آمدني ۽ خرچ
چوڻي آهي ته ”ٻڌي ۾ طاقت آهي.“ اهو ساڳيو گهر جنهن جي پاندي
پوري نه ٿيندي هئي، بک، اوگهڙ، بيماري ۽ قرض جهڙن
مرضن ۾
گهر جو هرهڪ ڀاتي ڦاٿل هو. ڇو جو هرڪو گهر کان
بيخبر ۽ بيزار اڪيلي سر سختيون سهندو وتندو هو. پر
هاڻ مريم جي عقلمندي سان سڀ ملي هڪ ٿي ويا هئا.
سڀني کي گهر جو هڪ جيترو اونو ٿيندو هو. جيسين
ڪنهن به ڳالهه ۾ سڀ گهر جا ڀاتي هڪ نه ٿي بيهن،
تيسين اها پوري نه ٿيندي هئي. هر ڪنهن کي پنهنجي
ذميواريءَ جو احساس هو. هرڪو ان ڪوشش ۾ هوندو هو
ته محنت ڪري ايترو گهر ۾ آڻيون، جو گهر جو خرچ
آرام سان هلي.
مريم جو چاچو هاڻ ڪافي ڪمزور ٿي ويو هو. پر ان هوندي به ٻنيءَ
ڏانهن ڪم ڪرڻ لاءِ ضرور ويندو هو. سندس چوڻ هو ته
جيسين جسم ۾ ٿوري طاقت هجي، هٿ پير هلائڻ گهرجن.
جيترو پڄي سگهي، پنهنجي روزي پاڻ ڪمائجي، ڇو ته
اهڙي روزيءَ ۾ خدا برڪت ٿو وجھي. تنهن کان سواءِ
جسم به چرپر ڪري سلامت ۽ تندرست رهندو ۽ ٻين جي
محتاجي به نه ڪرڻي پوندي.
مريم جو مرد ۽ ڏير به صبح جو سوير خدا جو نالو وٺي ڌنڌي ڏانهن
نڪري ويندا آهن. سڄو ڏينهن پنهنجي پورهئي ۾ گذاري
شام جو گهر واپس ورن. اڳي رڳو ٻنيءَ ٻاري جو ڪم
ڪندا هئا، پر هاڻي خدا جي مهرباني ۽ سندن ٻڌي ۽
محنت جي ڪري خدا ڪمائيءَ ۾ ايتري برڪت وڌي، جو پاڻ
زمين جو ٽڪر خريد ڪيو هئائون، پيءُ پٽن جي ڏينهن
رات محنت جوڦل خدا اهو ڏنو، جو سڀني کان سندن فصل
ڀلو ٿيو ۽ فصل جي لهڻ تي چڱي فائدي جي اميد وڌي
وئي.
مريم هڪ هنرمند عورت هئي. مائٽن وٽ پرورش به اهڙي ٿي هيس،
جوڪنهن به قسم جي محنت کان نه ڪيٻائيندي هئي. هر
وقت پنهنجي گهر جي خوشيءَ لاءِ سوچيندي رهندي هئي.
هن سوچيو ته رڳو مردن جي ڪمائيءَ تي ڀاڙي ويهڻ سان
ڪم نه هلندو. هو ويچارا پنهنجي ڏينهن رات جي محنت
سان جيڪي ڪجهه آڻين ٿا، سو گهر جي ڀاتين لاءِ ڪافي
ناهي. سو ڇو نه مون کي جيڪو هنر اچي ٿو، ان مان به
ڪي فائدا وٺان. هڪ ڏير ۽ نڻان اڃا به گهر ۾ آهن،
جن جي سجوڙي ڪرڻي آهي. ٻار به اڄ ننڍا سڀاڻ وڏا سڀ
ڪي ڪپين. زمانو جيئن جيئن ترقي ڪندو وڃي، گُهرجون
اوتريون وڌنديون وڃن. انهن سڀني جي پورت لاءِ سڀني
کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي. سو جيڪوڪم گهر اندر اسان
کان ٿي سگهي اهو ڪريون. سندس ننڍي نڻان ۽ ڀيڻس، جا
ڏيرياڻي به هيس، ٽيئي گڏجي، ڀرت، ٽڪ رليءَ جوڪم ۽
سيبي تي سهڻا سهڻا ڪپڙا ڀري ٺاهي بازار ۾ دڪان تي
موڪلينديون هيون، جنهن مان چڱي اُپت ٿيندي هين.
