غريبن جي جهوپڙي
جا آهه جائداد نه ورثي وبال کان،
ٿيندي نه زير بار جاگرويءَ جي خيال کان،
اونو نه جنهن کي آهه ڪو جوکي جنجال کان،
هلڪي رهي جا هنيانءَ تي سولي سنڀال کان،
جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
جا ونءُ وڃي ٿي چيز ڪنهن نازڪ نفيس کان،
آجي رهي جا اُوچ- گذاري جي ريس کان،
پڻ ٿي پناهه ۾ رهي، حاسد حريص کان،
ڌاري نه خاص خوف ڪو خوني خبيث کان،
بي ڪُرف ۽ ڪڙي رهي سوگهي صندوقڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
ڇانگي ڇَنو اڏايائون جو لامن لکن منجهان،
سادو اجهو سٽيائون، پراڻن پکن منجهان،
ڪاڍو ڪڍيائون ڪڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان،
پورهيو پٽيائون پاڻ ۽ سرتين سُکن منجهان،
مفتي مدد تي آيا، مچي مڙس ٿي مِڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
جنهن تي نه نقش – ساز کي ڪو ناز ٿو رهي،
رازو، ڊکڻ، نه جنهن تي ڪو لوهار ٿو وهي،
چوني، پٿر يا سر جو نه سر بار جا سهي،
محصول جاءِ ڳاهه جي هيٺان نه جا ڳهي،
مسواڙ بي مهار جي آهي نه جا پڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
سج چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان،
ترڪيو اچن ٿا ترورا تارن ڪتين منجهان،
ڀُڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان،
ڇڻڪار ڪري مينهن ٿو ڇُٽڪي ڇتين منجهان،
قُدرت سندي ڪمال صحت لاءِ سوکڙي،
الاٰ! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
جنهن ۾ جشن مچي مٺي ڍوڍي جُوار تي،
سادو گذر وجهي نه طبيبن تنوار تي،
پورهيو وجهي ٿو واڌ وڏيري ڄمار تي،
غالب پوي نه حرص خوشيءَ کي خمار تي،
”بيوس“ جتي جلائي نه چِنتا جي چُوچڙي،
الا! جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
*
نـــــــدي
آڪاس
۾ ڪڪر ٿي ڪنهن دم هو ڦرڻ منهنجو،
سرديءَ کان برف ٿي ٿيو، چوٽين تي ڪرڻ منهنجو،
گرميءَ جي جوش کان ٿيو وادين ۾ سرڻ منهنجو
گهاٽن جي گهيرَ ۾ ٿيو غلبي کان گهڙڻ منهنجو،
ٽڪري ٽڪر ٽڪر سان، سِر خُوب مون گسايو،
آخر اچي پٽن تي مون پاڻ کي پڄايو.
ساهي پٽي ڪٿي ڀي مون مؤج ڪين ماڻي،
هر دم اٿل پٿل ۾ پوندو رهي ٿو پاڻي،
وهندي وتان سدائين، بيهڪ کي مؤت ڄاڻي،
هيٺار تي هلان ٿي هر دم ندي نماڻي،
آشا رهي اندر ۾ ٿي سمنڊ ۾ وڃڻ جي،
پنهنجي پراڻي گهر ۾ ساهي وڃي کڻڻ جي.
کيتن ۾ جي خوشيءَ سان ڪنهن وير پير پايان،
ڀنڊار برڪتن سان سر سبز سي بڻايان،
گلزار ۾ گلن جا ڪي رنگ ٿي رچايان،
ڌرتيءَ جي فرش تي ٿي تهه مخملي وڇايان،
منهنجي ڦڙي ڦڙي ۾ جلوو ۽ جان آهي،
هو جيوَ جي رڳن ۾ منهنجو نشان آهي.
