پيش لفظ
سنڌي زبان ۾، ٻارن لاءِ ڪتاب ۽ رسالا نه
هئڻ برابر آهن. سو، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع کان
ماهنامي ”گل ڦل“ جي اشاعت شروع ڪئي، رسالو اڃا
تائين شايع ٿي رهيو آهي. البت، ٻارن لاءِ ڪتاب نه
هئڻ برابر آهن.
بورڊ کي شدت سان ان ڳالهه جو احساس آهي ته
دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٻارن جي ادب خاص ڪري نون نون
موضوعن تي ڪتاب ڪڍڻ تي زور آهي، پر، موجوده دور ۾
اسان جو مکيه مسئلو، گهربل مالي وسيلن جي ڪمي آهي.
مسٽر نصير مرزا، پنهنجي روءِ سوءِ ”ڇهه
ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ ڪتاب ترتيب ڏئي، بورڊ جي
حوالي ڪيو، جيڪو ڇپجي، هاڻي پڙهندڙن وٽ پهتو آهي.
مسٽر نصير مرزا کي هن نيڪ ڪم لاءِ جيڪا به تحسين
ڏجي، سا ٿورڙي آهي.
سنڌ جي ادبي تاريخ صحيح معنيٰ ۾ اڃا ڪانه
لکي وئي آهي. ان ۾ هندن ۽ مسلمان عالمن ٻنهي جون
خدمتون شامل آهن. پر، مننهنجي ذاتي راءِ اها آهي
ته منجهس سنڌي شاعرن ۾ ڪشنچند بيوس جو اهوئي مانُ
۽ مرتبو بيهندو، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي نثر ۾
نصيب ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي، اهو بي مثل نثر نگار
آهي، جنهن جي نثر ۾ پڙهندڙ بادلن جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾
اچي ٿي. ڄڻ ته وڏ ڦڙو پيو وسي!.
ساڳئيءَ ريت، ڪشنچند بيوس وري اهو بي مثل
شاعر آهي، جنهن جي شعر ۾ پڙهندڙن کي باغ ۾، انب
جي وڻ مان، تازيءَ لٿل ماکيءَ جي لار وارو ميٺاج
ملي ٿو.
قدرت بيوس کي شعر چوڻ جي وڏي ڏات ڏني هئي
– ان جي ثابتي هي ڪتاب آهي.
سنڌي ادبي بورڊ،
15-1-2001ع غلام رباني
آگرو
مهاڳ
ٻارن جي عظيم گيت ڪار، شاعر ڪشچند تيرٿداس
کتري ”بيوس“ 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ساهه
سيباڻي جي هوائن ۾ پنهنجي زندگيءَ جا پهريان ساهه
کنيا. سندس پتا جو نالو حڪيم تيرٿداس هو. بيوس
سائينءَ وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. سندس هڪ ڀاءُ
تولارام انگريزي ماستر هو ۽ ٻيو موتيرام ڪورٽ ۾
ڪلارڪ هو. ٽيئي ڀائر اڃان پڙهندا هئا، جو سندن پتا
حڪيم تيرٿداس لاڏاڻو ڪري ويو،ان ڪري بيوس سائينءَ
لاءِ جلد نوڪري ڪرڻ ۽ گهر جون ذميواريون سنڀالڻ
نهايت ضروري ٿي پيو. بيوس جي پتا جي پرلوڪ پڌارجڻ
کان پوءِ، سائين بيوس جي ماتا گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي.
ڇاڪاڻ ته بيوس جي ناناڻن مان حڪيم ڪوٽومل هڪ مشهور
حڪيم هوندو هو ۽ بيوس سائينءَ جو والد به هڪ سٺو
يوناني حڪيم هو؛ انهن جي تربيت هيٺ رهندي، بيوس جي
ماتا به گهڻو ڪجهه پرايو هو. حڪمت جو ڪم ڄاڻڻ ڪري،
کيس پاڙي اوڙي وارا ’ڏاهي‘ ڪري به چوندا هئا.
ڪنهن جو ڪاڪڙو کڻڻ، ڪنهن کي مالش ڪرڻ، ڪنهن کي
ستيون ڦڪيون وغيره تجويز ڪري ڏيڻ... مطلب ته هر
نموني پاڙي جون ڀينر ۽ ڀائر پنهنجن ٻارن کي کڻي
وٽس دوا ۽ ڏس پتي وٺڻ لاءِ ايندا هئا.