وٽس سبڻ جي مشين هئي، سو ڪپڙا پئسن تي به سبندي
هئي. ماڻهن جي پائڻ جا ڪپڙا به ڀرت تي ڀري،
ڀرائيءَ جا پئسا حاصل ڪنديون هيون. مال مان جيڪو
کير ملندو هون، ان مان ڪجهه وڪرو ٿي ويندو هو.
ڪجهه کير ڄمائي ولوڙي ان مان مکڻ ڪڍندا هئا. جنهن
مان وري سٺو گيهه ٽاڻي ڪڍندا هئا، ان مان به ڪجهه
آمدني ٿي ويندي هئن. اهڙيءَ طرح چڱو پيسو گهر ۾
اچڻ لڳو هون ۽ گذر سفر سٺو ٿيڻ لڳو هون. مريم جو
گهر ڳوٺ جي سُکين گهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. ڏاهن
سچ چيو آهي، ته ”زال ته گهر نه ته آهي بَرُ.“ سچ
پچ ته هن عورت جي سگهڙپائي ۽ عقلمنديءَ هڪ برباد
ٿيل دوزخ جهڙي گهر کي جنت جو ٽڪر بڻائي وڌو هو.
اسان جي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو مريم کي تمام عزت جي نظر سان ڏسندا آهن
۽ هر وقت هر معاملي ۾ هن جو مثال ڏيڻ ضروري
سمجھندا آهن، ته شال اسان جون زالون ۽ ڌيئون مريم
جهڙيون سدوريون ۽ سلڇڻيون ٿي پون ته هوند ڪنهن گهر
کي تڪليف ۽ ڏک جو منهن نه ڏسڻو پوي. مريم جي
زندگيءَ جي مثال ڳوٺ جي گهڻن خاندانن مان خرابيون
ڪڍي کين سڌاري ڇڏيو آهي. وڏيءَ ويل تائين پوڙهي
رحمت خاتون مريم ۽ سندس گهر جي باري ۾ ڳالهيون
ڪندي رهي ۽ اسين سڀ ٻڌنديون رهيونسين. وچ وچ ۾
اسين ڪي سوال به پڇنديون رهيون سين ۽ ماسي انهن جا
جواب ڏيندي رهي. سندس ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو رس هو. اسان
کي سمجھائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ هرڪا ڳالهه پيرائتي ٿي
ڪيائين، سو اسان به ويٺي ٻڌو ۽ ويچار ڪيو. ان وقت
اسان سڀني جي دل ڏاڍو ٿي گهريو ته جيڪر مريم سان
پاڻ هلي ملجي ۽ اهڙيءَ ملوڪ مائيءَ سان منهان
منهن ڳالهائجي، نيٺ هڪ دفعي ملاقات به ٿي.
