سيڪشن؛  ٻاراڻوادب

ڪتاب: ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون

 

صفحو : 3

شاگردن لاءِ لکيل بيوس سائينءَ جا ڪجهه نظم وري اهڙا آهن جو اهي رڳو شاگردن لاءِ ئي ڪونهن پر، جڏهن هو گهر ۾ وڏڙن اڳيان زور زور سان اهي پڙهن ته انهن نظمن مان گهر جي وڏن ڀاتين کي به ڪا نصيحت ڪا رهنمائي ۽ ڪو سبق حاصل ٿئي ٿو. مثال طور نظم ”ٻار جي سنڀال“ جا هي ٻه بند ڏسو:

جنهن ٻار کي نپايو، پرهيز ۽ هنر سان

صورت سوائي سهڻي ۽ باجمال  ٿئي ٿي

گدلي رهڻ جي عادت  هاڃو ڪري ٿي ڪيڏو

پيءُ ماءُ لئه انهن جي جندڙي و بال ٿئي ٿي.

        مطلب ته ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن ۽ شاگردن لاءِ بيوس سائينءَ جو هي خزانو ڄڻ پارس کاڻ مثل آهي. ٻاراڻن نظمن ۾ ته هو بجنسي ٻارن سان گڏ راند ۾ مشغول ٿو نظر اچي. جتي جتي ٻار کيڏن ۽ ڳائن ٿا ته هو به انهن سان کيڏڻ شروع ٿو ڪري. جتي سوچن ٿا اتي هو پاڻ به سوچي ٿو. شاگردن لاءِ لکيل نظمن ۾ به موضوعن جي بيحد رنگارنگي جابجا نظر ايندي. غربت جا هاڃا ڏسڻ لاءِ هن جو ”غريبن جي جهوپڙي“ وارو نظم ڏسي سگهو ٿا. شاگردن جي ذهن ۾ سجاڳيءَ جو سنيهو ڀرڻ ۽ غلاميءَ کان ڌڪار لاءِ ”پڃرو ۽ پکي“ جهڙو نظم هن لکيو آهي. قدرت ۽ فطرت جا عڪس ۽ منظر چٽن لاءِ هن جي قلم ”بهار“، ”برسات“، ”ڪاري گهٽا“، ”سهائي راتڙي“ ۽ ”نديءَ“ جهڙا نظم تخليق ڪيا آهن. ڪهاڻي انداز ۾ ڪي نصيحتون ۽ سمجهاڻيون ڏيڻ لاءِ وري هن ”ماکيءَ جي مک“ ۽ ”آڱريون ۽ منڊيءَ“ جي عنوان سان نظم لکي ٻارن کي ارپيا آهن. ”آڱريون ۽ منڊي“ نظم ۾ هٿ جي پنجن ئي آڱرين جو جهيڙو آهي ته ”سوني منڊي“ ڪير پائي؟ هر هڪ آڱر پنهنجو پاسو ٿي پيش ڪري ته هو ڇو منڊيءَ جي حقدار آهي. آخر چيچڇ پنهنجو موقف هن طرح ٿي پيش ڪري.

اڀري ننڍڙي نار مان، هيڻي ۽ هيٺان،

ٻهاريندي جاءِ کي، ٻوهر ٻُڪ ڀريا،

هر هر ڌرتيءَ سان، پاڻ گسايان پنهنجو.

        منڊيءَ جي حقدار آخرچيچ ئي ٿئي ٿي ۽ اها ڇو ٿي ٿئي، ان جو جواز به بيوس سائينءَ وٽ ڪيڏو نه ملهائتو آهي ته ٻهاريءَ سان صفائي ڪرڻ وقت چيچ ڌرتيءَ سان گڏجندي اهي. ان ريت سندس نهٺائي ۽ نياز جي ڪري چيچ کي سون جي منڊي سان نوازيو وڃي:

ميڙي مٺڙي ٿي لڳي پيرن پاڪ پڻي

هلندي جتيءَ هوت جا پيئي ڇار ڇڻي

مون کي ٽهل ٽڪور جي، وڌيڪ واٽ وڻي

منجهان خاڪ کڻي، سرهو ڪجو سون سان.

