غريب ماڻهو جواب ڏنو، ”عالم پناهه! مون ڪو به سوچ
ويچار نٿي ڪيو. البت مان حضور جن جي محل جي چمڪندڙ
فانوس ڏانهن نهاريندو رهيس ۽ دل ۾ خدا کي پئي ياد
ڪيم ته شال انعام کٽان!“
بادشاهه سلامت رڙ ڪري چيو ”بس بس، ٺيڪ آ، مون
سمجهيو. تنهنجي جسم کي انهن فانوسن مان گرمي پهتي
آهي. هينئر تون انعام جو حقدار نه آهين. جيڪڏهن
تون فانونسن کي ڏسڻ کانسواءِ زنده بچي نڪرين ها،
ته پوءِ تو کي انعام ڏنو وڃي ها.“
وزير ۽ ٻيا سڀ ماڻهو بادشاهه جو هيءُ فيصلو ٻڌي
حيران ٿي ويا. جڏهن ته ان ۾ حيران ٿيڻ جي هروڀرو
ڪا اهڙي ڳالهه ڪا نه هئي. ڇو ته وڏن ماڻهن جون
ڳالهيون اهڙيون ئي هونديون آهن، سپاهي هن ماڻهوءَ
کي ٻاهر وٺي ويا ۽ هو ويچارو روئندو پٽيندو هليو
ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ وزير هن ماڻهوءَ کي
ڳولي، کيس رپين جي ٿيلهي ڏيئي چيو، ته هڪدم پنهنجي
ڳوٺ وڃ، ۽ هن ڳالهه جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪجانءِ،
نه ته تو سان گڏ منهنجو به خير نه هوندو. غريب
پئسا وٺي کيس دعائون ڪندو هليو ويو.
ان ڳالهه کي ڪجهه وقت گذري ويو. اونهاري جا ڏينهن
هئا، هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي رٿيل پروگرام موجب
نديءَ جي ڪناري تي سير ڪرڻ آيو. گهمندي گهمندي هن
کي پريان پنهنجو وزير نظر آيو. بادشاهه اڳتي وڌي
وزير وٽ آيو. ڏٺائين ته وزير زمين تي، ٽڪنڊيءَ
چلهه وانگر، ٽي ڊگها بانس جا لڪڙا کوڙيا هئا ۽
انهن جي بلڪل مٿان چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙي ديڳڙي رکي،
هيٺ زمين تي ٻه چار ننڍڙا ڇوڏا رکي، باهه ٻارڻ جي
ڪوشش پئي ڪئي. بادشاهه هيءَ عجب جهڙي ڳالهه ڏسي،
کانئس پڇيو ته هي ڇا ڪري رهيو آهين؟
وزير چيو، قبلا، اڄ پنهنجي هٿن سان هتي کچڻي رڌي
کائڻ جو شوق اٿم. ائين چئي هو باهه کي ڦوڪون ڏيڻ
لڳو. بادشاهه کان کل نڪري ويئي ۽ ٽهڪ ڏيئي چيائين،
”ديڳڙي رکي آهي آسمان تي ۽ هيٺان دکن ٿا ٻه
ڇوڏڙا، اها کچڻي ته سال ۾ به نه پڇندي!
وزير اهو ٻُڌي، هٿ ٻڌي چيو، ”ڇو نه عالم پناهه!
جيڪڏهن درياءَ ۾ بيٺل ماڻهوءَ کي ميل پري ٻرندڙ
فانوس جي روشني مان گرمي ملي سگهي ٿي ته پوءِ
ههڙيءَ ريت کچڻي تيار ڪرڻ ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي.“
اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ هن ماڻهوءَ کي
تلاش ڪرائي، کيس واعدو ڪيل انعام ڏنائين ۽ آئينده
لاءِ اهڙيون اجايون ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڏنائين.