ادي مريم سان ملاقات
ادي مريم سان اسان جي ملاقات ڪيئن ٿي، سو آءُ ٿي ٻڌايان: اسان
ماسي رحمت کي چيو ته ادي مريم سان اسان جي ملاقات
ڪرائي ته هلي سندس گلن جھڙو گهر به ڏسون ۽ ساڻس به
ڪچهريون ڪريون. پر هڪڙيءَ ڳالهه اسان کي سندس گهر
وڃڻ کان ٿوري روڪ ٿي ڪئي، جو پاڻ اڃا تائين اسان
کي کيڪارڻ ڪانه آئي هئي. ماسي رحمت ٻڌايو ته مريم
جي سَس چاق نه هئي، ان ڪري نه اچي سگهي آهي. نه ته
اهڙي مٺي ۽ محبت واري آهي، جو سڀني کان پهرين
پاڙيسرين جو حق ادا ڪرڻ اچي ها. هن کي ان ڳالهه جو
پاڻ تمام گهڻو افسوس هوندو. اسان سوچيو سندس گهر
وڃڻ جو وجھه سٺو آهي. سسڻس کان پڇڻ لاءِ هونئن به
وڃڻ گهرجي، سو ماسي رحمت ۽ اسان ٻئي ڏينهن ڪم ڪار
لاهي، اديءَ مريم جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين. ٻن
گهٽين کان پوءِ ادي مريم جي جاءِ نظر آئي، سندس
گهر جي ٻاهران گهٽي صاف نظر آئي، پر در وارو حصو
ته تمام صاف پئي لڳو. ماسي رحمت ٻڌايو ته مريم
پنهنجي گهر جي گهٽيءَ جي صفائي سٿرائيءَ جو خيال
به گهر وانگر ئي رکندي آهي. پنهنجي هڙان پيسا ڏيئي
چوگرد صفائي ڪرائي، پاڙيوارن کي به وقت بوقت صفائي
جو خيال رکڻ جو تاڪيد ڪندي رهندي آهي.
ماسي رحمت سان گڏ اديءَ مريم جي گهر ۾ پير پاتوسين ۽ در مان
اندر گهڙياسين ته اڱڻ ۾ وڃي پهتاسين. وڏو ڪشادو
اڱڻ چينيءَ جھڙو صاف چمڪندڙ هو. وڏا شاهي وڻ ڳاٽ
کنيو بيٺا هجن، ڀت جي ڪنارن وٽ گلن جي گلڪاري بهار
لايو بيٺي هجي، ٻه ٽي کٽون وڻن جي ڇانو ۾ پيون
هيون. هڪڙيءَ کٽ تي هڪ بزرگ عورت صاف ڪپڙن سان
ويٺي هئي. اسين وڌي اڳتي ٿياسين، ماسي رحمت اسان
کان اڳڀرو وڃي ان زال کي سلام ڪيو. اها ادي مريم
جي چاچي ۽ سَس هئي. ڏاڍيءَ حُب مان اسان سڀني سان
ملي. پر ڪجهه ڪمزور ٿي لڳي، ان ڪري ويٺي ئي ملي.
اسان کي پاڻ وٽ ويهڻ لاءِ چيائين. اسين سندس کٽ تي
ئي ويٺيونسين. ماسيءَ رحمت پڇيس، ”امان! مريم ۽
ڌيڻس ڪٿي آهن؟“ پاڻ جواب ڏنائين، ”اندر ڪم ڪار ۾
لڳل آهن.“ اسان سندس صحت جي باري ۾ پڇڻ لڳيونسين،
ايتري ۾ ماسي رحمت سڏ ڪندي اندر ڪمري ۾ گهڙي ويئي.
ٻه منٽ به ڪونه گذريا، ته سامهون ورانڊي مان
ماسيءَ سان گڏ هڪ کلندڙ چهرو نظر آيو. پوري ساري
بدن جي، صاف ڪپڙن سان، شڪل جي ٺاهوڪي. زال کي ڏسي
دل چيو ته خدا نه ڀُلائي ته اها ادي مريم آهي!
