دکايل
ھڪڙي ڏينھن اوچتو سکر کان منھنجو جھونو دوست
ٺاڪرداس جو ڪاليج ۾ منھنجو ھم ڪلاسي ھو، پنھنجي
زال سان گڏ منھنجي اسپتال اچي سھڙيو. ھو حيدرآباد
پنھنجي ساھرن جي گھر آيل ھو جنھن حالت ۾ گھڻا
ڏينھن گذري ويا ھئا، جو مون سان ڪين گڏيو ھو
تنھنڪري اڪير ٿيس تھ مون سان ملاقات بھ ڪري ۽ چرين
جي اسپتال بھ گھمي اچي، سندس زال جو چرين جي
اسپتال گھمڻ جو ٻڌو سا بھ ھن سان گڏجي آئي.
جعدارڻ سان ٺاڪر جي زال کي عورتن جي وارڊ ڏسڻ لاءِ
اماڻي، اسين مردن جي وارڊ گھمڻ لاءِ وياسين، اسان
جو دستور آھي تھ عورتن واري وارڊ ۾ مرد کي وڃڻ
ڪونھ ڏيندا آھيون جو ڪنھن ڪنھن وقت دوري جي حالت ۾
يا جوش ۾ زالون پنھنجا ڪپڙا ڦاڙي اگھاڙيون ٿي
پونديون آھن يا ڪي زالون جنون جي حالت ۾ ماڳھين
ڪپڙو لاھيو ڦٽا ڪري ڇڏين ۽ الف اگھاڙيون رھن. ڪڏھن
ڪڏھن تھ خود زالون مرد جي اچڻ تي اعتراض وٺن ۽
ڪيترا ڀيرا ڊاڪٽر جي حالت ۾ بھ ائين ڪيو اٿن.
ٺاڪرداس جي زال کي مردن جي وارڊ گھمڻ لاءِ چيو
ويو. پر ھوءَ ان لاءِ تيار نھ ھئي، تنھنڪري اسين
ٻئي ڄڻا وياسين، اسان وٽ اسپتال ۾ پنج وارڊ آھن،
پھريان ٽي، مرد چرين لاءِ ۽ چوٿون وارڊ چرين زالن
لاءِ. ھڪ جدا ڪمري واري وارڊ ۾ مٿي زالون تھ ھيٺ
مرد رھن. ھن وارڊ ۾ ھر ھڪ بيمار لاءِ جدا ڪمرو
ھوندو آھي جنھن جو خرچ بيمار جا مائٽ ڀريندا آھن،
سڀني وارڊن مان چريا ڏسي گھمي اچڻ ۾ اسان کي مڙيئي
ڪجھھ وقت لڳو. جڏھن موٽي ٺاڪر سان گڏ پنھنجي ڪمري
۾ آيس تھ ڏٺم تھ ٺاڪر جي زال جنھن کي رڳو زالن
وارو وارڊ گھمي اچڻو ھو، سا اڳي ئي اتي موجود ھئي،
پر روئڻھارڪي ٿيو وڍي ھئي ۽ سندس چولي جي ساڄي
بانھن ڦاٽي پئي ھئي، جمعدارڻ ڏانھن نھاريم تھ ھو
منھنجي ڊپ کان ڏڪي رھي ھئي. ٺاڪر مشڪندي پنھنجي
زال کان پڇيو تھ ”ڇا ٿيو؟“ ھن مرڪندي جواب ڏنو تھ
ھڪ چري الر ڪري آئي ۽ ڪپڙا ڦاڙي وڌائين.“ اھو ٻڌڻ
شرط مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، جمعدارڻ کي ڇينڀي چيم
تھ انڌي ھئين! توکي خيال نھ ھو جو ھن جي پوري
