سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :16

 

محبت جو گنھگار

 

اسپتال ۾ اڄ دير سان پھتس جو ميڊيڪل اسڪول ۾ اڄ منھنجي ليڪچر جو وارو ھو، اڃا ٻاھرين وڏي لوھي دروازي کان منھنجي موٽر، مس اندر داخل ٿي ھوندي تھ مون ڏٺو تھ سڄي اسپتال ۾ ھڪ سنسني آھي ۽ ماڻھن جي چھري تي افسوس ۽ رنج جا آثار نظر اچي رھيا آھن، آئون حيران ھوس تھ ڇا ٿيو آھي؟ جيئن منھنجي موٽر دواخاني وٽان لنگھي، تھ ڏٺم ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي، آئون موٽر مان لھي، سڌو آفيس جي ڪمري ۾ ويس تھ منھنجو ھندو اسسٽنٽ ڊوڙندو آيو ۽ اچي چيائين تھ صاحب غضب ٿي ويو. عجيب واقعو ٿيو آھي، ٽئين نمبر وارو نامعلوم پاڳل، جنھن کي اسين متوالو سڏيندا آھيون، اوچتو مري ويو. سمجھان ٿو تھ ھن جي دل جي حرڪت بند ٿي وئي آھي؟ تنھن تان مون ٿوري خنگي ڏيکاريندي چيو تھ ڊاڪٽر اھڙيون ڳالھوين اڪثر اسان جي اسپتال ۾ ٿينديون رھنديون آھن. ايتري گوڙ ۽ گھمسان  جي ڪھڙي ضرورت ھئي، منھنجي اسسٽنٽ گھٻرائي چيو تھ سائين! ٻڌو تھ سھي، اڄ ڪرائي کان ھڪ شريف زال ۽ مڙس مون کان اجازت وٺي اسپتال گھمڻ لڳا. جڏھن ٽئين نمبر وارڊ جي سامھون پھتا تھ متوالو ھميشھ وانگر وارڊ جي ننڍڙي باغيچي ۾ بڙ جي وڏي وڻ ھيٺ ويٺو ھو. ٻنھي زال مڙسن کي ايندو ڏسي ھو زور زور سان ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو، ۽ اٿي انھن کي غور سان پيرن کان وٺي مٿي تائين جاچڻ لڳو ۽ پوءِ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، ٻئي زال مڙس ھن کي حرڪت تعجب ۽ افسوس سان بيھي ڏسڻ لڳا. وري اوچتو روئڻ بند ڪري، ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ھن ماڻھوءَ جي زال اھو تماشو ڏسي گھٻرائجي افسوس ڪرڻ لڳي، ڇاڪاڻ تھ متوالي جي ڪجھھ حالت ئي اھڙي ھئي. ھن جو سڄو پھراڻ ڦاٽو پيو ھو، جو ڀانئجي ٿو تھ ھن ان وقت ئي ڦاڙي ليڙون ڪري ڇڏيو ھو ھن جي مٿي ۽ ڏاڙھيءَ جا وار جيئن اوھان کي خبر آھي تھ ھميشھ وحشين وانگر وڌيل ھئا، ۽ نراڙ مان خون وھي رھيو ھوس جو ھن پنھنجو مٿو شايد وڻ سان ھڻي ڦٽي وڌو ھو.

عورت جي مڙس کي ڪھل اچي وئي، تنھن نھايت ھمدريءَ سان پڇيو تون ڪير آھين؟... ڇا ٿو گھرين؟... تنھنجي مٿي مان خون ڇو پيو وھي... ڇا ٿيو آھي؟

متوالي ڏائي ھٿ سان نراڙ اگھندي ۽ سڄي ھٿ سان ڪا شيءِ ڇاتيءَ تي دل وٽ جھليندي جواب ڏنو تھ، ڪير آھيان؟.... اھو مان پاڻ بھ ڪونھ ٿو ڄاڻان....ھا! ايترو ضروري آھي تھ اوھين ماڻھو مون کي ديواني جي نالي سان ياد ڪريون ٿا..... مان اھو بھ چئي نٿو سگھان تھ ڇو..... مان گنھگار آھيان...... محبت جو گنھگار..... مون محبت ڪئي..... بس ٻيو ڪجھھ نھ.... ايترو چئي ھو وري روئڻ لڳو. مائي جنھن جي حالت اڳي ئي خراب ٿي رھي ھئي، ديواني جي انھن ڳالھين کي وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ۽ ھڪ ڀر واري وڻ کي ٽيڪ ڏيئي بيھي رھي.