اسان جو گمان ٺيڪ نڪتو. ماسيءَ ٻڌايو ته اها ئي
گهر ڌياڻي مريم آهي. ڏاڍي محبت سان اسان جي کيڪار
ڪيائين. ماسي رحمت اسان جي باري ۾ کيس اندر ئي
ڪجهه ٻڌائي آئي هئي. چوڻ لڳي ”ادي، مان توهان جي
اڳيان شرمندي آهيان، جو توهان کي گهر اچي کيڪارڻ
وارو فرض پورو نه ڪري سگهيس. پر مان مجبور هئس،
چاچي ڏاڍي بيمار هئي، ان کي ڇڏي ڪٿي نڪري نٿي
سگهيس. خدا چاچيءَ کي نئين حياتي ڏني آهي. مَس
مَسَ ويهڻ جهڙي ٿي آهي. ادي چاچيءَ جي زندگيءَ
لاءِ مون ڏاڍيون دعائون گهريون، ڀلا بزرگن کان
سواءِ ڪهڙي رونق ۽ ڪهڙي برڪت. خدا منهنجو سوال
ٻڌو، چاچي رڳو کٽ تي ويٺي آهي ته ڄڻ گهر ٻهڪي
پيو.“ ائين ٿي لڳو ڄڻ ادي مريم جي دل مان ٿي اهي
اکر نڪتا. اسان تي سندس ڳالهائڻ جو ڏاڍو اثر ٿيو.
ڪهڙا نه سٺا خيال هئس. بزرگن جي لاءِ! اهڙا نيڪ
انسان بيشڪ دين دنيا ٻئي کٽندا. چاچيس ته ايڏيون
دعائون پئي ڪيس جو بس ئي نه، چي، ”جيتري ڏينهن رات
منهنجي خدمت ڪئي اٿس، اوتري جيڪر سڳي ۽ پيٽ ڄائي
ڌيءَ به نه ڪري. اهو مريم جي محنت ۽ دعائن جو اثر
آهي، جو مان زنده ويٺي آهيان.“ اديءَ مريم جواب
ڏنو ”چاچي، اهو ته منهنجو فرض آهي. توهان تي ڪو
ٿورو ته ڪونه آهي، ايتري ساراهه ڪري مون کي گنهگار
نه ڪريو.“ واه! مائي واه! خدا توکي ڪهڙي نه نوڙت ۽
نهٺائي ڏني آهي!
اديءَ مريم، پوءِ اسان مان هڪ هڪ جي سڃاڻپ چڱيءَ طرح پاڻ سان
ڪرائي. سندس ڳالهائڻ جو نمونو اهڙو ته خلوص وارو
هو، جو اسين ته يڪدم ساڻس هري مري ويونسين، ڄڻ ته
ڪا سالن جي ملاقات هئي. ٻارن جي پڇا ڪئي سون، ته
ٻڌايائين اسڪول ويا آهن. باقي ننڍڙي کي پڦيس
وهنجاري تيار پئي ڪري. مردن کي ڪم ڏانهن روانو ڪري
گهر جو ڪم پئي ڪيم. ”هاڻ توهان عنايتون ڪري مون
مسڪين جي گهر آيون آهيون، سو توهان سان ڪچهري ڪري
باقي ڪم پوءِ ڪنديس.“ ايتري ۾ سندس نڻان پٽس کي
وهنجاري، صاف ڪپڙا پارائي، ڦڻي ڏئي کڻي آئي. ڇوڪري
اسان جي ويجهو پهچي ننڍڙو هٿ مٿي ڏانهن کڻي سلام
ڪيو، ڏاڍو پيارو ڇوڪرو هو.
ننڍڙي کي ماءُ کي ڏيئي، پاڻ اسان سان ڀاڪر پائي ملي. هيڏڙو ٻار
اهڙي فضيلت سان ويٺو هو. جو حيرت پئي لڳي. اسان
کڻي پاڻ وٽ ويهاريس. اهڙيون مٺڙيون ٻوليون پئي
ڪيائين، جو مزو پئي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ ادي
مريم جي نڻان ٿوري مٺائي ۽ بسڪيٽ پليٽ ۾ وجھي کڻي
آئي. اندران ميز ڪڍي، اسان جي اڳيان رکيائين ۽
پليٽون کڻي ان تي رکيائون. ڏاڍين منٿن سان اسان کي
هرهر کائڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيائون. وچ ۾ شربت ٺهي
آيو، جو صاف گلاسن ۾ وجهي اسان سڀني اڳيان
رکيائون، شربت ڏاڍو مزيدار هو. ماسي رحمت ٻڌايو ته
شربت به ادي مريم گهر ۾ ٺاهيو آهي، ڪجهه وقت ڪچهري
ڪرڻ کان پوءِ اسان اجازت گهرڻ کان اڳ گهر گهمڻ جي
خواهش ڪئي.