سنڀال رکين ھا! توتي انھيءَ لاپرواھي لاءِ ڇو نھ
ڏنڊ وجھڻ گھرجي.“
اڃا جمعدارڻ کي اھڙي طرح ڇنڊي رھيو ھوس تھ ٺاڪر جي
زال وراڻيو تھ ”دادا! ھن ويچاريءَ تي اجايو ڇو ٿو
ڇوھھ ڇنڊين؟ ھن جو تھ ڏوھ ئي ڪونھي.“
اتي جمعدارڻ ڊڄندي مون کي ٻڌايو تھ ”صاحب! مون کي
مائي صاحبھ مٺا چڻا ۽ ريوڙيون ڏنيون تھ چرين ۾
ورھايان. آئون ورھائڻ ۾ لڳي ويس تھ ايتري ۾ رڙ ٻڌ،
ڏسان تھ گنگا چري، مائي صاحبھ جو چولو ڦاڙي رھي
ھئي، چڻا اتي ڦٽا ڪري آئون ۽ ٻيون دايون گنگا
ڏانھن ڀڳيونسين ۽ يڪدم ڊوڙي وڃي گنگا کي جھليوسي ۽
مائي صاحبھ کان ڌار ڪيوسين. پر اسان جي پھچڻ کان
اڳي ئي گنگا ھن جو چولو ڦاڙي ڇڏيو ھو. صاحب! سچ پچ
تھ اسان جو ان ۾ قصور ئي ڪونھ ھو، ڇاڪاڻ تھ اسان
کي اميد ئي ڪانھ ھئي تھ ڪو گنگا ائين ڪپڙا
ڦاڙيندي.“
جمعدارڻ جو اھو بيان ٻڌي، آئون عجب ۾ پئجي ويس ۽
کانئس پڇڻ لڳس تھ ”ڪير؟ اھا ٺٽي واري گنگا؟“
جمعدارڻ ھاڻ ڪجھھ اطمينان سان مون کي جواب ڏيندي
چيو تھ ”ھائو صاحب! آئون پاڻ اچرج ۾ آھيان تھ گنگا
ائين ڇو ڪيو؟ اوھان کي پاڻ خبر آھي تھ ھوءَ برابر
بڪ شڪ ڪندي آھي، پر وڙھڻ يا ڪپڙا ڦاڙڻ اڄ ڏينھن
سوڌو ھن ڪڏھن نھ ڪيو آھي.“
اھو ٻڌي آئون بھ ڏاڍي ويچار ۾ پئجي ويس تھ گنگا
ائين ڇو ڪيو، نيٺ ڪجھھ وڌيڪ معومات حاصل ڪرڻ جي
خيال سان جمعدار کان پڇڻ لڳس تھ: ”تنھنجو چوڻ ٺيڪ
آھي، پر گنگا ھن مھل ڪٿي ھئي؟ ۽ ڇا ويٺي ڪيائين؟“
جمعدارڻ جواب ڏنو تھ ”گنگا ھميشھ وانگر ٻير جي وڻ
ھيٺ ڇانو ۾ بيٺي ھئي، باقي ڇا ٿيو سو مون کي
وڌيڪ خبر نھ آھي جو آئون چڻا ۽ ريوڙيون ورھائڻ ۾
مشغول ھيس.“
اتي ٺاڪر جي زال چيو تھ ”دادا! مون ڏٺو تھ سڀ
چريون جمعدارڻ وٽ چڻا ۽ ريوڙيون وٺڻ لاءِ ڊوڙي
ويون، پر ھوءَ ويچاري وڻ جي ھيٺ بيٺي ھئي ۽ ھٿ مٿي
ڪري اڀ ڏانھن نھاري ڳالھائي رھي ھئي..... آئون
اڳتي وڌي ھن ڏانھن ويس ۽ اچرج مان ھن کي ٻڌڻ جي
ڪوشش پئي ڪيم تھ ڇا چئي رھي آھي ......... تھ
منھنجي ڪن تي پڙلاءُ.....صاف پيو تھ ........
