ڇپائيندڙ پاران
دنيا جي هر عظيم قوم جا ڪامياب نسل پنهنجي معياري
ٻاراڻي ادب منجهان اُتساهه حاصل ڪندا آهن. انهيءَ
ڪري ئي سجاڳ ۽ سڄاڻ قومن جا ليکڪ ۽ علمي ادارا
ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ خاص اُپاءَ وٺندا
آهن. ڇو ته کين چڱيءَ ريت اها سُڌ هوندي آهي ته هر
قسم جي ناانصافيءَ ۽ ڏاڍ کان آجي سماج جي اڏاوت ان
ريت ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اهڙا سماج پنهنجي آئيندي،
يعني ٻارن لاءِ اعليٰ اخلاقي ۽ علمي ادب سرجيندا
آهن يا دنيا جي ٻين قومن جي ٻاراڻي ادب مان علمي
شهپارا هٿ ڪري، انهي کي پنهنجي ٻوليءَ جو ويس
پهرائي پنهنجي سماج ۾ پکيڙيندا آهن.
انهيءَ ساڳئي حوالي سان سنڌي سماج ۾ ٻاراڻي ادب جي
ڦهلاءَ خاطر، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده انتظاميا
تمام گهڻا اُپاءَ وٺي رهي آهي. ٻاراڻي شاعري،
ٻاراڻيون آکاڻيون، عالمي شخصيتن جي آتم ڪٿا ۽ ٻين
انيڪ موضوعن تي مسودا هٿ ڪري ڇپرائڻ لاءِ مختلف
مرحلن ۾ داخل ڪيا ويا آهن.
هن ڪتاب ”آکاڻيون“ (ڀاڱو ٻيو) جو مسودو سنڌي ادبي
بورڊ جي مخلص ڪارڪن، لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي نامياري
عالم ۽ اديب محترم ولي محمد طاهر زادي ڪيترائي
ورهيه اڳ تيار ڪيو هو، جنهن کي سُوڌي سنواري سنڌي
ادب ۽ علم جو آئيندو اڏيندڙن لاءِ پيش ڪيو ويو
آهي. اميد آهي ته سنڌ جي مستقبل جا معمار هن ڪتاب
جو اڀياس پيار ۽ توجهه سان ڪندا ۽ ان ۾ موجود ڄاڻ
۽ علم جا نُڪتا هينئين سان هنڊائيندا.
(انعام الله شيخ)
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
ڇنڇر 4 ذوالقعد 1426هه
بمطابق 7 ڊسمبر 2005ع
نالو قائم ڪيئن
رهندو؟
سليمان جي ذهن ۾ هڪ خيال هو ۽ دل ۾ هڪ آرزو، ته
ڪنهن ريت منهنجو نالو زندهه رهي!
هڪ
ڏينهن درياءَ جي ڪناري تي ويو. واريءَ جا ڍڳ لڳا
پيا هئا، پنهنجي آڱر سان واريءَ تي پنهنجو نالو
لکيائين ۽ اُن کي ڏسندو ڏسندو ڳچ وقت تائين خوش
ٿيندو رهيو پر جڏهن درياءَ مان وهنجي نڪتو، تڏهن
واريءَ تي لکيل سندس نالو ڊهي ويو هو. اُتان ڪيترا
ماڻهو ۽ جانور ٿي لنگهيا، انهن جي پيرن هيٺان اچي
ريتيءَتي ليڪي سان لکيل نالي جو بچڻ محال هو.
سليمان کي پنهنجي نالي جي ميسارجي وڃڻ جو ڏاڍو ڏک
ٿيو ۽ ٻارن جيان اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو ۽ غمگين ٿي گهر
موٽي آيو. ان کان پوءِ هڪ ڪوئلو کنيائين ۽ شهر جي
ديوار تي نهايت خوبصورت ۽ چٽن اکرن ۾ پنهنجو نالو
لکيائين. ويجهو ۽ پري کان ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيندو
هو. هڪ ڏينهن شام جو شهر جي ننڍن ننڍن ٻارن اچي
سندس نالي تي ايتريون ليڪون ڪڍيون، جو نالو نظر
کان غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن جڏهن ڏٺائين، ته سندس
نالي جو نشان به ڪو نه آهي، تڏهن غم ۽ درد وچان،
سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا، پٽ تي ويهي کن پل لاءِ
رُنو.