        ٻارن لاءِ وطن جي مٽيءَ لاءِ محبت  ۽ پيار جو جذبو اڀارڻ لاءِ به بيوس سائينءَ جا ڪيترائي گيت، نظم ۽ بيت آهن. ”پکيءَ جي پڪار“، ”وطن ۽ ملڪي پيار“ وغيره ان موضوع تي بهترين نظم آهن.

اهي مائر ڀلي مَرڪن، جي ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين

ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت

        1937ع ڌاري، بيوس هيڊ ماستريءَ تان رٽائر ڪيو ته ميونسپالٽيءَ ۾ کيس اسڪول بورڊ جو صلاحڪار ڪري کنيو ويو. تعليم جي کيتر ۾ بي پناهه خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ سڀاو جي سٻاجهاين باعث، رٽائر زندگيءَ ۾ به هرڪو کيس پيار، عزت ۽ نمرتا وچان ”سائين، سائين“” ڪري پيو سڏيندو ۽ سندس احترام ڪندو هو. اڄ به هو سنڌي ادب ۾ ”سائين بيوس“ جي نالي سان مشهور آهي، جهڙيءَ ريت مهاڪوي ٽئگور کي ”گرديو“ جي نالي سان بنگالي ادب ۾ سڃاتو وڃي ٿو.

        پنهنجي ماستريءَ واري سروس دوران ئي بيوس سائين 1932ع کان 1935ع تائين ڪلڪتي هوميوپيٿڪ ڪاليج مان هيوميوپيٿڪ ڊاڪٽريءَ جي تعليم  به حاصل ڪري ورتي هئي. چون ٿا ته هن جي هٿ ۾ شفا ۽ چهري تي هڪ عجب نمرتا هئي، جنهن هن کي بطور هوميوپيٿ وڏي شهرت ڏني هئي. ڊاڪٽر گوبند رام  دادلاڻي صاحب لکيو آهي ته پنهنجي بي پناهه اڀياس ۽ طبي ڪتابن  جي مطالعي ۽ لڳاتار تجربي جي ڪري هو ڏکين بيمارين جو بي ڌڙڪ علاج ڪري ويندو هو. ڄمار جي آخري ڏهاڙن ۾ ”ڪوي بيوس“ لاڙڪاڻي جي ”گيان باغ“ ۾ گيان گفتگو ڪندو هو ۽ چون ٿا ته اهڙي گفتگو ڪرڻ مهل هن کي پنهنجي سرير جي ڪابه سڌ ٻڌ ڪانه رهندي هئي. 1946ع ۾ ”گيان باغ“ ۾ ”ست سنگ“ ڪندي کيس ڪنهن جيت چڪ پاتو جنهن سبب کيس پهرين خارس ۽ ملو ٿيو ۽ آخرڪار ان سبب ٽنگون، پيٽ ۽ پٺا و ٺبا ويا. بيوس سائين خود حڪيم هو، پر پاڻ لاءِ هو بيوس! نيٺ اها بيماري وڌي دل ۽ ڦڦڙن تائين آئي ۽ 22 سيپٽمبر 1947ع تي شاعر، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، تعليمي خدمتگذار، ڊاڪتر، سماجي ڪارڪن ۽ ٻارن جو بيحد عظيم دوست ۽ شاعر کانئن هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

