سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: آکاڻيون (ڀاڱو پهريون)

 

صفحو : 4

ٻڍڙيءَ جو ٽَڪو

هڪ ٻڍي مائيءَ هڪ واپاري کي چيو ته آئون جيڪر ڪجهه رپيا واپار ۾ لڳايان پر مون کي واپار بابت ڪا به ڄاڻ ڪونهي جي تون مون کي ڪجهه فائدي بابت معلومات ڏئي سگهين ته تنهنجي وڏي مهرباني.

واپاريءَ جواب ڏنو ته ”واپار جو بنيادي اصول هيءُ آهي ته جي رقم اصل وٺجي ئي نه، ته هر ڪنهن ڇهين مهينن کانپوءِ رقم ٻيڻي ٿي پوندي آهي“ ٻڍي پڇيس ته ڇا تنهنجو واپار انهيءَ قسم جو آهي؟

واپاريءَ جواب ڏنس: سچ پچ منهنجو نمونو ته اهو آهي جيڪا رقم ان ۾ لڳايان ٿو سا هر ڪنهن ڇهن مهينن کانپوءِ ٻيڻي ٿيو پوي.

Text Box: اهو ئي سبب آهي جو ٿوري عرصي  ۾ ٽي جڳهون خريد ڪيون اٿم، ٻن پٽن جي شادي ڪرائي اٿم ۽ بابو جيڪو قرض ڇڏي ويو هو، سو به لاٿو اٿم. ٻڍيءَ جي دل پڻ سُرڪي ويئي، جهٽ پٽ پنهنجي چادر مان هڪ ٽڪو ڇوڙي، واپاريءَ کي هٿ ۾ ڏيئي، چيائين ته منهنجو ٽڪو به پنهنجي واپار ۾ لڳائي ڇڏ. آئون جڏهن موٽي آيس تڏهن حساب ڪري جيڪي ٿيو، سو توکان وٺنديس. ٻڍيءَ جي اِها ڳالهه ٻڌي، واپاري وائڙو ٿي ويو مگر نرم دل ماڻهو هو، ٻڍيءَ جي دل کي صدمو پهچائڻ لازم نه ڄاتائي، سو سندس ٽڪو پنهنجي بنديءَ ۾ جمع ڪري ڇڏيائين.

ٻارنهن سال گذري ويا، واپاريءَ کان هن ٻڍيءَ مائي واري ڳالهه ئي وسري ويئي هئي. اوچتو هڪ ڏينهن ٻڍيءَ سندس دڪان تي چڙهي آئي ۽ کيس چوڻ لڳي ته منهنجو حساب صاف ڪر. واپاري حيران ٿي ويو. گهڻو ئي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ياد ڪين آيس ته هن ٻڍيءَ جي ڪهڙي رقم آهي؟ آخر ٻڍيءَ جڏهن کيس نشان پتا ڏيئي سڄي ڳالهه ياد ڏياري تڏهن واپاريءَ چيو ته بيشڪ مون تنهنجو ٽڪو ڪارخاني ۾ لڳايو آهي. مون تو سان اقرار ڪيو هو ته تنهنجو ٽڪو هر ڇهن مهينن کان پوءِ ٻيڻو ٿيندو ويندو. ٻڍي ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين ”چڱو ڀائي! هينئر منهنجو حساب صاف ڪر، عمر گهڻي گذري وئي آهي نه  ڄاڻان ڪڏهن الله وٽ هلي وڃان. متان منهنجي سڄي رقم ئي گم ٿي وڃي!“ واپاريءَ ٻه رپيا ڪڍي کيس ڏنا ۽ چيائينس، ”وٺ هيءَ آهي تنهنجي رقم.“

ٻڍيءَ مائي کڻي گوڙ ڪيو .چي: ”ڀائي، ڪجهه الله جو به ڀئو ڪر ڇو ظلم تي سندرو ٻڌو اٿئي؟ جو مون غريب زال جا رپيا ڦٻائڻ ٿو چاهين؟“ گوڙ تي آسپاس جا دڪاندار اچي ڪٺا ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ”امان ٻڍي! ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

