ٿي گهريو، ته سڀ کان وڏي شهزادي هن کي هڪ شربت جو ڀريل پيالو آڻي ڏنو پر هن ان مان هڪ ڍُڪ به ڪو نه پيتو. سارو شربت هڪ ٿُلهي ڪپڙي جي ٽڪر منج هاري ڇڏيو. جو هن پنهنجي کاڏيءَ هيٺ ٻڌي ڇڏيو هو ۽ شربت کي اهڙي نموني هاريو جو اهو ان ٿلهي ڪپڙي ۾ جذب ٿي ويو پوءِ هي ليٽي پيو ۽ گهڙي کانپوءِ کونگهرا هڻڻ لڳو. ٻارنهن ئي شهزادين هن جا کونگهرا ٻڌا ۽ سڀني کان وڏي شهزادي ٽوڪ وچان کلندي چيو ”هن سپاهيءَ کي آخر تڪليف وٺڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟“ پوءِ هنن پنهنجون پيتيون ۽ ڪٻٽ کوليا  ۽ اعليٰ قسم جي لباسن سان پاڻ کي سينگاريائون ۽ خوشيءَ ۾ ايتريون پئي ٻهڪيون ڄڻ ته ڪنهن جشن ۾ وڃڻيون هيون. سڀني کان ننڍي شهزادي غمگين نظر ٿي آئي چيائين ته ”خبر نه آهي ته ڇو اوهين ايتريون خوش آهيو، پر آئون محسوس ٿي ڪريان ته اڄ اسان تي ڪنهن قسم جي تڪليف اچڻ واري آهي.“ وڏي شهزادي چيو ”تون بي عقل آهين! هت ڇا آهي ، خوف نه ڪر، تو کي خبر نه آهي ته ڪيترن ڏاهن، پهلوانن ۽ شهزادن اسان جي راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن اهي ڪوششون اجايون ٿيون. سپاهي کي ننڊ آڻڻ جو پيالو پياريو آهي ۽ يقين سمجهه ته هو صبح جو ئي سجاڳ ٿيندو.“ جڏهن هو وڃڻ واريون ٿيون تڏهن هنن سپاهيءَ ڏي  نهاريو. ڏٺائون ته سپاهيءَ جون اکيون پوريون پيون هيون ۽ هو گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو.  وڏي شهزادي پوءِ پلنگ جي سيراندي تي ”لُڪ لُڪ“ ڪئي، ته فرش چيرجي ٻه اڌ ٿي پيو ۽ سندس پلنگ ان ۾ هيٺ پيهي ويو. پوءِ هو فرش واري در مان هيٺ ٿيون. جڏهن سپاهي انهن جي هلچل ڏٺي ته اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪراڙي وارو جُبو کڻي ڍڪيائين ۽ ننڍي شهزاديءَ جي پويان هلڻ  لڳو. تڪڙو هلندي هن جو پير شهزاديءَ جي پوتي جي پَلو تي اچي ويو. شهزادي ڊپ وچان دانهن ڪئي. ”الائي ڪير منهنجي پوتي پويان ڇڪي رهيو آهي؟“ وڏي ڀيڻ چيس ”بي عقل نه ٿي، ڪپڙو انگهه ۾ اٽڪيو هوندو!“ پوءِ هو وڃي تر تائين پهتيون، اتي وڻن جي قطار هئي. جنهن هيٺ وڃي بيٺيون. انهن وڻن جا پن روپا ۽ ميوا سونا هئا. اهي هوا ۾ پئي لڏيا، اتي سپاهيءَ خيال ڪيو ته بهتر آهي ته هڪڙو پَنُ هتان شاهدي طور کڻان. سو هٿ وجهي وڻ مان ننڍڙي ٽاري ڀڳائين ته ان جو ٽڙڪاٽ ٿيو، اهو آواز ٻڌي ننڍي شهزاديءَ رڙ ڪئي ”هاڻ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي! اوهان آواز نه ٻڌو؟“ وڏي ڀيڻ هن کي ماٺ ڪرايو ۽ چيائنيس ته ”اهو بندوقن ڇٽڻ جو آواز آهي. پرستان جا شهزادا اسان جي استقبال واسطي بندوقون پيا ڇوڙين.“ هو اڳتي هلي وڻن جي ٻن قطارن جي وچ ۾ آيا، جن جا پن هيرن جا، ميوا جواهرن جا هئا. سپاهي انهن مان به هڪ ٽاري ڇني هٿ ۾ ڪئي. پر ٽاري جي ٽٽڻ جو اهڙو ٺڪاءُ ٿيو جو سڀ دهلي ويون. ننڍي شهزادي ڊپ مان اٿي ٽپ ڏنو پر وڏي ڀيڻ چيس ته: ”هي سلاميءَ جا ٺڪا آهن.“ تنهن کانپوءِ ڍنڍ وٽ آيون، جنهن جي ڪناري تي ٻارنهن بتيلا لنگر هنيو بيٺا هئا ۽ هر هڪ ۾ سهڻو شهزادو ويٺو هو. سڀئي وڃي بتيلن تي جوڙي جوڙي ٿي وڃي ويٺيون. پرستان جي هڪ شهزادي پڇيو ”ڪهڙو سبب آهي جو اسان جي ٻيڙي اڄ ڳَري پئي لڳي. آئون ان کي چوري به مس ٿو سگهان.“ ننڍڙي شهزاديءَ چيو ته ”هوا گرم آهي، جو تو کي ڏکيائي ٿي ٿئي“ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هڪ عاليشان وڏو قلعو هو، جنهن ۾ اندر هڪ خوبصورت محلات هئي. جيڪا بتين جي روشني ۾ ائين پئي ٻهڪي ڄڻ ٽمڪندڙ تارن وارو آسمان زمين تي لهي آيو آهي. محلات جي اندران هڪ سريلو آواز پئي آيو. پوءِ سڀئي ڪناري تي لٿا ۽ گڏجي قلعي اندر گهڙيا. اتي هر هڪ شهزاديءَ گيت ٻڌايا ٿي ته ٻين شهزادين رقص ٿي ڪيو. ان ريت سمورين شهزادين جي راڳ کانپوءِ شهزادن به گيت ٻڌايا ۽ ناچ ڪيو. سپاهي به ساڻن گڏ پئي نچيو. نچندي، نه ڏسڻ ۾ ايندڙ سپاهيءَ جو هٿ اوچتو هڪ شهزاديءَ کي لڳي ويو، جنهن شهزاديءَ کي ڏڪائي ڇڏيو پر اڳي وانگر وڏي شهزادي وري به هن کي ماٺ ڪرائي. اهڙي طرح هو نچي رهيا هئا ته سڀني شهزادين جون جتيون ڀڄي ڀري سوراخدار ٿي پيون، ان ريت شهزادين کي لاچار وڌيڪ ناچ بند ڪرڻو پين.

