سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: آکاڻيون (ڀاڱو پهريون)

 

صفحو : 3

جهرڪ جو گهر ڪو پري ڪونه  هو، هو   پنهنجي ٻارن  ٻچن سميت  بانس  جي هڪڙي وڻندڙ ننڍڙي گهر ۾ رهندو هو، جنهن جي چوگرد سهڻو باغ هو. اتي هڪ طرف هڪ جهرڻو هو ته ٻئي پاسي پاڻيءَ سان ڀريل ننڍڙيون ننڍڙيون نهرون پئي وَهيون، جن ۾ ويهڻ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا پٿر پيل هئا. جهرڪ جي زال، جو مهمان کي ڏٺو، سو طرح طرح جا کاڌا، مٺايون ۽ پڪل مزيدار ميوات کڻي آئي، مانيءَ کائڻ کانپوءِ جهرڪ جي وڏي ڌيءَ چانهه تيار ڪئي ۽ موقعي مطابق ڏاڍي ادب سان پنهنجي مهمان جي اڳيان آڻي رکيائين. اسان وٽ جيڪو غريباڻو کاڌو موجود هو، سو پيش ڪيوسين، جهرڪيءَ چيو، اسان کي معاف ڪجو وقت نه هئڻ ڪري اسين مناسب کاڌو تيار نه ڪري سگهياسين. ههڙي دوستاڻي دعوت ڏسي ڪراڙو خوشيءَ وچان اچرج ۾ پئجي ويو. هن چانهه جا ڪيترائي پيالا پيتا ۽ جڏهن هنن مٿس زور آندو، تڏهن اها رات اتي رهڻ لاءِ به راضي ٿيو. جهرڪ جي گهر جي چوطرف باغ جو نظارو اهڙو ته وڻندڙ هو ۽ اتي ايترو سارو ڪم هو جو ڪراڙي سڄو سارو هفتو اتي ئي رهڻ جو خيال ڪيو. Text Box: ههڙيون مهربانيون ۽ مهمانيون هن پنهنجي پوري ڄمار ۾ ڪڏهن به ڪين ڏٺيون هيون. تنهن ڪري سندس دل ۾ پنهنجن ننڍڙن دوستن لاءِگهڻي عزت پيدا ٿي. هو  آزاد ۽ سواءِ ڪنهن اوني جي زندگي گذاريندا هئا. ڪراڙو ڏينهن جو باغ جي سٺن سٺن ٻارن ۾ سير ڪندو هو يا جهرڪ جي ننڍڙي ڌيءُ سان پيو رانديون ڪندو هو. شام جو وري جهرڪي مهمان جي اڳيان طرح طرح جا کاڌا ۽ شربت آڻي رکندي هئي ۽ گڏوگڏ سٺا سٺا گيت ڳائيندي به هئي. هوڏانهن وري جهرڪ پنهنجي ڌيئرن سوڌو پيو نچندو، ٽپندو هو ۽ ڪراڙو پنهنجي تڪــلـيـفـن کـي وساري، هنن کي

نچندو ۽ ڳائيندو ڏسي خوشيءَ وچان پيو ٽڙندو هو. پر پنجين ڏينهن اوچتو هن کي خيال ٿيو ته آءٌ گهڻن ئي ڏينهن کان هنن وٽ رهيو پيو آهيان. تنهن ڪري هاڻي هلڻ گهرجي. اهو حال ڏسي جهرڪ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر لاچار هو. وڃڻ وقت جهرڪ ڪراڙي تي زور  رکيو، ته نشانيءَ طرح ڪا سوکڙي کڻي وڃي. ائين چئي، هو تندن جون ٺهيل ٻه ٽوڪريون هڪ ڳري ۽ ٻي هلڪي، کڻي آيو. هنن مان ڪا به هڪ يادگيريءَ خاطر چونڊي کڻو، هن چيو.