لومڙي ۽ ٻلي
هڪڙي هئي لومڙي ۽ ٻي هئي ٻلي. لومڙيءَ کي هُئي
ٻٽاڪ هڻڻ جي عادت، سو هڪ دفعي ٻليءَ کي چيائين، ته
اَدي مان ته ڪنهن کي وٺ ڏيان ئي ڪونه. ڪو به مون
کي پڪڙي نٿو سگهي، جيڪڏهن ڪو اوپرو ڏسان ته وٺي
ڀڄان ۽ جي ڪو مٿان اچي پوي ته کڻي مڪر ڪريان، ڄڻ
ته مئل آهيان. مان ڏاڍي چالاڪ آهيان. مڄاڻ ته اتي
وڻ جي پٺيان ڪنهن شڪاريءَ بيٺي ڪنهن شڪار کي
تاڙيو. تنهن لومڙي کي ڏسي ڪري بندوق سڌي ڪئي ته
ٻلي جيڪا مائٽيءَ ۾ شينهن جي سڳي ماسي ۽ تمام
هوشيار پڻ هئي. سا امالڪ ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي ويئي،
باقي رهي ٻٽاڪِڻ لومڙي، سا ڏند شيڪ، شيڪ ٽنگون
ٽيڙ ٽيڙ، پُڇ موڙ موڙ!
ڪندي هيڏانهن هوڏانهن ٻوُڙهن وچ ۾ ٽلندي پئي وتي،
وڻ تي چڙهيل ٻليءَ گهڻيو ئي ميانئون! ميانئون!
ڪري چيس ته ادي لومڙي، خيال ڪر، شڪاري بندوق کنيو
پيو وتي. بچجانءِ! پر ٻٽاڪڻ لومڙي، ڪا ڳالهه نه
ٻڌي. ابتو، ڪنڌ مٿي ڪري، پڇ کي موڙو ڏئي ٻليءَ کي
چوڻ لڳي ته: ڀيڻ ٻلي! اصل ڪا ڊڄڻي آهين. ڪٿي آهي
شڪاري؟ ٻليءَ چيو ته هوڏانهن ٻوڙهن ۾ لڪو ويٺو آهي
۽ بندوق به هٿ ۾ اٿس. ٻٽاڪڻ لومڙيءَ کلندي چيو، هل
! ڪوڙي ڪٿي جي! ايتري ۾ شڪاري بندوق مان ٺڪاءَ
گولي ڪرايس. گولي جي ٺڪاءَ سان ٻٽاڪڻ لومڙي هوا ۾
بُل ڏنو پاڻ ته بچي وئي پر سندس پُڇ جو ٽوئنر
اڏامي ويو.
اڃا تائين اها لومڙي، سنڌوءَ جي سالار ٻيلي ۾
رهندي آهي ۽ هر ڪنهن کي ڊاڙ ٺڪاءَ هڻڻ کان منع
ڪندي چوندي آهي ته : ”ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ هڻڻ سان وڏا
نقصان ٿيندا آهن.“
شاهي حڪيم
ڪنهن زماني ۾ يونان ملڪ تي هڪ داناءَ بادشاهه
حڪومت ڪندو هو، جو حڪيمن ۽ عقلمند انسانن جو تمام
گهڻو قدر ڪندو هو. هن سڄي ملڪ مان چونڊي هڪ حڪيم
پاڻ وٽ مقرر ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو، ته اهو ڪتاب لکي
تيار ڪر، جنهن ۾ سڀني صحت جي اصولن ۽ بيمارين کان
ڇٽڻ جا علاج هجن. حڪيم بادشاهه جي حڪم موجب هڪ
نهايت عمدو ڪتاب لکي تيار ڪيو. بادشاهه کي نهايت
پسند آيو ۽ انهيءَ ڪتاب لکڻ تي حڪيم کي هڪ لک
سونيون اشرفيون انعام ۾ ڏنائين. ٿورن ڏينهن
کانپوءِ حڪيم مري ويو ته سندس جاءِ تي هن جو پٽ
شاهي حڪيم مقرر ٿيو. هن به پنهنجي حڪمت ۽ خدمت سان
بادشاهه کي ڏاڍو خوش ڪيو. انڪري هو پنهنجي حياتي
آرام سان گذاريندو هو. هڪ ڏينهن بادشاهه اهو ڪتاب
پڙهي رهيو هو ته هڪ هنڌ لکيل ڏٺائين ته جيڪڏهن ڪو
شخص ٻه پاپڙ ۽ هڪ پاءُ ڌوئنرو کائيندو ته ٻن ڪلاڪن
اندر سخت بيمار ٿي پوندو. بادشاهه اهو پڙهي تمام