متوالي وري چوڻ شروع ڪيو.

افسوس! دنيا وارن مون کي ھن کان جدا ڪري ڇڏيو.... منھنجي حياتي جي پونجي مون کان کسي ورتي.... منھنجي ارمانن جي دنيا اجاڙي ڇڏيائون. چڱو ڪيائون.... ڏاڍو چڱو ڪيائون.... ڇا! ھو منھنجي دل ۽ منھنجين اکين تي بھ قابو پائي سگھن ٿا؟ ڇا ھو منھنجي دل مان ھن جي ياد  بھ ڪڍي سگھن ٿا؟.... ڇا! ھو منھنجين اکين مان ھن جي تصوير دور ڪري سگھن ٿا؟.... نھ ھرگز نھ.... بس انھن جو ايترو ئي زور ھو جو ھنن مون کي جدا ڪري ڇڏيو.... متوالو اھو چئي رھيو ھو، پر ھن جو ساڄو ھٿ سيني تي رکيل ھو، جنھن کي ھٽائي گھڙي گھڙي ھو ڪجھھ ڏسي رھيو ھو، جو ھڪ سفيد ڪاغذ وانگر ھن جي ھٿ ھيٺ ھو جنھن کي ھن ڏاڍي حفاظت سان ڇاتيءَ جي ڏائي پاسي لڳائي رکيو ھو.

ڪراچيءَ کان جيڪو ماڻھو پنھنجي زال سان گھمڻ لاءِ آيو ھو ۽ جنھن جو نالو قاسم ھو، تنھن کي متوالي جي حالت تي ڏاڍو رحم آيو، سو ھن جي ويجھو ويندي چوڻ لڳو ”يار برابر زماني ۾ محبت ڪرڻ واري کي ديوانو، پاڳل، وحشي ۽ ٻين الائي ڪھڙن ڪھڙن نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، پر اھا تمام وڏي ڀل آھي.... پر مون کي اھو تھ ٻڌاءِ تھ تو پنھنجي سيني سان ڇا لڳائي رکيو آھي؟ متوالي پنھنجي سيني ۽ ھٿ ڏانھن ڏٺو ۽ ھاڻي ھن جي وحشت پاڻ اڳي کان وڌيڪ ٿيڻ لڳي، ھن جي صورت بھ ڀيانڪ ٿي وئي ۽ ھو پنھنجي ھٿ جي گرفت کي سيني تي وڌيڪ مضبوط ڪري ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو ۽ غضبناڪ اکين سان قاسم کي ڏسي چوڻ لڳو، ھي ڇا آھي..... آه! ھي منھنجي دل جي زخمن جو مرھم آھي، انھيءَ جي سبب مان پنھنجي زندگي پوري ڪري رھيو آھيان.... اھوئي ھڪ اھڙو مرھم آھي، جو منھنجن زخمن کي دٻايو ويٺو آھي، جيڪڏھن اھو مون وٽ نھ ھجي ھا، تھ آئون ڪڏھن ختم ٿي وڃان ھا.“

قاسم کي متوالي جي چريائي جي ڳالھين ۾ دلچسپي پيدا ٿيندي وئي ۽ ھو پنھنجو ھٿ ڊگھيڙي چوڻ لڳو، ڇا مان بھ تنھنجي انھيءَ مرھم جو ديدار ڪري سگھان ٿو؟