ڪراڙو ڏاڍو سمجهو ۽ لوڀ لالچ کان پري هو.  تنهن ڪري هن انهن مان هلڪي ٽوڪري کنئين ۽ گهڻن شڪرانن ۽ مهربانين مڃڻ کانپوءِ موڪلائي اٿي جهرڪ جي گهران روانو ٿيو. اوهان سمجهندا هوندوء ته ڪراڙي جي غير حاضري ۾ سندس زال ڏاڍي حيران پريشان ٿي هوندي ۽ کيس گهر ۾ واپس ايندو ڏسي خوش ٿي هوندي. نه ذرو به نه، اڃا ڪراڙي گهر ۾ پير ئي ڪو نه پاتو، ته جوڻس پٽ پاراتو ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. چي، ههڙا تهڙا! مون کي هتي اڪيلو ڇڏي ڪٿي وڃي غرق  ٿئين؟ آخر گهڻيءَ جهڳيءَ ٻڌڻ کانپوءِ هن جوءِ کي پنهنجي عجيب سفر جو حال ٻڌائي ماٺ ڪرائي ۽ کيس اها ٽوڪري به ڏيکاريائين، جنهن جو ڍڪ ٻنهي گڏجي لاٿو. سڄي ثوڪري سون، چانديءَ ۽ هيرن جواهرن سان ڀري پيئي هئي! هيترو سارو ڌن دولت ڏسي، مائيءَ جون واڇون ئي ٽڙي پيون. ٽوڪريءَ ۾ هڪ ٽوپي به پيل هئي، جنهن جي پائڻ ڪري ماڻهو گم ٿي ٿي ويو ۽ هڪڙو ڪتاب به هو، جنهن ۾ اهو ڪجهه لکيل هو جنهن جي پڙهڻ سان جيڪا طلب هجي سا پوري ٿئي. انهيءَ کان سواءِ هڪ ٻٽون به هو، جيڪو گهڻي خرچ ڪرڻ کانپوءِ به خالي نٿي ٿيو. پوڙهيءَ جي ڪاوڙ ته ڪجهه گهٽ ٿي ويئي، پر سندس ڦڪائيءَ کان ڏند ڪڍي کلڻ ڏسڻ وٽان هو. آئون به جهرڪ کان سوکڙي وٺي ٿي اچان، هن لالچ ۾ اچي چيو.

هن جي مڙس کيس گهڻو سمجهايس ته اوڏانهن نه وڃ، پر هن جي ڪا به ڪين هلي. مڙسهنس اهو ٻڌايس ته اسان وٽ ضرورت کان به گهڻو مال آهي، تنهن ڪري هنن کان وڌيڪ گهرڻ هڪ بيهودي ۽ لالچ واري ڳالهه ٿيندي پر لالچي مائيءَ تي انهن نصيحتن جو بنهه اثر ڪو نه ٿيو ۽ هو جتي پائي، ڇَٽي کڻي، جهرڪ جي گهر ڏانهن رواني ٿي. ڪراڙي ته اڳ ۾ ئي هن کي جهرڪ جي گهر جا پار پتا ٻڌايا هئس. تنهن ڪري جهرڪ جي گهر تائين پهچڻ ۾ هن کي ڪا به تڪليف ڪين ٿي. نيٺ جڏهن اتي پهتي، تڏهن هن ڏاڍي نرمائي ۽ نئڙت مان جهرڪ سان ڳالهايو. هن کي ڏسي جهرڪ کي ڪا به خوشي ڪين ٿي، پر آئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ پوڙهيءَ کي چانهه پيئڻ جي دعوت ڏنائين. جهرڪي ۽ سندس ڌيئرون ته مورڳو هن جي منهن تي ئي ڪو نه چڙهيون. شايد هنن کي خبر پئجي ويئي هئي ته هيءَ ڪهڙي مطلب سان آئي آهي. نيٺ هن چانهه پي پوري ڪئي ۽ جڏهن سوکڙيءَ ملڻ جو هن کي ڪو به آثار ڏڻ ۾ نه آيو تڏهن ٿوري دير ڪري پاڻ ئي ڳالهه چوريائين! جهرڪ ڪنڌ جهڪائي هيٺ نهارڻ لڳو. هُن ڪجهه به ڪو نه چيو، پر اٿي اندر ويو ۽ اڳي جهڙيون ٻه ٽوڪريون کڻي آيو، هن لالچڻ انهن مان ڳري ٽوڪري کنئي ۽ سواءِ ڪنهن مهربانيءَ مڃڻ ۽ سلام ڪرڻ جي اُٿي تڪڙي تڪڙي پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳي. هوءَ ٽوڪري کنيو اهڙي طرح پئي آئي، ڄڻ ته ڪا سوڀ کٽي هئائين پر بار کان تڪڙو هلڻ ڪري اچي سهڪو ٿيس تون ڪهڙو نه بيوقوف هئين، هن گهر پهچڻ سان مڙس کي چيو جو ههڙي ڳري ٽوڪري کڻي ڪو نه آئين. هن ۾ ته ٻيو مال هوندو. ائين چئي، چنبو هڻي ٽوڪري جو ڍڪ پئي لاٿائين، پر هيرن جواهرن بدران ثوڪريءَ مان مورڳو ڪيترا اهڙا اُڏامندڙ عجيب جيت نڪتا، جي ڏينڀن وانگيان اڏامي، ڀونڀٽ ڪري، اچي مائيءَ کي چهٽيا. انهن خوفناڪ جيتن ڪراڙيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏنگي سڄائي رکيو. ڪي ڏينهن ته مائي بستري داخل هئي ۽ پاڻ کي پئي سيڪيائين. سيکت اهڙي مليس جو آئينده سڀ ڏنگايون ڇڏي ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي پيئي. هوڏانهن هاڻي پوڙهو غريب مان ڦري امير ٿي پيو هو. هن رهڻ لاءِ هڪ شاندار جاءِ خريد ڪئي ۽ پيريءَ جي سک خاطر هڪ سلڇڻي ڇوڪر کي پنهنجو پٽ ڪري ورتائين، جنهن کي لالچ جي خطرن ۽ شريف رهڻ جي فائدن ٻڌائڻ مان ٿڪبو ئي ڪو نه هو.