”گنھگھور گھٽائون ڇو نٿيون اچو! آڪاش ڇو نٿو ڦاٽي
پوين! ڪڪر...... طوفاني ڪڪر ..... اچو.... اچو ڇو
نٿا وسو..... ورکاڪو ڪريو .... ٻوڏان ڪريو...... ۽
ھن فريبي سنسار کي ٻوڙي وجھو.... ڪڪر! ڪڙڪو ڪري
انھن جا ڪامي ڪن ٻوڙا ڪري ڇڏيو!.... چمڪو ۽ انھن
جون خوبصورت اکيون انڌيون ڪري ڇڏيو! وڄون ڪيترائي
انھن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو!.... وسو .... زور سان
وسو.... طوفافي درٻار ۾ ٻوڙي ڇڏيو...... وسو خوب
وسو.....“
پوءِ اچي کلڻ لڳي، تنھنڪري افسوس ڪندي ۽ ھمدردي جي
خيال سان ھن جي ويجھو وڃي چيم تھ ”ڇا تون مٺا ڀڳڙا
نھ وٺندينءَ؟“ منھنجي انھيءَ چوڻ تي ھوءَ مون کي
غور سان ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ منھنجي ڦيرائي جمعدارڻ،
جتي بيٺي ڀڳڙا ورھايا ان طرف ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ يڪدم
مون تي الر ڪري ائي ۽ منھنجو پھراڻ ٻانھن کان جھلي
ڦاڙي وڌائين، ان وقت ڊپ کان منھنجي وات مان رڙ
نڪري وئي.“
اتي ٺاڪر مون کي گھڻي ويچار ۽ پريشاني ۾ ڏسي چوڻ
لڳو تھ ”آئون سمجھي نٿو سگھان تھ تون ڇو ايترو فڪر
۾ پئجي ويو آھين؟ ڇا ٿيو جي ھڪ چريءَ کڻي چولول
ڦاڙيو! ٺيھو ڳالھھ گذري، اسان کي بھ چرين جي
اسپتال جو ھي واقعو گھڻا ڏينھن ياد رھندو.“
ھن جي اھا منوتي سمجھندي ۽ چپن ۾ مرڪندي مون کيس
وراڻيو تھ ”ٺاڪر! ائين ڪونھي، مون کي چرين جي
آئندھ سنڀال ۽ حفاظت جو خيال آھي، ممڪن آھي تھ اڄ
توھان سان ائين ٿيو آھي، پر سڀاڻي ھيترن سارن چرين
سان الائي ڇا ٿئي؟ اڄ ڳالھھ ڪپڙن ڦاڙڻ جي نوبت تي
وڃي پھتي آھي، پر سڀاڻي الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪري،
تنھنڪري انھن چرين جي اھڙين حرڪتن مان اسين سندن
اندر جو حال ۽ طبيعتن ۾ ڦير گھير ۽ بيماري جي لڪل
سببن جو پتو ڳولي ڪڍندا آھيون، تاڪھ نھ رڳو ٻين
چرين جي حفاظت ٿئي، بلڪھ خود انھن چرين جي علاج
ڪرڻ ۾ بھ سھولت حاصل ٿئي.“
انھيءَ تي ٺاڪر جي زال دلچسپي ڏيکاري پڇيو تھ ”چڱو
دادا؟ ڀلا انھيءَ طوفان ۽ وچ ۽ سنسار کي ٻوڙڻ مان
چريءَ جو ڇا مطلب ھو؟“
موم کلندي کيس جواب ڏنو تھ ”گھڻو ئي ڪجھھ مطلب ھو،
پر اھا ڳالھھ اوھان ماڻھن جي سمجھھ کان پري آھي،
ڇاڪاڻ تھ ان جو لاڳاپو ھن جي زندگي جي گذريل
ڳالھين سان آھي.“
ٺاڪر جي زال جو اشتياق منھنجي ٻڌائڻ کان پوءِ گھڻو
وڌي ويو ۽ ھوءَ زور ڪري ڀڇڻ لڳي:
”دادا! اسان کي ان بابت ڪجھھ ٻڌايو.“
مون نھايت سنجيدگي سان چيو، ڇا ٻڌڻ گھرين ٿي؟ دل
مضبوط ڪري پوءِ ٻڌڻو پوندو!
انھيءَ تي ٺاڪرداس وراڻيو تھ ”ھا يار! ڪجھھ اسان
کي بھ تھ ٻڌاءِ ۽ سمجھاءِ. چرين بابت ڪيتريون
ڳالھيون پيا ٻڌون، پر تو جھڙي کان ٻڌون تھ پڪ
ٿئي.“
مون کين گنگا چريءَ جو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو، تيتر
جمعدارڻ کي چانھھ وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو.
غريب گنگا جي ڪھاڻي ڏاڍي دردناڪ آھي ۽ پوري ڏکن
سان ڀريل آھي، ھوءَ ھميشھ ائين چري نھ ھوندي آھي،
پر ڪڏھن ڪڏھن سال ٻن ۾ جڏھن ھوش ۾ اچي ويندي آھي
تھ پوءِ چڱي طرح ڳالھائيندي ٻولھائيندي آھي، ھڪ
ڀيرو جڏھن پوري ھوش ۾ ھئي تھ مون کي پنھنجو درد
ڀريل داستان ٻڌايائين جو ٻڌي آئون حيران رھجي ويس
تھ ھن فريبي ۽ مڪار دنيا ۾ ڇا ڇا نھ ٿيندو آھي.
