ڀنڀوري
کُنهبي رتڙي لال ڪنوار،
هلُ ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار.
ڳانو ڳاڙهه – رنگو ته ٻڌاءِ،
کولي کنڀ پُڇڙ ۾ پاءِ،
ڪر ڌاڳي کان پاڻ نه ڌار،
هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار.
ڏينڀوءَ جهڙو سونو رنگ،
پرنه هڻين ٿي ڪنهن کي ڏنگ،
تنهن لئه توسان آهي پيار،
هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار.
آءُ لڏڻ ڪا راند رچاءِ،
رنگ ب رنگي رنگ پساءِ
پيلي ڳاڙهي نيلي نار،
هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار.
هڪ پل پڻ نه وٺين آرام،
ميڙ جهٽين، مڇرن جا جام،
توکي شاهي شوق شڪار،
هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار.
ڏس ڦيري چوڦير نگاهه،
ڪن ٿا ڪانءَ ڪبوتر ڪاهه،
لامارا ڏئي سرڻ سنڀار،
هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار.
سانوڻ ۾ دلڙي نه وڌاءِ،
بڊي آسوءَ ۾ واهه وڄاءِ،
ناهه ڪتيءَ ۾ ڪرڻي ڪار،
هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار.
ڀون ڀون جي سُڻندي ڀُڻڪار،
آئي آهي لال ڪنوار،.
تپ ٽاري، آڻيندي ٺار،
هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار.
*
واريءَ جو گهر
سمنڊ ڪناري آيا ٻار،
راند ڪُڏڻ جي ڪندا پچار.
ڏينهن تپڻ کان اڳي اچي،
ٻارن پنهنجي راند رچي.
جتي وڏا هئا واريءَ ڍير،
پهتا ساجهر اتي سوير.
راند رچائڻ جي ٿي تياري،
ميڙي کوڙ ڪيائون واري.
هڪ ٻئي جي واهر جي وير،
ٻار مچي ٿي بيٺا شير،
گهٽ وڌ ڪم تي ڌيان نه ڏيندا،
گهر واريءَ جو ويا اڏيندا.
ويا ڌاريندا بار تي بار،
گهر واريءَ جو ٿيو تيار.
گول گپوڙا، لڏون بنائي،
ويا چوٽ تي نيل وڌائي.
خال خلاصا هيٺان خالي،
خوب ٻنڀا بڻجي ويا عالي.
راس جڏهن ٿيو جُهڳو جُڙي،
تڏهن خوشيءَ جي کل ڇڙي.
خوب خوشيءَ ۾ ٻار ڏسي،
سمنڊ اُڀاڻو ڪڍي سسي،
ڌيان ڌريو نادانو ٻار،
ساگر آهيان ڇولي مارُ.
هڪ ڇولي آڻيندس آءٌ،
گهر جو وڃي نه رهندو نانءٌ.
*
بدڪون ۽ ڪتو
نه وڌُ منهنجي بدڪُن سُٺن ڏي ڪُتا،
هجن شل هي قائم سدا اي ڪُتا.
مون پاليون نپايون هي پاٻوهه سان،
نه جهل تنکي ڊوڙي اچي ڊوهه سان.
متان تن تي ميري نظر ڪا ڪرين،
متان دل مدائيءَ تي پنهنجي ڌرين.
سدا ساهه منهنجو مَنجهن ٿو وسي،
نه وڃ مون کان منهنجون مٺيون هي کَسي.
سندن تون نچڻ ۽ ڪُڏڻ ڏي نهار،
لُڏڻ ۽ ٽِلڻ ۽ تَرڻ ڏي نهار.
*
مُکڙيءَ
جي بي تابي
سرهي سُڳنڌ آهيان، ٻاهر اچڻ ٿي چاهيان،
هي ڪوٽ ڪيئن ڊاهيان، پردي جو پئد لاهيان،
ڪڏهن بهار ايندو،
کوپو خلاص ٿيندو.
سوڀيا سندم سڀائي، کوپي کڻي لِڪائي،
ڪوئي ڪري ڀلائي ڏي قيد مان رِهائي،
گُل پوش ڦاٽ ڏيندو،
آزاد حُسن ٿيندو.
مُکڙي! بهار ايندو، گل پوش مُنهن پٽيندو،
کولي کٿورِ ڏيندو آزاد حُسن ٿيندو،
ايندي نسيم گهُلندي،
سوڀيا سُڳند کُلندي.
جيسين اڃا ڪچائي، بيوس اندر سمائي،
تيسين تڪڙ اجائي مُکڙيءَ کڻي مچائي،
اندريون اُڇل جي ڏيندو،
ٻهريون نه سٽَ جهليندو.
*
بهار
آهي هر موسم ڀلي، پر شاهه مُند آهي بهار،
هن بهاريءَ جي برابر، ناهه ڪا مُند نامدار.
سونهن پُر مان جت خزانو حسن جو ڀرپور آهه،
ٿي اچي ڀرجي صبا، سي اَن مياکڻندي انبار.
چوطرف وايو چڪر هٻڪار سان ٿو واسجي،
خوب کستوريءَ جي خوشبو کان مٽي ٿئي مشڪبار.
ٿو رسي بوٽي غنچي، هر شجر کي خوش پيام،
ٿيون پون مکڙيون ٽڙي ٽارين تي ۽ گل بيشمار.
هر پرندو آهه پرسن، هر چرندي لئه جشن،
راڳ گاني مؤج ڇم ڇم، ناچ جي آهي تنوار.