ڪڙڪاٽ ڪي ڪُنن جا ڇولين جا ڇوهه مون ۾،
آهن مَڇن ڪڇن جا ڪيڏا انبوهه مون ۾،
درياءَ جا درندا واڳو ۽ ڳوهه مون ۾،
ٻڏندا وتن ڪچي جا ڪوهن جا ڪوهه مون ۾،
واري به آهي ”بيوس“ ڪنهن جاءِ سون واري،
تاريان ٿي سير تي مان ٻيڙي اڃان سچاري.
برسات
آسماني اَڇ سان اڄ گل ٽڙيا گلزار ۾،
بوند باراني وسي، پُر مغز ٿئي هُٻڪار ۾،.
اڄ مڙي بادل کڙي آيا ٽڙي ٽانگر به خوب،
پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.
رعد رڙڪا، گوڙ گڙڪا، خوب ڪڙڪا ٿو ڪري،
پڻ تنبورا ساز سرندا سارنگن جي تار ۾.
مينهن جي مانڊاڻ کان سارا چمن چانڊاڻ ٿيا،
ڦوهه ۾ گل ڦل ڦٽي پيئڙا کِلي هر ٽار ۾.
پي پپيهو خوب پاڻي، ڍؤ منجهان ڍاپيو گهمي،
بلبليون چيها چَتون آهن لڳا للڪار ۾.
روح کي راحت رسي، اڄ تازگي چؤڏس ڏسي،
هير دل کي هر گهڙيءَ خوش ٿي ڪري خنڪار ۾.
هيج مان هارين جي دل ۾ آهه ”بيوس“ آسرو،
هنج ڀري ٻيجن ٻِجن جا ويا ٻنيءَ ۽ ٻار ۾.
وطـــن
خاص کٿوري ڀانيا ان وطن جي واري،
مٽي مِٺڙي ملڪ جي مُشڪان موچاري،
پنهنجي دلبر ديس جي پڻي پڻ پياري،
گاهه به گلزاري، بَٺُ باغيچو ڀانئيان.
ساريان جي ساڻيهه جا سلا سُونهنَ ڀَريا،
جن ۾ ڇيلن ڇانگ ٿي چيها چل چريا،
ويين ولڙين وچ ۾ ٿي وَلَر وَڳَ وَريا،
ڌرتيءَ اُت ڌَريا، ڇڳن ڇاڻي ٻُوُر ٿي.
وڻ ڪندا ها وڙ وڏو وطن وارن تي،
پختي لَڙڪي پينگهه تي ڏاڍن ڏارن تي،
هڪ هوڏ هلي ٿي لوڏَ تي ٻيو وڙهڻ وارن تي،
ٻاجُهون ٻارن تي، ڇٽن ڇايا سان ڪَيُون.
مَنَئان لهن نه مور ٿا، پنهنجا پَڌَرَ پٽ،
جتي ساٿين سرکي، سر ڏني ٿي سَٽَ،
سو ڀارن جي سوڀَ تي وهه، وهه جا واڄٽ،
فرحت هاسي ڦَٽَ، جي راندين رهندي ٿي رسيا.
جتي جيجل ٿي ڏني جهوليءَ ۾ لولي،
ٽِڙي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي طوطيلي ٻولي،
مٺڙي ٿي مون تان وئي گهڙيءَ ۾ گهولي،
ڇَلڪي سان ڇولي، ”بيوس“ وهي وطن ري.
ڪڙميءَ جي آس
تنهنجي دردن جي هنئر آهه پڄاڻي ڪڙمي،
تنهنجي سورن جي اچي ويل وهاڻي ڪڙمي.
آهه اڄ خاص طرح تنهنجي سڌاري جي پچار،
تنهنجي ڪششن جي اگهي آهه ڪهاڻي، ڪڙمي،
تنهنجي واڌاري سڌاري ۽ ڀلائيءَ خاطر،
ڪانه ڪا رمز رٿين ٿا سي ڏهاڻي ڪڙمي.
خاص کيتيءَ سندا اوزار نوان ٿيا ايجاد،
ڏيندو ٻج ڀاڻ نئون جام ڪهاڻي، ڪڙمي.
جا بجا جام ٿيون سوسائٽيون تولاءِ بپا،
سوڙهه ناڻي جي مهل توسان سي ساڻي، ڪڙمي.