حيران ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته عجيب بي عقل حڪيم هو،
جنهن ههڙي واهيات ڳالهه ڪتاب ۾ لکي آهي. ڀلا پاپڙ
۽ ڏهيءَ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟ جو ٻن ڪلاڪن اندر سخت
بيماري اچي وٺندي. ايتري ۾ حڪيم جو پٽ اچي حاضر
ٿيو، بادشاهه کيس چيو، حڪيم صاحب، تنهنجي پيءُ
هيءَ عجيب ڳالهه ڪتاب ۾ لکي آهي ته ڏهي ۽ پاپڙ
کائڻ سان ماڻهو سخت بيمار ٿي پوندو. مون کي ته ان
تي اعتبار نٿو اچي. حڪيم جواب ڏنو، بادشاهه سلامت،
منهنجو پيءُ دنيا جو مشهور حڪيم هو، هن جي لکيل ڪا
به ڳالهه غلط ٿي نٿي سگهي. جو هن لکيو آهي، سو
برابر صحيح آهي. اهو ٻڌي بادشاهه چيو ته ”رستي تان
ڪنهن مزور کي سڏي وٺ، ته هن ڳالهه جي آزمائش ورتي
وڃي.“
حڪيم هڪ مزور کي گهرايو ۽ کيس ٻه پاپڙ ۽ ڏهي
کارائي، سمهاري ڇڏيو. صبح ٿيو ته مزدور بدستور چاق
چڱو ڀلو اُٿيو. اهو ڏسي حڪيم حيران ٿي ويو.
بادشاهه چيس، ڏٺئي، مون سچ ٿي چيو نه، ته هيءُ
ڳالهه واهيات آهي. حڪيم عرض ڪيو ته حضور، ٽن مهينن
جي مهلت ڏيڻ فرمايو ۽ هن مزدور کي مون وٽ رهايو
وڃي. ان کانپوءِ مان هن ڳالهه جو جواب ڏيندس.
بادشاهه اجازت ڏنس.
هاڻ حڪيم ان مزدور کي عمدا عمدا بادشاهي کاڌا
کارائڻ شروع ڪيا. ريشمي ۽ نفيس ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا
۽ سمهڻ لاءِ بخمل جو نرم بسترو ڏنو. اهڙي طرح اهو
مزدور سڄو وقت آرام ۽ مزي ۾ گذاريندو هو، نه
پورهيو ڪندو هو نه تتيءَ ٿڌيءَ ٻاهر نڪرندو هو.
جيڪي گهرندو هو سو يڪدم بنا ڪنهن دير جي کيس ملندو
هئس. ان ريت جڏهن ٽي مهينا گذري ويا ته هڪ ڏينهن
حڪيم خيال ڪيو ته هن مزدور جو مزاج جاچڻ کپي. هو
باغ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويو ته پر پٺ حڪيم ڪاغذ جا ٻه گول
چڪرا ڪاٽي، سندس نرم بستري تي رکي، مٿان ريشمي
چادر وڇائي ڇڏي. جڏهن هو آيو تڏهن کاڌو کائي بستري
تي اڃا ليٽيو ئي مس ته بيقرار ٿي اٿيو ۽ وري ليٽي
پيو، پر پوءِ وري به گهٻرائجي اٿيو ۽ چيائينس ته
اڄ پلنگ تي ڪجهه لڳي ٿو، سبب ڪهڙو آهي؟
حڪيم سمجهيو ته هاڻ سندس طبيعت نهايت نازڪ ٿي پيئي
آهي. ڀلا جو مزدور نٽهڻ اُس ۽ سياري جي ولهه ۾ پيو
محنت ڪندو هو ۽ ڌرتيءَ تي ليٽي خوب مزي جي ننڊ
ڪندو هو، تنهن کي اڄ ڪاغذ جا ٻه ٽڪرا به ريشمي
چادر جي هيٺان لڳن ٿا! اهو ويچار ڪري، جواب ڏنائين
ته آهي ته ڪجهه به ڪين، تنهن هوندي به وري بسترو
ٺاهي ڏنائينس ۽ اهي ڪاغذ جا ٽڪرا ڪڍي ڇڏيائين،
تڏهن مزدور کي ننڊ کڻي ويئي.