 

شبنم پري

 

Text Box: پرستان ۾ هڪڙي ننڍي پري رهندي هئي. سندس نالو هو شبنم. جهڙو هوس نالو، تهڙي ئي هئي سُهڻي نازڪ، نفيس، خوش مزاج. کلئي هن جي ماءُ کي جڏهن به ڪجهه وقت ملندو هوس، تڏهن کيس قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي ته اسان جي هن دنيا کان الڳ، هڪڙي ٻي دنيا به آهي، جنهن کي انسانن جي دنيا ڪوٺجي ٿو ۽ ان ۾ فقط ماڻهو ئي رهندا آهن. اهڙيءَ ريت هوءَ هر روز شبنم کي رات جو ڪا نه ڪا آکاڻي ٻڌائي پئي وندرائيندي هئي. هڪ ڏينهن شبنم پنهنجي ساهيڙين سان راند پئي ڪئي ته اوڏيءَ مهل هڪڙي ساهيڙي هُن کي چوڻ لڳي ته اسين پريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهيون. شبنم جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن چوڻ لڳي ته ڀيڻ، اوهان جڏهن ته ماڻهن جي دنيا ڏٺي ئي ڪا نه آهي تڏ هن ڪيئن ٿيون چئو ته پريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهيون. شبنم جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن چوڻ لڳي ته ڀيڻ، اوهان جڏهن ته ماڻهن جي دنيا ڏٺي ئي ڪا نه آهي، تڏ هن ڪيئن ٿيون چئو، ته پريون انسانن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ ڪم واريون آهن؟ اهڙي ڳالهه ته انهيءَ کي ڪرڻ جُڳائي، جنهن اکين سان انهن کي ڏٺو هجي. شبنم هڪ راءِ تي، ته ٻيون پريون وري ٻيءَ راءِ تي قائم هيون.

