شاديون ۽ ٻار
مريم کي اهو فڪر ڏينهن رات لڳل هو ته ٻه ڏير ۽ ٻه نڻانون
ڪنواريون ويٺل هيون. جن جا گھر ٺاهڻا هئا. سو
آمدني مان ڪجھ نه ڪجھ پاڇي ڪري، انهن جي ڏاج ڏانوڻ
جي آهستي آهستي پئي تياري ڪندي هئي. خدا جي
مهربانيءَ سان هاڻ سندس ڏاهپ ۽ محنت ڪري گھر جون
حالتون ٺيڪ هيون.
سڀ کان پهريائين وڏي ڏير جي شاديءَ جو ارادو ڪيائين، ڏير جي
لاءِ ڪنوار جي ڳولا ڪندي، سندس ذهن تي پنهنجي ڀيڻ
سهڻيءَ جو نالو تري آيو. سهڻي کانئس ننڍي ڀيڻ هئي
۽ وڏي ڀيڻ وانگر ڏاڍي سلڇڻي ۽ فضيلت واري هئي.
مريم سوچيو ته آخر سهڻيءَ جي ڪٿي نه ڪٿي شادي ٿيڻي
آهي. ٻئي هنڌ جو پرڻجي وڃي سو ڇو نه پاڻ وٽ
آڻيانس. ٻيئي ڀيڻون گڏجي رهنديونسين، ڏک سک ۾ هڪ
ٻئي جو ساٿ ڏيئي سگھنديون سين. چوڻي آهي ته ” ٻه
ته ٻارنهن“ ٻيئي گڏجي گھر جو بار سر ته کڻنديونسين
ته سٺو به ٿيندو ۽ هلڪو به لڳندو.
اهوسوچي سس، سهري ۽ پنهنجي مرد سان صلاح ڪري پيڪي گھر ڏانهن
رواني ٿي. ماءُ، پيءُ سان سڱ جي ڳالهه ڪيائين ۽
کين پنهنجي سوچ کان واقف ڪيائين. ماڻس ۽ پڻس سندس
ارادو ٻڌو ته خوش ٿيا. ڇوڪرو ڪمائيندڙ هو. تنهن
کان سواءِ ٻيئي ڀيڻون گڏ هونديون ته فڪر گهٽ
هوندو. سو ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سهڻيءَ جي سڱ ڏيڻ تي
رضا مندي جي خبر موڪليائون. مريم جي گھر وارا سڀ
خوش ٿيا. چاچس جي ته اکين مان خوشيءَ وچان ڳوڙها
ڳڙي پيا. رب پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ لڳو، جنهن پنهنجي
رحمت سان مريم جھڙي نونهن ڏنيس، جنهن جي سڀاڳي قدم
گھر ۾ سڪون ۽ خوشيون آنديون. مريم تمام سهڻي نموني
ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڀيڻ کي ڏيرياڻيءَ جي رشتي سان
گھر ۾ آندو. ڏير جي گھر وسائڻ کان پوءِ وڏي نڻان
صغرا جو اونو ٿيس. مريم جي اچڻ کان اڳ هن گھر جي
حالت اهڙي هئي، جو ڪنهن اک کڻي نهارڻ به پسند نٿي
ڪيو، سڱابندي ته پري رهي.
ماڻهو چوندا هئا ته ”ڪنهن کي کٽيءَ کنيون آهي، جو هٿ وٺي پاڻ
سان جٺ ڪرائڻ لاءِ ان گھر ۾ پير وجھي.!“ پر هاڻ
ساڳي سدوري نونهن جي برڪت واري قدم جي ڪري گھر جو
ماحول بدلجي ويو.
گهر جي ڀاتين جي اٿڻ ويهڻ، هلت چلت، ڳالهائڻ،
ٻولهائڻ، ڌنڌي ڌاڙي ۾ ايڏو ته ڦيرو اچي ويو هو، جو
هر ڪو ماڻهو چاهيندو هو ته هن گھر سان ويجھا
تعلقات رکان. مريم جي تربيت جهڙن ڏيرن کي سڌاريو
هو، تهڙو نڻانن کي سلڇڻو ۽ هنرمند بنايو هو. ان
ڪري صغران جي لاءِ ڪيترن ئي گھرن مان گھر ٿي. مريم
هر ڌر کي سهڻي طريقي سان منهن ڏيندي آئي. آخر هڪڙو
ڇوڪرو صغران لاءِ پسند آيس.