اوچتو سندس دل ۾ هڪ نئون خيال پيدا ٿيو. هڪ تيز
چاقو کنيائين ۽ وڃي هڪ وڻ جي ٿُڙَ تي پنهنجي نالي
جا حرف اُڪيري ڇڏيائين. مالهيءَ کيس چيو ته جيئن
جيئن وڻ وڏو ٿيندو ويندو، تيئن تيئن اهي اکر به
وڏا ٿيندا ويندا پر اتي به بس ڪا نه ڪيائين. شهر
جي ديوار جي هڪ وڏي پٿر تي به سبل سان پنهنجو نالو
اُڪيري ڇڏيائين. ان وقت هڪ سنگتيءَ چيس ته هينئر
تنهنجو نالو پٿر تي ليڪ آهي. ان جو مٽجي وڃڻ هاڻ
ناممڪن آهي! هيءُ ٻڌي سليمان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو.
ايتري خوشي ٿيس، جو رات جو ننڊ به ڪين آيس. سليمان
هر روز ان پٿر ۽ وڻ وٽ وڃي، پنهنجو اُڪريل نالو
ڏسي، خوش ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح هڪ سال گذري ويو.
اوچتو سخت طوفان لڳو، سوين وڻ پاڙئون پٽجي ويا.
ٻئي ڏينهن سليمان وڃي ڏٺو ته سندس نالي وارو وڻ
هيٺ زمين تي ڪريو پيو آهي ۽ مزدور ان کي ٽڪرا ٽڪرا
ڪري ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ڪري رهيا آهن. نالي جي
خواهشمند سليمان جو نالو به ڪپجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي
ويو. ماڻهن سندس نالي واري ڪاٺي جلائي خاڪ ڪري
ڇڏي. اها صورتحال ڏسي، سليمان ڏاڍو ملول ۽ ڏکارو
ٿيو. سندس دل غم جي بار هيٺ دٻجي ويئي. اڃا اهو
درد ئي دور ڪين ٿيو هوس ته رات جو ڌرتي ڌُٻي، شهر
جي ديوار اچي پٽ تي پيئي.
ٻئي ڏينهن ٻاهر ويو ته ڇا ڏسي ته اُن پٿر
جو به پتو ئي ڪونهي، جنهن تي سبل سان هن پنهنجو
نالو اُڪيريو هو.
سليمان حيران پريشان هو، ته ڇا ڪريان! پنهنجو نالو
ڪيئن قائم رکان! گهڻوئي مٿو کپايائين پر سندس عقل
ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي بيٺو.
ائين ڪيترا ڏينهن گذري ويا، سندس دل کي اها لوري
لڳي ئي رهيس! نه کاڌي جو خيال هئس نه ڪپڙن جي
پرواهه، کيس فقط هڪ ئي خواهش هئي، ته ڪيئن سندس
نالو قائم رهي!؟
انهيءَ سوداءَ ۾ پيو گهمندو وتندو هو ته هڪ ڏينهن
کيس هڪ پير مرد گڏجي ويس، جنهن پڇيس ”ٻچا! تون
مايوس ڇو ٿو ڏسجين؟“
سليمان هن بزرگ کي سڄو قصو ڪري ٻڌايو ۽ چيو ته
منهنجي مرضي آهي ته منهنجو نالو قائم رهي پر ڪو به
طريقو نٿو سُجهي. انهيءَ فڪر ۾ ڳرندو ٿو وڃان.
جي تو کي طريقو ٻڌايو وڃي ته ان تي عمل ڪندين؟
”ڪندس ڪندس. ضرور ڪندس.“ سليمان تڪڙ ۾ چيو.