جنوني حالت ۾ ھوءَ جيڪا بڪ شڪ ڪندي آھي تنھنجو
گھڻو لاڳاپو انھن ڳالھين سان آھي جو سموري قصي ٻڌڻ
کان پوءِ اوھين پاڻ پروڙي وٺندا تھ ھن جي حياتيءَ
۾ ڇا ڇا ٿي گذريو ھو.
ھن ٻڌايو ھو، ھڪ رات اونداھي رات ھئي، چئني پاسن
کان ڪڪر گجگوڙ ڪري اچي گڏ ٿيا ھئا، ڄڻ تھ آڪاش تي
ديوتائن ۽ راڪشن ۾ وڏي پڌ لڳي رھي ھئي، ڪڪرن جو
گجگوڙ نھ ھو پر رتن جي ھلڻ ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جو آواز
ھو. بجليون ڪين ٿي چمڪيون پر جوڌن جو تلوارون ھلي
رھيون ھيون. ايتري ۾ منھنجو پتي آيو ڏٺم تھ جھڙي
طرح رات پريشان ۽ وياڪل ھئي اھڙي طرح ھو بھ
گھٻرايل ھو. مون پڇيومانس تھ ”ڇا ڳالھھ آھي؟ پر
ڪجھھ نھ ٻڌايائين، نيٺ ٿوري دير کان پوءِ مون کي
چيائين تھ ”گنگا ڀلا جيڪڏھن اسين ھڪٻئي کان ڌار ٿي
پئون تھ؟ ....... ھميشھ جي لاءِ ڌار......“
ڏٺم تھ پراڻ ناٿ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ھو پر ھن
جون نظرو پري ڪنھن ڳوڙھي خيال ۾ گم ھيون، مون کيس
گنڀير آواز ۾ جواب ڏنو تھ ”سدائين اھڙيون اجايون
ڳالھيون ڪندا آھيو، پراڻ ناٿ! اوھان کي ٻيو ڪي چوڻ
اچي ٿو يانھ؟“ مون ھڪ ڳالھھ جاچي تھ منھنجو پتي
مون سان ڳالھائيندي ڳالھائيندي ھر گھڙي دروازي
ڏانھن پيو نھاري...... ٿوري دير کان پوءِ مون کي
ياد اھي تھ ڪي پوليس وارا آيا ۽ منھنجي پتيءَ کي
گھران وٺي ھليا ويا. آئون ھڪ ٻالي ڀولي ننڍي نيٽي
پرديسياڻي جنھن کي پرڻئي سال مس ٿيو ھو. اوچتي
آپڌا تي منجھي پيس، روئڻ ڌاران ٻيو ڪي ڪين سمجھيو،
مون ڏاڍو رنو. ھا! تمام گھڻو رنو؟ شايد روئندي
بيھوش ٿي وئي ھيس، ٻئي ڏينھن خبر پيم تھ سيٺ ڇانگي
مل جي حساب ڪتاب ۾ گھوٻي ھئڻ ڪري، ھن شڪ ۾ منھنجي
پتيءَ کي قيد ڪرائي ڇڏيو ھو. چئن ڏينھن کان پوءِ
مون ھن کي جيل ۾ وڃي ڏٺو، چئن ڏينھن جي اندر ڪنول
جي گلا وانگر سندس چھرو ڪومائجي ويو ھو، ڇا جيلن
جي اندر اھڙي حالت ڪندا آھن؟ ھن کي ڏسي آئون سھي
نھ سگھيس، منھنجين اکين جي اندر پاڻي ڀرجي آيو،
مون کي ملوم ڏسي ھن بھ روئي ڏنو، چوڻ لڳو تھ ”مون
تھ توکي آنند سان رکڻ ٿي گھريو ۽ پر ايشور جي اڇا
شايد ائين نھ ھئي.“ ۽ پوءِ ٻارن جيان سڏڪا ڀرڻ
لڳو. مون پنھنجا لڙڪ اگھي ھن کي آٿت ڏني، طبيعت کي
روڪي پاڻ نھ رنم، جڏھن گھر موٽي آيس تھ پاڻ کي
جھلي نھ سگھيس، ڏک وچان ايترو رنم جو وري بيھوش ٿي
ھنڌ تي ڪري پيس.
ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ وري طوفان آيو ساڳئي نموني جي
اونداھي ھئي، جڏھن منھنجو تي جيل ويو ھو در تي
کڙڪو ٿيو، در پٽي ڏٺم تھ اھو ساڳيو سيٺ ڇاڱو مل،
جنھن منھنجي پتيءَ کي جيل اماڻيو ھو، سو بيٺو آھي.
مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آھي، پر مون ڌيرج کان ڪم ورتو ۽
گھنڊ پائي پڇيم تھ ”ڇا آھي؟“
چيائين تھ، ”گنگا! توسان ھڪ ضروري ڳالھھ ڪرڻ آيو
آھيان.“
مون بيپراھي سان چيو تھ، ”ٻڌاءِ“
چيائين تھ ، ”ٻاھر نھ اندر ھل تھ ٻڌايانءِ.“
مان اندر آيس تھ ھو مئو اندر لنگھي آيو ۽ مون ۾
اکيون وجھي گھوري چوڻ لڳو؛ ”گنگا! مان تنھنجي انھن
مرگھھ جھڙن نيڻ جو شڪار آھيان.“
مان مٿي کان وٺي پيرن تائين باھھ ٿي ويس ۽ ڪڇيم
ڪجھھ ڪين. انھيءَ تي شايد ھن جو من وڌي ويو ھو وري
چوڻ لڳو تھ، ”گنگا! منھنجا ھزارين روپيا منھنجيون
ڪيتريون جايون جيڪي آھن، سي سڀ تنھنجيون ٿي سگھن
ٿيون.“
مون سندس ڪوملتا ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏيندي خارن ۾
کانئس پڇيو تھ: تو وٽ ھزارين روپيا آھن؟ کلي
چيائين تھ ”لکين روپيا اٿم!“
ٽوڪ ھڻندي چيومانس تھ ”ھيترن پئسن ھوندي بھ ٿورن
ڏوڪڙن لاءِ ھڪ غريب کي قيد ۾ ڇو وڌو؟“
ھٻڪندي جواب ڏنائين تھ، ”اھا .... اھا..... وھنوار
جي ڳالھھ ھئي..... ھن ٺڳي ڪئي ھئي.“
مون ٿورو تکو ٿي چيو تھ ”سيٺ! جڏھن تو وٽ لکين
روپيا پيا آھن تھ ھڪ غريب کان ٿورا سو وٺي ڇا ڪرين
ھا؟“
ڦڪو ٿي چوڻ لڳو تھ ”اھڙي طرح سئو سئو مان لک ٺھن
ٿا، پر جي ائين نھ ڪريان ھا تھ توسان ڪيئن ملي
سگھان ھا.“
مون سمجھي ورتو تھ سيٺ ڪام ديو جو شڪار ٿي منھنجي
پتيءَ کي جيل اماڻيو ھو ۽ اھڙي طرح پنھنجي لاءِ
رستو صاف ڪري ھاڻي مون وٽ آيو ھو اوچتو مون کي
ھڪڙو خيال دل ۾ آيو ۽ مون ھن کي چيو تھ ”تڏھن مون
سان ملڻ لاءِ، منھنجي پتيءَ کي جيل موڪليو اٿو،
ڌڪار آھي اوھان جي جيون تي، چئبو تھ ھي ٺڳي ڪرڻ جي
ڳالھھ ۽ حساب ڪتاب ۾ گھوٻي بھ سڀ جڙتو ڳالھيون
ھيون.“
ڏٺم تھ منھنجو اھو ڌڪو صحيح نڪتو، ڇاڪاڻ تھ سيٺ جي
منھن جو پنو ئي لھي ويو، ترت منھنجي شڪ کي ھٽائڻ
جي بھاني سان ھن پنھنجو پيار ڏيکارڻ شروع ڪيو، ”پر
گنگا! منھنجي پريم ترشنا مٽائڻ جي ڳالھھ جو جواب
تھ ڏي.“ آئون پنھنجي ڪاوڙ کي ھاڻي روڪي نھ سگھيس،
دال گھوٽڻ وارو وڏو دال مھٽڻو کڻندي ئي ٺڪا ڪيو
مانس مٿي ۾، ”اجھو انھيءَ ڀوت لاھڻ جو دارون! ھتان
وڃي ٿو يا نھ؟ باقي تنھنجي ڳالھھ جو جواب ھندو
جاتي اخبار ۾ پڙھي وٺجانءِ.