اڪبر ڪنهن سٺي نوڪري تي هو. شريف ۽ نيڪ ڇوڪرو هو. سندس ماءُ
پيءُ به نيڪ ماڻهن ۾ ڳڻيا ويندا هئا. پاڻ ۾ ٻه
ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئا، وڏو اڪبر هو ۽ ننڍو اصغر، جو
اسڪول ۾ ماستر هوندو هو. سندن پيءُ ٻني ٻاري جو ڪم
ڪندو هو. اڪبر جي ماءُ به سگھڙ زال هئي. گھر جو
ماحول به چڱو هون. اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ۽ چڱي طرح
خبر چار وٺي، صغرا جي سڱ لاءِ ’هائو‘ ڪيائون.
هائو، ڪرڻ کان پوءِ صغرا جي ڏاج جي تيارين ۾ لڳي
ويا. مريم چاهيو ٿي ته نڻان کي ڏاج اهڙو ڏيان، جو
ڪنهن طرح به گھٽتائي نه ٿي. سڀاڻي ساهرن مان مهڻو
نه مليس ۽ نه ٻين جي اڳيان ڪانياري ٿئي. سو پنهنجي
وس آهر گھريلو ڪم ڪار جو هر سامان گڏ ڪرڻ لڳي. هن
سگھڙ زال ڪجھ ڪپڙو سامان ته اڳواٽ ئي جمع ڪيو هو،
ڪجھ هاڻ خريدي پورت ڪيائين. پائڻ جا جورا زريءَ،
ڀرت ۽ گؤنٽن سان ڪجھ پاڻ گھر ۾ ٺاهيائين، ڪجھ
ٻاهران ٺهرايائين ۽ زيورن جوسيٽ به ٺهرايائين. ان
جي لاءِ ڪجھ پنهنجي زيورن جو سون به ڏيڻو پيس، جو
دل کولي ڏنائين. چوڻ لڳي ”نياڻي جو اسان تي حق
آهي، مائٽاڻي گھران ڇا سنڀرندي اهو ئي ڏاج ته کڻي
ويندي! مون به هيترا ڏينهن پاتو، هاڻ هن جي ماڻڻ
چوڙڻ جا ڏينهن آهن.“
ڪنوار جي ماءُ کي ته فڪر ئي ڪونه هو، مزي سان ويٺي ڪچهريون
ڪيائين. ماءُ به مريم هئي ته ڀيڻ ۽ ڀاڄائي به مريم
هئي. ڏينهن رات آرام ڦٽو پيو هوس. ڪڏهن جورن جي
ٺاهه جوڙ ۾ لڳل، ڪڏهن ٿانو ٿپي لاءِ ڊڪ ڊوڙ، ته
ڪڏهن ڄاڃين ۽ مهمان مڙي جي کاڌي، رهڻ ۽ ٽڪڻ جو فڪر
۽ اونو. مطلب پير پٽ تي نه هوس، سڄو ڏينهن نار جي
لوٽين وانگر ٿي ڦري.
آخر خدا خدا ڪري ڪاڄ جو ڏينهن آيو. هرڪا مهل اهڙي نموني سان
نڀائجي وئي، جو آفرين ۽ واه واه کانسواءِ ڄڃ جي
وات ۾ ڪا وائي نه هئي. خير خوبيءَ سان نڻان کي خدا
جي سهاري ساهرن جي حوالي ڪري پوءِ پاڻ آرام سان
ويٺي. شادي کانپوءِ هر ڏينهن وار تي نڻان کي ياد
رکندي آئي. هاڻ باقي هڪڙو ننڍڙو ڏير ۽ ننڍي نڻان
اٿس. جن جي شاديءَ جي تيارين ۾ لڳل آهي. ٿوري
گھڻين ڏينهن اهي به وڃي پنهنجي گھر وارا ٿيندا.
اهڙي سدوري ۽ هڏڏوکي نونهن خدا شل هر گھر کي
ڏياري.!
ادي نور محمد به ڪنهن ڏکئي وقت دل سان اهڙي ڪا دعا خدا کان
گھري جو هاڻ جان جيئي تان خوش رهي.
|