سيڪشن؛ ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سکي گهر

 

صفحو :1

سکي گهر

عزيزه سومرو

بابا جي بدلي

بابا سائينءَ  جي بدليءَ سبب اسين هن شهر ۾ نوان آيا هئاسين. هي ڪو وڏو شهر نه هو، پر وڏي ڳوٺ وانگر ننڍڙو شهر نظر ٿي آيو. منجھس پڪيون جايون به هيون، ته جھوپڙيون به هيون.

پڙهيل ماڻهو سرڪاري آفيسن ۾ نوڪريون ڪندا هئا. مارو ماڻهو محنت ڪري فصل پوکيندا هئا. ٻارن جي تعليم جو بندوبست ٿيل هو. ٿورو اڳتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پڙهڻ لاءِ اسڪول جي جاءِ نظر پئي آئي. شهر جي وچ ۾ بازار هئي. جنهن ۾  هر قسم جا دڪان هوندا هئا. اسين جنهن پاڙي ۾ اچي رهيا هئاسين؛ اتان شهر ۽ ڳوٺ جوگڏيل نظارو ٿي آيو. صبح جو سوير نماز پڙهي، قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ کانپوءِ مان دريءَ کان بيهي ماڻهن جي اچ وڃ ڏسندي هيس. سڀني کان پهرين ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ هاري نڪرندا هئا. ڪنهن کي ڪوڏر ڪلهي تي هوندي هئي،. ته ڪنهن کي پاهوڙو ۽  ڪنهن کي ڏاٽو هٿ ۾ هوندو هو ته ڪو ڍڳن جو جوڙو ڪاهيو ۽ هر کنيو پنهنجيءَ ٻنيءَ ڏانهن روانو نظر ايندو هو.

ٻئي نمبر تي آفيس ۽ اسڪول ۾ وڃڻ وارا سهي سنبري نڪرندا هئا. انهن کانپوءِ دڪانن وارن جو وارو هو. جيئن جيئن سج اڀري مٿڀرو ٿيندو ويندو هو، ماڻهن جو گوڙ ۽ چرپر وڌندي ويندي هئي. پوءِ ته اسين به پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي ويندا هئاسين.

 


 

ماسي رحمت خاتون

هن شهر جا ماڻهو ڏاڍا محبت وارا هئا. جيئن ئي اسين نئين شهر ۽ نئين گھر ۾ ويٺاسين، پاڙيوارا ڀائر ۽ ڀينرون آهستي آهستي اسان کي کينڪارڻ لاءِ اچڻ لڳيون. سڀ کان پهريائين اسان وٽ ماسي رحمت آئي، چوڻ لڳي، ته ” امان، ڀلي ڪري آئيو. توهان جو اچڻ اسان جي اکين تي. توهان جي اچڻ جو ٻڌوم ته سوچيم ته توهان سان ملان، توهان کي کينڪاريان ۽ خبر چار وٺي اچان. ڇو جو اهو اسان جو فرض آهي.“  هن وڏي، عمر جي عورت اهي ٻه چار جملا اهڙيءَ محبت سان چيا، جو اسان ائين سمجھيو ته اسين هت ڌاريا نه آهيون پر ڄڻ پنهنجن ۾ آيا آهيون.

ماسي رحمت ڏاڍي خوبصورت عورت هئي. هر وقت صاف سٿري رهندي هئي، ڳالهائڻ ۽ اٿڻ ويهڻ  جو نمونو تمام چڱو هوس. اسين سڀ ماسي رحمت سان جلد ئي رلي ملي وياسين. ٻين پاڙيوارن سان پوءِ اسان جي ملاقات هن جي ئي وسيلي ٿي.