تنهنجي پيدائش جي وڪري جي جماعت ئي جدا،
ڪين اگهه ۾ ٿي لڳي گهوٻي ۽ گهاڻي، ڪڙمي.
جلد پورو ٿي جڏهن ويندو ڪروڙين جو براج،
ڏيندو کيٽن کي سڄو سال سو پاڻي، ڪڙمي.
لاڀ هن ڪار جي تون نيڪ نتيجن مان وٺين،
جي رکين چاهه چڱو سمجهه سياڻي، ڪڙمي.
علم سان پاڻ سڌاري تي اگر چاهه رکين،
هوند حالت نه رهي تنهنجي نماڻي ڪڙمي.
جي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تي،
سي سگهيا قدر نه ڪو تنهنجي سڃاڻي، ڪڙمي.
آهه ”بيوس“ هي سمو تنهنجي سچيءَ پرک سندو،
جي گهرين پاڻ کي تون اوج تي آڻين، ڪڙمي.
*
ماکيءَ مک جي در تي ڪيو تِڏِ سوال،
بي حد ٿيئڙو پکن ۾، هَڄي هيڻو حال،
ڪڻو ناهي قوت کي ڪيو ڪرم ڪنگال،
ڏرت اچي پيو ڏيهه ۾ قحط ڪَڙڪي ڪال،
هڪ سُڪائي سيءُ ٿو، ٻيو مِلڻ اُنَ محال،
لڳو تار لنگهڻ مٿي، جالڻ آهي جنجال،
پَر مون ٻڌو ٻين کان، تو وٽ مَئو مال،
ولهين کي به ولهن جو، رکڻو خاص خيال،
هاڻي ڀلي! ڪر ڀال، دل کولي ڪو دان ڏي.
ماکيءَ مک مُرڪي چيو، تُنڪو تيز هڻي،
اڳ تو ڏٺي ڇو نٿي ايندڙ گُهرج گهڻي،
سانوڻ ۾ سردين سندي ڳُڻ تو ڇو نه ڳڻي،
ڪيو کوڙ کڻي، گڏ گرمين ۾ ڇو نه تو؟
تڏ
مور نه مون کي ٿي سمجهيو سانوڻ سيارو،
گهاري گذاري ڇڏيو، عيش اُونهارو،
ريڌي رهيس راڳ ۾، سڄو ڏينهن سارو،
اچي لڳو لوڙ جو، هينئرته هارو،
راند روند وسري وئي، وريو ويسارو،
مَتيون ماري مونجهه کان، منهنجو مونجهارو،
قسمت ڪاڻيارو، پارن ۾ پَرَ جو ڪيو.
ماکيءَ مک
نڪمو ڀولو ڀاڳ جو نڪو ڏيندڙ ڏوهه،
سدا رهي سنسار ۾ سستي لاءِ ستوهه،
محنت ماٺائي ڪري، جي رکن مؤج سان موهه،
تن ڪيو پنهنجي ڪرم سان، ڊوهين ڄاڻي ڊوهه،
جو سانڌڻ ۾ ساري نٿو پويان ايندڙ پوهه،
سهڻ کپي تنهن سانت ۾ بُک ڇِتيءَ جو ڇوهه،
آهي اهڙن واسطي اصل کان اوندهه،
ٻيو ڪو ڪندو ڪوهه، مدد مصيبت ۾ اچي.
ائين چوندي اوچتو ماکيءَ مک اُڏي،
”بيوس“ تِڏ ٻُڏي، مرم جي مهراڻ ۾.
*
محنت
بُکَ سگهي ڪيئن تنهن کي گهيري،
ڪم بختي ڪيئن تنهن کي ڪيري،
سستي جو چُستيءَ سان ڦيري،
محنت تي جو پاڻ کي هيري،
جنهن جو محنت مٿي مدار،
محنت ڪر محنت هر وار.
