سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون

 

صفحو : 7

گلزار حياتي

ٺاهي ڪريو سنسار ۾ گلزار حياتي،

خوش دل مان ڪڍي جا سدا هٻڪار حياتي.

 

جا درد پرائي ٿي، ٿي همدرد دکيءَ تي،

سا خوب مزيدار ۽ سينگار حياتي.

 

جا آپ ڀلي لئه ٿي جئي ۽ جڳت لئه

سا ڄاڻبو جئري رهي مردار حياتي.

 

جنهن پاڻ کي دنيا جي نه درپن ۾ سڃاتو،

ٿي خواب خيالن مان نه بيدار حياتي.

 

منشا بنا  انسان ته اولي بنا ٻيڙي،

مقصد بنان بي سود ۽ بيڪار حياتي.

 

جنهن پاڙ هڻي پِرت ۾ ميوو نه پچايو،

سا ڀونءَ مٿان بند بڻي بار حياتي.

*

اسڪائوٽ

خاص هي آهي مَتو اسڪائوٽ نتهنجو تيار رهه،

ٻول پنهنجي تي پڪو پورو ۽ پختو، تيار رهه.

 

بادشاهه سان ملڪ سان ۽ قدم سان ۽ حيات سان،

رهه سچو ثابت قدم سورهيه ۽ جوڌو، تيار رهه.

 

ڄاڻ سو موقعو غنيمت جو ملي خدمت جي لئه

توکي رکڻو نيڪ سان آهه ناتو، تيار رهه.

 

داخلا رک چوپڙيءَ تي ڪارنامن جي صفا،

نيم ڪر هر روز تون نيڪي ڪرڻ جو، تيار رهه.

 

ڪڇ نه ڪڇ سکڻو کپي توکي ڪرڻ تڪڙو علاج،

ڊاڪٽر پهچڻ کان اڳ ۾ ٿي وسيلو، تيار رهه.

 

ڪئمپ هڻ ساٿين سان گڏجي، جهنگ ۾ راتيون گذار.

آهه ٻاهر جو به وٺڻو آزمودو، تيار رهه.

 

باهه ٻارڻ ۽ وسائڻ، طعام ٺاهڻ  ۽ ترڻ،

ڄاڻ جاسوسي ڪرڻ پيرو کڻڻ ڪو، تيار رهه.

 

تيز رک ڪن ۽ اکيون، رک پير ڊوڙڻ لئه تکا،

سک ٽپڻ چاڙهيون چڙهڻ ڪر ڀؤ نه ڀولو تيار رهه.

 

آهه ”بيوس“ هن تحرڪ ۾ ڌريل جادو اثر،

ٿو ڪري ٻارن کي ڦيري شير بانڪو تيار رهه.

*

ٻار جي سنڀال

 

جنهن ٻارڙي جي پرگهور پوري سنڀال ٿئي ٿي،

 

تنهن جي ڳلن تي لالي، گل جي مثال ٿئي ٿي.

 

گدلي رهڻ جي عادت هاڃو ڪري ٿي ڪيڏو،

پي ماءُ لئه اُنهن جي جندڙي وبال ٿئي ٿي.

 

جنهن ٻار کي نياپو پرهيز ۽ هنر سان،

صورت سوائي سهڻي ۽ باجمال ٿئي ٿي.

 

ميري، ڪِنِي رهڻ کان جت آهه خاص نفرت،

اُت موت کي اچڻ جي ڪهڙي مجال ٿئي ٿي.

 

جت سادگي صفائي تن من جي اَوجلائي،

”بيوس“ اُتي اگهائي، خود پائمال ٿئي ٿي.

*

پکيءَ جي پُڪار

 

تازو تري اچي ٿو دل تي اُهو زمانو،

جنهن ۾ اَڏيو اَجهو  مون آزاد آشيانو،

لامن تي لوڏ منهنجي شاخن تي شادمانو،

غنچن تي ۽ گلن تي منهجو هو خاص گانو،

موجود ۽ ميسر هو سير آسماني،

چهري مان ٿي خوشيءَ جي نروار ٿي نشاني.

 

سهڻو صبح سمون مون، گلزار ۾ گذاريو.

مکڙين کي هير ايندي، ٿي ننڊ مان اُٿاريو،

تازن گلن ڦلن کي منهن ماڪ ٿي ڌئاريو،

ڌرتيءَ جي فرش کي ٿي سبزيءَ کُلي سنواريو،

منهنجو اُٿڻ اُڏڻ هو پنهنجي وڏي ولر سان،

خوش هوس پنهنجي پَر ۾ گدگد گذاري گهر سان.