پنهنجي عظيم پورهيت ماءُ جي خرچ تي ’بيوس
سائين‘ جڏهن پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو
هو، تن ڏينهن ۾، هڪ رات جو هاسٽل جو سپرنٽينڊنٽ
جيئن هاسٽل جو چڪر ڏئي رهيو هو ته بيوس جي ڪمري ۾
بتي ٻرندي ڏٺائين. هن ڏٺو ته سورهن سالن جي نوخيز
۽ خوبصورت نوجوان ’بيوس‘ کي ڪرسيءَ تي ويٺي ئي ننڊ
کڻي ويئي هئي ۽ سندس پاسي ۾ هڪڙو ڪاغذ جو ٽڪرو
پيو هو،. جنهن تي هن نظم ۾ پنهنجي پهرين تخليق لکي
هئي. پٽ تان کڻي، هن جڏهن اهو پڙهيو ته نهايت
متاثر ٿيو. ٻئي ڏينهن هن صاحب ’بيوس‘ جي ڪلاس
ٽيچر کي مبارڪون ڏيندي اڳڪٿي ڪئي ته هڪ ڏينهن اوس
هو هڪ ’مهانُ شاعر‘ بنبو. اهو 1901ع جو سن هو ۽ ان
کان پوءِ 1925ع کان 1940ع تائين وچ واري عرصي ۾
’بيوس‘ پنهنجي انڊلٺي ڏات ۽ مور جي پرن جهڙي
پنهنجي موهيندڙ شاعريءَ سبب، سنڌي ٻوليءَ جو
بهترين شاعر بنجي چڪو هو. وري ان ئي مهانتا سبب،
هن 1941ع جي 28-30 مارچ تي، ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ عظيم
الشان ”سنڌي ساهتيه سميلن“ جي سرواڻي به ڪئي ۽
مورخ لکن ٿا ته سندن تقرير، ٻڌندڙن ۾ وڏي روشني
پکيڙي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان بي پناهه پيار
ڪندڙ شاعر ان تقرير ۾ چيو هو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي
ڳالهائيندڙن کي پنهنجي عاليشان ورثي جي حفاظت ڪرڻ
۽ سنڌي ساهت ۾ نيون راهون گهڙڻ گهرجن.“
پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾، بيوس
سائين،انگريزي ٻوليءَ سان به ايتري واقفيت پيدا
ڪري ورتي هئي جو ”ٽئگور“ جا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل
نظم آسانيءَ سان مطالعو ڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ’گيان
باغ‘ ۾ 1940ع کان مئي 1947ع تائين هفتيوار ادبي
ڪلاس هلائي، ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ کان سنڌ
واسين کي باخبر ڪندو رهندو هو.
بيوس سائينءَ جي بي بها ادبي خدمتن جي
واکاڻ ته سنڌ جي عظيم دانشورن، محققن ۽ ليکڪن به
دل کولي ڪئي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، شمس العلماءُ
علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، سائين ميران
محمد شاهه ۽ ٻين اسڪالرن بيوس سائينءَ کي اعليٰ
درجي جو سرموڙ شاعر سمجهندي، نمرتا سان هن جي ادبي
خدمتن کي مڃيو آهي، ۽ کليو کلايو چيو آهي ته هن
انقلابي شاعر اسان جي شعر و شاعريءَ جي دنيا ۾ اٿل
پٿل آندي ۽ اسان کي سمجهه ڏني ته شاعري معنيٰ
سرشٽيءَ جي سرور جي ترجماني. ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب
جا لفظ آهن ته ”خاص خوبي جا بيوس سائينءَ جي شعر ۾
مون کي نظر اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته مضمون ۽ عبارت
ٻيئي اصلي آهن ۽ نه نقلي.“ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب
جي راءِ آهي ته ”مان بيوس کي سنجيده ۽ فهميدو
شاعري ڪري ليکيان ٿو.“ ميران محمد شاه جي راءِ به
نهايت سهڻي آهي. لکن ٿا: ”بيوس جي شعر جي طاقت قوي
۽ فطري آهي. سندس ڪلام نهايت رقت آميز ۽ دلڪش
آهي“ سرموڙ ڪهاڻيڪار آسانند مامتوراءِ جو چوڻ آهي
ته ”بيوس جي شاعريءَ سان سنڌي نظم جي نئين پرڀات
ڦٽي آهي ۽ بيوس سائين انهيءَ پرڀات جو ’وهائو
تارو‘ آهي.“ برک نقاد سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته
”بيوس سائين ئي سنڌي ٻوليءَ جو اهو پهريون شاعر
آهي جنهن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو آهي.“
هتي اهو طئه آهي ته نه فقط جديد شاعريءَ
جو بنياد بيوس سائينءَ رکيو هو، پر انگريزن جي دؤر
۾ 1843ع کان 1947ع تائين،سنڌي ٻوليءَ ۾ باقاعده
ٻاراڻي ادب جو بنياد جن شاعرن رکيو، انهن سڀني ۾
ڪشنچند بيوس جو نالو مٿاهين جڳهه والاري ٿو. وقت
گواهه آهي ته ٻارن جون اُهي پيڙهيون، جن ٻالڪ
اوستا ۾ بيوس سائينءَ جا ٻارن لاءِ لکيل نظم پڙهيا
آهن، انهن جي ذهن ۾ هن جا نظم ننڍپڻ جي ڪنهن
انتهائي خوبصورت ياد وانگر اڄ به محفوظ آهن. سنڌ
جي هر نئين نسل لاءِ انهن جي ذهني اوسر، وندر ۽
ورونهن ۽ اخلاقي سکيا لاءِ بيوس نه فقط سدا بهار
جي گلن جهڙا نظم ۽ گيت ئي سرجيا آهن، پر انهن سان
گڏوگڏ سهڻا ۽ دلچسپ ناٽڪ پڻ لکي، سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي
ادب کي وڏو ذخيرو مهيا ڪري ڏيڻ جي ڪوشش به ورتي
هئي.