هڪ ڏينهن شبنم کي اچي دل ۾ خيال ٿيو ته ڇو نه آئون هتان اُڏامي وڃي انسانن جي دنيا کي پنهنجين اکين سان ڏسي اچان ۽ پڪ ڪريان. سو اهو فيصلو ڪري شبنم هڪ ڏينهن وٺي زمين ڏانهن اُڏاڻي. اُڏامندي اُڏامندي هوءَ نيٺ اچي زمين تي لٿي، جان کڻي نهاري ته مار! انسانن جي دنيا ۾ ته ڏاڍا مزا لڳا پيا آهن! وڏا وڏا شهر، عاليشان جايون، ويڪرا  رستا، وڏا باغ ۽ هزارن ميلن ۾ ساوا کيت، جن ڏانهن نهارڻ سان اکين کي سُرور ۽ دل کي راحت پيئي اچي ۽ چوڌاري نهار کڻي ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڌنڌي ۾ مصروف ۽ خوش پيو نظر اچي. هن کي اوڏي مهل پنهنجي پرستان جي دنيا ياد آئي، جنهن ۾ نڪي اهڙا دل کي وڻندڙ نظارا هئا ۽ نڪو وري ڪا ايتري مصروفيت هئي. هر ڪو بيڪار ۽ پنهنجي منهن، شبنم فيلصو ڪيو ته مون کي هن صورت ۾ ماڻهن جي دنيا ۾ وڃڻ نه گهرجي! ائين ڪرڻ سان آئون اجنبي لڳنديس ۽ گمان آهي ته متان ڪو مون کي پڪڙي وٺي، تنهن ڪري پنهنجي صورت بدلائي ماڻهن جهڙي ڪرڻ کپي. هوءَ اڃا پاڻ کي بدلائي ٿورو اڳڀرو هلي ته ڏسي ته هڪڙي هنڌ ڪيترائي ٻار پاڻ ۾ گڏجي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پيا رانديون کيڏن ۽ ڊُڪن ڊوڙن پيا. شبنم کي به ريس آئي، سو پاڻ به وڃي ساڻن راند ۾ شريڪ ٿي. راند ڪُڏندي کيس ڏاڍو مزو آيو. ڀلا اهڙيون رانديون پرستان ۾ ڪٿان آيون؟ شبنم ڏاڍو خوش ٿي، دل ۾ چيائين ته جيڪڏهن منهنجون ٻيون ساهيڙيون هينئر هت هجن ته هو به حيران ٿي وڃن ها شايد پنهنجيءَ دنيا ڏانهن موٽي وڃڻ جو خيال به دل تان لاهي ڇڏين ها. راند ڪُڏندي، نيلم نالي هڪ ڇوڪريءَ شبنم جي ساهيڙي ٿي ويئي. نيلم به هڪ نهايت خوبصورت ۽ پيار ڀريي ڇوڪري هئي. هن جون اکيون ٻن ماڻڪن جيان ٿي ٻريون ۽ ڳلن جي لالاڻ صوفن جي رنگ کي به شهه ڏيو بيٺي هئي. شبنم هن جي سونهن کان ايترو ته متاثر ٿي جو گهڙي گهڙي پئي ڏانهس نهاري ۽ دل ۾ سندس حسن کي داد ٿي ڏنائين. جڏهن راند پوري ٿي ۽ سڀئي ٻار پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لڳا، تڏهن شبنم سوچيو ته ڇو نه آئون نيلم سان گڏجي سندس گهر وڃان.  شبنم، نيلم سان گڏجي هن جي گهر پهتي ته نيلم جي ماءُ شبنم جي سهڻي صورت ڏسي ۽ اخلاق ڏسي هن کي ڏاڍو پيار ڪيو ۽ هن کي ڌيءَ شبنم ڪري سڏڻ لڳي. شبنم هاڻي نيلم جي گهر ۾ رهڻ لڳي. هن کي ماڻهن جي دنيا  توڙي نيلم جو گهر  ايترو ته وڻي ويا جو هن پنهنجيءَ دل ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي هوءَ هن ئي دنيا ۾ رهندي ۽ هتان ڪڏهن به موٽي واپس  پرستان نه ويندي. نيلم جي ماءُ شبنم کي يتيم ڄاڻي، پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندي هئي.اهڙيءَ ريت سالن پٺيان سال گذرندا رهيا ۽ شبنم جي دل تان مائٽن جي ياد بلڪل ختم ٿي ويئي. هوڏانهن شبنم جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ سندس ماءُ سڄي پرستان ۾ ڳولا ڪرائي پر ڪٿان به ڪو پتو ڪو نه پيو. آخر  جڏهن نا اُميد ٿي تڏ هن هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي اوچتو کيس دل ۾ خيال آيو ته آئون شبنم کي ماڻهن جي دنيا جون ڳالهيون ٻڌائيندي هيس سو ائين ته نه آهي ته هوءَ انهن ڳالهين تي لڳي، اوڏانهن هلي ويئي هجي ۽ اُتي وڃي ڪنهن مُصيبت ۾ اچي وئي هجي. وڌيڪ خاطريءَ ڪرڻ لاءِ هن هڪ ڏينهن شبنم جي هڪ ساهيڙيءَ کان پڇا ڳاڇا ڪئي، هن به اها ئي ورندي ڏنس ته آئون ڀانيان ٿي ته  هوءَ ماڻهن جي دنيا ڏانهن هلي وئي آهي. هن هڪ دفعي انهي ڳالهه تي وڏو بحث ڪيو هو. شبنم جي ماءُ پنهنجي دل ۾ پڪ ڪري، وٺي زمين. زمين تي پهچي هڪ پوڙهيءَ عورت جو روپ اختيار ڪري، ڪيترائي شهر، ڳوٺ ۽ گهر گهر ڪري جاچڻ لڳي. ڪيترن ڏينهن جي ڳولا بعد هوءَ هڪ ڏينهن نيلم جي ڳوٺ اچي سهڙي. اتي پڇا ڳاڇا ڪندي ڪنهن ماڻهو ٻڌايس ته گهڻا سال اڳي هڪ ڇوڪري رُلندي رُلندي هن ڳوٺ ۾ آئي هئي ۽ فلاڻي گهر ۾ رهندي هئي. انهيءَ کي گهڻا سال ٿيا، هينئر ته هوءَ ٻارن ٻچن واري آهي ۽ سامهون جيڪا وڏي جاءِ پيئي ڏسجي، ان جي هوءَ مالڪياڻي آهي ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ وڏي

ڀاڳ واري ٿي ليکجي. شبنم جي ماءُ کي پڪ ٿي ته اها ئي سندس ڌيءُ آهي. ان کي به گهڻا سال ٿيا هئا جو هُن وٽان گم ٿي وئي. ٻئي ڏينهن صبح جو هوءَ ڏس ڏنل پتي تي انهي گهر ۾ گهڙي آئي، پهريائين ته هوءَ مُنجهي بيهي رهي پر پوءِ ٿوري دير بعد ڪن اهڃاڻن مان هن کي يقين ٿيو ته منهنجي ڌيءَ شبنم اها ئي آهي. پوءِ ته نڪا ڪيائين هم نڪا تم، ڊوڙي وڃي شبنم کي ڀاڪر وڌائين. شبنم کي جڏهن خبر پيئي ته هيءَ منهنجي ماءُ آهي تڏهن ايترو خوش ٿي ايترو خوش ٿي جنهن جي حد ئي نه رهي.