        بيوس سائين جديد سنڌي  شاعريءَ جي بانيڪارن مان ته هو ئي، پر ٻاراڻي ساهت ۾به هن جو نالو سڀ کان مٿانهين جڳهه والاري ٿو. لاشڪ ته مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪي ڀيرو مل جون ان ڏس ۾ خدمتون نهايت مٿانهيون آهن پر بيوس سائين به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس لکيل ٻاراڻن گيتن ۽ نظمن جو درجو ٽئگور جي ٻال ڪوتائن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونهي. شاعريءَ جا  برک نقاد چون ٿا ته شاعريءَ جو موسيقيءَ ۽ سُر سان لاڳاپو ازلي آهي.بنگالي شاعريءَ ۾ ”ٽئگور“ نئون آهنگ، نئين موسيقي ۽ نئون سُر ڏنو هو، جنهن کي ”رويندر سنگيت“ جو نالو ڏنو  ويو هو. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ هي جيڪو نئون چلن آهي، جيڪا نئين ترنگ، نئين موسيقي ۽ نوان سر پيا ٻرن، ان کي بيوس سائينءَ جي ئي دين سمجهندي ان کي ”بيوس سنگيت“ چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

        بيوس سائينءَ جا سنڌ جي ٻارڙن لاءِ لکيل گيت، نظم ۽ بيت، سدا بهار جي گلن واري  باغ جيان ئي آهن. هن جي نظمن جي ويجهو وڃو ته گلن وارا سڀ گڻ منجهن ڏسڻ ۾ ايندا. مهڪ، تازگي، ڪشش ۽ نرمي .... ها، بيوس سائينءَ جي نظمن ۽ گلن ۾ فرق صرف ايترو آهي جو گل جلدي مرجهائجي ويندا آهن، پر بيوس سائينءَ جي نظمن جو واس سدا امر ۽ سدابهار آهي. هن جا هي نظم ڪالهوڪي نسل لاءِ به ”چارمنگ“ هئا ۽ لڳ ڀڳ مُني صدي گذرڻ  کانپوءِ اڄ به هن نسل جي ٻارن لاءِ وڏي وٿ بڻيل آهن ۽ اهو به طئي آهي ته مستقبل ۾ به انهن جي عظمت ۽ امرتا قائم ۽ دائم رهندي.

        بيوس سائينءَ جي شاعريءَ بابت خود بيوس جي ئي شعر سان آءٌ هن اڀياس کي پڄاڻيءَ تي پهچايان ٿو:

آهه هر هڪ لفظ اندر، قيمتي رت جو ڦڙو،

ڪير چوندو شعر بيوس، شاخ انگوري نه ٿي.

 

حيدرآباد                                        - نصير مرزا

8- جون 1998ع

 

(مٿئين اڀياس لکڻ وقت ڪرشنا ڀمڀاڻي، پورن ديوي، فتح واسواڻي، جناب انيس انصاري، دادا هري دلگير ۽ محترم تاج جويي جي لکيل مضمونن مان مدد ورتي ويئي آهي.)

 

قدرت وارا

سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا،

نرمل جو تي نور نظارا، قدرت وارا.

 

ڪوٽان ڪوٽ بَڻايئي ڌرتيون،

سهسين سج چنڊ تارا ڪتيون،

جن جو انت نه پارا، قدرت وارا.

 

گلن اندر سُرهاڻ ڌرين ٿو،

موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،

هِيرا لعل هزارا، قدرت وارا.

 

جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو،

پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو،

ڇم ڇم جا ڇمڪارا، قدرت وارا.

 

چنهنب چَتن ۽ چيهن کولي،

بُلبل ڪوئل ٻولي ٻولي،

مور نچن ناميارا، قدرت وارا.

 

عجب بنايا بجليون بادل،

بُوندون برس برس ڪن ٿاڌل،

واڄٽ ڪَنِ وسڪارا، قدرت وارا.

 

مُلڪ مِڙيوئي سُندر آهي،

آگو سڀ جي اندر آهي،

ديهن منجهه دئار، قدرت وارا.