ٻڍيءَ پيرائتي ڳالهه ڪري کين ٻڌائي ۽ چوڻ لڳي ته هينئر هي واپاري منهنجو حساب نٿو ڪري، مون کي فقط ٻه رپيا ڏئي ٽاري ٿو ڪڍي، پر منهنجو پائي پائيءَ جو حساب ڪرڻ کپي، جيڪي منهنجو وٽس حساب ثابت ٿئي، سو مون کي ڏنو وڃي. هڪ دڪاندار اُن واپاري کي چيو ”ٻڍي ته ٺيڪ ٿي چوي، تون حساب ڇو نه ٿو ڪري ڏينس؟ هن وراڻي ڏني: ”تون ئي مس قلم کڻي حساب ڪر. ٻارهن سالن جون ٿيون چوويهه ڇهماهيون، انهي حساب سان سندس ٽڪو ٻيڻو ٿيندو ويو. ٻڍيءَ چيو ”تنهنجا ٻچا جيئن! مان به ائين ٿي چوان. بس ويهي حساب ڪريو!“

حساب ٿيڻ لڳو ۽ ٻڍيءَ جو ٽڪو 24 ڇهماهي بعد اجهو هيئن ٿي وڌيو:

پهرين ڇهماهي

هڪ آنو

ٻين ڇهماهي

ٽين ڇهماهي

چوٿين ڇهماهي

پنجين ڇهماهي

ڇهين ڇهماهي

ستين ڇهماهي

اٺين ڇهماهي

نائين ڇهماهي

ڏهين ڇهماهي

يارهين ڇهماهي

ٻارهين ڇهماهي

تيرهين ڇهماهي

چوڏيهن ڇهماهي

پندرهين ڇهماهي

سورهين ڇهماهي

سترهين ڇهماهي

ارڙهين ڇهماهي

اوڻيهين ڇهماهي

ويهين ڇهماهي

ايڪيهين ڇهماهي

ٻاويهين ڇهماهي

ٽيويهين ڇهماهي

چوويهين ڇهماهي

 

ٻه آنا

چار آنا

اٺ آنا

1 رپيو

2 رپيا

4 رپيا

8 رپيا

16 رپيا

32 رپيا

64 رپيا

128 رپيا

256 رپيا

512 رپيا

1024 رپيا

2048 رپيا

4096 رپيا

8192 رپيا

16384 رپيا

32768 رپيا

65536 رپيا

131072 رپيا

262144 رپيا

524288 رپيا

ٻِڍيءَ کي هڪ ٽڪي جي بدلي پنج لک چوويهه هزار، ٻه سئو اٺاسي رپيا مليا ۽ واپاريءَ جو ڏيوالو نڪري ويو.

 