ان ڏينهن کانپوءِ ٻئي ماءُ ڌيئرون گڏجي، ماڻهن جي دنيا کي وڌيڪ سينگارڻ ۽ سرسبز بنائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنديون رهيون.

هڪ ڏينهن پرستان جي ٻين پرين کي به هن ڳالهه جي خبر پئي ۽ تڏهن کان هو ماڻهن جي دنيا کي وڌيڪ سرسبز ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڳوٺن ۾ اينديون رهن ٿيون.

سونو هنج

Text Box: هڪ ماڻهوءَ کي هئا ٽي پٽ. سڀني کان ننڍڙو هوندو هو سڌو سادو، ان ڪري ويچاري کي ”پورالو“ سڏيندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح مٿس اهو نالو پئجي ويو. سندس وڏا ڀائر هن سان مذاق ڪندا هئا ۽ وجهه ملڻ تي هن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا. هڪ ڏينهن سڀني کان وڏي ڀاءُ کي جهنگ ۾ ڪاٺيون وڍڻ لاءِ وڃڻو پيو. ماڻس کيس مٺا لولا پچائي ڏنا ۽ کير هڪ چونئري ۾ ڀري ڏنائين ته جيئن بک ۾ ڪم اچيس. وڏو ڀاءُ لولا ۽ کير ساڻ ڪري جهنگ ڏانهن روانو ٿيو، اڃا جهنگ ۾ گهڙيو ئي مس ته کيس هڪ اڇن وارن وارو ننڍڙي قد جو پوڙهو ماڻهو سامهون مليو، جنهن سلام ڪري چيس ته پٽ آئون ڏاڍو بکايل ۽ اُڃايل آهيان. ڪهڙو  نه چڱو ٿئي جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي لولن مان هڪ لولو ڏئين ۽ کير  مان به چڪو پيئڻ لاءِ ڏئين! وڏي ڀاءُ چالاڪيءَ سان وراڻيو، آئون پنهنجا لولا ۽ کير تو کي ڇو ڏيان؟۽ پاڻ لاءِ ڇو نه رکان! نه بابا نه، آئون ڪو نه ڏيندس. پنهنجي واٽ وٺ.

ائين چئي پوڙهي کي نفرت سان ڏسندو رمندو رهيو. ٿورو اڳڀرو وڃي هڪ سڪل وڻ تي ڪاٺيءَ وڍڻ لاءِ چڙهيو، پنهنجي ڪهاڙي سنڀالي، جهڙو ئي ٽاريءَ کي ڌڪ هنائين ته ٿڙي اچي ٻانهن ۾ لڳس. سڄي ٻانهن رتورت ٿي پيس. نيٺ جهڙي جو تهڙو موٽي گهر  ڏانهن آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وچئين ڀاءُ کي ڪاٺين ڪپڻ لاءِ جهنگ ۾ وڃڻو پيو. ماڻس کيس به وڏي پٽ جيان مٺا لولا پچائي ڏنا ۽ کير جو وٽو به ڀري ڏنو. هو به جيئن ئي جهنگ ۾ گهڙيو ته هن کي به اڇن وارن وارو ننڍڙي قد جو پوڙهو ماڻهو گڏيو ۽ هن کان لولي جو ٽڪر ۽ کير جو ڍڪ پيئڻ لاءِ گهريائين پر هن به وڏي ڀاءُ وانگر جواب ڏنس ۽ چيائينس، پوڙها، آئون پاڻ بکيو رهي، تنهنجو پيٽ ڪو نه ڀريندس.