ڪر ڪوشش سان کيتي واڙي،
وڍ جهنگ کڻ تون ڪوڏر ڪهاڙي،
محنت جنهن جي آهه اڳياڙي،
سرهي تَنهنِ جي آهي پڇاڙي،
مند مٿي ٿئي پوک تيار،
محنت ڪر محنت هر وار.
محنت خود هڪ ورثو آهي،
قرض وڏن جو ويتر لاهي،
پُونجي پنهنجي پڻ ڏي ٺاهي،
وَڌِ هِن کان ڪا ڪيميا ناهي،
محنت تان مُفلس زردار،
محنت ڪر محنت هر وار.
محنت موتين جو مهراڻ،
سونَ رپي جي خاصي کاڻ،
علم عقل جي پڻ اڳواڻ،
هر شيءِ محنت سان ئي ڄاڻ،
محنت ڪامل ڪيميا ڪار،
محنت ڪر محنت هر وار.
گهرج تڏهن ٿي گهوٻي ماري،
درد تڏهن ٿو ٻارڻ ٻاري،
مرد! تڏهن ٿي ڳڻتي ڳاري،
سست جڏهن او مفت گذاري،
محنت ڪر تون ڪين ڪنار،
محنت ڪر محنت هر وار.
محنت اهڙي آهه نه هيڻي،
رهندي جاڪ نصيب وهيڻي،
آسُن کان ٻاجهاري ٻيڻي،
ڀاڳ ڀلي کان ڀانئج ٽيڻي،
قسمت محنت جي اختيار،
محنت ڪر محنت هرواز.
جي تون آهين شاهوڪار،
زور زبر وارو زردار،
ته به محنت کان ڌار نه عار،
محنت ڌاران مرد نڪار،
محنت سان ٿي وڌي ڄمار،
محنت ڪر محنت هر وار.
محنت ساڻ نيازي ڇا جي،
هِن هُن جي در آزي ڇا جي،
هِت هُت هاري بازي ڇا جي،
غمگيني اي غازي ڇا جي،
محنت هر دم خود مختيار،
محنت ڪر محنت هر وار.
سچائي
ڦري سنسار جو چرخو سچائيءَ جي سرائيءَ تي،
منڊيل مانڊاڻ دنيا جو سڄو آهي سچائيءَ تي.
ڦرن گردش گرهه تارا ۽ گرهڻ ٿين مندون مٽجن،
سٽيل سڀ سلسلو سهڻو سچائيءَ جي پڪائيءَ تي.
اٽل قانون قدرت جو، سچائي آهه نالو ٻيو،
اهو اهڃاڻ عبرت جو خدائيءَ جي وڏائيءَ تي.
وڌائي شان انسانيت اندر کي ٿي رکي اجرو،
رهي مالڪ سدا موهت سچائي جي صفائيءَ جو.
گدڙ مان شير ٿئي پيدا، گنگي کي ڏئي زبان بخشي،
سچائي جِي اچي پنهنجي ٿي طاقت آزمائيءَ تي.
سچي جي سر مبارڪ تي رهي ڇٽ ٿو تجمل جو،
سچو چهرو سدا چمڪي رهي دل بي بچائيءَ تي.
سچو ”بيوس“ رڳو رهبو ته ٻيا گڻ ڊوڙندا ايندا،
سچو چِت چاهه مان ازخود وڃي پوندو سچائيءَ تي.
*
تندرستي
تندرستي آهه نعمت سُک وڏو سنسار ۾،
تندرستيءَ کان سواءِ نت آدمي آزار ۾.
ڀل ته سَؤ سُک ٻيا هجن دولت جَهجهي عهدو وڏو،
پر صحت ڌاران نه سي آهين ڪنهن به قطار ۾.
سير گلشن جو ڪيو صحت سوا جو مون وڃي،
ٿي گلن مان خار ڄڻ مون کي چڀيا گلزار ۾.
هٺ – سڄي سان جهوپڙيءَ ۾ ٿو گدا ماڻي مزا،
پر صحت ڌاران سنگهاسن جو ڌڻي لاچار ۾.
ڪئن مزو ۽ لطف روڳي کي اچي دنيا منجهان،
نااميدي گهر ڪري ڄڻ ٿي وڃي بيمار.