متوالي پٺڀرو ھٽندي چيو ڇا، ھي بھ مون کان کسي وٺڻ ٿو گھرين؟.... مون کي ائين برباد ڪرڻ مان ڇا فائدو.... نھ! مان نھ ڏيکاريندس....“ ايترو چئي ھو اتان وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر قاسم اڳتي وڌي ھن کي روڪيو ۽ ھن پنھنجي ھٿن سان ھن جو ھٿ سيني تان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، متوالو غضبناڪ ٿي ويو، پر قاسم جي زال ڊوڙي پنھنجي مڙس جي ٻانھن جھلي پري ڪئي، قاسم جيڪي ڪي ڪيو سو رڳو دلچسپي جي ڪري ھو، نھ تھ ھن کي ڪھڙي خبر تھ ان ۾ ڪھڙو راز لڪل آھي، انھيءَ گھمسان ۾ متوالي جي نظر  قاسم جي زال تي پئي ۽ ڇاتيءَ تان ان جي گرفت ٿوري ڍري ٿي پئي، تنھنڪري ڪاغذ جو سيني سان لڳل ھو، اچي پٽ تي ڪريو. متوالو ھاڻي ڏڪي رھيو ھو ۽ ھڪ ڦٽيل شينھن وانگر قاسم کي ڏسي رھيو ھو، ھن جون اکيون ڳاڙھيون ٿي رھيون ھيون ۽ انھن مان باھھ جا الا نڪري رھيا ھئا، پر ڪاغذ جي ڪرندي ھن جو ڌيان انھيءَ طرف ويو پر قاسم ڦڙتيءَ سان نمي اھو ڪاغذ ھٿن ۾ کڻي ورتو ۽ يڪدم پٺتي ھٽي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ حيرت ۾ پئجي پنھنجي زال کي چوڻ لڳو، ”اڙي خورشيد!  ھيءَ تھ تنھنجي تصوير آھي، ڇا منھنجون اکيون ڌوڪو تھ نھ کائي رھيون آھن.... خورشيد تنھنجي تصوير ھن چرئي وٽ ڪيئن آئي؟“

اھو ٻڌندي ئي خورشيد ھڪ نظر متوالي تي وڌي ۽ ”پيارا شوڪت“ چوندي متوالي کي چنبڙي پئي، قاسم ساڪت ٿيو، ھڪ ھنڌ بيٺو اھو منظر ڏسي رھيو ھو ۽ ھن جي سمجھھ ۾ ڳالھھ ئي نٿي آئي تھ ھي سڀ ڇا ٿي رھيو ھو، نيٺ سامت ۾ ايندي ھن خورشيد کي متوالي کان ڌار ڪندي چيو، ”خورشيد! خورشيد! ھي سڀ ڇا آھي؟ مان ڇا ڏسي رھيو آھيان.“

متوالي خورشيد کان ڌار ٿيندي ئي ھڪ رڙ ڪئي تھ ھاءِ خورشيد! ۽ پٽ تي ڪري پيو ۽ وري اٿي نھ سگھيو جو پران تياڳي چڪو ھو. اھا حالت ڏسندي خورشيد بھ ھڪ رڙ ڪئي تھ ھاءِ پيارا شوڪت! مورڇا ٿي ھن جي مڙھ تي ڪري پئي. آئون ٻنھي کي ڊريسنگ روم ۾ کڻائي آيو آھيان. متوالو تھ صفا مري چڪو آھي، باقي ھوءَ ڪراچي واري زال اڃا بيھوش آھي، ھن کي ھوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھوس تھ اوھين بھ اچي پھتا آھيو.

ڊاڪٽر جي سموري ڳالھھ ٻڌي آئون حيرت ۽ پريشانيءَ ۾ ھوس ۽ پنھنجي ڪمري مان اٿي ڊريسنگ روم ڏانھن وڃڻ لڳس، اتي پھچي ڏٺم تھ ويچاري قاسم جي عجيب حالت ھئي.