هڪڙي ڏينهن ماسي رحمت اسان جي گھر ويٺي هئي. پاڻ ۽ اما حال احوال پئي ڪيائون ته هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو اندر لنگھي آيو. ماسي رحمت ڏانهن ويندي اسان سڀني کي سلام ڪيائين، پوءِ ماسيءَ کي چوڻ لڳو، ” ناني، توهان کي اما سڏيو آهي.“ ماسيءَ ويجھو سڏي پيار ڪندي جواب ڏنس ” پٽ، پنهنجي امڙ کي وڃي چئو ته ناني چوي ٿي ته مان ٿوريءَ دير کان پوءِ اينديس.“  ڇوڪرو صاف سٿرو ۽ اهڙو ته پيارو هو، جو ڏسڻ شرط دل کي ڏاڍو وڻيو. ماسيءَ کان ان ڇوڪري جي باري ۾ پڇيوسين ته اهڙو وڻندڙ ۽ چڱن لڇڻن وارو ٻار ڪنهن جو آهي؟ ماسيءَ ٻڌايو ته اهو ڇوڪرو اسان جي گھر جي ساڄي طرف جيڪا ڳاڙهي رنگ جي جاءِ آهي؛ اتان آيو آهي، سندس ماءُ جو نالو مريم ۽ پيءُ جو نالو جمال آهي. اهي پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ آهي.

جمال هڪ محنتي ۽ اڻ-ورچ هاري آهي، جو ڏينهن رات ٻچن جي گذر لاءِ محنت ڪندو ٿو رهي. مريم اهڙي  سگھڙ ۽ عقل واري زال آهي، جوڳوٺ جا ماڻهو پنهنجن گھرن ۾ هن جو مثال ڏيندا آهن.خاص ڪري ساهري گھر لاءِ ته ڄڻ رحمت جو ڪڪر بنجي آئي آهي. سندس اچڻ کان اڳ، اهو گھر دوزخ جو ٽڪرو هو.

اسان ماسيءَ کان پڇيو ”ماسي سو وري ڪيئن.؟“  جواب  ڏنائين” اما، مريم ۽ سندس گھر جي هڪ وڏي آکاڻي آهي. پر اهڙي آکاڻي، جا مان چوان ٿي ته هر گھر ۽ هر هڪ نياڻيءَ کي ٻڌڻ گھرجي.“ اهو ٻڌي اسان کي شوق ٿيو ته ادي مريم واري ڳالهه اسين به ٻڌون، سو ماسيءَ رحمت کي منٿون ڪيوسين ته اهڙي سٺي ڳالهه اسان کي ٻڌائي. آخر ماسي رحمت اديءَ مريم جي باري ۾ هن ريت ڳالهه شروع ڪئي.

 

مريم جو مائٽاڻو گھر

امڙ نياڻي، الله توهان کي ڏينهن ڏئي! مريم جي ماءُ جو نالو زينب هو. زينب کي هڪ ڌيءَ ٻي به هئي، پٽڙا ڪل ٽي ٿيا هئس. سندس پيءُ غلام محمد تمام شريف، نيڪ ۽ محنتي ماڻهو هو. هو ته هاري،  پر پنهنجيءَ اڻ ٿڪ محنت سان ايترو ڪمائي آڻيندو هو، جو گھر جو گذر سفر چڱو پيو ٿيندو هون.

ادي زينب پاڻ به ڏاڍي سياڻي زال هئي. مرد جي ٿوريءَ ڪمائيءَ مان گھر جو خرچ اهڙيءَ سگھڙائپ سان هلائيندي هئي، جو ڏسڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا. سندن پٽ پورهيي ۾ هوشيار هو. هو پڙهيل به هئو. نه رڳو پٽ پر هن جون ڌيئون به پڙهيل هيون. جڏهن ڌيئون اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ٿي ويهاريائين ته سندس مائٽن نٿي چاهيو. سندن ڪيترائي مائٽ ڪاوڙجي پيا هئا. پر زينب  ۽ سندس مڙس همت جو سندرو ٻڌي، نياڻين جي تعليم جو فرض ادا ڪرڻ جو پڪو ارادوڪيوهو. سندن نياڻيون جيتري تعليم به وٺي سگھيون اوتري ورتائون. تعليم سان گڏو گڏ گھرو ڪم ڪار ۾ به ڀڙ ٿي پيون هيون. ٻار عادتن جا وري اهڙا چڱا، جو سڀڪو جيءَ ۾ جايون ڏيندو هون. مريم گھر ۾ وَڏوَر ڌيءَ هئي. ننڍي هوندي کان ئي گھر جو ڪم ڪار ڪندي آئي هئي. ننڍي هوندي کان ئي گهر جو ڪم سڀڪو ڄاڻندي هئي. تعليم حاصل ڪري چڪي ته مريم کي گھر ۾ ويهاريو ويو. هاڻ وڏي ٿي وئي هئي. گھر ۾ ويهارڻ شرط ماءُ جو اڌواڌ بار مريم مٿي تي کڻي ورتو.

ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀيڻ جي سنڀال، رڌو پڪو، گھر جي صفائي، سٿرائي، مطلب ته هر ڪم ۾ هيءَ اڳري هوندي هئي. ماڻس به هر ڳالهه ۾ کانئس صلاح وٺندي هئي. اخلاق اهڙو سٺو هوندو هوس، جو ننڍڙو توڙي وڏو، پنهنجو توڙي پرائو سڀ کيس ڀائيندا هئا.

 

نياڻي ساهرن جي گھر

مريم ٿوري وڏي ٿي ته ڳوٺ جي ڪيترن ئي گھرن مان سندس سڱ جي گھر ٿيڻ لڳي. هر ڪنهن ائين ٿي چاهيو ته اهو موتي اسان جي گھر ۾ اچي.

مريم جو چاچو نور محمد ۽ سندس چاچي حليما به پنهنجي پٽ جمال جي لاءِ  مريم جي ٻانهن گھرڻ آيا. مريم جي پيءُ ۽ ماءُ سندس چاچي نور محمد جي گھر جي حالتن کان چڱي طرح واقف هئا. پر ته به پنهنجيءَ سلڇڻيءَ ڌيءَ کي اهڙي گھر ۾ ڏيڻ جي باري  ۾ دل من پئي هنيائون. پر ادو نور  محمد ڀاءُ اڳيان جھولي جھلي ويهي رهيو، چي، ” سڱ وٺي پوءِ اٿندس.“ من ان سان منهنجي گھر ۾ ڪو سوجھرو ٿئي! ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جي ستائڻ ۽ ليلائڻ تي مجبور ٿي، آخر سڱ جي هائو ڪرڻي پين. ان کانسواءِ کين پنهنجي ڀاءُ جي گھر  جي مجبورين جي به خبر هئي،  سو آخر فيصلو جمال جي حق ۾ ٿيو.

 

ڳالهه پڪي ٿي ته ٻنهي طرف شاديءَ جون تياريون ٿيڻ  لڳيون. ادي زينب گھر جي اپت مان شروع کان ئي ڪجھ نه ڪجھ بچائيندي ايندي هئي، نه رڳو پئسو پر  ڪڏهن ڪپڙي  جو ڪو ٽڪر ته ڪڏهن ٻيو سامان وٺي ۽ سنڀالي رکندي هئي. اها بچت هن وقت کيس ڪم پئي آئي. ڪجھ سامان گھر مان نڪتو، ته ڪجھ ٻاهران خريد ڪيائون. ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏيڻ لاءِ پنهنجي پڄندي آهر هر شيءِ ٺاهي ورتائون. پائڻ وارا جورا ڀرائي سبائي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکيائون، چادرون ۽ وهاڻي جون ڇهون سهڻن ڀرتن تي ڀري رکيائون. سڄي ڏاج ٺاهڻ کان پوءِ ڪجھ پئسا مٿئين خرچ لاءِ پاسيرا ڪري رکيائون. شاديءَ جو ڏينهن آيو ته ڪنواريتن جي طرفان جيڪو ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، تنهن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو.  وري جو ڏاج ڏيکاريو ويو ته واه! واه! ٿي ويئي. پر هر ڪنهن جي وات ۾ اهائي وائي هئي ته ههڙي گھر جي ڇوڪري اديءَ حليما جي گهر ۾ گذر ڪيئن ڪري سگھندي؟ آخر مريم مائٽن جي گھر مان دعائن ۽ نصيحتن جا قيمتي لفظ دل ۽ دماغ ۾ سانڍي ساهرن جي گھر رواني ٿي.