ائين چئي تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي ويو ۽ پوڙهو مڙس جيئن هٿ ٽنگي بيٺو هو، تيئن بيٺو رهيو. جيئن وڏي ڀاءُ کي سخت دليءَ جي سزا ملي هئي تيئن هن کي به ملي. ڪُهاڙي کڻي جو ڪاٺيءَ کي وڍڻ جي ڪوشش ڪيائين ته اچي ڄنگهه ۾ لڳس ۽ منڊڪائيندو، رت وهائيندو اچي گهر پهتو. نيٺ پورالي پنهنجي پيءُ کي چيو ”بابا مون کي موڪل ڏيو ته وڃي جهنگ مان ڪاٺيون وڍي اچان.“

پڻس ورندي ڏنس پٽ، ڏسين ڪين ٿو ته تنهنجي ڀائرن پاڻ کي پاڻهي ايذاءُ رسايو آهي. تون ته هونئن به اصل ۾ سادو ۽ پورالو آهين. ڪاٺيون ڪپڻ اصل ڪو نه ڄاڻين، چڱو اهو ئي آهي ته دل تان اهو خيال صفا لاهي ڇڏ. پيءُ جي لک سمجهاڻين کان پوءِ به پورالو پنهنجي ڳالهه تان ڪو نه لٿو. پڻس مجبور ٿي نيٺ کڻي اجازت ڏنس ته ڀل وڃي ڪاٺيون ڪپي اچي. ماڻس مٺن لولن بدران سڪل مانيءَ جا ٽڪر ۽ کير بدران ڇڊي لسيءَ جو گلاس ڀري ڏنس.

”پورالو“ جيئن ئي جهنگ ۾ گهڙيو ته کيس ساڳيو اڇن وارن وارو ننڍي قد جو پيرسن ماڻهو مليو. جنهن چيو، آئون ڏاڍو اُڃايل ۽ بُکايل آهيان. مون کي پنهنجي مانيءَ مان هڪ گرهه ۽ لسي چُڪو ڏي ته کائي پي دعا ڪريان.

پورالي جواب ڏنس، اکين سان، پريا مڙس! مون وٽ ٻيو ته ڪي به ڪينهي، فقط هيءَ سڪل ماني ۽ ڇڊي لسيءَ جو گلاس آهي، جي دل گهرئي ته اچ ته ٻئي گڏجي کائون.

Text Box: پوءِ ٻيئي ڄڻا ٺهي جُڙي ويٺا کاڌو کائڻ،  ڀوري جيئن ئي پنهنجي سڪل ماني هَڙ مان ڇوڙي ته اها بدلجي مٺا لولا ٿي پيئي ۽ لسيءَ جو سواد مٽجي کير جهڙو ٿي پيو. پوءِ ته ٻنهي گڏجي ويهي مزي سان کاڌو پيتو. جڏهن کائي ڍءُ ڪيائون تڏهن پوڙهي مرد چيس، ٻچڙا تون  ڏاڍو رحمدل آهين تو مون کي پنهنجو کاڌو کارايو آهي. ان ڪري هاڻ آئون تو کي تنهنجي احسان جو بدلو ڏيندس. هو سامهون وڻ بيٺل ڏسين ٿو تنهن کي وڃي وڍ وڻ جي ٿُڙ مان تو کي هڪ شئي ملندي جنهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي.

پورالي وڻ کي وڍڻ شروع ڪيو. وڻ جيئن ئي پٽ تي ڪريو ته سچي پچي سونَ جي کنڀن وارو هڪ هنج پکي ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري آيو. پورالي سوني هنج پکيءَ کي جهلي کڻي ڪڇ ۾ سوگهو ڪيو. ايتري ۾ مٿان اچي رات پيئي ۽ اوندهه سببان واٽ به چٽيءَ طرح نه پئي ڏسڻ ۾ آئي. ويجهو هڪ مسافر خانو هو، ڀورو رات گذارڻ لاءِ ان مسافر خاني ۾ وڃي ٽڪيو. مسافر خاني جي مالڪ جون ٽي ڌيئرون هيون، انهن جڏهن سوني هنج کي ڏٺو ته سندن دليون هرکجي پيون ۽ هر هڪ پنهنجي ليکي سوچيو ته هڪ سونو کنڀ پٽي پاڻ وٽ رکي سڀ کان وڏي ڀيڻ سوچيو، جڏهن ڀورو سمهي پوندو ته هڪ کنڀ پٽي وٺنديس. سو جڏهن پورالو سمهي پيو ته هن اچي هنج کي پرن کان جهليو. جهلڻ  لاءِ ته جهليائين پر سندس هٿ کنڀن کي اهڙا چهٽي پيا جو لک زور ڏيڻ کان پوءِ به نه پيا ڇڏائجن. اڃا ٿوري دير مس گذري ته ٻيءَ ڀيڻ به کنڀ پٽڻ لاءِ اتي اچي سهڙي. هن پنهنجي ڀيڻ کي جيئن ئي هٿ لاٿو ته هوءَ  به چهٽجي پيئي. جڏهن ٽئي ڀيڻ به ساڳئي مقصد سان اتي سوني هنج جا کنڀ پٽڻ لاءِ آئي. تڏهن سندس ٻن ڀينرن رڙ ڪري چيس ته ادي، ڌڻيءَ جي واسطي ويجهي متان اچين! پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري اچي پنهنجي ڀيڻن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته انهي مهل هوءَ به ساڻن چهٽي پيئي ۽ پاڻ کي ڇڏائي نه سگهي. پوءِ ته لاچار ٽنهين ڀيڻن کي اها سڄي رات سوني هنج سان گذارڻي پيئي.