جن اصولن سان نه رڳو، خوش گذارڻ ٿئي نصيب،
تن اصولن کي رکڻ گهرجي سدا ويچار ۾.
ٿو ترقيءَ دل دماغ ۽ روح جي کان وانجهجي،
جوت جيوت ڪئن ڪڍي بيمار ٿيو بيڪار ۾.
سادگي، سنجيدگي، ڪثرت، صفائي، خوش دلي،
آهه ”بيوس“ مکيه صفائي صحت لاءِ هر ڪار ۾.
*
آڱريون ۽ منڊي
ٺهي آئي ٺاٺ ساڻ چوکي چلڪيدار،
منڊيءَ مچايو معاملو مشڪل، مزيدار،
پائڻ لاءِ اچي پئي پنجن منجهه پچار،
هر ڪا رهي هُشيار، حجت هلائڻ واسطي.
سونَ مُنڊيءَ موهي رکيو، هر ڪنهن آڱر کي،
سڀڪا پنهنجي پيچ ۾ ٿي آڻڻ اوءِ گهري،
پر هڪ هيترين جي هٿان پوري ڪيئن پوي،
تن سوناري تي، امانت آڻي رکي.
سونارو امين ٿي آسڻ تي آيو،
حڪم هر ڪنهن کي ٿيو: حجت هلايو،
پنهنجي پنهنجي لائقي بيشڪ بتايو،
جنهن ثابت سڻايو، منڊي سا مون کان وٺي.
وچينءَ اٿي واهه جو ڏنو داد دليل،
پي: وڏپڻ ورثي ۾ مليو ڏسو منهنجو ڏيل،
مون کان آهي ڪيترو ٻين جو قد قليل،
جا سڀن سرخيل، منڊي نتهن کي ئي ملي.
ٻهڳڻ ٻاچ اُٿي چيو کولي خوب ڳلو،
پوتر آهيان پائيان آءٌ ئي ڊڀ ڇلو،
مون بن هندن جو نه ٿئي ڪريا ڪرم ڀلو،
پنڊت وٽ هلو، ته چوندو سچي ساک کان.
ڏسڻيءَ ڏاڍي ڏانو َسان چيو چُست وري،
ڏسي ماڳ منجهيل کي ڪريان رهبري،
چلائيم نه چو نڪ تي جي ساندهه سنتري،
ٽڪرا ٿي ٽڪري، هو ند گاڏيون پون گوڙ ۾.
آڱوٺي جو آسرو آهيان آڳوٺو،
جنگ جهادر جبرو مڙني ۾ موٽو،
ٺاهيان گهڻي ٺاهه سان ٺوڪر لاءِ ٺونشو،
چاڙهيان تلڪ ٿو، نرڙ مٿي مان ناز سان.
ڪنهن به ڪارج ڪاڻ جي چارئي پيون گڏجن،
مون بن هرگز هاج ڪا ڪري ڪين سگهن،
گرهه گرهه سان آدمي ٿا منهنجو مُنهن چُمن،
مٿان آءٌ مڙن، اڳرو الڳ آهيان.
اٿي عجزو نياز سان چيو چيچ چڱيان،
اُڀري ننڍڙي ناز مان هيڻي ۽ هيٺان،
ٻوهاريندي جاءِ کي، جئن ٻُهر ٻُڪ ڀريان
هر هر ڌرتيءَ سان، پاڻ ڱسايان پانهنجو،
ميڙڻ مٺڙي ٿي لڳي پيرن پاڪ پڻي،
هلندي جُتي هوت تان جا پيئي ڇار ڇڻي،
مون کي ٽَهل ٽَڪور جي وڌيڪ واٽ وڻي،
منجهان خاڪ کڻي، سرهو ڪجو سون سان.
چيو امين چڱي ڏسي چيچ چترائي،
خدمت خاصي تون ڪرين نئڙت نيچائي،
مَرڪ تنهنجي ڀانئيان منڊي هيءَ مائي،
پر تئون پهرائي، سوني منڊي چيچ کي. |