اسان کان پڇڻ لڳو تھ ھتي ٽيفلون آھي جو آئون تاج ھوٽل ۾ خورشيد جي ماءُ پيءُ کي ٽيلفون ڪرڻ ٿو گھران، جو اسين ڪراچي کان اچي اتي لٿا آھيون، اڌ ڪلاڪ جي اندر خورشيد جا ماءُ پيءُ اچي ويا ۽ سڄي اسپتال ۾ روڄ ۽ راڙو مچي ويو. سين ھڻڻ کان پوءِ خورشيد آھستي آھستي ھوش ۾ اچڻ لڳي ۽ مائٽن جي دلجاءِ ٿيڻ لڳي، اتي خورشيد جي پيءُ قاسم کان سڄو واقعو پڇيو ۽ پوڙھو پوءِ تڪڙو تڪڙو شوڪت جي بدن تا ڪمبل ھٽائي ھن کي جاچي ڏسڻ لڳو ۽ ”ھاءِ شوڪت“ چئي پٽ تي ويھي رھيو، تمام گھڻي تڪليف سان پوڙھي کي کڻائي مون پنھنجي ڪمري ۾ آندو ۽ آرام سان ڪرسيءَ تي ويھاري کيس طاقت جي سئي ھنئي، ٿوري دير کان پوءِ جڏھن پوڙھي جي طبيعت درست ٿي تھ چوڻ لڳو، ڊاڪٽر صاحب اسان جو حيدرآباد ۾ اچڻ ڏاڍو نڀاڳو ثابت ٿيو آھي، مون وٽ اھي اکر ئي نھ آھن جن سان اوھان جو ٿورو بجا آڻيان. شوڪت منھنجي مرحوم ڀاءُ جي نشاني ھو، ويچارو ڇورو ڇنو ھو. ننڍي ھوندي ئي سندس ماءُ پيءُ گذاري ويا ۽ مون کي بھ اڃا ڪو اولاد نھ ٿيو ھو، تنھنڪري مون کيس پالي پڙھائي وڏيو ڪيو، ٻھ سال ٿيا جو ھو اسان کان ناراض ٿي گھران ھليو ويو ڪيترين ئي ڪوششن ۽ اخبارن ۾ ليک وجھائڻ کان پوءِ بھ سندس پتو ڪونھ پيو. مون کي ڪھڙي خبر تھ ھو ھتي چريو ٿي اسپتال ۾ داخل ٿيو آھي، ھڪ ڏينھن صبح جو ڏٺم تھ شوڪت ناشتي تي حاضر ڪونھي، تنھنڪري خورشيد کي چيم تھ سندس ڪمري ۾ وڃي ڏسي تھ پو شوڪت اڃا ناشتي تي نھ آيو آھي، متان طبيعت ناساز تھ نھ آھيس، ڇاڪاڻ تھ شوڪت جي ھميشھ عادت ھوندي ھئي تھ سويرو اٿي نماز پڙھي، جلد ناشتو ڪري وٺندو ھو، ھن کي جو غير حاضر ڏٺم تھ فڪر ٿي پيو. خورشيد وئي پر جلدي موٽي آئي، ڏٺم تھ سندس چھري تي اداسي ڇانيل ھئي، مون کي اچي خبر ڏنائين تھ بابا ڪمرو خالي پيو آھي، بستري کي ڏسڻ مان معلوم پيو ٿئي ڄڻ رات ان تي ڪو ستو ئي ڪونھ آھي، آئون اٿي تڪڙو تڪڙو ڪمري ۾ ويس ڏٺم تھ جيڪي خورشيد چيو ھو سو سڀ سچ ھو. شوڪت رات بستري تي ستو ئي ڪونھ ھو، آئون نظر ڊوڙائي سڄي ڪمري کي چتائي ڏسڻ لڳس، اوچتو منھنجي نظر ھڪ خط تي پئي جو وھاڻي مٿان پيو ھو، خط کڻي ڏٺم تھ منھنجي نالي ھو، سڄي خط کي چئني پاسن کان چتائي ڏسڻ کان پوءِ مون لفافو کوليو جنھن ۾ لکيل ھو:

پيارا چاچا صاحب، سلامت ھجو

اڄ مان اوھان کي ڇا پر دنيا کي ڇڏي رھيو آھيان ائين ڇو ٿو ڪريان، تنھن جي لکڻ ضرورت نھ آھي آئون نٿو گھران تھ منھنجي ڪري اوھان کي تڪليف پھچي تنھنڪري مان پاڻي وڃي رھيو آھيان، آئون ڏاڍو بدنصيب آھيان، جي ائين نھ ھجي ھا تھ ڇو ماءُ پيءُ مون کان جدا ٿي وڃن ھا مون گھريو ٿي تھ جيڪڏھن ماءُ پيءُ نھ آھن تھ اوھين تھ آھيو، جيڪڏھن جي خدمت نھ ڪري سگھيس تھ اوھان جي ڪندس پر منھنجي قسمت ۾ اھو بھ نھ ھو، منھنجي ڳولا نھ ڪجو ممڪن آھي اھا ڪامياب نھ ٿئي.