صبح جو جڏهن پورالي جي اک کلي تڏهن ڏٺائين ته ٽيئي ڇوڪريون سوني هنج سان هڪ ٻئي پٺيان چهٽيون پيون آهن. پورالي انهن کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري، سوني هنج کي کڻي ڪڇ ۾ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي واٽ وٺي هلڻ لڳو. پورالو جان کڻي نهاري ته اهي ٽيئي ڇوڪريون به سندس پويان پتلين وانگر ڊُڪنديون پئي آيون.

ڪڏهن سندس ساڄي پاسي ته ڪڏهن سندس کاٻي پاسي، ٻنين مان لنگهندي، هڪ هاريءَ جي نظر وڃي مٿن پيئي، جنهن رڙ ڪري چين ته بيهو شرير ڇوڪريون، شرم نٿو اچيوَ جو هڪ جوان مڙس پويان ڊڪنديون ٿيون وڃو. ائين چئي ننڍڙي ڇوڪري کي جدا ڪرڻ لاءِ سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ته سندس هٿ به چهٽي پيو پوءِ ته گهڻو ئي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪيائين پر  ڇڏائي نه سگهيو. هاڻ ٽن ڇوڪرين سان گڏ هيءَ هاري به پورالي ۽ سوني هنج پکيءَ جي پويان ڊڪندو پئي هليو. اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌيا ته هڪ پادريءَ جي نظر وڃي مٿن پيئي. هاريءَ کي نوجوان ڇوڪرين جي پويان ڊڪندو ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويو ۽ واڪو ڪري چيائين ته اڙي هاري، ڇوڪرين جي پويان ڇو پيو ڊڪندو وڃين؟ ترس بابا ترس! ائين چئي ڊوڙي هاريءَ جي ويجهو آيو ۽ اچي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ته سندس هٿ به چهٽي پيو، گهڻو ئي ڇڏائڻ جي ڪيائين پر ڇڏائي نه سگهيو، پاڻ به انهن جي پويان ڊڪندو هليو. پورالي جي پويان هاڻي ٽي ڇوڪريون، هاري ۽ پادري پنج ئي ڄڻا ڊڪندا پئي هليا، واٽ تي ٻه ريڍار ملين هاري ءَ سڏي چين، ابا، مون کي ۽ پادريءَ کي مهرباني ڪري ڇڪي ڌار ڪريو. هنن ريڍارن اچي پادريءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌا ته اهي به چُهٽ پيا، پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍا زور ڏنائون پر ڇڏائي نه سگهيا. پورالي جي پويان هاڻ ست ڄڻا ڊڪندا، ڪرندا ۽ ٽپندا پئي هليا. هڪ عجيب تماشو ٿي پيو. هيءُ ٽولو اچي شهر مان لنگهيو، جتي بادشاهه رهندو هو. هن بادشاهه کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي. شهزادي ايتري غمگين رهندي هئي جو نه ڪڏهن کلندي هئي نه مرڪندي هئي ان ڪري بادشاهه اعلان ڪيو هو ته جيڪو هن کي کلائيندو تنهن سان سندس شادي ڪرائيندو. پورالي کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته هو پنهنجي ٽولي ساڻ شهزاديءَ جي محل ۾ گهڙي آيو. شهزادي جو ستن ڄڻن کي پويان لٽڪندو ۽ ڊڪندو ڏٺو، سو اچي کل ۾ ڇٽي کل اصل بس ئي نه ٿئيس. هاڻ پورالو بادشاهه وٽ شهزادي جي سڱ گهرڻ لاءِ ويو  ۽ چيائينس ته بادشاهه سلامت مون توهان جي ڌيءَ کي کلايو آهي ان ڪري هاڻ مون کي سڱ ڏيو پورالو هو غريب ٻار، سو بادشاهه کيس سڱ ڏيڻ کان نٽائڻ لڳو ۽ چيائينس ته آئون  تو کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ تڏهن ڏيندس جڏهن تون ڪو اهڙو ماڻهو آڻيندي جڪو هزار مٽ کير جا پي وڃي. پورالي جي ذهن تي اڇن وارن وارو پير مرد تري آيو ۽ هڪدم هو جهنگ ڏانهن روانو ٿيو، جتي وڻ ڪپيو هئائين. اتي ڏٺائين ته ڪپل ٿُڙ تي ساڳيو ننڍي قد وارو پوڙهو، مرد ڏاڍو غمگين ٿيو ويٺو آهي. پورالو اڳتي وڌي کانئس سندس غمگين هجڻ جو سبب پڇيو. پوڙهي وراڻيو، آئون ڏاڍو اُڃايل آهيان، منهنجي اُڃ اصل نٿي لهي. ٿڌو پاڻي ته پي نٿو سگهان کير جي هڪ ماٽي هئم سا سڄي پي پوري ڪئي اٿم پر منهنجو پيٽ سُڪو پٿر لڳو پيو آهي اُڃ ته لهي ئي نٿي! پورالي چيس پريا مڙس، آئون تنهنجي مدد ڪندس، مون سان هل ته کير جا مٽ مٿان مٽ پياري، تنهنجي اڃ لاهيان. پورالو کيس بادشاهه جي محل ۾ وٺي ويو، جتي کير جا هڪ هزار مٽ رکيا هئا پير مرد هڪ هڪ ڪري کير جا مٽ خالي ڪرڻ لڳو. تان جو سندس پيٽ آڦرجي پيو. شام ٿيندي ٿيندي هُن سڀ مٽ پي ڇڏيا ۽ پورالو ٻيهر بادشاهه وٽ ويو ۽ شهزاديءَ جي سڱ جي گهر ڪيائين پر بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جي سڱ اهڙي شخص کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. جنهن تي هر ڪو ماڻهو سندس سادگيءَ سبب مذاق ۽ چرچا ڪندو رهي! هن وري هڪ ٻيو شرط رکندي پورالي کي هڪ اهڙو شخص آڻڻ لاءِ چيو جيڪو جبل جيترو مانين جو ڍڳ کائي پورو ڪري ڏيکاري. پورالو وري جهنگ ۾ ساڳيءَ جاءِ تي ويو. جتي وڻ ڪپيو هئائين. ڇا ڏسي ته ٿڙ تي ساڳيو ماڻهو پنهنجي پيٽ ۾ ٻئي هٿ وجهيو سور کان ويٺو دانهون ڪري. پورالي کي ڏسي چيائين مون مانين جا ڍير کائي پورا ڪيا آهن پر منهنجي پيٽ ۾ اهڙي ڪا کاهي آهي جو ڀرجي ئي نٿي بُک کان پيٽ ۾ وٽ پيا پون.  ان ڪري پيو دانهون ڪريان. پورالو سندس ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس اٿي مون سان هَل ته پيٽ ڀرڻ جو ڏس ڏيانءِ، ائين چئي کيس محل ۾ وٺي آيو. جتي سڄي شهر جو اٽو ڪٺو ڪري مانين جو هڪ جبل کڙو ڪيو هئائون.