ڌڪ لڳندي ئي سيٺ دروازي ڏانھن ڀڳو ۽ ڪجھھ دير
سھڪندي ۽ گھٻرائيندي مون ڏانھن ڏسي چوڻ لڳو تھ
”تون ..... تون..... ڇا اڄوڪي ڳالھھ..... اخبار ۾
آڻيندينءَ؟“ مون ھٿ سان مٿي دال مھٽڻو الاريندي
کيس ڌڪار سان جواب ڏنو تھ ”ھا! ضرور!“
کلندي پر غضبناڪ اکين سان مون کي ڏسندي چيائين تھ،
چڱو آئون بھ ڏسي رھندس.“
ٻئي ڏينھن ھندو جاتي اخبار جي آفيس ۾ وڃي سمپاد ڪ
کي سڀ ڪجھھ ٻڌائي آيس ھن وچن ڏنو تھ ”اھڙي بدمعاش
کي ڏسجانءِ تھ ڪيئن ٿا خوار خراب ڪريون، تون ڪو
الڪو نھ ڪر! مان آسري ۾ ھلي آيس ٻئي ڏينھن ھندو
جاتي اخبار منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين پڙھي، پر ان
۾ منھنجي ڳالھھ ڪٿي بھ لکيل ڪين ڏٺم، البتھ ٻئي
صفحي تي ٿلھن اکرن ۾ لکيل ھو.
”سيٺ ڇاڱي مل جي سخاوت“
وڌوا سھائڪ سڀا کي ھڪ ھزار روپين جو دان- آئون
حيران رھجي ويس، نيٺ سمجھيم تھ پئسن سان سڀ ڪجھھ
خريد ڪري سگھجي ٿو، اخبارن جا ايڊيٽر بھ!
مقدمو ھلڻ کان ھڪ ڏينھن اڳي وري ڏاڍو زوردار طوفان
آيو، سخت مينھن پيو ڪسيون ندين وانگر وھي ھليون،
شھر ۾ ٻوڏان ٻوڏ ٿي وئي، ٻئي ڏينھن ڪنھن ماڻھوءَ
خط آڻي ڏنو، جنھن ۾ لکيل ھو تھ جيل خاني ۾ جيلر
سان منھنجي پتيءَ جو جھڳڙو ٿي پيو ھو تنھنڪري کيس
ڏسي وڃان. مان ويس ۽ سندس حالت ڏسي لڙڪن کي روڪي
نھ سگھيس، منھنجي وات مان دانھن نڪري وئي جو سڄو
بدن ڦٽيو پيو ھوس، سندس جسم جي ذري ذري مان پونءِ
نڪري رھي ھئي ۽ ھن جون اکيون ڏرا ڏيئي آيون ھيون،
رنگ سڄو نيرو ٿي ويو ھوس، پر پاڻ سانت ۾ ھو، مون
کي روئندي ۽ رڙندو ڏسي چوڻ لڳو تھ ”ڇو ٿي روئين؟
گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھھ ڪانھي، ٻڌ ڪوشش ڪري وليراڻي
ايم، ايل اي کي ضرور ڏسجانءِ، ۽ ھن کي چئجانءِ تھ
مون بابت ڪائونسل ۾ سوال ڪري، مون سندس اليڪشن ۾
ڏاڍي مدد ڪئي ھئي. تنھنڪري ھو اسان جي واھر ڪندو
تھ جيلر برخاست ٿي ويندو. منھنجو ڪو ڏوھ ڪونھ ھو،
جيلر مون کي گار ڏني تھ ايترو چيومانس تھ گار نھ
ڏي. بس منھنجو رڳو ايترو قصور ھو مون کي انھيءَ
تان مار ڪڍائي اٿس، تون اھا ڳالھھ ضرور وڃي
وليراڻي سان ڪجانءِ تھ ڪائونسل ۾ ضرور اھڙو سوال
پڇي.....“ جيل مان موٽندي سڌو وليراڻي جي جاءِ تي
پھتس، ھن کي سربستي ڳالھھ ڪري ٻڌايم، جنھن کي ٻڌي
چيائين تھ، ”ڏاڍي خراب ڳالھھ آھي، پر تون فڪر نھ
ڪر، آئون ضرور سوال پڇندس انصاف ضرور ٿيندو.“
پر ڪيترائي ڏينھن گذري ويا جو سوال پڇڻ ۾ نھ آيو،
ھڪ ڏينھن ھندو جاتي اخبار ۾ ٿلھن اکرن ۾ لکيل
پڙھيم تھ، ”وليراڻي ھوم منسٽر مقرر ٿيو“ مون سمجھي
ورتو تھ ھڪ غريب ھڪ غريب جي لاءِ ڪائونسل ۾ سوال
پڇي پنھنجي وزرات تان ھٿ ڌوئڻ نٿي گھريائين.
