اولاد
خدا پنهنجي رحمت سان کيس اولاد جھڙيءَ نعمت سان به نوازيو آهي ۽
کيس ٻه پٽ ۽ هڪڙي ڌيءَ آهي. ٻار اهڙا پيارا ۽
سلڇڻا اٿس جو هر ڪو جيءَ ۾ ٿو جايون ڏئين. وڏو پٽ
اٺن سالن جو اٿس. تنهن کان ننڍي ڌيءَ پنجن سالن
جي ۽ آخر ۾ ٻن سالن جو ننڍڙو پٽ اٿس. ڏسندؤ ته
ٽيئي ٻار هر وقت صاف سٿرا گلن وانگر پيا چمڪن.
ٻارن ۾ عادتون اهڙيون سٺيون جو جيڪو ڏسي سو
ساراهه ڪري. ٽيئي ٻار صبح جو سوير ننڊ مان اٿن.
وڏا ٻيئي ٻار ڏندڻ ڏيئي، وضو ڪري ماءُ سان گڏ نماز
تي بيهن. پٽس ته صبوح جي نماز ۾ سورتون ياد ڪيل
پڙهي، باقي ڌيڻس ساڻس گڏ نماز به پڙهندي رهي ٿي ۽
سورتون به ياد ڪندي رهي ٿي.
نماز کانپوءِ ٻار اسڪول لاءِ تيار ٿيندا، ٻنهي ٻارن جي اسڪول جا
پائڻ لاءِ ڪپڙا، جي تيار رکيا هوندا اٿن، سي کڻي
پاڻمرادو پائيندا. ڦڻي ڏئي جوتا صاف ڪري ڪپڙا
پائي، ڪتابن جو ٿيلهو ٻاهر ڪڍي رکندا. تيسين ماءُ
نيرن تيار ڪيو ويٺي هوندي. هي سدورا گھر وارن کي
سلام ڪري اسڪول ڏانهن روانا ٿيندا.
کاڌي کائڻ جي فضيلت ڏسو ته حيران ٿي وڃو. مجال جو
مانيءَ جو ڪو ذرڙو ڪپڙن تي يا زمين تي ڪري. اسڪول
ڏانهن ويندي يا ايندي رستي ۾ به جي وڏي کي ملندا
ته سلام ضرور ڪندا. اسڪول ۾ استاد به ڏاڍو ڀائين.
پڙهڻ ۾ به سڀني کان وڌ، ڇو جو گھر ۾ اچڻ کان پوءِ
ماءُ سندن اسڪول جي ڪم تي خاص ڌيان ڏيندي آهي.
اسڪول ۽ گھر ٻنهي طرفن جي خيال رکڻ ۽ پنهنجي محنت
جي ڪري پڙهڻ لکڻ ۾ ڀڙ آهن. اسڪول جي ڪم کانسواءِ
اهي هيڏا ٻار پنهنجي همت آهر ماءُ پيءُ کي ڪم ۾
مدد ڪن. ننڍي وڏي سان ادب سان پيش اچن. ڳالهائڻ جي
فَضيلت وري اهڙي جو ڪير به سڏ ڪري ته ”جيءُ“
کانسواءِ جواب نه ڏين. هر روز شام جي وقت قرآن
شريف جو سبق مريم پاڻ ڏئي ۽ ٻڌي.