سدا گلاب

گلاب جو گل ته هر ڪنهن ڏٺو آهي؟ ڪهڙو نه سهڻو ۽ سُرهو هوندو آهي. هونئن به سمورا گل موتيو، چنبيلي، سورج مُکي، رتن جوت وغيره سڀ سهڻا گل هوندا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي مند ۽ موسم ۾ ڏاڍي بهار ڪندا آهن پر گلاب جي گل جو  هڪڙو اهڙو قسم آهي، جنهن کي سڏبو آهي ”سدا گلاب“ هي گل سال جا ٻارنهن ئي مهينا ٻوٽي تي بهاري لايو بيٺا هوندا آهن. ”سدا گلاب“ جو ٻوٽو، جو ٻارهو ئي گل جهلي ٿو، تنهن لاءِ هڪڙي ڏاڍي مزيدار ڳالهه ڪندا آهن ۽ اها اجهو هيئن آهي: اسان جي ملڪ کان گهڻو پري هڪڙو ملڪ آهي، جنهن جو نالو آهي يونان انهي ملڪ ۾ اڄ کان ڪيئي هزار ورهيه اڳ هڪڙو ديو اچي نڪتو، جنهن جو ڪم ئي هوندو هو، ماڻهن ۾ جهيڙو فساد ڪرائڻ ۽ ڪنهن طرح منجهن لڙائي شروع ڪرائڻ، سو انهي ديو جي اچڻ سان چوطرف فتنو فساد پکڙجي ويو، ۽ ماڻهو ٿوري گهڻي ڳالهه تان هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳا. ماڻهو وڙهڻ ۾ مشغول ته ديو وري سندن مال متاع چٽ ڪرڻ ۾ مصروف، بس چوطرف تباهي پکڙجي ويئي. هارين پنهنجن پوکن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ اشرافن گهر مان ٻاهر نڪرڻ کان قسم کنيو. زمينون ڀڙڀانگ ٿي ويون ۽ رونق وارا شهر اُجڙي ويا. پوءِ ته اچي ڏڪار پيو. سج بادشاهه جڏهن روز صبح جو سوير پنهنجي سوني رٿ ۾ ويهي، آسمان جي سير تي نڪرندو هو ته يونان جي ماڻهن جي هيءَ حالت ڏسي دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيندو هئس. نيٺ رهيو ڪو نه ٿيس ۽ آخر هڪڙي ڏينهن اهو ارادو ڪري يونان جي ڌرتيءَ تي لٿو ته فتني ۽ فساد جي هن ديو سان مقابلو ڪجي، پوءِ ڀل پنهنجي جان قربان ٿي وڃي. ديو جو سج بادشاهه کي هٿ لائي ئي لائي، تنهن کان اڳ ۾ پري کان ئي سج بادشاهه جي تيز ۽ گرم ڪرڻن ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيس. اهو ڏسي چوطرف شادناما ٿي ويا ۽ ماڻهو سج جي ساراهه ۾ گيت چوڻ ۽ ناچ ڪرڻ لڳا. سج بادشاهه جنهن ڪم لاءِ ڌرتي تي لٿو هو سو ڪم ته پورو ڪيائين سو ارادو ڪيائين ته آسمان جو سير ته روز ڪريان ٿو اڄ موقعو مليو آهي سو  اڳ پوءِ ڌرتي جو ٿورڙو سير ڪري. پوءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي اجهو ٿو وڃي آسمان تي پهچان. انهيءَ ارادي سان هلندو هلندو اچي درياءَ جي ڪناري تي پهتو. مڄاڻ ان مهل درياءَ مان بادشاهه جي ڌيءَ به پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري درياءُ جي ڪناري جي سير لاءِ نڪتي هئي. تنهن تي جو سج بادشاهه جي نظر پيئي سو ان گهڙي ئي مٿس عاشق ٿي پيو. ڀلا ڪا شهزادي جهڙي تهڙي سهڻي ته ڪا نه هئي. رنگ اهڙو هئس جهڙي برف ۽ آواز وري اهڙو نرم  جهڙو وهندڙ شفاف پاڻيءَ جو هجي! سج بادشاهه ٿورو اڳتي وڌي چيس او سونهن سوڀيا جي ديوي ! مان سج آهيان، سو تون منهنجي سونهري گاڏيءَ ۾ چڙهي مون سان گڏ آسمان جو سير ڪندينءَ؟ پر شهزاديءَ جو اڳي ڪڏهن ڪو اوپرو شخص ڪو نه ڏٺو هو، سا جواب ڏيڻ بدران ڊپ ۽ حجاب کان وٺي گهر ڏانهن ڀڳي، جيئن جو هيءَ ڀڳي ته سندس سنگتي ساٿي ڀنڀوريون نوريئڙا، ڳيرا ۽ پوپٽ به سندس پويان هلڻ ۽ اُڏرڻ لڳا. بس پوءِ ته اهو سڄو لشڪر اڳيان ڀڳو وڃي ۽ پويان ويچارو سج بادشاهه منٿون ڪندو اچي. چئي سهڻي شهزادي تون ڀڄين ڇو ٿي؟ هڪڙو منٽ ته بيهه، هڪڙي گهڙي دل سان منهنجي ڳالهه ته ٻُڌ پر شهزادي پوئتي نه نهارڻ جو ڄڻ قسم کاڌو هو. سج بادشاهه جي گهڻي منٿ ميڙ تي هو پريشان ٿي رڙيون ڪرڻ لڳي، چئي بابا! اڙي بابا!  مون کي بچاءِ! هيءَ  الائي ڪهڙي بلا پويان ڪاهي پيئي آهي. شهزاديءَ جي پيءُ، جو سندس ڌيءَ جون رڙيون ٻڌيون سو هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳو. جان کڻي ڏسي ته مار، سج بادشاهه پاڻ پنهنجي سر ڊوڙندو سندس گهر تي اچي ويو آهي! سج کي ڏسي درياءُ بادشاهه منجهي پيو.