پير مرد چيس ”ٻچا، تو پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ
جيڪي پئي ڪيو آهي. سو بيڪار ثابت ٿيو آهي. ڪيترا
ماڻهو تو کان به اڳڀرو ويندا آهن. اهي مسافر خانو
ٺهرائيندا آهن، کوهه کوٽارائيندا آهن، باغ
رکائيندا آهن ۽ انهن تي پنهنجو نالو رکائيندا آهن
پر ڪجهه سالن بعد ماڻهن کي سندن نالو به ياد ڪو نه
رهندو آهي. جيڪڏهن تو کي پنهنجو نالو قائم دائم
رکڻو آهي ته دنيا ۾ چڱايون ڪر ۽ هر ڪنهن سان نيڪي
ڪر، جنهن سان ٿي سگهي، تنهن سان ڀلائي ڪر. پنهنجو
نالو ڪاغذ، پٿر يا مڪانن تي نه لک پر ماڻهن جي
دلين تي لک. ڪاغذ ڦاٽي ويندا. پٿر ڀُري ويندا،
مڪان ڊهي ويندا پر انسان جي دل تي ڇپيل نالو قيامت
تائين قائم رهندو. حضرت محمد صلعم ۽ حضرت عيسيٰ
عليه السلام کي لاڏاڻو ڪري ويندي به هزارين ورهيه
گذري چڪا آهن ته به سندن مبارڪ نالو اڃا قائم آهي
۽ قائم رهندو. هوڏانهن حاتم طائي ۽ مدر ٽريسا،
علامه آءِ آءِ قاضي، ايلسا قاضي، حڪيم سعيد جا
مثال به ڏس! مطلب ته نالو نيڪيءَ سان ئي قائم
رهندو.
اهو ٻڌي سليمان جون اکيون خوشيءَ وچان چمڪڻ لڳيون
۽ سندس چهرو گل جيان ٽڙي پيو. پير مرد بزرگ کي
چيائين، ”سائين! اوهان سچ ٿا چئو آءٌ به پنهنجو
نالو ماڻهن جي دلين تي اُڪيرڻ جي ڪوشش ڪندس. ائين
چئي، پير مرد کي سلام ڪري چڱائي ڪرڻ واري رستي تي
هلندو رهيو.
وڏن ماڻهن جون
ڳالهيون
هڪڙي ڀيري اونهاري جي مند ۾، ڪو بادشاهه نديءَ جي
ڪناري تي پنهنجي وزير سان گڏ سير ڪري رهيو هو.
ڳالهين ڪندي بادشاهه چوڻ لڳو، ”اونهاريءَ جي گرمي
۾ نديءَ ۾ وهنجڻ سان ماڻهو راحت ۽ فرحت محسوس ڪن
ٿا، پر ساڳيءَ نديءَ ۾ جي ڪو سياري جي سرد رات جو
گهڙي ته امالڪ اُتي جو اُتي مري وڃي.“
اهو ٻڌي وزير چيو ، عالم پناهه! گستاخي معاف ٿئي،
مان ڀانئيان ٿو ته ائين صحيح ناهي. غريب مهاڻا
گرمي توڙي سياري جي مُند ۾ درياءَ جي ڪناري تي
رهندا آهن. انهن مان ڪو به هڪڙي رات درياءَ ۾ رهي
سگهي ٿو.
بادشاهه کي وزير پاران پنهنجي ڳالهه جي رد ڏيڻ تي
جوش اچي ويو. چيائين، ائين هرگز نٿو ٿي سگهي. پر
وزير پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. تڏهن بادشاهه
چيو، ته چڱو جي سياري ۾ ڪنهن هڪ رات جو ڪو ماڻهو،
فقط لانگوٽ ٻڌي. نديءَ ۾ سڄي رات سج اُڀرئي تائين
بيهي ڏيکاري ۽ جيئرو بچي ته آئون کيس پنج هزار
اشرفيون انعام ڏيندس. وزير مرڪي چيو، عالم پناهه!