 

مريم جا ساهرا

مريم جي سهري (چاچي نور محمد) جي گھر جي حالت ڪا چڱي نه هئي. گھر جي ڀاتين جو پاڻ ۾ سلوڪ نه هو. صبح کان وٺي رات تائين ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان گھر ۾ جھيڙو پيو هلندو هون.  هڪ ٻئي جا ڄڻ ته جاني دشمن هئا.  گھر ۾ ڇهه ڀاتي هئا، ماءُ ، پيءُ، ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون پر هر ڪنهن جو منهن پنهنجو هوندو هو.

ادي حليما هڪڙي سادي عورت هئي، نه هوس گھر هلائڻ جو هنر ۽ نه ٻارن پالڻ جو عقل، مرد ويچارو صبح جوسوير ننڊ مان اٿي ڪوڏر، ڏاٽو ۽ پاهوڙو کڻي، ڍڳن جو جوڙو جوٽي هر کڻي وڃي جو ٻنيءَ ۾ گھڙندو هو ته شام جو سج لٿي مهل ٿڪو ٽٽو پگهر ۾ ٻڏل گھر ۾ ايندو هو. ڪڏهن مانيءَ جو ٽڪر نصيب ٿيندو هوس ته ڪڏهن بکيو ئي سمهي رهندو هو. ويچارو ڏينهن رات محنت ڪري جيڪو ٽڪو پئسو ڪمائي آڻيندو هو، تنهن مان پورت ٿي نه سگھندي هئي. هڪ ويلو کائيندا  هئا ته ٻيو ويلو ويٺا هڪ ٻئي جو منهن ڏسندا هئا. انگ تي سڄو ڪپڙو ته عيد تي به مشڪل ڏسبو هون. گھر ائين ٿي لڳو ڄڻ ته ڪنهن ڦٽل شهر جي عمارت جو دڙو هجي، درن، درين جا طاق غائب، ڇت ۾ پرڻ وانگر اهڙا سوراخ جو اُس ۽ مينهن بنا روڪ ٽوڪ جي اندر. زمين ۾ گوڏي جيڏا کڏا. ماڻهو هڪ دفعو ڪِري پيو ته اٿڻ قسمت تي! گھر جو ڪو ڀاتي تندرست نظر نه ايندو هو. هڪڙو نه ٻيو کٽ وٺيو پيو هوندو هو! گھر ۾ کڻي گهڙ ته هر طرف گند جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا. گھر جو سامان اهڙيءَ طرح ٽڙيل پکڙيل، جو لنگھڻ لاءِ پهرين جاءِ ٺاهي پوءِ گھڙجي. سڄي گھر ۾ مکيون پيون ڀڻ ڀڻ ڪن. مڇرن جو ته ڄڻ سڄو گھر خريد ڪيل هجي. ويهه  ته سڄو بدن سڄائي اُٿ. جوان ڌيئون جو هيس پر ڪنهن جو هڏ نه وري، جو کڻي گھر جي ٺاهه جوڙ يا صفائي جو خيال ڪري. زالن جي نالي کي لڄائي ڇڏيو هئائون. جوان پٽ بيڪار رلندا وتندا هئا. نه تعليم پرايائون، جو ڪجھ ان مان فائدو وٺن، نه وري ڪنهن ڪم ڪار تي ئي دل ٿيندي هين.

ادو نور محمد هڪڙو ڄڻو ويچارو ڏينهن رات پاڻ ماري گھر جي خرچ پکي جي پورت لاءِ جيڪا محنت ڪندو هو سا هنن هيترن ڄڻن بيڪار ڀاتين لاءِ تمام گهٽ هئي، ٻيو ته گھر جو نه ڌڻي نه سائين.