اوھان جو شوڪت

”خط پڙھڻ کان پوءِ منھنجي عجيب حالت ٿي وئي ڇاڪاڻ تھ شوڪت جڏھن ٻن ورھين جو ھو تھ ھن جا ماءُ پيءُ ھن دارالفنا کي ڇڏي ڪوچ ڪري ويا ھئا. ان وقت مون کي ڪو اولاد نھ ھو تنھنڪري شوڪت جي سنڀال ۽ پرورش اسان پنھنجي اولاد وانگر ڪئي، خورشيد ٻھ سال شوڪت کان ننڍي ھئي، ٻئي ٻار ڏاڍي ناز و نعم سان پليا ھئا، سچ پچ تھ انھن ٻنھي ٻارن کي وڏو ٿيندو ڏسي آئون جيئرو ھوس. جڏھن ٻئي وڏا ٿيا تھ مون ارادو ڪيو تھ خورشيد جي شادي شوڪت سان ڪندس، پر خورشيد جي ماءُ انھيءَ ڳالھھ جي فائدي ۾ نھ ھئي، جنھن جو نتيجو اڄ ڀوڳي رھيا آھيون. شوڪت جي خط مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو ھو ۽ مون پنھنجي عمر ۾ايڏو ڪڏھن نھ رنو ھو، جيترو ان خط پڙھڻ وقت. خط کڻي آئون خورشيد جي ماءُ وٽ پھتس ۽ اھو خط کيس ڏيندي چيم تھ ”تو جيڪي گھريو سو ٿي ويو.... تو منھنجي مرحوم ڀاءُ جي نشانيءَ کي بھ مٽائي ڇڏيو.... چڱو ڪئي.“ غم جي شدت کان آئون ھن کي وڌيڪ ڪجھھ نھ چئي سگھيس، ٻاھر دلان ۾ ھليو آيس، ڪيتري دير تائين پئي رنم، ساڳي حالت خورشيد جي ھئي، ھن جو تھ ننڍپڻ جو ساٿي ھو جپ پاڻ ۾ گڏ کيڏندا ۽ کائيندا رھندا ھئا، سو جدا ٿي ويو ان ۾ ڪو تعجب نھ ھو جيڪڏھن خورشيد کي شوڪت جھڙي لائق ۽ قابل انسان سان محبت ٿي وئي ھجي، اڪثر ائين ٿيندو آھي ۽ مون کي پڪ ھئي تھ انھن جي اھا محبت پاڪ ھئي ڇاڪاڻ تھ جي ائين نھ ھجي ھا تھ شوڪت ڪڏھن بھ گھر ڇڏي نھ وڃي ھا. جيڪي قسمت جو لکيو ھو سو ٿي رھيو ۽ خورشيد جي ماءُ جيئن گھريو ٿي تيئن ٿيو، سال کن جي تلاش کان پوءِ نيٺ خورشيد جي شادي سندس مامي جي پٽ قاسم سان ٿي وئي جيئن خدا کي منظور ھو، تيئن ٿيو.

”ڊاڪٽر صاحب! جيڪا سمع خراشي ڪئي اٿم تنھنجي معافي ٿو گھران، ھر گھڙي اوھان کي تڪليف ڏيڻ کان شرم ٿو اچي، پر مجبور بھ آھيان جو اسين سڀ ھتي مسافر آھيون، تنھنڪري ھڪ آخري استدعا آھي تھ شوڪت جي ڪفن دفن ۽ منھنجي مدد ڪريو، خرچ ڪرڻ لاءِ آئون تيار آھيان.“

ھيءَ ھڪ اھڙي ڳالھھ ھئي جنھن کان ڪوبھ انڪاري ڪري نٿي سگھيو، شام تائين خورشيد ھوش ۾ اچي وئي ۽ تيستائين شوڪت کي اسپتال جي ڀرواري مقام ۾ دفن ڪيو ويو.