مطلب ته هنن فضيلت وارن سلڇڻن ٻارن کي ڏسي هر ڪو مائٽ اها مراد
ڪندو آهي ته شل اسان جو اولاد به اهڙو ٿئي. اولاد
جي باري ۾ ادي مريم جي هڪڙي ڳالهه چيل مون کي اهڙي
وڻيم جو سڄي عمر ياد رهنديم. هڪڙي ڏينهن گھر جي
ڪمن مان وانديون ٿيونسين، مريم جي گھر ڪچهريءَ ۾
ويٺيون هيونسين، هر ڪنهن پئي پنهنجو حال اوريو ۽
هتان هتان جون خبرون چارون ڪيون. ادي سڪينه ڳالهين
ڪندي مريم کي چيو، ”گھٽ ۾ گھٽ تو کي اولاد ۾ ٽي
جوڙا ته هئڻ گهرجن؛ هيئن ’ ڏيڍ جوڙو‘ ٺيڪ نه آهي!“
جواب ڏنائين، ”ادي، منهنجو مقصد اهو آهي ته خير جا
چار پٽ ۽ ٻه ڌيئون هئڻ گھرجن؛ ايترو ته اولاد هجي
ته جيئن گهر ڀريل لڳي ۽ ڏسڻ سان اکين کي ڍؤ ٿئي!
ٻڌو نه اٿو ته ٿوريون مانيون پنڊيءَ ۾ به سٺيون نه
آهن، نه اکين جو ڍؤ نه پيٽ جو. مريم ادي سڪينه جي
اها ڳالهه ٻڌي جواب ڏنو ”ادي، مون کي اهي ٽي ٻار
گنج آهن. دعا ڪر خدا انهن کي سنئين راهه ڏيکاري،
اسان کي همت ڏئي ته انهن ٻچن کي تعليم ڏياري،
سڌاري پنهنجي پيرن تي بيهاريون. اولاد کي صحيح
تربيت ڏيڻ، سڌاري سکي زندگي گذارڻ لائق ڪرڻ، هڪ
وڏو فرص آهي. اهو فرض ڀلا گھڻن ٻارن ۾ ڪيئن ادا
ڪري سگھبو؟ ٻار هجن گھڻا، ڪمائي هجي گھٽ ته ڪهڙي
پرورش ٿي سگھندي.؟ نه کاڌي جي پورت، نه انگ ڍڪڻ جو
پورائو، نه بيماري سيماري جي علاج جي همت، نه وري
تعليم جھڙي ضرورت ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو موقعو ئي ملي.
ڀيڻ پوءِ ٻڌا ته اهڙن ٻارن کي ڇا ڪبو؛ جي بکيا،
اگھاڙا، در در رلندا وتن. پوري خرچ ۽ نظرداري نه
هئڻ سبب خراب عادتون سکن ۽ وڏا ٿي گھر ۽ قوم لاءِ
نقصان ڪار ثابت ٿين. ادي، اهڙو اولاد ته خدا جي
رحمت بدران زحمت ٿيو پوي. مان ته ان خيال جي آهيان
ته اڻ سڌريل ڏهن ٻارن کان سڌريل هڪ ٻار بهتر آهي.“
اولاد جي باري ۾ مريم جا خيال ٻڌي اسان سڀني جي
دماغ تان ڄڻ اوندهه جو پردو کڄي ويو. ڪهڙا نه
سهڻي ۽ حقيقت سان ڀريل دليل ڏنا هئائين. سچي ته
اهي اڄ جا ننڍڙا ٻار سڀاڻي جا فرد هوندا، جن کي
سڄو بار سر تي کڻڻون پوندو ۽ ڪاروبار هلائڻو
پوندو، جي اهي سڌريل ۽ پڙهيل، سياڻا ۽ مضبوط هوندا
ته گھر، ملڪ ۽ قوم به مضبوط هوندي؛ پر جي اهي
جاهل، اڻ پڙهيل، ڏٻرا ۽ بيڪار هوندا ته ملڪ، قوم ۽
گھر تي هڪڙي قسم جو بار بنجي پوندا ۽ نقصان جي
ٻيو ڪجھ به نه ڏئي سگھندا. مريم جي عقل جي ڳالهين
سڀني تي ڏاڍو اثر ڪيو. انهن سهڻن خيالن کي دل ۽
دماغ تي نقش ڪري ۽ ساراهيندي گھرن ڏانهن واپس
وريونسين. ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به ڪٿي پاڻ ۾
ملنديون هيونسين ته مريم جي ان ڳالهه جو ذڪر ضرور
نڪرندو هو. |