موٽڻ مهل جڏهن شهزاديون ڏاڪڻ وٽ پهتيون، تڏهن سپاهي اڳ ۾ وڃي بستري تي سمهي پيو، جڏهن شهزاديون ٿڪ وچان پير گهلينديون ۽ اوٻاسيون ڏينديون ڪمري ۾ آيون ته سپاهي مِکر ۾ زور سان کونگهرا پئي هنيا. پوءِ شهزاديون قيمتي ڪپڙا لاهي جتين کي لتن سان ڌڪي پري اُڇلائي پنهنجي پنهنجي پلنگ تي ڪري پيون ۽ گهري ننڊ ۾ سمهي رهيون. ٻئي ڏينهن سپاهي ڪنهن سان به ڳالهه ڪا نه ڪئي. ٻيءَ رات به هن اهو ساڳيو تماشُو ڏٺو، جيڪو هن پهرئين رات ڏٺو هو. ٻي رات نشاني طور وڻن جي پنن ۽ ميون بدران هن هڪ شربت وارو خالي پيالو جُبي ۾ لڪائي کنيو ۽ اهو ٻاهر کڻي آيو. جڏهن اها گهڙي آئي ته بادشاهه وٽ وڃي حاضر ٿيو. بادشاهه پڇيس: ”ٻڌاءِ سپاهي خان! شهزادين جون جتيون هر رات جو ٽنگ ٽنگ ٿي پروڻ ڇو ٿيون ٿين؟

سپاهيءَ جواب ڏنو ” بادشاهه سلامت پهرين پنهنجي جان جي امان گهران ٿو! پوءِ عرض ڪريان ٿو ته تنهنجون ٻارنهن ئي شهزاديون پرستان جي بادشاهه جي  ٻارنهن شهزادن سان زير زمين محلات ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃن ٿيون، جتي راڳ به ڳائن ٿيون ۽ نچن به ٿيون، جنهنجي ڪري سندن جتيون ٽٽيو پون. هن شاهديءَ لاءِ اتان آندل نشانيون ڪڍي ظاهر ڪيون. انهيءَ تي بادشاهه پنهنجي شهزادين کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ کانئن پڇيو ”ته ڇا هيءُ سپاهي سچ ٿو ڳالهائي؟“

شهزادين جون جتيون سوراخدار ٿي ڇڄي پوڻ وارو ڳجهه ظاهر ٿي پيو، ههڙين شاهدين ۽ ثابتيءَ وارين شين جي سامهون انڪار ڪرڻ اجايو آهي، انهيءَ ڪري شهزادين سڄو قصو قبول ڪيو ۽ ٻڌايو ته اهو جادوءَ جي ذريعي پرستان جا شهزادا اسان کان ڪم وٺندا هئا. ڳالهه کلڻ سان ئي پرستان جو جادو شهزادين تان لهي ويو هو جادوءَ جي اثر کان آزاد ٿي ويون. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن هو شاهي باغ ۾ گهمي رهيون هيون ته پرستان جي شهزادن سندن ڪچهري ۽ مذاق ۾ ڳايل گيت ٻڌي ورتا ۽ رقص ڏسي چريا ٿي پيا ۽ جادوءَ جي ذريعي کين هر رات گهرائي سندن رقص ڏسندا هئا. پوءِ بادشاهه سپاهيءَ کان پڇيو ته ”تون منهنجي ڪهڙيءَ شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ گهرين ٿو؟“ سپاهي جواب ڏنو ته ”جنهن حالت ۾ آئون پاڻ جواني کان هٽي چڪو آهيان تنهنڪري مان تنهنجي شهزادين مان سڀني کان وڏيءَ سان شادي ڪندس.“ اهڙي طرح ٻنهي جي شادي ڪرائي وئي ۽ سپاهي بادشاهيءَ جو وارث بنجي ويهي رهيو.

ڪجهه عرصي ۾ سمورين شهزادين جون شاديون ڀرپاسي جي ملڪن جي شهزادن سان ٿي ويون ۽ نيٺ پوڙهو بادشاهه ۽ راڻي به گذاري ويا، تنهن کانپوءِ ملڪ شام تي ساڳيو سپاهي پنهنجي راڻيءَ سان گڏ انصاف سان حڪومت ڪرڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com