ٻئي ڏينھن صبح جو قاسم تاج ھوٽل مان ٽيليفون ڪيو تھ خورشيد جي حالت وري خراب ٿي پئي آھي، تنھنڪري کيس ھوٽل ۾ ڏسيو وڃان، جڏھن ھوٽل تي پھتس تھ ڏٺم تھ ڪراچي جي سڀني مسافرن جي حالت قابل رحم ھئي، سڀني کان وڌيڪ خراب حالت خورشيد ۽ ھن جي پيءُ جي ھئي. پوڙھي کي شوڪت جي موت ۽ ڌيءَ جي ابتا حالت جو وڏو ڌڪ لڳو ھو ۽ خورشيد جي ماءُ کي خورشيد جي بيماريءَ جو، ۽ خورشيد تي جنون جو پورو پورو دورو ھو. ڪپڙا ڦاڙيائين، پنھنجا وار ٿي پٽيائين ۽ اجائي بڪ شڪ ٿي ڪيائين، سڄي رات ستي ڪين ھئي، مون صلاح ڏني تھ يڪدم پاگل خاني ۾ داخل ڪريوس. سڀني منھنجي صلاح قبول ڪئي ۽ خورشيد اسپتال ۾ داخل ٿي وئي، ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ خورشيد جي حالت ڪجھھ سڪون ۾ آئي، پر ڳالھائڻ گھڻو ھوس چريائي جي اھا ھڪ ڪيفيت ھوندي آھي، جنھن ۾ بيمار کي خيال جو گھڻو پرواز ھوندو آھي. پر ھڪ قابل ۽ تجربيڪار ڊاڪٽر سوالن جي ذريعي بيمار جي اندر جو حال ڇنڊ ڇاڻ ڪري گھڻو ڪجھھ معلوم ڪري وٺندو آھي، ان ۾ ھڪ ڳالھھ جي ضرورت ھوندي آھي تھ فضول ۽ زائد ڳالھيون اصل کان ڌار ڪري واقعي جي تھھ ۾ پھچبو آھي، پر جيتري ان جي سمجھاڻي سولي آھي اوترو ڪرڻ سولو نھ آھي.  

خورشيد جي ان وقت جي حالت مان مون اندازو لڳايو تھ خورشيد جي مزاج جي ڪيفيت ان وقت اھڙي ھئي جو جيڪڏھن کانئس سوال پڇيا وڃن تھ ھوءَ گھڻي ڳالھائڻ جي حالت ۾ ضرور ڪيتريون ڳالھيون کولي ڇڏي، پر آئنده ھلي شايد ھوءَ نھ ٻڌائي، ڇاڪاڻ تھ ان وقت ھن جي مزاج جي ڪيفيت گھڻي ڳالھائڻ جي نھ بلڪھ خاموشيءَ واري ھوندي اھڙي حالت ۾ بيمار سواءِ خاموشيءَ جي ڪو جواب نھ ڏيندا آھن.

خورشيد سان ڪيترن ڏينھن تائين مسلسل سوال جواب ڪرڻ جو جيڪو نتيجو نڪتو، تنھن کي پنھنجي لفظن ۾ لکان ٿو باقي جيڪو بيان اڳي اچي چڪو آھي تنھن کي دھرائڻ مناسب نٿو سمجھان.

خورشيد جي پيءُ جو نالو مولا بخش ھو ۽ اصل ۾ ملتان جو رھندڙ ھو، ھن جو ڌنڌو ٻاھران مال گھرائي واپارين کي پھچائڻ جو ھو، شوڪت ۽ خورشيد ٻئي تعليم يافتھ ھئا ۽ شوڪت واپار ۾ مولا بخش جي مدد ڪندو ھو، مولا بخش ۽ شوڪت ساڳئي بنگلي ۾ گڏ رھندا ھئا. شوڪت جو ڪمرو باغ جي سامھون ھو، ھڪ رات ٻارھين بجي خورشيد ڏٺو تھ شوڪت جي ڪمري ۾ بجلي وارو بلب ٻري رھيو آھي ۽ شوڪت ڏاڍي بي آراميءَ ۽ بيقراريءَ سان ڪمري ۾ اچ وڃ ڪري رھيو آھي، ھن کي بيچين ڏسي خورشيد پنھنجي ڪمري مان اٿي شوڪت جي ڪمري ۾ اچي ھڪ پاسي بھي، ھن جي بيقراريءَ جو تماشو ڏسڻ لڳي، شوڪت کي ھن جي اچڻ جي اصل خبر نھ پئي، پوءِ آھستي آھستي خاموشيءَ سان شوڪت جي ڀر ۾ اچي بيھي رھي ۽ آھستي سان ھن کي سڏيائين. ”شوڪت.“

شوڪت ڇرڪجي ويو ۽ ھن کي حيرت جي نظرن سان ڏسي چوڻ لڳو: ”خورشيد! تون ھيڏي مھل ھتي؟ خيريت تھ آھي.“

خورشيد خاموش بيٺي رھي، شوڪت وري پريشان ٿي پڇڻ لڳو: ”خورشيد ڳالھائين ڇو نٿي؟ ڇا ڳالھھ آھي؟“