ٻئي ڏينهن ان کي بادشاهه وٽ حاضر ڪيو ويو ۽ حڪيم
ادب سان عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت، هاڻي وري
آزمائش ڪر. بادشاهه قبول ڪيو. رات جو مزدور کي محل
۾ گهرائي پاپڙ ۽ ڏهي کائڻ لاءِ ڏنا ويا ته
پهريائين ته مزدور منهن چٻوڪيو، هٻڪيو، هٽڪيو ۽
آخرڪار انڪار ڪيائين. ڀلا جنهن ٽي مهينا شاهي طعام
کاڌا هجن، تنهن کي پاپڙ ۽ ڏهي ڪٿي ٿا وڻن! پر شاهي
حڪم هو، سو لاچار کائي پي سمهي پيو. صبح جو جان
ڏسن ته مزدور اٿڻ جهڙو نه آهي، سخت بيمار ٿي پيو
آهي. بادشاهه تعجب ۾ پئجي ويو. حڪيم کي گهرائي
چيائين ته ٽي مهينا اڳ اهي ساڳيون شيون کائي ويو،
ته ڪجهه ڪين ٿيس، هاڻ انهن ساڳين شين کائڻ سان
بيمار ٿي پيو، سبب ڪهڙو آهي؟“
حڪيم جواب ڏنو، حضور! منهنجي پيءُ اهو ڪتاب
بادشاهن جي تندرستيءَ تي لکيو هو ۽ ان ۾ سڀ
ڳالهيون بادشاهن جي طبيعت موافق لکيل آهن. مون ٽي
مهينا هن مزدور کي خوب آرام ۽ عيش ۾ رهايو ۽ سندس
طبيعت بادشاهن جهڙي نازڪ ڪري ڇڏيم. ان ڪري هنن شين
جو اثر مٿس اهڙو ٿيو، جو هو بيمار ٿي پيو. حقيقت
اها آهي ته شين جو فائدو يا نقصان طبيعت موافق پوي
ٿو ۽ عيش عشرت بدن کي اهڙو نازڪ ڪري ٿي ڇڏي، جو
ٿوري ئي گهٽ وڌائي بيمار ڪريو ڇڏي. ڪڙمي ۽ مزدور
آدمي محنت سبب وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا، تنهن ڪري جيڪي
کائين، سو هضم ٿيو وڃي. پر انهن جي بيماريءَ جا
سبب ٻيا آهن. جهڙوڪ: گهٽ سڻڀ، گهٽ ڀاڄيون، صحت جي
قانون سان ناواقفي ۽ ٻيا به، اهو جواب ٻڌي،
بادشاهه نهايت خوش ٿيو ۽ حڪيم کي وڏو انعام
ڏنائين.
ڪانءُ ۽ جهرڪي
هڪڙو هو ڪانءُ ۽ هڪڙي هئي جهرڪي. هڪڙي ڏينهن ڪانءَ
جي دل ۾ اچي خيال ويٺو ته هيءَ جهرڪي آهي، جا
ماڻهن جي گهرن ۾ آکيرا ٺاهيو ويٺي آهي ته به هن کي
ڪو به الف کان ب به نٿو چوي ۽ هيڏانهن آئون آهيان،
جو ڪنهن کي به ڏٺي ڪين ٿو وڻان! بس آهي ناهي اهو
شر، انهيءَ جهرڪيءَ پکيڙيو آهي، جا وڃي ٿي منهنجي
برخلاف ماڻهن جا ڪن ڀري. بس هاڻي منهنجيون ۽
انهيءَ جهرڪيءَ جون خبرون آهن، يا اها منهنجي پيٽ
۾ يا آئون هن جي پيٽ ۾! اهو خيال ڪري ڪانءُ تاڙ
رکي جهرڪيءَ جي رستي تي گهات لڳائي ويهي رهيو.