 

قادر قدرت منجهه سمايو،

بي رنگيءَ هيءُ رنگ رچايو،

چيتن جا چمڪارا، قدرت وارا.

 

ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو،

بيوس سائين ناد وڄي ٿو،

نوبت نينهن نقارا، قدرت وارا.

*

ڌڻيءَ در وينتي

 

اسان جي حال تي هر دم، سٻاجها ٻاجهه پنهنجي ڪر،

ڀلارا ڀال پنهجي سان، اسان جو پاند پالهو ڪر.

 

ڀُليل آهيون ته تون پنهنجي، ڪلا سان راهه روشن ڏي،

اسان جو هي قدم ڪچڙو، سنئين رستي تي سائين ڌر.

 

چڱائي ۽ مندائيءَ جي سچي ساڃاهه صاحب ڏي،

ڀلو ۽ بهتري جنهن ۾، سدا سا شال پاريون پر.

 

پڙهون جيڪي ڌريون دل تي، عمل  ٿئي علم سان شامل،

نئين سر چاهه پيدا ٿئي، فضيلت ۽ ادب خاطر.

 

ڪچيءَ کان ڪر اثر پيدا، اسان ۾ خير خواهيءَ جو،

دنيا ۾ خلق خدمت کان، نه ڀانيون بندگي بهتر.

 

کپي جيڪي گُهرون توکان، اي ڏاتر ڏيهه کي ڏيندڙ،

سدا ڀرپور ڀنڊاري، اي داتا  دادگر داور.

صاحب جي ساراهه

 

مِڙن تي مهر تنهنجي مهر وارا،

سدا تنهنجي ستاري، اي ستارا.

 

ڏين پرڪاش تنهنجي تيج کان ٿا،

کنوڻ، سج، چنڊ، تارا ۽ سِتارا.

 

ڀرن سڀ ساک تنهنجي سونهن جي ٿا،

چمن ۾ چيٽ جا نيارا نظارا،

 

پٿر جي پيٽ ۾ ٿو ڪيٽ پالين،

هلن ٿا ڀون اندر تنهنجا ڀنڊارا.

 

ڪَڻي مان ڪيچ اي قادر ڪرين ٿو،

ڀرين داڻي منجهان ٿو سَنگ سارا.

 

ڪرين اظهار پنهنجي ذات  ذاتي،

صفائي ويس هي پهري پيارا،

 

ٿي هڪڙو، ٿو ڀرين سنسار سارو،

پرت مان ٿو ڪرين ڪيڏا پسارا.

 

چڱائي ري نه توکي ڪي سجهي ٿو،

ڀلائين ڀال دنيا تي ڀلارا،

 

نه تو بن واهه ٻي ڪا آهه ”بيوس“

کٽيو تن جي، رهيا توسان سچارا.

الهندو هند جو ڇيڙو، اسان جي سنڌ سونهاري،

اڳوڻي وقت ۾ هن کان به چؤڻي هئي ته چوڌاري.

 

پنجابي پيچ سان پڳڙي، سندس سرتي سدا اڳري،

اڀرندي  ڀرڀٽن لڳڙي، الهندي ڍال هالاري.

 

سندس ساڄو  چرن ڪومل، سدا ڌوپي ٿو ساگر سان،

مگر ڏائي کُڙيءَ هيٺان، رهي رڻ جي تتل واري.

 

جگر جيرو ڀڳو ٺوڙهو، بُڪي ڀرسان لڪي تيرٿ،

گنجي ٽڪري سندس دُن تي، مرو  مڪلي ٿي موچاري.

 

سدا وهندر سنڌو ڌارا، وڃي پيٽان ٿي آنڊن جان،

پچائي کيٽ جا ان جا، رکي ٿي سنڌ سکياري.

 

ڪڻڪ جو جابجا داليون، ۽ تيلي ٻج به ڪٿ ڪٿ ٿين،

سرو ٿر، ٻاجهري، جوئر، وچولي لاڙ ۾ ساري.