ادي مريم اسان کي گهر اندر وٺي هلي. سڀ کان پهريائين ورانڊي ۾
پير رکيوسين، هڪ طرف پينگهو پيل هو ۽ ٻئي طرف کٽون
هيون. ٽنهي تي صاف رليون پيون هيون، ڪمري ۾ گهڙيون
سين ته ماسيءَ رحمت جو ٻڌايل نقشو اکين جي اڳيان
هو. هرڪو سامان صاف سٿرو سهڻيءَ طرح رکيل ۽ چادرن
سان ڍڪيل، ڪرسين ۽ ميزن تي پوش وڇايل، پيتين تي
ڍڪ ائين ٿي لڳا ڄڻ هينئر تازا ڌوتل چاڙهيا اٿن.
ڪمري جي سامهون ڀت ۾ مٿڀرو طاقي لڳل، تنهن تي شيشي
جا ٿانو سليقي سان رکيل، دري تي پردو ۽ صاف سٿري
جاءِ ڏسي، دل ڏاڍي خوش ٿي.
ادي مريم جيڪي ڪپڙا ڀرت تي ڀريا ٿي، اهي ڏسي ته حيران ٿي
وياسين، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڀرت نه، پر رنگن سان ڇر
ٿيل هجي. ڪمري مان گهمندي ٻئي طرف رڌڻي ڏانهن
وڌياسين. رڌڻي جي صفائي ۽ سنجٽ ڏسي اکيون کُلي
ويون. اهڙيءَ طرح سامان جي ڪوٺي، وهنجڻ جي جاءِ
ڏسندا، وٿاڻ طرف هلياسين. ڌنار مال چارڻ لاءِ ڪاهي
ويو هو ۽ وٿاڻ اهڙو صاف پئي لڳو، ڄڻ ڪا ماڻهن جي
رهڻ جي جاءِ هئي. سڀ کان وڌيڪ حيرت ان ڳالهه تي
لڳي، جو مَک، جو وجود ئي ڪونه هو، نه ئي ڪنهن قسم
جي بدبوءِ هئي.
سياڻن سچ چيو آهي، ته ”زال ته گهر نه ته برُ“ سو جي ادي مريم
جهڙيون سٽائتيون ۽ سگهڙ زالو ڪنهن گهر ۾ هونديون
ته جهوپڙيءَ کي به محل وانگر سهڻو جوڙي رکنديون پر
جي بي عقل ۽ اگهڙ زالون هونديون، ته ان بدقسمت محل
کي جهوپڙيءَ کان به وڌيڪ خراب ڪري ڇڏينديون، سئين
سڌي گهر کي ڦٽائي پوٺو ڪري ڇڏينديون.
اهي خيال ذهن ۾ آڻيندي اسان آخر ادي مريم ۽ ٻين گهر وارن کان
موڪلائي واپس وريونسين، جنهن وقت به ادي مريم ۽
سندس گهر جو خيال ايندو هو، ته وات مان بي اختيار
مريم جي ساراهه جا لفظ نڪري ويندا هئا. دل مان دعا
نڪرندي هئي ته شل هر ڪنهن جو گهر اهڙو سٺو هجي!
اهو ئي ملڪ ترقي ڏانهن وڌندو رهندو، جنهن جا
رهواسي ٻڌيءَ ۾ هوندا، محنت کان نه گهٻرائيندا ۽
گهرن کي سڌاريندا. ان ملڪ کان دشمن ڇو نه ڊڄندا،
جنهن جون زالون، مردن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي محنت
ڪنديون ته جيئن ملڪ مضبوط ٿئي ۽ قائم رهي. |