گهڙي نه گذري ته جهرڪي به ٻاهران ڀڙڪي کائي، ڀرسان
اچي ڪٿي ويهي رهي. اتي وجهه وٺي، ٻه چار ٽپڪيون
ڏيئي،ڪانءُ رڙهي وڃي جهرڪيءَ جو پاسو ورتو ۽
پنهنجي منهن، چوڻ لڳو، ته ”مائي جهرڪي، تون چوڳي
جي ڏاڍي تکي آهين! اڄ پاڻ کڻي ٿا شرط ٻڌون! اهو
ڪڻڪ جو ڇڄ جيڪو گهر جي مالڪياڻيءَ سڪائڻ لاءِ اُس
۾ رکيو آهي، اهو جي اڄ سڄي جو سڄو کائي وئينءَ ته
مڃڻ مراد آهي، مون هارايو تو کٽيو ۽ پوءِ جي وڻيئي
ته مون کي به کائي ڇڏج! پر جي مون کٽيو ۽ تو
هارايو ته پوءِ تون منهنجي وس ۾ ٿيندينءَ ۽ جي
وڻيم ته آئون تو کي کائيندس نه ته ڇڏي ڏيندس.
مائي جهرڪي، بس ائين ويٺي ويٺي ڪانءَ جي ڳالهين ۾
اچي ويئي ۽ کڻي هائو ڪيائينس ۽ ڀڙڪي ڏيئي وڃي ڇڄ
تي ويٺي پر جهرڪي ويچاريءَ جي گُجي ئي ڪيتري آهي!
تڪڙ تڪڙ ۾ ٻه چار چهنبون ڀريل ڇڄ ۾ مس هنيائين ته
ڍاپجي پيئي ۽ منهن ورائي، اتي ئي پاسو ڪري ويهي
رهي. تنهن تي ڪانءَ اڳڀرو وڌي چيس، مائي جهرڪي بس!
ڪجهه ته مڙسي ڪر! جهرڪي ويچاريءَ وري به مڙسي ڪري،
ٻه ٽي ٻيون چهنبون به ڇڄ ۾ هڻي ويٺي پر نيٺ به ته
جهرڪي هئي سو بنهه آڦرجي پيئي ۽ وري به کڻي بس
ڪيائين. اهڙي طرح ڪانءَ جي چوڻ تي ٽيون ڀيرو به
جهرڪي همٿ ڪئي، پر هن ڀيري ته بس هڪ اڌ چهنب ڀري
نه ڀري جهڙي. بنهه بان ڪري، ڇڄ تان اُٿي آئي ۽ ڳچي
لاڙي، اڳوپو پري ويهي رهي. اُتي ڪانءُ به پڇ
لوڏيندي، منهن موڙيندي وڃي جهرڪيءَ جي ويجهو ويٺو
۽ چيائين، مائي جهرڪي، تو شرط هارائي مون کٽي.
هاڻي ته آءٌ تو کي کائيندس! جهرڪي ويچاريءَ جو موت
اکئين ڏٺو، ته هيڪر ساهه لُڪيءَ ۾ اچي ويس پر اتي
ئي من جاءِ تي آڻي، ڪانءَ کي چيائين ته ”کائين ته
مون کي ڀلي کاءُ پر پهريائين پنهنجي اها گند ڀريل
چهنب ته ڌوئي اچ! نه ته کائڻ ۾ مزو نه ايندئي!“ بس
ڪانءَ جو اها ڳالهه ٻڌي، سو خوشيءَ ۾ اٿي اڏاڻو ۽
جهٽ ۾ وڃي درياءَ تي وڃي پهتو، جيڪو ڀرسان پئي
وهيو. چي! درياءَ ڙي درياءَ! مون کي پاڻي ڏي، ته
پاڻي سان چهنب ڌوئان ۽ چهنب ڌوئي جهرڪي کايان!
درياءَ چيس پاڻي ته تو کي ڏيان پر پاڻي وٺندين ڇا
۾؟ هوءَ مينهن بيٺي اٿيئي، تنهن کان وڃي سڱ وٺي
اچ، ته ان ۾ تو کي پاڻي ڏيان پوءِ چهنب ڌوئي ڀلي
وڃي جهرڪي کاءُ!
اهو ٻڌي ڪانءُ ويو مينهن وٽ، چي، مينهن ڙي مينهن!
مون کي سڱ ڏي، سڱ درياءَ کي ڏيان، درياءَ پاڻي
ڏئي، پاڻي سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي کايان!