دادا شيوڪ ڀوڄراج، جيڪو بيوس سائينءَ جي
ٻاراڻن ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪندو هو، لکي ٿو ته
”جتي بيوس سائين رهندو هو، انهيءَ گهر جي ٻاهران
ئي پڌر ۾ ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ ٿيندا هئا. ان ۾
بيوس سائين پاڻ هدايتون به ڏيندو هو، ۽ ناٽڪ ۾
ڪنهن طرز تي، ڪنهن گيت جي ضرورت پوندي هئي ته
انهيءَ موضوع تي، اُتي جو اُتي ٺهه پهه گيت تيار
ڪري ڏيندو هو. ٻارن لاءِ ٻاراڻا گيت ۽ وڏن لاءِ
وري سريلا گانا.“
لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي فرشته صفت ننڍڙن معصوم
ٻارڙن جو پهريون وڏو شاهي ميڙ ڪوٺائڻ ۾ به بيوس
سائينءَ جو وڏو هٿ هو، جنهن ۾ راندين، راڳ،
پرولين، آکاڻين ۽ شيل شُغل، سڀني ۾ بيوس سائين
اڳيان اڳيان هو. ٻارن جي کاڌي پيتي لاءِ اناج،
ميون، ڀاڄين ۽ کير وارن کان پاڻ وڃي امداد وٺي
ميلي ۾ آيل ٻارن جي مهماني ڪيائين ۽ هن جي ئي
ڪوششن سان ميلي جي ميدان ۾ ڦرڻيون ۽ چوڏول لڳا؛
راندين ۽ ناٽڪن جو بندوبست ٿيو ۽ رهائش لاءِ اسڪول
ميسر ٿيا. ميلي جي پڄاڻيءَ تي، ميلي لاءِ سڄي سنڌ
مان پهتل اٽڪل اٺ سو ٻارڙن کي بيوس سائين بس ۾
چاڙهي ’موهن جي دڙي’ جو سير به ڪرايو ۽ ائين هر
طرح سان، هنن جي وندر ۽ ذهني سکيا جو پورو پورو
بندوبست ڪيو.
بيوس سائينءَ جو اصلوڪو گهر ’نانوءَ‘ جي
پڌر ۾ هوندو هو. 1935ع ڌاري هُن ڊاڪٽر گوبندرام
دادلاڻي سان گڏجي ’نانو جي پڌر‘ لاڙڪاڻي ۾ هڪ
اسپتال کولي هئي ۽ ان جو نالو رکيائين: ”بيوس شفا
خانو“. 1938ع ڌاري نانُوءَ جي پڌر وارو اهو گهر
ڇڏي، ڪجه وڏيرڙي ۽ بهتر گهر ۾ وڃي ويٺو، جيڪو امام
بارگاهه جي ڀرسان سنڌ جي اڳوڻي چيف منسٽر خان
بهادر محمد ايوب کهڙي جي بنگلي پويان هو. پنهنجي
پورهئي جي موڙيءَ مان بيوس سائينءَ جيڪو نئون گهر
اڏيو هو. اُن جو نالو رکيائين ’جشن خانو‘، يعني
خوشيءَ جو گهر. سندس ملڻ وارا جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ
سندس جشن خاني ۾ ايندا هئا ته هو قرب مان پنهنجي
مهمانن کي کير، ڏڌ ۽ مکڻ سان مهمان نوازي ڪندو هو
۽ اهي شيون کيس پنهنجي ڍڳين مان ملنديون هيون، جن
کي هو نهايت خبرداريءَ سان تاتيندو هو. بيوس
سائينءَ جي نياڻي ’پورن ديوي‘ لکي ٿي ته ’ڳئون‘ هن
کي بيحد وڻنديون هيون. انهن جي سار سنڀال ۾ ڏاڍي
خوشي محسوس ڪندو هو. هڪ ڳئون جو نالو رکيائين
’ڀولي‘. پاڻ ان سان بيحد پيار ڪندو هو. ٻارن سان
به بيوس سائينءَ جو پيار بي انتها هوندو هو.، ٻارن
جي وچ ۾ پاڻ جهڙو ٻار. سدائين مشڪندو رهندو هو.