خورشيد محبت جي نظرن سان شوڪت کي ڏسندي وراڻيو، ”ڪجھھ نھ آھي، ائين ھلي آيس پر اوھين اڃان تائين ستا ڪين آھيو؟ دريءَ وٽ ڇا پيا ڪريو؟“ شوڪت ھڪ ٿڌو ساھھ کڻندي جواب ڏنو. ”خورشيد! خبر نھ آھي تھ منھنجي زندگيءَ جون ڪيتريون راتيون بيدارءَ ۽ پريشانيءَ ۾ گذريون آھن ۽ معلوم بھ نھ آھي تھ ڪيتريون اھڙي طرح گذرنديون، دريءَ وٽ بيٺي باغ ڏسيو پنھنجي اميد جي دنيا جو سير ڪري رھيو ھوس ۽ پنھنجي گلشن ھستيءَ جي راڻيءَ کي ڏسي رھيو ھوس.“

خورشيد دريءَ جي ويجھو ويندي چوڻ لڳي، ”ڇا آئون بھ ان کي ڏسي سگھان ٿي.“

شوڪت چيو ”تون ڇا ڪندينءَ ان کي ڏسي خورشيد؟“

”شايد مان بھ ھن جي ڪجھھ خدمت ڪري سگھان.“ خروشيد جواب ڏنو.

شوڪت ٻنھي ڪلھن کان خورشيد کي جھلي پنھنجي ڪپٽ جي ڊگھي آئيني جي اڳيان آڻي بيھاريو ۽ چوڻ لڳو ”ھيءَ آھي منھنجي اميدن جي دنيا، منھنجي گلشن ھستيءَ جي راڻي“ خورشيد آرسيءَ جي طرف ڏسي شرم کان ڪنڌ جھڪائي ھڪ طرف ھٽي بييٺي.

شوڪت چيو، ”ڏٺو تو خورشيد! جنھن کي آئون ڏسي رھيو ھوس.“

خورشيد جي خوشنما چھري تي شرم ۽ پريشاني جا آثار نظر  اچي رھيا ھئا، جن کي ڏسندي شوڪت چيو، ”ڇو شرم اچي وئي؟ تو ئي تھ ڏسڻ جي خواھش ظاھر ڪئي ھئي، ۽ مون توکي ڏيکاريو.“ خورشيد اکيون زمين تي کپائيندي درد ڀريل آواز ۾ چيو، ”شايد تنھنجي گلشن ھستيءَ جي راڻي تنھنجو ساٿ نھ ڏيئي سگھي، دنيا ڏسڻ نٿي گھري تھ تون ۽ مان گڏ رھي سگھون.“

شوڪت تعجب سان خورشيد ڏانھن ڏسڻ لڳو، پر خورشيد جي ڳالھھ ھن کي سمجھھ ۾ نھ آئي ۽ پڇڻ لڳو، ”سچ، ٻڌائي خورشيد! ڇا ڳالھھ آھي؟ ايترو ٻڌندي ئي خورشيد جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ ٻھ آبدار موتي خورشيد جي خوبصورت ڳٽن تي چمڪڻ لڳا، ھن نھايت غمگين لھجي ۾ جواب ڏنو، ”افسوس شوڪت! مون اڄ ڏينھن تائين توسان اھڙي ڪا ڳالھھ نھ ڪئي آھي جنھن کان توکي تڪليف پھچي. پر اڄ نھ ڄاڻ ڪھڙي جذبي مون کي مجبور ڪيو آھي جو توکي حقيقت کان آگاھ ٿي ڪريان.“ اھو ٻڌندي ئي شوڪت تي وحشت طاري ٿيڻ لڳي، خورشيد جو ھٿ جھلي ڪوچ تي ويھندي چوڻ لڳو، ”خورشيد صاف صاف ڇو نٿي ٻڌائين تھ ڇا ڳالھھ آھي؟ مون کي پريشان ڪرڻ مان توکي ڇا ھٿ ايندو؟ تنھنجي پروليون سمجھي نٿو سگھان، خدا جي واسطي مون کي ٻڌاءِ تھ ڇا معامرو آھي؟“

