گھر جي ٺاهه، جوڙ ۽ سنڀال
اهو ساڳيو گھر جنهن کي ڏسڻ سان ڊپ پيو وٺندو هو؛ سو هاڻ اهڙو
ٺاهوڪو ٿي پيو هو، جو وڃبو آهي ته دل چوندي آهي ته
ٻٽي گھڙيون ويهي آرام ڪجي. گھر ۾ ٽي وڏا ڪمرا رهڻ
جي لاءِ آهن؛ هڪڙي ۾ پاڻ ٻارن سوڌي رهندي آهي،
ٻئي ۾ ڏيرس زال ۽ ٻارن سان، ٽئين ۾ سسڻس ۽ سندس
سهرو، ننڍي نڻان ۽ ننڍو ڏير رهن، ڪمرن جي اڳيان
ورانڊو، سامهون وڏو ڪشادو اڱڻ، اڱڻ ۾ هڪ طرف رڌڻو،
سامان جي ڪوٺي، وهنجڻ جي جاءِ ۽ ڪاڪوس آهن. روز
صبح جو سوير پاڻ ۽ سندس نڻان گڏجي سڄي گھر جي
صفائي ڪنديون آهن؛ صفائي به اهڙي جو سڄو گھر شيشي
وانگر پيو چمڪندو. ڇا ڪمرا، ڇا اڱڻ، ڇا ڪوٺيون.
ڪمري ۾ گھڙبو ته سامان پنهنجي جاءِ تي سهڻي نموني
رکيل هوندو. هر ڪمري جي ٽن ڀتين جي پاسن سان کٽون
وڇايل، پاسي تي ٻه ڪرسيون ۽ ميز، هڪ ڪنڊ وٽ ڪپڙن
جون پيتيون هڪٻئي جي مٿان رکيل، هر کٽ تي صاف چادر
يا رلي وڇايل، ڪرسين تي گديون ۽ ميز تي ڪور ضرور
چڙهيل هوندا. پيتين تي پراڻن ڪپڙن جا ڍڪ چڙهيل
هوندا. بچيل ۽ پراڻن ڪپڙن مان ڇوون ۽ پوش ٺاهي،
ٽوپي جو ڀرت ڪيو اٿن، سو ويٺو ڏس ته دل ئي نه
ڀرجي! هر هفتي سڄي گھر، ڀتين ۽ ڇت جا ڄارا لاهي،
سامان کي چڱيءَ طرح ڪري رکن. ٻئي ٽئي مهيني گھر جي
ڀاتين سان گڏجي سڄي گھر کي راڳو ڏيندي آهي. جنهن
ڪري هر وقت ڀتيون صاف سٿريون ۽ سهڻيون لڳنديون
آهن.
ڪاٺ جي فرنيچر کي سال ۾ هڪ دفعو ضرور پالش ڪندي آهي. گھر جو
سامان انهيءَ ڪري هميشه ٻهڪندو رهندو آهي ۽ حفاظت
به ٿيندي رهندي آهي. گھر ۽ ان جو سامان ڪنهن به
وقت بي ترتيبو يا گندو نه ڏسبو، نه رڳو گھر جي
ظاهري صفائي يا حفاظت جو خيال هوندو اٿس، پر پيتين
۾ پيل سامان به وقت بوقت ٻاهر ڪڍي ڪجھ وقت اس ۾
سڪائيندي، پوءِ ڇنڊي رکندي آهي، ته جيئن بند ٿيل
ڪپڙن کي اندر ئي اندر ڪو جيت جيوڙو نقصان نه
پهچائي. ڪپڙا بند ڪري رکڻ وقت فنائيل جون گوليون
يا نم جا پن وچ وچ ۾ وجھي رکندي آهي ته جيئن جيوڙا
مري وڃن ۽ ڪپڙا محفوظ رهن. مکين ۽ مڇرن کان کاڌي
پيتي ۽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هر وقت ڪو نه ڪو اپاءُ
ڪندي رهندي آهي. چوندي آهي ته مڇر ۽ مکيون اسان
انسانن جون جاني دشمن آهن. انهن کان ڪوشش ڪري پاڻ
بچائجي. اهڙا اپاءُ وٺجن جو پهريائين ته انهن جو
وجود ئي نه هجي، گند ڪچرو ڄارا، اوندهه ۽ ڪني
پاڻيءَ جو هجڻ هنن جي پيدائش ۽ وڌڻ جو خاص سبب
آهن. ان ڪري سڀ کان پهريائين صفائيءَ جو خيال
رکجي، گھر جو هر حصو، ڪنڊ ڪڙڇ صاف ڪبو رهجي. گندي
پاڻيءَ جي نيڪال جو سٺو بندوبست هئڻ گھرجي، نه
پاڻي بيهي ۽ نه وري هي موذي رهي سگھن.
کاڌو پيتو هميشه صاف سٺن ٿانون ۾ ڍڪي رکڻ گھرجي، ته انهن دشمنن
کان محفوظ رهي. رڌڻي ۾ پير وجھبو ته اهڙو صاف سٿرو
نظر ايندو، جو ڀانئين ته پٽ تي ويهي ماني کائجي.
هر ڪو ٿانءُ پنهنجي جاءِ تي ٿانيڪو رکيل هوندو
ٿانوَ صاف ڌوتل وري اهڙا جو شڪل ويهي ڏسجي. چلهه
وٽ ننڍڙو ٿلهو ٺهيل جنهن تي مصالحي جون شيشيون
قطار ۾ رکيل هونديون. هر شيشيءَ تي مصالحي جو نالو
لکيل، جيئن ضرورت جي وقت ڳولڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.