 

ڪافي نه قوت منهنجو ٿورن ڪچن ڪڻن تي،

آزاد ٿي وڃي جي، ويهي رهان وڻن تي،

ڇوڳي لئه چهنب منهنجي شايد پوي مڻن تي،

خوراڪ آهه خاصي گهاٽن ڇڳن گهڻن تي،

وٺندو وتان خوشيءَ سان مٺڙي هوا چمن جي،

مون کي پَڻي پياري پنهنجي پرين وطن جي.

 

وڇڙي وطن ولر کان هي حال ٿي رهيو آ،

دل غم کي پي رهي آ غم دل کي پي رهيو آ،

جيڪس هي جسم جنسي بي جان جي رهيو آ،

هيڻن هڏن بنان ٻيو باقي نه ڪي رهيو آ،

پڃري جو پئد مون لئه موجن جو ماڳ ناهي،

هيءَ دانهن آهي دردي، آلاپ راڳي ناهي.

 

آجو رهي ٿوماري، ڪئن پاڻ مؤج ماڻي؟

ليڪن نه مون پکيءَ تي ٿو ترس ڪوبه آڻي،

آزاد جنهن گذاريو سو قيد مان نه ڄاڻي،

بانديءَ جي حال دل جو باندي رڳو پَڇاڻي،

آزاد مون کي ڪرتون او قيد ڪندڙ سائين،

مون بي زبان جي ”بيوس“ آسيس کٽ سدائين.

*

(علامه اقبال جي نظم جو ترجمو)

کُڙ کٻيتو

ڇا کڙ کٻيتڙي کي آهي کنوڻ کنڀن ۾،

بجلي بتي ڦري ٿي گويا گُلن ڦُلن ۾.

 

لاٽون ڪڍي لڱن مان ٿو باهه جي ڄڀيءَ جان،

چمڪاٽ ساڻ چمڪي چانڊاڻ ڏئي چمن ۾.

 

جوالامکي جبل تان آيو اُلو اڏامي،

يا ٿي هلي هوائي سڙندي هوا هٿن ۾.

 

يا طُور جو تجلو ڀرپور نُور وارو،

اِظهار ڪرڻ آيو جلوي کي جِيتڙن ۾.

 

يا ٽمڪندو ستارو ڪو آسمان وارو،

ڌرتيءَ مٿي پڌاريو روشنا ڪندو رٽن ۾.

 

اُندهه نگر ۾ آيو روشڻ پُريءَ کان رَمتو،

پرديس ۾ پڌر ٿيو، گمنام هو وطن ۾.

 

اوجهڙ ۾ آسرو ٿي اي ماهرو منجهيل جو،

آ، رهگذر لئه ڪر تون پرڪاش پيچرن ۾.

 

ڪر خوف کڙ کُٻيتا! ”بيوس“ اچي برهه مان،

پويان  نه جئن جلائي پروانو پر پَرن ۾.

*

 

(علامه اقبال جي نظم ”جگنو“ جو ترجمو)

تارن ڀري رات

اک ٻُوٽي، اک کولي تارا،

ڏين ٿا هڪ ٻئي ڏانهن اشارا،

ڪن پيا ڀڻ، ڀڻ ۾ ڪا بات،

ٽِمڪ ٽِمڪ تاريلي رات.

 

رات انڌاري چادر ڪاري،

تنهن تي چمڪ سِتارن واري،

لهر لڳائي ٿي ڪيا بات،

ٽِمڪ ٽِمڪ تاريلي رات.

 

آءُ لهي تون تارا آءُ،

مون سان گڏجي ماني کاءُ

ڇو مچڪائين خالي وات،

ٽِمڪ ٽِمڪ تاريلي رات.

 

آءُ ته لِڪ ڇپ راند رچايون،

گڏجي هڪ ٻئي کي وندرايون،

تون ڪر جهات ڪريان مان هات،

ٽِمڪ ٽِمڪ تاريلي رات.

 

تارن ۾ چمڪاٽ وسي ٿو،

اونداهيءَ ۾ واٽ ڏسي ٿو،

پرهَه ڦٽي جيسين پرڀات،

ٽِمڪ ٽِمڪ  تاريلي رات.

 

چانڊوڪيءَ ۾ جڏهين اچو ٿا،

لڪي وڃي ڪي ڪڻا بچو ٿا،

ڏني اوهان کي اوندهه ڏات،

ٽِمڪ ٽِمڪ تاريلي رات.

 

سورج هَڙپ ڪري ٿو سارا،

ڏينهن ڏٺي ڪيئن نڪرن تارا،

آهه ٿڌي تارن جي رات،

ٽِمڪ ٽِمڪ تاريلي رات.

*

چنڊ

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

چوکي تنهنجي چنچل چال.