سج گهڻو ئي سهڻو ۽ رعب تاب وارو هو، پر هيئن جو هن جي ڌيءَ جي پويان پيو هو سا اها ڳالهه درياءَ بادشاهه کي نه وڻي پر پوءِ پنهنجي ڌيءُ کي ڪٿي لڪائي به نٿي سگهيو! ڀلا سج کان ڪير لڪي سگهندو ۽ جي ڪو لڪندو ته اهو اوندهه ۽ سيءَ ۾ پنهنجو پاڻ مري ويندو سو درياءَ بادشاهه ڇا ڪيو، جو ڌيءَ کي ٻانهن مان جهلي اتي ئي روڪي، پنهنجي پاڻيءَ جي طاقت سان ڌرتي تي ڄمائي، گلاب جو ٻوٽو ڪري بيهاري ڇڏيائينس. سج بادشاهه جڏهن اهو ڏٺو، تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو... شهزادي، جا گلاب جو ٻوٽو ٿي وئي هئي سا هميشه لاءِ هن کان پري ٿي وئي. بس پوءِ ته ويچاري سج بادشاهه اکين ۾ ڳوڙها آڻي، ٻوٽي جي پنن ۽ گلن تي سونهري ڪرڻا وڌا ۽ دعا ڏنائينس، ته تون منهنجي راڻي ته نه ٿي سگهينءَ پر پوءِ به منهنجي دعا اها اٿئي ته تون هميشه سرسبز هوندينءَ ۽ سدائين تنهنجي شاخن تي سهڻا ، ڳاڙها ۽ سرها گل هوندا. انهيءَ ڏينهن کان وٺي انهيءَ ٻوٽي کي ماڻهو ”سدا گلاب“ سڏڻ لڳا. ڇو جو  ان جي شاخن تي پوءِ سدائين سهڻا ۽ سرها گل ڦٽا بيٺا هوندا هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو گلاب جو ٻوٽو سڄو سال گل جهليو بيٺو هوندو آهي.

پٽاٽو خان

اچو ٻارو! هن سان ملون، هيءُ آهي ميان پٽاٽو خان،  ذات  ڀاڄي ۽ ملڪ نباتات، سندس اصل نسل جي خبر ڪنهن کي به ڪانهي. چون ٿا ته اٽڪل 1538ع ڌاري ڏکڻ آمريڪا جي ڪنهن جهنگ مان لڌو ويو هو. ڪو سائينءَجو سنواريو هن مسڪين کي 1570ع -  1579ع ڌاري ٻانهن مان جهلي يورپ ۾ هن کي وٺي آيو، جتان اسپين جو چڪر هڻندو، هيءُ جوان ۽ مشهور ٿي اٽلي پهتو ۽ 1588ع ۾ وائنا جي شهر ۾ اچي وارد ٿيو. اوائل ۾ ڪي الله جا بندا کيس مٿي جو  موڙ ڪري ليکيندا آهن ته ڪي وري کيس جاني دشمن ڪري سمجهندا آهن. فرانس جي راڻي ”ميري ائن“ لاءِ چوندا آهن، ته هوءَ سونهن لاءِ پٽاٽي جي ول جا گل پنهنجي وارن ۾ وجهندي هئي. هوڏانهن اسڪاٽلينڊ جا پادري وري پٽاٽي خان خلاف وڏا واعظ ڪندا هئا. ڇو ته سندس نالو پاڪ انجيل ۾ ڏنل نه هو جنهن ڪري کيس منع ٿيل ميوو ڪري ليکيندا هئا، جنهن جي کائڻ سان ڏاڏو آدم عرش کان اچي فرش تي پيو. جرمنيءَ جو بادشاهه فريڊرڪ اعظم، پاڻ پٽاٽي خان جو بار هو، هو ٻنين ۾ پٽاٽن جي پوک ڪندو هو. سندس ٻوٽو ماڻهن کي پٽاٽن پوکڻ لاءِ زور ڀريندو هو ۽ دڙڪا ڏيندو هو ته جيڪو سندس چوڻ نه مڃيندو تنهن کي سزا ڏني ويندي.