مينهن چيس ته سڱ ته تو کي ڏيان، پر پهريائين
گاهيءَ کان گاهه آڻي ڏي ته مان گاهه کائي ڍءُ
ڪريان پوءِ مان تو کي سِڱُ ڏيان، تون سڱ نيئي
درياءَ کي ڏي، درياءَ تو کي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻيءَ
سان چهنب ڌوئي، تون ڀلي وڃي جهرڪي کي کاءُ! تنهن
تي ڪانءُ اُڏامي گاهيءَ وٽ ويو ۽ گاهيءَ کي
چيائين، گاهي ڙي گاهي! مون کي گاهه ڏي، گاهه مينهن
کي ڏيان، منهن سڱ ڏئي، سڱ درياءَ کي ڏيان، درياءُ
پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي
کايان!
گاهيءَ جواب ڏنس ته پهريائين مون کي لوهار کان
ڏاٽو آڻي ڏي ته ڏاٽي سان آءٌ گاهه لڻي تو کي ڏيان.
پوءِ تون گاهه نيئي مينهن کي ڏي، مينهن تو کي سڱ
ڏئي، سڱ نيئي درياءُکي ڏي، درياءُ تو کي پاڻي ڏئي
پوءِ پاڻيءَ سان چهنب ڌوئي ڪري تون ڀلي وڃي جهرڪي
کاءُ!
هيءُ ٻڌي ڪانءُ ويو، لوهار وٽ. لوهار کي چيائين:
لوهار ڙي لوهار! مون کي ڏاٽو ڏي، ڏاٽو گاهي کي
ڏيان، گاهي گاهه لُڻي آڻي ڏئي، گاهه مينهن کي
ڏيان، مينهن سڱ ڏئي، سڱ درياءَ کي ڏيان، درياءَ
پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب ڌوئان، چهنب ڌوئي ڪري
وڃي جهرڪي کايان.
لوهار چيس، ته ڏاٽو ته تو کي واهه جو ڏيان، پر
منهنجي بٺي ٿڌي ٿي پيئي آهي، تون ڪٿان ٽانڊو کڻي
اچ، ته بٺي ٻاري تو کي ڏاٽو ٺپي ڏيان. پوءِ تون
ڏاٽو نيئي گاهي کي ڏي، گاهي تو کي گاهه ڏئي، گاهه
نيئي مينهن کي ڏي، مينهن تو کي سڱ ڏئي، سڱ نيئي
درياءَ کي ڏي، درياءَ تو کي پاڻي ڏئي، پوءِ
پاڻيءَ سان چهنب ڌوئي تون ڀلي وڃي جهرڪي کاءُ!
ڪانءُ وري اُتان وٺي اُڏاڻو. اڏامندو وڃي، اڏامندو
وڃي، ته ڏسي ته هڪڙي پوڙهي مائي آهي، جا هيٺ پڌر
ئي پڌر ۾ باهڙي ٻاريو، ڪُني چاڙهيو ويٺي آهي ۽ دال
پئي رڌي. بس پوءِ ته هيءُ به گولاٽي ڏيئي هيٺ لهي،
پوڙهيءَ جي اڳيان ٿورو پرڀرو وڃي ويهي رهيو ۽ دل
جهلي پوڙهيءَ کي چيائين ته امان مون کي ٽانڊو ڏي،
ٽانڊو لوهار کي ڏيان، لوهار ڏاٽو ٺپي ٺاهي ڏئي،
ڏاٽو گاهيءَ کي ڏيان، گاهي مون کي گاهه ڏئي، گاهه
وڃي مينهن کي ڏيان، مينهن سڱ ڏئي، سڱ کڻي وڃي
درياءَ کي ڏيان، دريا پاڻي ڏئي، پاڻيءَ سان چهنب
ڌوئان، چهنب ڌوئي جهرڪي وڃي کايان.
پوڙهيءَ چيس ته ٽانڊو ته تو کي ڏيان پر ٽانڊو
کڻندين ڇا ۾؟ ڪانءُ کي جو اڃا جهرڪيءَ کائڻ جو شوق
کنيو بيٺو هو، سو چيائينس ته پوڙهي! اِن جو تون
خيال نه ڪر. تون ٽانڊو کڻي منهنجي کنڀن جي اصل وچ
تي منهنجي پٺيءَ تي رک. لوهار جو دڪان پري پنڌ
ڪونهي. ڀڙڪي ڏيئي اجهو ٿو وڃي اتي رسان.