اُڀ ۾ اُڀري نَو لک تارو،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

تو راجا بن آهه انڌارو،

تارن جي توسان نه مجال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

 

سج لهڻ تي واڄ وڄائين،

رات مٿان ٿو راڄ هلائين،

وڌي وڌي ٿو ڪرين ڪمال،

چمڪ چمڪ  تون چنڊ مشعال،

 

توکي پنهنجي جوت نه ڪائي،

ڪو ٻيو توسان ڪري ڀلائي،

سورج تنهنجي لهي سنڀال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

 

پهرين رات ئي لاٽ ڪڍين ٿو،

چوڏهينءَ تي چمڪاٽ ڪڍين ٿو،

ڪڏهن ترار ته ڪڏهن ڍال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

 

ڇوٽ ڇڏين جا ڇوهي ڇوڙي،

ڪڪرن ۾ سا ڊوڙي ڊوڙي،

روپي ٻيڙي ريل – مثال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

 

تار ندين ۾ ٿو تن تارين،

سمنڊن ۾ پيو غوطا مارين،

ذرو ٻڏڻ جو خوف نه خيال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

 

سيتل تنهنجي آهي سهائي،

رات ٿڌيري صاف صفائي،

نيڻ نهارڻ ساڻ نهال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

 

سگهو چِرڪو پاڻ پسائين،

سارو مهينو ڪار ڪمائين،

هڪڙي  رات ڪرين هڙتال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال،

*

آسمان

ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو،

مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاران پري جهلين ٿو،

اي آسمان نيلا،

تارن سندا وسيلا.

 

ڇا رات رتِل پوتي سلميٰ ستار ڳو تي،

جنهن تي اپار موتي، جهرمر جهمڪ سا جوتي،

چمڪاٽ چمڪ آدي،

انت ۽ آنادي،

 

تيزي نظر نهارين، ڌرتيءَ تي باهه ٻارين،

ماٺي نِگهَه سان ٺارين، ٿو هيٺ کير هارين،

تنهنجا ٻه نيڻ نيارا،

سِج چنڊ نانوَ وارا.

 

واسينگ ڦڻ پَٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مڻ مَٽن ٿا،

ڪئن سيگهه ۾ سَٽِن ٿا، ڪئن جَلد ۾ جهٽن ٿا،

اهڙيون عجيب رانديون.

آهن ڪٿان تو آنديون.

 

گجگوڙ جيئن گجي ٿي، مُرليءَ جي ڌُم مچي ٿي،

نانگڻ کنوڻ اچي ٿي،لهريون هڻي نچي ٿي،

تنهنجو اندر ڇڄي ٿو،

رئندي ڀنجر ڀِڄي ٿو.

 

سهڻا لغڙ سدائين، ٿو انڊلٺ مان ٺاهين،

بادل مٿان اُڏائين ڇا راند ٿو رچائين،

ڇا صبح سون – ڏنگي،

ڇا شام لعل – رنگي.

 

ننڍڙو اُتر جو تارو، کٽ جي نشان وارو،

تنهنجو سچو سهارو، جنهن تي ڦرين ٿو سارو،

يڪجا ڌرو مندر ۾،

چؤطرف تون چڪر ۾.

 

ڌرتيءَ سان سِر گسائڻ، ڏُوران رڳو پَسائڻ،

دوکو نظر کي لائڻ، ۽ ڀورڙا ڀُلائڻ،

توڏنهن ڀَڄان مان جئن ٿو،

”بيوس“ ڀڄين تون تئن ٿو.

*

سهائي راتڙي

 

چهچٽو ڇا ڇا مچائي ٿي سُهائي راتڙي،

رنگ طرحين جا رچائي  ٿي سهائي راتڙي.

 

ورق روپا ويا چڙهي ڪئن اَڻ لکا آڪاس تي،

تِن اندر تارا لِڪائي ٿي سهائي راتڙي.

 

آهه چانڊوڪي رتل ڪڪرن اندر ڪيڏو لقا،

برف جا بادل بڻائي ٿي سهائي راتڙي،

 

ڪي پٽن پوشاڪ چاندي، پڙڇ جي چمڪڻ لڳا،

کير ڌرتيءَ تان وهائي ٿي سهائي راتڙي.

 

چنڊ جي صابڻ چڪيءَ سان ٿو ڪري ساگر سنانُ،

ڍير گج لهرين تي لائي ٿي سهائي راتڙي.

 

آهي چهري چنڊ جي تي نِت چڪوري چِتُ چريو،

مور، ڄاهي کي نچائي ٿي سهائي راتڙي.

 

صاف دل روشن نظر لئه آهه چمڪو نور جو،

پر منديءَ دل کي منجهائي ٿي سهائي راتڙي.

 

ٿي وئي اوندهه اُجڙ  ماهه بدر کان درپدر،

جِهلِ ”بيوس“ جو لڄائي ٿي سهائي راتڙي.