اتر يورپ ۾ غريب ماڻهن کي جڏهن پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه مليو تڏهن پٽاٽي خان هنن جو پيٽ ڀريو، جنهن ڪري پٽاٽن جي ضرورت به محسوس ٿي ۽ قدر۽ مان پاڻ وڌيو.

هندستان ۾ انگريزن پٽاٽي خان کي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ مان پاڻ سان گڏ آندو. ميڊرنگ پهريون شخص هو، جنهن ديرا دون جي اُترئين پاسي پٽاٽن جي پوک ڪئي. ڪئپٽن ٽائونسينڊ  هندستان ۾ پٽاٽن جي جنس کي سڌاريو. مطلب ته ٿيندي ٿيندي 1849ع تائين، پٽاٽو خان سڄي جڳ جهان ۾ مشهور ۽ مانائتو ٿي ويو.

وارن هيسٽنگس، جن ڏينهن ۾ هندستان جو وائسراءِ هو، تن ڏينهن هن پٽاٽن جي هڪ ٽوڪري بمبئيءَ جي گورنر کي سوکڙي ڪري موڪلي، جنهن انهن جي ڀاڄي ٺهرائي ڪائونسل جي ميمبرن کي دعوت ڏيئي، کين پٽاٽن جي چس وٺائي. پٽاٽي کي ڪٿي ”آلو“ ڪٿي ”بلائتي“ ته ڪٿي وري ”اڙل گڊا“ به سڏيندا آهن.

تندرستيءَ جي خيال کان  پٽاٽو طاقتور کاڌن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. منجهس فولاد، وٽامن بي ۽ سي، ڪئلشيم ۽ فاسفورس ججهي انداز ۾ ٿئي ٿو. البت هضم ٿيڻ ۾ مڙيئي چڱو وقت وٺندو آهي. چانورن ۽ ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ عام طرح هڪ ايڪڙ زمين ۾ پنجاهه – سٺ مڻ پٽاٽا پيدا ٿين ٿا. جڏهن ته  هڪ ايڪڙ ۾ ڪڻڪ يا چانور فقط ڏهه مڻ پيدا ٿيندا آهن. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ پٽاٽن انگريز عوام ۽ فوج جو ڪافي بچاءُ ڪيو هو. اهڙو آهي اسان جو يار پٽاٽو خان!

پٽاٽن جي پوک هونئن آڪٽوبر جي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيندي آهي پر اسان جي سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني ۾ به پٽاٽن جي پوک ٿيندي آهي. پهريائين زمين کي ولي، ڀاڻ ڏيئي نرم بڻايو ويندو آهي. پوءِ ناڙيءَ جيان هڪ ٻن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي اوڙون ڏيئي انهن ۾ پٽاٽي جو ٻج هنيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جو پٽاٽي جي اک مٿي رهي ته جيئن ڦوٽهڙي وقت ول کي اسرڻ ۾ سهنجائي ٿئي. ۽ پوءِ مٽي وجهي اوڙون  پوري ڇڏبيون آهن.