 

ڪياماڙي عجب واري، منهوڙي تي مزيداري،

ڪلفٽن جي برج ڀاري، ڏياري ياد ڪوٺاري.

 

عنايت شاهه روحل ۽ سچل سامي، بيڪس بيدل،

تصوف بي تعصب سان، سچي جن سنڌ سينگاري.

 

قيمتي شان سنڌڙيءَ جو، ڏسي موهن دڙو سنڌ جو،

ڦريو تاريخ جو طبقو کُليا اسرار اسراري.

 

مغل طاقت سندو پايو، وڏو اڪبر هتي ڄايو،

سڪندر شوق مان آيو، لنگهيو سنڌو ندي ساري.

 

براج اسڪيم جو  ساٽو، ڪروڙن ۾ هڻي ويٺو،

ڏسون ”بيوس“ ٿئي ڇا ٿو، ٿئي ٿي هار يا ساري.

*

 

 

گُل ڦُل

 

باغ دنيا ۾ جاڳيو هُل،

ٻالڪ ننڍڙا! تون گُل ڦُل.

 

مِٺو مهانڊو ڇا من مُهڻو،

ڌوتل گل کان سُندر سُهڻو.

 

رهين سڀن سان ٿي رل مل،

پيار ڀري ٿو ڌارين دل.

 

صورت تنهنجي ٻالي ڀولي،

ڇا ٻاتيلي تنهنجي ٻولي.

 

ٻول مٺيرا جي ٿو ٻولين،

ساز سُريلا سڀ ٿو کولين.

 

جڏهن رهين ٿو راند رهاڻ،

سرس گلن کان ڏين سُرهاڻ.

 

ڪوڏ ٺڪر ۽ ڪاڳر ڪانا،

خاصا تو لئه خاص خزانا.

 

تنهنجا آرا انگل ماڻا،

ڏسي سکي ويا سمجهه سياڻا،

 

اصلي علم سمايل تو ۾،

لعلن لعل لڪايل تو ۾.

 

ڪچڙو ڪومل صاف سڀاءُ،

جنهن ۾ اهه نه واءُ وڌاءُ.

 

توکي ڪوبه سنئين دڳ لائي،

دنيا ۾ سورج چمڪائي

”بيوس“ توتي ڀاري بار،

آئنده جو سڄو مدار.

*

مِٺڙو گهوڙو

 

مٺڙا گهورا اوري آءُ،

خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.

 

پنهنجي منهن تان لاهه لغام،

تازو گاهه هلي چر جام.

 

جتي چرڻ لاءِ آهي گاهه،

اُتي وهي ٿو سهڻو واهه.

 

اُن واهي مان پاڻي پيءُ،

ڍءُ ڪري تون گدگد ٿيءُ.

 

جڏهن شام جو وڄندا پنج،

توتي وجهندس سهڻا سنج.

 

سئڊل تي مان ٿيان سوار،

تون ٽپ ٽپ ٽاپيءَ تي تيار.

 

توڙي هٿ ۾ چهبڪ کڻندس،

مٺڙا توکي مُورُ نه هَڻندس.

 

جڏهن ڏسين ڪي ننڍڙا ٻار،

هلندي هلندي ڪجِ هِڻڪار.

 

ٻالڪ چوندا ڊوڙو ڊوڙو،

 

ڏسو ڪِڪي جو سهڻو گهوڙو.

آءٌ نه پوءِ هني تي وهندس،

اُڀو رڪابن تي ٿي بهندس.

 

هڪل ڪري چوندس: اي ٻارو،

منهنجو گهوڙو آهه ڀٽارو.

 

اچو اچي ڀل شرط پڄايون،

ڊوڙي ڊوڙي آڳ ڪڍايون.

 

هر ڪو ڊوڙي ساڻو ٿيندو

گهوڙو آڳ کٽڻ نا ڏيندو.*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com