جهنگ مان آيل ماڻهو تڪڙيون تڪڙيون مانيون کائڻ لڳو ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾مانين جو سڄو جبل کائي پورو ڪيائين. پورالو بادشاهه کان ٽيون دفعو شهزادي جو سڱ گهريو پر بادشاهه وري به نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو مون کي هڪ اهڙو جهاز آڻي ڏي، جيڪو دريا ۾ به تري ۽ سُڪي تي به تري، تون پاڻ ان جهاز ۾ چڙهي اچ ته تو کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏيان. پورالو وري به ڊوڙندو ڊوڙندو جهنگ ڏانهن ويو جتي ساڳيو اڇن وارن ۽ ننڍي قد وارو پوڙهو مڙس ويٺو هو، جنهن چيس مون تو لاءِ کير جا مٽ خالي ڪيا مانين جو جبل کاڌم ۽ هاڻي تو کي هيءُ جهاز به وڏي خوشيءَ سان ڏيندس مون تو لاءِ هي سڀ ڪم فقط انهيءَ لاءِ ڪيا جو تون ڏاڍو رحمدل آهين ۽ مون تي ڪهل ڪئي هيئي.  ائين چئي پير مرد، پورالي کي هڪ اهڙو جهاز ڏنو جيڪو درياءَ ۾ به تري ٿي سگهيو ۽ سُڪي تي به.

بادشاهه هيءُ جهاز ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ۽ پنهنجي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو. پورالي جي شهزادي سان ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي ۽ پوءِ هي ٻئي گهوٽ ڪنوار پاڻ ۾ ڏاڍو خوش گذارڻ لڳا. جڏهن بادشاهه وفات ڪئي ته پورالو تخت تي ويٺو ۽ ڏاڍي انصاف ۽ رحمدليءَ سان حڪومت هلائڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com