پٽاٽي جي پوک لاءِ ڦلهيار چنو ۽ هڏن جو چورو نهايت ڪارائتو ڀاڻ آهي. پٽاٽو جڏهن ٻور تي ايندو آهي، تڏهن سمجهبو آهي ته هاڻي پاڙون هڻي رهيو آهي ۽ جيستائين پن ۽ ول ڪومائجي ۽ سڪي نه وڃن تيستائين پٽاٽي کي کوٽيو نه ويندو آهي، پورا پڪا پٽاٽا نه رڳو کاڌي ۾ چڱا ٿا ٿين، پر ڳچ وقت تائين سانڍي رکڻ ڪري خراب به نٿا ٿين. اهو ئي سبب آهي جو شهرن ۾ ٻارنهن ئي مهينا ماڻهن کي پٽاٽا ملي سگهندا آهن.

پٽاٽن جي پوک ڏاڍي فائديمند آهي. هڪ جريب ۾ 50 کان 60 مڻن تائين به پٽاٽن جي پيدائش ٿي سگهي ٿي.

 

 

پنهنجا گهر پنهنجو وطن

جڏهن آئون ننڍڙو هئس. تڏهن الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون رانديون ڳوٺ جي ڀائرن ڀينرن سان کيڏندو هئس، تن مان ڪي رانديون اڄ به ياد اٿم ۽ ڪڏهن ڪڏهن دل گهرندي اٿم ته اهي رانديون ويهي کيڏان!

اها ننڍڙي عمر گذري ويئي ته رانديون به پاڻ سان کڻي ويئي پر يادگيريون جي مٺڙيون ۽ سندر آهن، سي اڄ به منهنجي من ۾ وسيون پيون آهن، انهن مان ڪي توهان کي اڄ ٻڌايان ٿو.

Text Box: مون کي ياد آهي، ته اڃا سج باکون پيو ڪڍندو هو، ته آئون مانيءَ لاءِ ڌمچر مچائيندو هوس. رَٻ کائي اچي ڳوٺ جي ڀر واري نهر تي سير لاءِ نڪرندو هئس. ڳوٺ جا ٻيا به مون جيترا پتڪڙا پتڪڙا ٻارڙا سڀ اچي اتي سهڙندا هئا. پوءِ واٽر جي ڪپ سان لانڍي لائي ويهي رهندا هئاسون. پير يا هٿ رکي. مٿان آلي واريءَ جو دڙو کڻي ڪندا هئاسون ۽ جڏهن پير يا هٿ کڻي ڪڍندا هئاسون، ته غار نموني وارا گهر ٺهي پوندا هئا. سڀ ڪنهن جو گهر جُدا نموني جو هوندو هو. ڪنهن جو صُفي وانگر چوڪنڊو، ڪنهن جو لانڍيءَ وانگر ۽ ڪنهن جو وري اڀو ئي اُڀو چونري جهڙو.

Text Box: اهي ننڍڙا ننڍڙا گهرڙا سچ پچ ته اسان جو ڳوٺ هوندا هئا. اسان پوءِ انهن پنهنجن گهرڙن اڳيان پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪندا هئاسون. ننڍڙا ننڍڙا ٿلها ۽ اڱڻ، تن کي به راڳيءَ جو هٿ ڏيئي چلڪڻو ۽ گسڪڻو ٺاهيندا هئاسون. اسان جي انهن ننڍڙن گهرڙن جي سامهون بلڪل سامهون وڏن وڏن گهرن جو ڳوٺ هو، جتي اسان جا ابا ڏاڏا ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا. اڀرندي ۾ شاخ جي لڳ اسان جي مٽيءَ جي گهرڙن جو ڳوٺ مچي ويندو هو ۽ سامهون وڏن ڪکائن گهرن جو وڏو ڳوٺ هوندو هو. سج جا تڙڪا ڊگهن ڊگهن ٻٻرن مان ڇڻندا، وڻ جي پاڇن کي پاڻ سان وٺي اسان کان اڳ ۾ ٿي پوءِ وڏي ڳوٺ ڏي ويندا هئا. انهيءَ وقت ٻي ته ڪنهن ڳالهه جي خبر ڪا نه پوندي هئي، پر تڙڪي ۽ ڇانءَ  کي ضرور سمجهندا هئاسون. اُس جي ڪري اهي گهر ڇڏي، وري وڃي ڇانءَ ۾ ٻيا گهر ٺاهيندا هئاسون. شاخ جي اوڀر اولهه ٻنهي ڪپن تي اسان جا ڳوٺڙا هئا ۽ اسان ٻنهي پاسي پيا رانديون کيڏندا هئاسون.