ھڪ رات وري ڏاڍي زور سان برسات پوڻ لڳي، مون کي ھر
ھر ڊپ پئي ٿيو تھ الائي اڄ وري ڇا ٿيندو؟ مون سان
اڳي ائين ڪڏھن ڪين ٿيو ھو. ايتري ۾ دروازي تي ٺڪ
ٺڪ جو آواز آيو ۽ مون در کولي ليو پائي ٻاھر ڏٺو
تھ سامھون ڇٽيءَ سان ھڪ خاڪي ورديءَ وارو بيٺو ھو،
مون کي ڏسندي چيائين تھ ”ڇا تنھنجو نالو گنگا
آھي؟“
پوليس واري کي در تي بيٺل ڏسي، مون کي ڪيترا
انومان اپتن ٿيڻ لڳا. اڳي جڏھن پوليس وارو آيو ھو
تھ منھنجي پتيءَ کي وٺي ويو ھو، ھاڻي الائي ڪھڙو
ويڌن ٿيندو، ھاءِ پرماتما! تون ئي رکيالو آھين!
خير ڪجانءِ! مون پوليس واري ڏانھن ڏاڍي اوني مان
نھاري چيو تھ ”ھا! مان گنگا آھيان! ڇا آھي؟ ھن
ناھيت نرم آواز ۾ آھستھ چيو تھ ”جيل ۾ اڄ تنھنجو
مڙس گذاري ويو آھي.“ ايترو چئي ھو ھليو ويو. پراڻ
ناٿ سڌاري ويو! چڱو ٿيو! غريب جي لاءِ ھن دنيا ۾
جيئرو رھڻ مرڻ جي برابر آھي! پوءِ مري بک کان ڇو
نھ بچي...... پر .....پر ھي سنسار ڇا جيئري رھڻ جي
لائق آھي. ڇاڱو مل جيئري رھڻ جي لائق آھي..... ھا
ھا ھا ...... ھا ھا ھا ...... جيل خاني جو جيلر
زندھ رھڻ جي لائق آھي؟ ...... ھا ھا ھا ...... ھا
ھا ھا ..... ھا ھا ھا گنھگھور گھٽائون ڇو نٿيون
اچو آڪاش ڇو نٿو ڦاٽي پوين! ڪڪر.... طوفاني
ڪڪر.... اچو.... اچو...... ڇو نٿا وسو..... ورکا
ڪريو!..... ٻوڏا ٻوڏ ڪريو..... ۽ ھن فريبي سنسار
کي ٻوڙي وجھو، ڪڪرو ڪڙڪو ڪري انھن جا ڪامي ڪن ٻوڙا
ڪري ڇڏيو...... چمڪو ۽ انھن جون خوبصورت اکين
انڌيون ڪري ڇڏيو..... وڄون ڪيرائي انھن کي ساڙي
ڀسم ڪري ڇڏيو..... وسو..... زور سان وسو.....
طوفافي ديائ ۾ ٻوڙي ڇڏيو...... وسو خوب وسو!
مون ڏٺو تھ منھنجو دوست ٺاڪرداس ۽ ھن جي زال نھايت
گنڀير ٿيو خاموش ويٺا ھئا ۽ ھنن جي چھري ۽ اکين
مان حيرت نظر اچي رھي ھئي.
|