چوڻي آهي ته ” ڪروڌ مٽن جو پاڻي به سڪايو ڇڏي.“  سو هڪڙي هئي اڻ هوند، ٻي بيزاري ۽ بيماري. ان ڪري سج اڀرئي جا کٽ پٽ شروع ٿيندي هئي ته رات جا چار پهر  به بيزاري ۾ گذرندا هئن. گھر جي اهڙي حالت جي ڪري پاڙيوارا يا ڳوٺ وارا ساڻن لهه وچڙ ئي گهٽ رکندا هئا. مريم جي چاچي، ڀاءُ کان مريم جي سڱ گھرڻ کان اڳ ڏاڍو سوچيو هو ته سڱ جي  گھر ڪري  يا نه، پر پوءِ اهو خيال ڪري ته هن سدوري مريم جي اچڻ ڪري، شايد گھر جي حالت سڌري! هو خدا جو نالو وٺي ننڍي ڀاءُ کي عرض ڪرڻ ويو هو.  وڏي ڀاءُ جي گھر تي ننڍي ڀاءُ کڻي هائوڪار ڪئي هئي.

اهڙيءَ طرح مريم پنهنجي چاچي جي گھر ۾ سؤٽ جي زال ٿي پير پاتو هو. پر هتي جي حالت تي هڪ دفعو ته ڏاهيءَ مريم کي به ماٺ لڳي ويئي هئي. هاڻي ڪري ته ڪيئن ڪري !

زال ته  گھر نه ته بر

 

مريم جي هن گھر ۾ اچڻ وقت ائين ٿي سمجھيو ته اهڙي سٺي گھر جي ڇوڪري هن گھر ۾ هلي نه سگھندي، ڏاڍي ڏکي ٿيندي. ڇو ته هنن ٻنهي گھرن جي حالتن ۽ ڀاتين ۾ زمين آسمان جو فرق هو.

پر چوڻي آهي ته ” زال ته گھر نه ته آهي بَرُ“ سو مريم گھر ۾ پير رکيو ته ڪجھ وقت کانپوءِ گھر جو نقشو ئي بدلجي ويو. سگھڙ ماءُ جي پرورش، پيءُ جي نصيحتن پنهنجي اخلاق ۽ عقلمندي سان پهرين ته سڀني ڀاتين جون دليون هٿ ڪيائين. اهي ساڳيا سندس ڏير جيڪي بي لغام گھوڙي وانگر رلندا وتندا هئا، سي هاڻ سنئين پير تي اچڻ لڳا. آهستي آهستي ڪم ڪار کي لڳي ويا ۽ سڄي ڏينهن جي ڪمائي اچي ڀاڄائيءَ جي هٿ تي رکڻ لڳا، نه ايترو پر ڀاڄائي سان گڏ گهر جي هر معاملي ۾ ساٿ ڏيڻ لڳا. سندس گھر وارو جمال به هاڻ باقاعدي ڪم تي وڃڻ لڳو ۽ گھر ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. چاچيس ته سڄو بار لاهي مريم جي ڪلهن تي وجھي، پاڻ آرام سان واندي ٿيو ويٺي هوندي هئي. چوندي هئي، ”هاڻ مريم ڄاڻي سندس گھر ڄاڻي، سڄي ڄمار تتل گھر ۾ گذري، هاڻ ٿڌي ڇانو ملي آهي، سو مان آرام ڪنديس.“