انهن ننڍڙن ننڍڙن گهرن ۾ ننڍا ننڍڙا گُڏا گُڏيون ٺاهي، ڳيچ ۽ راڳ ڳائي، ساٺ ۽ سوڻ ڪري، انهن کي لائون ڏيئي، لايو سجايو ڪندا هئاسون. انهيءَ وقت اسان کي ايتري ته خوشي ٿيندي هئي، جا اڄ وڏي ٿيڻ کانپوءِ ڪونه ٿي لڀي.

ماسي حليما، جا اسان سڀني جي ماسي هئي. تنهن جي ننڍڙي پوٽي مٺڻ اسان جي اهڙين ٻاراڻين شادين تي ننڍڙا ۽ مٽيءَ هاڻا پير زمين تي هڻي لاڏا ڳائيندي هئي. ڪارين ڪارين ٻانهن کي هيٺ مٿي ڪري، آڏو ابتو نچندي به هئي ۽ اسان سڀ ڳاڙهيون ڪاريون ٺڪريون گهور ڪري ڏيندا هئاسونس. اهي ٺڪريون اسان وٽ رپين جو ڪم ڏينديون هيون. اهڙيون خوشيون ملهائيندي ملهائيندي بک به لڳندي هئي. پوءِ سڌي قطار ٺاهي، هڪ ٻئي جي چولن جي پٺين پلاندن کي هٿ ۾ سوگهو ڪري، ريل گاڏيءَ وانگر ڇُ ...... ڇُ..... ڇُ ڪندي، ڪوڪون ڪندي اچي وڏي ڳوٺ ۾ نڪرندا هئاسون. ماني لسي کائي پي وري اچي مٽيءَ جي گهرن وٽ محفلون مچائيندا هئاسون. انهن پنهنجن ڳوٺڙن کي بچائڻ لاءِ ننڍڙين ڍينگرين جو چوڌاري لوڙهو ڏيئي ڇڏيندا هئاسين. ڍور ڍڳا ۽ ڌراڙ پنهوار اچي اسان جا گهر ڊاهي ويندا هئا ۽ رتيءَ جو به قياس ڪونه پوندو هون. تنهنڪري ننڍڙي لوڙهي ۾ اسان پنهنجا ڳوٺڙا بچائيندا  هئاسون. اهي مٽيءَ جا گهرڙا بچائيندا هئاسون. انهن گهرن ۾ نه هوندي هئي اُس جهلڻ جي سگهه ۽ نه وري سيءَ جهلڻ جي طاقت. تڏهن به اسان اُنهن کي بچائڻ لاءِ وڏا وس ڪندا هئاسون.

اجهو ائين راند روند ڪندي مهينا ۽ سال گذري ٿوڙو وڏو ٿيس ته کڻي اسڪول ۾ ويهاريائون. پَٽي هٿ ۾ ڪري ٻين ٻارن سان آئون به پيو پڙهندو هوس. ٿوري وقت کان پوءِ ڪي ٻاتڙيءَ ٻوليءَ ۾ اُچار به جهونگارڻ لڳس. ڪڏهن ڪڏهن اسڪول مان گسائي وڃي انهن مٽيءَ جي ٺاهيل گهرن ۾ راند ڪندو هوس ۽ ڪي ٻيا به گهر ٺاهيندو هوس. اُنهيءَ تان ٻه چار دفعا اُستاد مارَ به ڪڍيم ۽ مائٽن به گهر ۾ دڙڪو داٻ ڪيم، سو اسڪول مان گسائڻ ڇڏي ڏنم. پوءِ رڳو موڪلن وارن ڏينهن  ۾ سڀ ملي وڃي ساڳيون رانديون رچائيندا هئاسون. نيٺ ته ائين اسڪول سان هري ويس. پوءِ ته وري اسڪول جي راندين ونجهه وٽي، ڪوڏي ڪوڏي وغيره ۾ وقت گذاريم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com