ٻارن سان ڳالهيون ڪندي اهڙا خاصا چرچا گهٻا ويٺو
ڪندو هو جو اهي کلي کلي کيرا پيا ٿيندا هئا. برک
شاعر هري دلگير، سندس نڪ نقشي ۽ هڏ ڪاٺ جو عڪس
چٽيندي لکيو آهي ته: ”بيوس سائين، سدائين سادا ۽
صاف ۽ سٿرا ڪپڙا پهريندو هو. سادو پاجامو ۽ قميص
ئي سندس پوشاڪ هوندي هئي. موسم مطابق ڪوٽ به
پائيندو هو. پيرن ۾ چمپل يا سليپر پائيندو هو.
سندس قد پورو پنو ۽ اکين ۾ عجيب روشني هوندي هيس.
سنهيون مڇون ۽ ڏاڙهي صاف. سڀاو ۾ نهايت لڄارو ۽
شرميلو. گرونانڪ جي اثر هيٺ نهايت ٻاجهارو، نماڻو
۽ نوڙت وارو انسان، مٺو، مشڪندڙ ۽ نهايت مڻيادار
شخص هو ۽ فوٽو ڪڍائڻ کان ته اصل ونءُ ويندو هو.“
پنهنجي ٻالپڻ ۾ ڪشنچند بيوس اسڪول توڙي
ڪاليج جي هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سدائين
پهريون نمبر کڻندو هو. زندگيءَ ۾ هن پنهنجي لاءِ
’استاد‘ جهڙي معزز پيشي جي چونڊ ڪئي ۽ آخرڪار
1937ع ۾ وليدن پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستريءَ تان
جڏهن رٽائر ڪيائين ته کيس سندس تعليمي خدمتن جي
موٽ ۾ ميونسپالٽيءَ جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار
بنايو ويو. ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي پيار صدقي ئي هن
ٻالڪن جي ٻاريءَ جو ڊسٽرڪٽ سپرنٽيڊنٽ ٿيڻ به
قبوليو هو ۽ ان ئي ناتي سان پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙڻ
جا سوين ميڙ سڏائي سندن خاطر خواهه بندوبست به
ڪيو هو. 1935ع ڌاري جڏهن هن پنهنجو شفا خانو کوليو
هو ته شفاخانو هلائڻ سان گڏوگڏ ان زماني ۾ هن ٻارن
لاءِ اتي ويهي نهايت وڏو تخليقي ڪم به سرانجام
ڏنو. هن کان اڳ ٻارن لاءِ باقاعده شعر ڄڻ ته بنهه
ڪين هو. هن اُن جي گهرج پوري ڪئي ۽ سندن وندر لاءِ
خوب مال موجود ڪيو. 1929ع ۾ بيوس سائينءَ جو شعري
مجموعو ”شيرين شعر“ ۽ ان سان گڏوگڏ محمد صديق
مسافر جي سهڪار سان سهيڙيل شاعريءَ جو ڪتاب
”سامونڊي سپون“ ان زماني ۾ اسڪولن لاءِ ’درسي
ڪتاب‘ طور منظور ۽ مقرر ڪيا ويا. فقط ان سطح تي ئي
نه، ان دؤر ۾ يونيورسٽيءَ لاءِ درسي ڪتابن ۾ پڻ
سندس نظم نهايت فخر ۽ اعزاز سان شامل ڪري شاگردن
کي پڙهايا ويندا هئا. 1935ع ۾ بيوس سائينءَ جو
ٻارن لاءِ بهترين شعري مجموعو ”موجي گيت“ پڌرو
ٿيو، جنهن ۾ چار گيت هري دلگير صاحب جا ۽ چوڏهن
گيت ۽ نظم بيوس سائينءَ جا آهن.