پوڙهيءَ به ٻيو ڪو خيال ڪو نه ڪيو ۽ چپڙي ڪري
ٻڇانگڙي ڪاٺيءَ ۾ ٽانڊو جهلي، کڻي ڪانءَ جي کنڀن
جي وچ ۾، سندس پٺيءَ تي رکيائين ۽ ڪانءَ وٺي
اُڏاڻو پر ڇا لڳي ڪانءُ ڇا لڳن ڪانءَ جا کنڀ ۽ ڇا
لڳي ٽانڊو؟ اڃا ڀڙڪي کائي، ٿورو اُڏريو ئي مس ۽
سنئون ئي مس ٿيو ته باهه جو ڀنڀٽ مچي ويو ۽اچي
باهه ورايس. ڪانءُ غريب آئيءَ ۾ اچي ويو. وڃي ته
ڪيڏانهن وڃي؟ ايتري ۾ هيٺ اچي درياءَ تي نظر پيس
بس پوءِ ته ڇوهه مان ٻئي کنڀڙاٽيون هڻي، ڌو وڃي
پاڻيءَ ۾ پاڻ ڦٽو ڪيائين. مرندي وقت ماڻهو ڇا نٿو
ڪري؟ ڪانءُ ويچارو ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيو! خير،
پاڻيءَ ۾ پوڻ سان باهه ته وسامي ويس ۽ گهڻو سڙڻ
کان ته بچي ويو پر هاڻي غريب لڳو ٻڏڻ. باهه مان
نڪري، اچي پاڻي ۾ پيو هو درياءَ به هو سانوڻيءَ
جو، سو ٻٽي غوطا ۽ ٽٻيون ڇولين جو ڇاچولي ڏنيون ۽
بنهه ٻڏڻ تي هو، ته ايتري ۾ پريان هڪڙي مير بحر جي
وڃي مٿس نظر پيئي، جنهن پنهنجي ڊونڊيءَ تي ويٺي
پلا ماريا. مير بحر ڏاڍو ڪو ٻاجهارو ماڻهو هو،
تنهن کي ڪانءَ تي ڪهل اچي ويئي، سو ڇا ڪيائين جو
پنهنجي ڊونڊيءَ کي لاڙي وڃي ڪانءَ جي ويجهو وڃي ۽
ونجهه ڊگهيري، کڻي آڻي ٻيڙي جي آڳيل تي رکيائينس.
پوءِ هيءُ کنڀن سڙيل، پاڻيءَ پسيل ڪانءُ، جهڙو هو
تهڙو بُوتو بڻجي اتي ويهي رهيو. نه چري، نه پري،
جهرڪيءَ جي کائڻ جي ڳالهه ته ڪڏهوڪو دل تان لهي
ويئي هيس. نيٺ جڏهن ٿورو اُس تڙڪو لڳس ۽ ڪجهه
هلڪڙائي ٿيس، تڏهن هيڏي هوڏي هلڻ ۽ چُرڻ پرڻ جهڙو
وڃي ٿيو، پر نئين سر کنڀن نڪرڻ لاءِ کيس ڪي ڏاڍا
ڏينهن لڳڻا پيا. وري به شاباس هجي ويچاري ميربحر
کي، جنهن جا هٿ نصيب ٿيس، نه ته ڪانءُ مسڪين وڃڻ
کي ويو هو! آخر جڏهن کنڀ نڪتس. تڏهن اتان اڏري،
منهن ڪري، ڪنهن پاسي هليو ويو. بس اهو ڏينهن اڄوڪو
ڏينهن، ڪانءَ وري ڪنهن جهرڪيءَ جو نالو ڪو نه
ورتو. مائي جهرڪي اها ئي ماڻهن جي گهرن ۾ آکيرا
ٺاهيو مزا ويٺي ڪري ۽ ڪِني ڪانءُ، جا هن سان ريس
ڪئي، تنهن جي حالت اڄ به اها ئي آهي، جيڪا اڳي
هئي. ماڻهن کي اصل ڏٺي به ڪين وڻي، پري کان ئي
هرڪو پيو پري هڪليس.