اها ڳالهه قبول آهي. بادشاهه چيو ۽ ”جي مري ويو
ته؟“
وزير وراڻيو ته ”پوءِ آئون ڏهه هزار اشرفيون ڏنڊ
ڀري ڏيندس!“
بادشاهه چيو ”چڱو، پر شرط اهو آهي ته رات چانڊوڪي
نه پر اونداهيءَ جي هوندي.“
وزير پڇيو ”ان ۾ ڪهڙي مصلحت آهي؟“
بادشاهه جواب ڏنو ”چانڊوڪيءَ ۾ ته درياءَ تي موج
لڳي پئي هوندي آهي سو متان ان ڪري هن کي سرديءَ جي
تڪليف گهٽ محسوس ٿئي پر اونداهيءَ رات ۾ سرد
پاڻيءَ ۾ کيس دل پرڀائڻ جو ڪو به ذريعو نه ملندو.“
هيءَ ڳالهه مڙ ئي عجيب هئي پر وڏن ماڻهن جون
ڳالهيون ته اجهو اهڙيون ئي ٿينديون آهن، سو وزير
چپ چاپ مرڪي شرط جو اهو اصول به مڃيو.
بادشاهه پنهنجي محل ڏي هليو ويو. ٽئين چوٿين ڏينهن
بادشاهه پنهنجي وزير کي سندس شرط ياد ڏياريندو
رهيو ۽ وزير اطمينان سان ها ڪندو رهيو. اهڙيءَ طرح
ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. سرديون اڃا اوج تي ڪو نه
هيون ته هڪ ڏينهن بادشاهه وزير کي چيو هاڻي به مڃي
وڃ. مان نٿو چاهيان ته هن اجائي ڳالهه ڪري تنهنجي
مٿان ماڻهو کلن. ڇو ته اهو تنهنجي عقلمنديءَ تي
داغ لڳي ويندو پر وزير پڪي ۽ پختي ارادي سان چيو
ته عالم پناهه، توهان ان جو خيال نه ڪريو.آئون اڄ
به يقين سان ٿو چوان ته اهڙيءَ ريت سياري جي رات
پاڻيءَ منجهه گذارڻ سان ماڻهو مري نٿو سگهي!خير،
وقت آيو ته توهان ڏسي وٺجو.
جڏهن پوه جا پارا پوڻ لڳا سردي اچي وئي ۽ وڻن جا
پن ڦڪا ٿي ويا ۽ نديءَ ۾ پاڻي گهڻو سڪي ويو، تڏهن
هڪ ڏينهن بادشاهه شهر ۾ پڙهو گهمارايو ته جيڪو
ماڻهو رڳو لانگوٽ ٻڌي نديءَ ۾ سڄيءَ رات سج اڀرئي
تائين بيهندو ۽ صبح جو صحيح سلامت بچي نڪرندو ته
کيس پنج هزار اشرفيون انعام ملنديون، جنهن کي اهو
شرط منظور هجي سو سڀاڻي دربار ۾ اچي حاضر ٿئي.
گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ باهه جيان اها خبر سڄي شهر ۽
آس پاس ڳوٺن ۾ پکڙجي وئي. هر ڪنهن پئي چيو ته ائين
ٿي نٿو سگهي. ڪو به ايڏيءَ ٿڌ ۾ ايترو وقت پاڻي ۾
زندهه بچي نه سگهندو. غريب هجي يا شاهوڪار، ساهه
ته هر ڪنهن کي مٺو آهي. سو ايڏي انعام جي لالچ
هوندي به ڪو هام هڻي نه سگهندو. ٻئي ڏينهن صبح جو
دربار ۾ هر ڪو شخص دل ۾ اهو شوق رکي آيو ته ڏسجي
ته انهيءَ شرط پوري ڪرڻ لاءِ ڪو پيدا به ٿئي ٿو يا
نه! دربار سڄو ماڻهن سان ڀيو پيو هو، اُتي تر ڇٽڻ
جيتر ي جاءِ به ڪا نه هئي. شهر مان ذري گهٽ سڀ
ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هئا پر سڀ تماشو ڏسڻ لاءِ.