”موجي گيت“ تي تبصرو ڪندي برک ليکڪ تاج
جويي لکيو آهي ته: ”بيوس جا سمورا گيت ۽ نظم جيڪي
’موجي گيت‘ ۽ ’شيرين شعر‘ ۾ ڇپيا آهن، اهڙا ته
عام فهم ۽ آسان آهن جو ٻارن کي پڙهندي سمجهندي ۽
ياد ڪندي ڪابه ڏکيائي محسوس ڪانه ٿي ٿئي. انهن
نظمن ۽ گيتن جي ٻولي رسيلي، سادي ۽ ٻارن جي ذهن ۽
فهم ۾ اچڻ جهڙي آهي. اهي گيت ٻارن جي معصوم مرڪن
جهڙا موهيندڙ ۽ سندن پاڪ ۽ اوجل دلين جهڙا اُجلا ۽
نرم آهن.“
دادا هوندراج بلواڻي ڪنهن هنڌ لکيو آهي
ته: ”هڪ سٺي ٻال- گيت جو مکيه انگ اهو آهي ته ٻار
نظم کي نه رڳو سمجهي سگهي، پر ان مان کيس رس پڻ
اچي ۽ هو ڳائي سگهي يا سر ۾ پڙهي سگهي. ٻولي سولي
۽ سلوڻي هجي. وزن ننڍا ۽ سولا، قافيا نرم ۽
تشبيهون ٻاراڻي مشاهدي مطابق ..... ۽ اهڙي سرل
شاعري ئي ٻار لاءِ ڪشش جو سبب بنجي سگهي ٿي.“
مٿينءَ ڪسوٽيءَ تي پرکيندي مجموعي ’موجي
گيت‘ بابت ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته بيوس سائين
اهي گيت ٻارڙن لاءِ ئي لکيا آهن. پنهنجي ان ڪتاب
لاءِ ڪوشش ڪري هن اهڙا موضوع چونڊيا آهن، جيڪي
ننڍي کان ننڍي ٻار لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بنجن
ٿا. مثال طور ’ڀنڀوري‘، ’بدڪ‘، ’ڪتو‘، ’ڦوڪڻو‘،
’گهوڙو‘ ۽ ’پينگهه‘ وغيره. انهن نظمن ۾، معصوميت
به پنهجي پوري زور سان موجود نظر ايندي ۽ ترنم به.
نوجوان شاگردن لاءِ جيڪي نظم بيوس لکيا
آهن، اهي به نصابي ڪتابن ذريعي نوجوان شاگردن ۾
گهڻا مقبول ٿيا. انهن مان موضوع جي اعتبار سان ڪي
آهن قدرتي نظارن تي، جهڙوڪ ’برسات‘، ’بهار‘، ’ڪاري
گهٽا‘، ’سهائي راتڙي‘، ڪي آهن هلندڙ وقت جي معاملن
تي، جيئن ’اسڪائوٽ‘ وغيره. بياني ڪوتائن ۾ ’آڱريون
۽ منڊي‘، ’تڏ ۽ ماکيءَ جي مک‘، ڪي وري آهن اتساهه
۽ امنگ واريون ڪوتائون، جيئن ’محنت‘، ’ڪڙمي‘ ۽
’ملڪي پيار‘ وغيره.
اهي مائر ڀلي مرڪن، جي ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين
ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.
هي شعر، بيوس 1916ع ۾ لکيو هو، جنهن وقت
پهرين مهاڀاري لڙائي شروع هئي. ان وقت بيوس جي هن
شعر کي ’لڙائي پڌرائي ڪميٽي‘ انعام به ڏنو هو.
جتي سو مان نوي گڏجي، چون ڪنهن ڳالهه کي پنهنجي،
اُتي ’بيوس‘ وطن حُب جي، وڄي ٿي واهه جي نوبت.
بيوس سائينءَ جي ’موجي گيت‘ مجموعي وارن
نظمن تي تبصرو ڪندي شريمان هري دلگير لکيو هو ته
”بيوس جون ڪي ڪي ڪوتائون، دنيا جي بهترين نثري
نظمن ۾ شماري سگهجن ٿيون.“ جڏهن ته شاگردن لاءِ
لکيل نظمن تي تبصرو ڪندي دادا هري دلگير ڪيڏي نه
صحيح ڳالهه لکي آهي ته ”ان قسم جون رنگارنگ
ڪوتائون سنڌيءَ ۾ فقط بيوس ئي لکيون آهن“ ان ڪري
ٻئي ڪنهن شاعر سان هن جي ڀيٽ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا
ڪونه ٿو ٿئي.“ |