سبز پوشي مخملي تهه، آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو،
چشم تر لئه آهه بيوس، هي نزاڪت نيڻ ٺار.
*
ملڪي پيار
عقل آزادگي اقبال ۽ آسودگي عزت،
اتي ئي پير پائيندا سچي جت ملڪ لئه محبت.
وطن حُب ديس جي ڀڳتي، اُتم اعليٰ عجب شڪتي،
پناري جن سندس ورتي، کٽي دنيا جي تن نعمت.
اُهي مائر ڀلي مرڪن جي ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين،
ته صدقي ديس تان تن من ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.
جگر پنهنجا ڪڍي ڏينديون، مٺو اولاد موکينديون،
اهائي باس باسينديون، ته رهجي ملڪ جي عظمت.
وطن حُب جو عجب سانچو، ڪرامت جو ڪري ڪم ٿو،
مخالف ٻل مٽائي جو، ڪري هڪ طرف ڪل طاقت.
رنگن ٻولين ۽ قومن جا، تفاوت ميٽجي سڀ ويا،
ڦري هڪ ديس واسي ٿيا، ڇڏي نفرت سکيا الفت.
ديالو ديس ماتا جو، رڳن ۾ کير تنهنجي ويو،
جتي ٿي خون ڊوڙي ٿو، ڪري نبضن اندر حرڪت.
جتي سؤ مان نوي گڏجي، چون ڪنهن ڳالهه کي پنهنجي،
اُتي ”بيوس“ وطن حُب جي، وڄي ٿي واهه جا نوبت.
وضاحت: ملڪي پيار شعر 1916ع ۾ جوڙيو ويو هو. جڏهن
مهاڀاري لڙائي چالو هئي ۽ لڙائي پڌرائي ڪاميٽي
ملڪي پيار تي سٺي شعر لاءِ بيوس کي انعام به ڏنو
هو.
*
ڪاغذ جي ٻيڙي
آيو پاڻي ليٽ ڪري،
ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري.
ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي
مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي.
ڳَن نه ڏيندي ونجهه نه هڻندي،
منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي.
توڙي واءُ سڻائو گهلندو،
هن ٻيڙيءَ جو سِڙهه نه کُلندو.
ڦوڪ ڏيڻ سان لَهرون ٿينديون،
ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون.
بندر هاڻي اوڏو آهي،
ٻيڙي کيپ ڇڏيندي لاهي.
ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي،
مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي.
*
ريـــــــل
اچو
ته ننڍڙِي ريل هلايون،
باهه ببوءَ ۾ دود دکايون،
ڪري واءَ سان واهه جون وايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
لوهي بند بڻايو آهي،
ڏسو مٿان ڪو ڦيٿا لاهي،
سيٽي کولي خوب وڄايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
اڳيان انجڻ ۾ صاحب ڪارو،
پٺيان گارڊ ٿيو جهنڊين وارو،
پوٽر گهنٽيءَ لاءِ ڀَڄايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
ريل اچي ٿي سِنگل ڪيريو،
چاٻي سِنگل – گهر مان ڦيريو،
ٽيشن تي ٿا، هَري هلايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
گُڏا گُڏيون جي ريل ڀريندا،
ڀاڙو پنهنجو هيل ڀريندا،
ٽڪيٽ بابو ڪندو ڪَمايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
ڳاڙهي جهنڊي ريل بِهاري،
سائي جهنڊي جڏهين نهاري،
ڪُوڪَ ڪندي ٿي ڇُٽي لڳايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
ريل اسان جي سُهڻِي ڏاڍي،
آهي مَنَ کي مُهڻي ڏاڍي،
جنهن سان گڏجي راند رچايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
*
پِينگهَه
آءُ ته آدِڙِي راند ڪُڏون،
تختيءَ واري پينگهه لُڏون.
وچ تي لوهي هيءَ جا ڪِلڙي،
سا جيڪي سو آهي ڍلڙِي.
هيٺ مٿي هي ڦري سگهي ٿو،
پر نه بُنڊَ تان ڪِري سگهي ٿو.
اسين ٻئي ڏس! آهيون ڪيڏيون،
ٻئي ننڍڙيون هڪ ٻئي جيڏيون.
واهه! اسان جي جوڙي ٺهندي،
راند ۾ موج به ڏاڍي رهندي.
هڪڙي هيٺ مٿي ٻي ٿيندي.
پِينگهَه مزي سان لوڏا ڏيندي.
ڪتو به وچ تي پيو واجهائي،.
ٿورا ٿورا لوڏا کائي.
*
محبت
توڙي نسيم گُهلندي،
مُکڙي نه دل جي کُلندي،
جيسين نه ڀرجي ڇُلندي،
محبت ۾ تار ٿي دِل،
ٻئي تان نثار ٿي دِل.
توڙي دنيا تان کڄندي،
آنند ۾ نه رڄَندي،
جيسين نه خوب وڄندي،
محبت ۾ تار ٿي دِل،
سڪ ۾ ستار ٿي دِل.
توڙي عرش تي ايندي،
بيوس‘ سُکي نه ٿيندي،
جيسين نه پاڻ ڏيندي،
محبت ۾ تار ٿي دِل،
ٻئي تان نثار ٿي دِل.
توڙي طلا ۾ تُرندي،
بي چاهَه ٿي نه چُرندي،
جيسين نه روز ٻُرندي،
محبت ۾ تار ٿي دِل،
سڪ ۾ ستار ٿي دِل. |