منجهانئن ڪو به شرط مڃڻ لاءِ ڪين آيو هو. وقت
گذرندو پئي ويو. وزير گهڙي گهڙيءَ پاسا پئي بدلايا
۽ بادشاهه جو ن معنيٰ خيز نظرون وري وري مٿس پئي
پيون. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو غريب ماڻهو، شهر جي ڀرسان
هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجن پنجن ٻارن ۽ ماءُ پيءُ سان گڏ
رهندو هو. ڪٽنبُ هوس گهڻو ۽ گهر جا ڀاتي به اڪثر
بيمار رهندا هئس، تنهن ڪري ويچاري جي پورت ئي ڪا
نه پوندي هئي. اڪثر فاقا ۽ لنگهڻ ڪڍڻا پوندا هئن،
سو ڏاڍو پريشان رهندو هو. جڏهن کيس بادشاهه جي
هن شرط جي خبر پئي ته ويچاريائين ته ڇو نه داءُ
هڻي وٺان! جيئرو بچيس ته ايڏي دنيا! پر جي کڻي
مري ويس ته به ههڙي جنجل جي حياتيءَ کان ڇٽي
پوندس. سو ڇا ڪيائين جوگهر ۾ ڪنهن کي ٻڌائڻ بنا
گڏهه تي چڙهي، تڪڙو تڪڙو شهر ڏانهن ڀڳو. جڏهن
دربار جو وقت اچي ڀريو ۽ درباري اُٿڻ تي هئا ته هو
به سهڪندو سهڪندو اندر پهتو ۽ رڙ ڪري چيائين، مون
کي اهو شرط منظور آهي! سڀني جون اکيون وڃي مٿس
کتيون. وزير جو حوصلو وڌي ويو، بادشاهه کيس ڌڌڙ ۾
ڀريل ڏسي پڇيو جوان تون ڪٿان پيو اچين؟
”حضور! هن شهر جي ڀر واري ڳوٺ کان آيو آهيان.“
”تو کي خبر آهي ته شرط ڪهڙو آهي؟“
”عالم پناهه، مون کي سڀ خبر آهي.“
”چڱو! سڀاڻي رات جو شرط پوري ڪرڻ لاءِ، مقرر جڳهه
تي پهچي وڃجانءِ!“
ان کانپوءِ بادشاهه سلامت درٻار ختم ڪري، محل ڏي
روانو ٿيو. ٻيءَ رات سپاهين هن غريب شخص کي نديءَ
جي ڪپ تي آندو. شرط مطابق فقط لانگوٽ ٻڌي درياءَ ۾
اندر گهڙيو. هن کي اهڙي تانگهي هنڌ تي بيهاريائون،
جيئن هن جو منهن پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل هجي. سڏ کن
پنڌ تي، سپاهي باهه ٻاري ويٺا ۽ واري واري سان
ڪناري تي اچي هن شخص تي نگاهه ڪندا رهيا. هن
ويچاري کي ٿڌي پاڻيءَ ته جنسي ڏنگيو ٿي. بدن ۾
سياٽو پئي ٿيس، آخر به ته انسان هو! پريان بادشاهه
جا سپاهي باهه تي مزي سان توَ وٺي رهيا هئا.
اڃا سج ڪني مس ڪڍي هئي ته سپاهين بادشاهه کي اچي
اطلاع ڏنو ته ماڻهو جيئرو آهي! بادشاهه سخت حيران
ٿي ويو، کيس پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه پئي آيو. وري
وري ٿي سپاهين کان پڇيائين ۽ هنن به ساڳيو جواب
پئي ڏنو. وزير فتحمنديءَ جي مرڪ سان بادشاهه سلامت
کي چيو، عالم پناهه! اوهان ڏٺو نه هينئر!“
بادشاهه سپاهين کي حڪم ڪيو، ته غريب شخص کي هڪدم
حاضر ڪيو وڃي. ٿوري دير کانپوءِ سپاهي هن ماڻهو کي
بادشاهه وٽ وٺي آيا. جيتوڻيڪ هن کي سڄي رات برف
جهڙي ٿڌي پاڻيءَ هڻي سڪائي رکيو هو پر پوءِ به
انعام ملڻ جي خوشيءَ ۾ تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون
ڀريندو اچي بادشاهه جي محل ۾ پهتو. بادشاهه کانئس
پڇيو تون سڄي رات پاڻي ۾ بيهي، ڪهڙا سوچ ويچار
ڪندو رهين؟ |