پاسي واريءَ ڀت وٽ وڏو ڊگھو ٿَلهو آهي، جنهن تي
اٽي ۽ چانورن جا دٻا رکيل آهن مطلب ته ڪنهن به
شيءِ يا ٿانو جي ضرورت هجي ته هڪڙو نئون ماڻهو به
آساني سان هٿ ڪري سگھي. چلهه ڏس ته ليپو ڏنل صاف
سٿري. آهي ته مٽي جي ٺهيل پر ائين ٿو لڳي ڄڻ
سيمينٽ سان ٺهيل هجي. ڇو ته هر روز رڌڻ کانپوءِ
ليپو ضرور ڏيندي آهي. رڌڻ پچائڻ جي هر شيءِ ڍڪيل،
صاف ۽ محفوظ، مجال آهي جو ڪو ذرو هيڏانهن هوڏانهن
يا برباد ٿئي. رڌڻي جي صفائيءَ جو ڏاڍو اونو اٿس.
چي، ” رڌڻ پچائڻ وقت استعمال ٿيندڙ شين يا رڌڻي جي
صفائي ۽ حفاظت جو خيال نه رکڻ ڪري ڪيترين بيمارين
۾ ڦاسجڻ جو امڪان آهي.“ ٽامي جي ٿانون کي ٿورو ئي
خراب ٿيندو ڏسندي ته يڪدم قلعي ڪرائيندي ته متان
ڪَسُ ماڻهن کي نقصان پهچائي. رڌيندي وري اهڙي
صفائي سان ۽ اهڙو سوادي، جو ڀانئين ته ويٺو کاءُ!
اَن ۽ ٻئي سامان جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙبو ته هڪڙي طرف
اَن جون ڳوڻيون رکيل هونديون، ته ٻئي طرف ٻيو
سامان. ڪٿي به گند جو ذرو نّظر نه ايندو. ڪوٺي
اهڙي صاف جو دل چوي کٽ وجھي سمهي رهجي!
ٿورو اڳتي هلي وهنجڻ جي جاءِ ۾ گھڙبو ته هر شيءِ پنهنجي مقرر
جاءِ تي سهڻي طريقي سان رکيل ڏسبي، بالٽي، لوٽو
آئيني وانگر صاف هڪڙي طرف رکيو هوندو. ويهڻ جي
لاءِ ڪاٺ جي منجي پيل هوندي. ٿورو مٿي طاقي ٺهيل،
جنهن جي مٿان وهنجڻ جو پاڻي، ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ ،
گُلي جي شيشي، ڏندڻ، پيرن ملڻي. مطلب ته وهنجڻ
ڌوئڻ ۾ ڪم ايندڙ هر شيءِ موجود نظر ايندي. ويهڻ
واري منجيءَ جي مٿان ڪپڙن ٽنگڻي لڳل، جيئن وهنجڻ
وقت ڪپڙا حفاظت سان رکي سگھجن. هٿن اگھڻ لاءِ جدا
جدا ٽوال ٽنگيل هوندو آهي.
جاءِ جو اڱڻ وڏو ڪشادو اٿس. جنهن ۾ ڀت وٽ سهڻن گلن جا ٻارا
پوکيل آهن. چار پنج وڻ به پوکيل آهن. جن جي ٿڌي
ڇانوَ ۾ ويهڻ سان دل کي فرحت پئي ايندي آهي. گلن
جي سنڀال مريم جي نڻانس ڪنديون آهن. هر موسم جي
گلن جي خبر رکڻ، ڀاڻ پاڻي ۽ گلن جي بيمارين جو به
خاص خيال رکن. اهڙو فڪر لڳل هوندو اٿن، جو ڄڻ ته
ڪي جھونا مالهي هجن وڻن جي خبر چار وري سندس مرد ۽
ڏير رکندا آهن. اڱڻ صبح شام ٿئي. مجال جو بيڪار
پن، ٽاريون يا ٻيو گند ڏسڻ ۾ اچي. شام ٿيندي ته
صفائيءَ کانپوءِ ڇٽڪار ڪري کٽون رکي ڇڏيندا. رات
جو هرڪو پنهنجي پنهنجي صاف بستري تي سمهي، سڄي
ڏينهن جو ٿڪ لاهيندو ۽ آرام ڪندو. اڱڻ سان لڳو لڳ
مال جو وٿاڻ آهي. وٿاڻ ۽ اڱڻ جي وچ ۾ ننڍي ڀت ٺهيل
آهي.
مال ۾ چار مينهون، ٽي ڍڳيون ۽ چار ٻڪريون اٿن. هر
ڪنهن جانور جي بيهڻ جي جاءِ مقرر ٿيل آهي. جتي
ٻڌڻ لاءِ ڪلو لڳل آهي. جانور جي کاڌي لاءِ چاري ۽
ڪتر جا آهرا ٺهيل آهن. مريم کي وٿاڻ جي صفائيءَ جو
ڏينهن رات فڪر هوندو آهي. صبح شام وٿاڻ جي صاف
ٿيڻ، آهرا ڌوپڻ وقت بوقت جيوڙا مار دوائون
ڇٽڪارجن. پاڻ چوندي آهي، ”وٿاڻ جي صفائي جو ايترو
خيال نه رکان ته جيڪر مکين ۽ مڇرن جو اهڙو آزار
ٿئي، جو سک آرام ته ڦٽي، پر سڄو گھر اسپتال بنجي
وڃي. ان کانسواءِ مال جي ڇيڻي ۽ پيشاب جي اهڙي
بانس به ٿئي، جو اٿڻ ويهڻ حرام ٿي وڃي.!“ اهو ئي
سبب آهي جو مريم جي گھر جو ڀاتي گهٽ بيمار ٻڌبو
آهي. |