چاچس اهڙو خوش هو، ڄڻ ته ڪو قيمتي خزانو مليو هجيس، سک جو ساهه ئي هاڻ کنيو هئائين. جنهن گھر ۾ رات جا ٻه پهر گذارڻ ڏکيا لڳندا هئا. ان گھر ۾ هاڻ دل چاهيندي هئي ته ويٺو رهجي. مريم جو خاص ڌيان پنهنجن نڻاڻن ڏانهن هئو،  ڇو جو آخر انهن کي به ٻين گھرن ۾ وڃڻو هو. مريم ڏ‎ٺو ٿي ته اهي ڌيئاڻڪو هنر نه سکيون هيون. گھر جو ڪم ڪار سبڻ ڀرڻ، رڌ پچائڻ جي ڄاڻ هين ئي ڪانه. پاڻ ميٺ محبت سان هنن جو ڌيان گھر جي ڪم ڪار ڏانهن ڇڪائڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هنن کان ڪم و‎ٺندي هئي، جو هو وڏي شوق ۽ محنت سان حصو وٺنديون هيون. اهڙيءَ طرح گھر جي هر هنر کان واقف ٿي ويون ۽ گھرو ڪم ڪار ۾ ڀڙ ٿي ويون. جيئن جيئن هر ڪم سکڻ لڳيون، مريم کي خوشي ۽ اطمينان ٿيندو ويو. هن چاهيو ٿي ته ٻئي گهر وڃي پاڻ به سکيون رهن ته پنهنجي سگھڙپائيءَ سان اڳلو گھر به سکيو ۽ خوش رکن؛ نه ته پاڻ به ڏکيون ٿينديون ۽ گھر وارا به تڪليف ۾ پوندا. سندن مائٽاڻي گھر جي بدنامي جدا ٿيندي. هاڻي مريم گھر جي ڦٽل حالت ڏانهن خيال ڏنو:کيس جيڪي پئسا موُڙي طور يا منهن ڏيکارڻيءَ جا مليا هئا، اهي ۽ ڪجھ ٻيا هتان هُتان ڪري گھر واري کي رازي جي آڻڻ لاءِ چيائين.  هو وڃي رازي  ۽ مزورن کي وٺي آيو. مريم مرد ۽ ڏيرن کي ڪم جي باري ۾ سمجھاڻي ڏني؛ پوءِ رازي ڪم شروع ڪيو. گھر جي ڪمرن جي ڇت، ڀتيون، فرش، در دريون مطلب ته هر زبون ٿيل حصي کي ٺاهڻ شروع ڪيائون. ان سان گڏ رڌڻو، وهنجڻ جي جاءِ،  سامان جي ڪوٺي ۽ ڪاڪوس جو ڪم به نئين سر ٿيڻ لڳو. مال بيهڻ جي وٿاڻ کي به ڌيان ۾ رکيو ويو. اهڙيءَ طرح گھر جي عمارت هاڻ انسانن جي رهڻ جھڙي ٿي پئي.

گھر جي مرمت کانپوءِ گھر جي سامان جو وارو آيو، پاڻ مائٽن ۾ ماءُ سان گڏ گهر جوسامان پنهنجي هٿ سان پالش ڪندي هئي؛ تنهن ڪري  پنهنجي گھر ۾ ڏير جي هٿان  پالش جو سامان گھرائي ورتائين. پهريائين واڍو گھرائي سامان جي ڀڳ ٽٽ جي مرمت ڪرايائين. پوءِ ڏيرن جي مدد سان سڄو سامان پاڻ پالش ڪري چمڪائي گھر ۾ وڌائين. ائين ٿي لڳو ڄڻ بازار مان هينئر نئون سامان آيو هو. گھر ۽ سامان ٺهڻ کانپوءِ ٺاهه جوڙ ڏانهن ڌيان ڏيڻو پيس. کٽن تي وڇائڻ لاءِ رليون ۽ چادرون ڪڍي ٻاهر ڪيائين. هر ڪا کٽ ويندي ورانڊي ۾ پيل پينگھي سوڌو، رليءَ يا چادر سان ڍڪي رکيائين. ڪجھ ڪپڙو نئون يا اڌوراڻو بچيل گھر مان نڪتو ته باقي ٻاهران بازار مان گھرائي انهن مان ڪرسين جون گديون ۽ ٽيبل جو ڪور ٺاهي، نڻاڻن جي مدد سان سهڻن ڀرتن تي ڀري ورتائين. ڪپڙن جون پيتيون هر ڪمري ۾ هڪ طرف سهڻي طريقي سان رکي، هر هڪ جي مٿان ڪپڙي جو ڪوَر وجھي ڇڏيائين. جيئن سهڻيون به لڳن ته خراب به نه ٿين.

ڪمائي ۽ خرچ جو اهڙو حساب رکيائين، جو گھر جو هر خرچ چڱي طرح سان ٿِي ٿي سگھيو. سندس سگھڙائپ ڏسي هر ڪو پيو سندس ساراهه ڪندو هو. اڳي گھر جو چرخو جو منجھيل سُٽ وانگر رليو پيو هو،  سو هاڻ اهڙو سهڻيءَ طرح پئي هليو، جو گھر جو هر ڀاتي اطمينان سان زندگي گذارڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com