گونگو جهرڪُ
ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ڪراڙو شخص ۽ سندس زال جپان جي
هڪ ٽَڪريءَ تي رهندا هئا. انهيءَ شخص جي زال عمر ۾
وڏي ۽ طبيعت جي ڏاڍي چيڙاڪ هوندي هئي، جنهن ڪري
پوڙهو ويچارو وڏي آزار ۾ هوندو هو. پنهنجي مڙس سان
وڙهڻ وقت سندس رڙيون ۽ ڇڙٻون ٻڌڻ وٽان هونديون
هيون. هوءَ ساڙ سڙي به هئي. اهو ئي سبب هو جو هن
جي غريب مڙس جو دنيا ۾ ڪو به يار دوست ڪو نه هو،
سواءِ هڪ پاليل جهرڪ جي. جنهن کي به هوءَ ندوري
اُٿندي ويهندي پئي پٽيندي ۽ پاراتا ڏيندي هئي.
هڪڙي ڏينهن اهو ڪراڙو شخص ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ ويو ۽
جوڻس گهر ۾ ڪپڙا پئي ڌوتا. هونئن ته سدائين ڪپڙن
ڌوئڻ واري ڏينهن ۾ هن جي ڪاوڙ تمام زور هوندي هئي،
ڇاڪاڻ ته ڪپڙن سٽڻ ڪري هن کي ٿوري محنت ڪرڻي پوندي
هئي. جنهن ڪري پٺن ۾ ڏاڍو سور ٿيندو هيس. ان ڏينهن
هن ٿورڙو مائو به ٺاهي ڪاٺ جي ڳاڙهي پيالي ۾ وجهي،
ٺارڻ لاءِ رکي ڇڏيو هو. جڏهن واندي ٿي مائو کائڻ
لاءِ گهر ۾ آئي ته ڏسي ته پيالي جي ڪناري تي جهرڪ
ڏاڍي مزي سان ويٺي مائو کاڌو. هُن کي نَنهن کان
وٺي چوٽيءَ تائين باهه لڳي ويئي ۽ ڪاوڙ منجهان
جهرڪ کي جهليندي ڪئنچي کڻي، هن جي ٿوري چهنب زبان
سوڌو وڍي ڇڏيائين. ڀل ته جهرڪ کي سيکت هجي. هن جوش
مان چيو، هاڻي جتي جو آهين، اوڏانهن وڃ ۽ وري
منهنجي منهن تي نه چڙهجان! پوءِ هن جهرڪ کي کڻي
هوا ۾ اڇلايو. ويچارو پکي، ڏک وچان گهر جي چوڌاري
ٻه ٽي ڦيرا ڏئي، هڪ طرف اُڏامي هليو ويو، جڏهن
ڪراڙو گهر آيو، تڏهن سموري ڳالهه ٻڌي ڏاڍي ڏک ۾
پئجي ويو. هن کي اها ڳالهه تمام خراب لڳي ۽ چوڻ
لڳو ته ندوري تو هيءُ ڇا ڪيو! ۽ پوءِ گهڻي گهڻي
رات تائين زال مڙس وڙهندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا پر
هاڻ ڪجهه چوڻ بنهه اجايو هو. جهرڪ ويچارو پنهنجي
چُهنب وڍائي اُڏامي ويو هو ۽ ڪراڙي شخص کي سواءِ
ڪنهن اولاد ۽ دوست احباب جي، اڪيلي سر پنهنجي
جهيڙاڪ – زال سان حياتيءَ جا باقي چار ڏينهن
گذارڻا هئا. گهڻن مهينن گذارڻ کانپوءِ هڪڙي ڏينهن
جيئن ڪراڙو جبل تي پئي چڙهيو ته سنهڙي آواز ۾ کيس
ڪنهن سلام ڪيو. اهو انهيءَ ساڳئي جهرڪ جو آواز هو
جنهن جو هينئر نمونو ئي ٻيو هو. چهنب وڍجڻ جي ڪري
هن ماڻهن وانگر پئي ڳالهايو. ڪراڙو ۽ سندس دوست
جهرڪ ڏاڍي قرب ۽ چاهه سان اچي پاڻ ۾ مليا ۽ پوءِ
جهرڪ هن کي پنهنجي زال ۽ ڌيئرن سان ملڻ لاءِ گهر
هلڻ جي دعوت ڏني. |