*

هماليا

اُپکنڊ جا سهارا، پُکراج تاج وارا،

ناموس ۾ نيارا، منهنجا هماليا پيارا،

ڌرتيءَ مٿان وسين ٿو،

آڪاس سان گسين ٿو.

 

مشهور مانسروور، سان، پوءِ سنڌو سندو گهر،

ڌرتيءَ جي آس آڌر، کيٽن جو  پيٽ پرور،

ڪي ئي نديون ڀري ٿو،

پاڻي پُڄي پَري ٿو.

 

اوجا عجيب لانگها، نيتي ۽ پر نگلاجا،

خيبر ۽ بارليچا، بولان گهاٽ گهاٽا،

ليڪن انهن لڪن مان،

مشڪل گذر ڪچن کان.

 

يوما کان حڪم تنهنجو، هالار تي هلي ٿي،

هُن ڀر ٿٻيٽ ڪوٺو، هن ڀرتي هند پوٺو،

جنهن جون هزار چوٽيون،

آڪاس تان ٿي موٽيون.

 

شملا مري مسوري، خاطر صحت ضروري،

تو ۾ هرڻ کٿوري، پشمي ٻڪر انگوري،

جن مان ٺهن ٿيون شالون،

ڪشمير ۾ نراليون.

 

سورج هوا هٿن سان، پاڻي کنيو سمنڊ مان،

ڪيلاش ڪلس ڀرسان چاڙهي ٿو پاڻ پرتئان.

ڌارا جتان لهي ٿي،

ڀاڳير ٿي وهي ٿي.

 

وهندي لهي لڪن تان، جمنو تري جبل مان،

گڙ گڙ ڪندي گرجنا، جل جوش واري جمنا.

پرياگ ۾ پڄي ٿي،

گنگا ۾ گپت ٿئي ٿي.

 

آڪاس گنگ توتي، هر روز کير اوتي،

برفيءَ جي برف برسي چوٽين مٿان ٿي چمڪي،

هنگلو ٿي شام هاري،

اُڀ چنڊ تلڪ چاڙهي.

 

آهين اول ۽ عالي، ڌرتي تي بي مثال،

ليڪن قديم سالي، بلڪل اثر کان خالي،

تون عمر مان نه ڄاڻين،

جوڀن سدا ٿو ماڻين.

 

مون کي تون سل هماليه! ٿورا اڳيان حوالا،

سادا گذر جا چالا، اوچا خيال اعليٰ،

بيوس پٺيرو  ڦِر تون،

ڌَرُ پوءِ تي نظر تون.

 

ڪشن چند بيوس جي ڇپيل ڪتابن جو وچور

1- شيرين شعر 1929ع

(اسڪولي ڏانوَ واري شاعريءَ تي ٻڌل)

2- گرو نانڪ جيون ڪٿا 1935ع

3- سامونڊي سپون 1929ع

4- مؤجي گيت 1935ع ٽيون ڇاپو 1964ع

(ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ مٺڙا گيت. هري ”دلگير“ جي چئن نظمن سان گڏ)

5- ڦولداني 1939ع . مرتب: بيوس ۽ محمد صديق مسافر

        (چونڊ شاعرن جو انتخاب)

6- شعر بيوس 1951ع

7- بيوس گيتا نجلي 1960ع

8- بهارستان.

        (ناٽڪ مضمون)

9- پرهلاد ڀڳت

10- سُورداس

11- پرت پوڄارڻ

12- منوهر ناگن

13- پوتر پريم

14- پرت پوڄارڻ (ناٽڪ)

15- ترشنا چاڪر

16- انڊلٺ (ننڍا ناٽڪ)

17- ڀاڳيا اسڪيم (مضمون)

        هيءَ مٿئين معلومات، ڪتاب: ”بيوس سيمينار“  تان نقل ڪئي ويئي آهي.(مرتب)

 

مرتب

        نصير مرزا، سنڌ جي ماڻهن لاءِ نهايت ڄاتل سڃاتل ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ سندس نالو نهايت معتبر ۽ قداور. . .  نه رڳو شاعر، پر نصير! نثر نويس به سهڻو آهي. تحرير، هو جيڪا به لکي ٿو، ان ۾ سندس کوجنا ۽ اُڃ جو عمل شامل.... ڪيترن ئي ڪتابن تي ڏاڍا سهڻا مهاڳ، سنڌي ادب ۾ هن جي سڃاڻپ جو سبب بڻيل آهن..... شاعري، ٻارن کان وٺي وڏن تائين محيط. . . . . سندس ڏات نهايت ڏاهي نهايت سهڻي ۽ نهايت مانائتي . . . . ڌڻي شل آباد رکيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com