خورشيد مٿو جھڪائي، نظرون ھيٺ ڪري چوڻ شروع ڪيو، ”منھنجي ماءُ جو تنھنجي برخلاف ٿيڻ مصلحت کان خالي ڪونھي، ھن ۾ بھ ھڪ راز آھي جو ڪالھھ مون کي چڱي طرح معلوم ٿي ويو، آئون ڪالھھ کان فڪر ۾ ھيس تھ موقعو ملي تھ مان انھيءَ راز کان اوھان کي واقف ڪريان، نيٺ مجبور ٿي ھيڏي مھل اھا ڳالھھ چوڻ آئي آھيان، جنھن جي ٻڌائڻ جي نھ مون ۾ طاقت آھي ۽ نھ اوھان ۾ ٻڌڻ جي ھمت ٿيندي. منھنجي ماءُ نٿي گھري تھ منھنجي شادي اوھان سان ٿئي، جيتوڻيڪ بابو، امان جي خلاف آھي پر امان جي ضد جي اڳيان بابي جي ھڪ بھ نھ ھلندي، نيٺ ٿيندو اھو جيڪو ھوءَ گھري ٿي. امان منھنجي شادي مامي جي پٽ قاسم سان ڪرڻ گھري ٿي، ڪالھھ رات اھڙي ڳالھھ امان بابي سان پئي ڪئي تھ منھنجي مرضي آھي تھ خورشيد جي شادي پنھنجي ڀائٽي قاسم سان ڪريان، ڇاڪاڻ تھ ھو ھر طرح خورشيد جي قابل اھي. ھڪ تھ ھن جا مائٽ وڏي ڪڙم قبيلي وارا آھن، ٻيو تھ ھو فوج ۾ ڪنھن سٺي عھدي تي مقرر آھي، شوڪت وٽ ڇا آھي؟ نھ اڳيان نھ پويان، نھ نوڪر نھ چاڪر، رڳو اسان جي ٽڪرن تي پيو آھي. آئون ڏسندي وائسندي پنھنجي ٻچڙيءَ کي کڏ ۾ ڪيئن اڇلائيندس. مون کا ھي سٺو نھ ٿيندو جو نازن جي پاليل کي تڪليفن ۾ ڏسان، بابي سڀ ماٺ ڪيو پئي ٻڌو، رڳو اٿندي ھيترو سو پچاڙيءَ ۾ چيائين تھ واپار مان ھيءَ سڀ ڪمائي جيڪڏھن شوڪت نھ ھجي ھا تھ ڪٿان ٿئي ھا.“

وري شوڪت کي منھن ۾ نھارڻ چوڻ لڳي، ”پر شوڪت! منھنجو خيال آھي تھ ھو امان جي ضد کان مجبور ٿي پوندو.“ ايترو چئي خورشيد خاموش ٿي وئي، ھن جي نرگسي اکين مان ڳوڙھا ٽپ ٽپ ڪري وھڻ لڳا. شوڪت جو ماٺ ڪيو پتلي وانگر سڀ ڪجھھ ٻڌي رھيو ھو، سو مضطرب ٿي اٿي بيٺو، ۽ بيچيءَ سان پنھنجي ڪمري ۾ اچ وڃ  ڪرڻ لڳو، ھن جي حالت بلڪل چرين وانگر معلوم پئي ٿي.

خورشيد ھن کي مسرت سان ڏسڻ لڳي ۽ نيٺ پڇيائينس تھ: ”ڇا منھنجي ھڪ سوال جو جواب ڏيندين شوڪت؟“

شوڪت محبت سان ڀريل پر درد انگيز  آواز ۾ چيو تھ، تنھنجي ڳالھھ ۽ جواب نھ ڏيان؟“

خورشيد چيو، ”آئون نٿي گھران تھ پنھنجي ننڍپڻ جي ساٿيءَ کي ڇڏي ٻئي جي ٿيان، انھيءَ کان پري وڃڻ جي منھنجي لاءِ وھھ بڻجي ٿيندو ٻئي سان گذارو ڪرڻ منھنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، مان رڳو تنھنجي آھيان ۽ تنھنجي رھي زندگي جا چار ڏينھن گذارڻ ٿي گھران، منھنجي مرضي آھي تھ اسين ٻئي ھن دنيا کان پري ھلي ڪٿي ٻئي ھنڌ رھون.... اتي ..... جتي دنيا جي ڪابھ طاقت اسان کي جدا نھ ڪري سگھي ۽ ھن دنيا ۾ تھ سڀ مصلحت وارا ئي وسندا آھن، اسين پنھنجي زندگي ڪٿي ٻئي ھنڌ گذاراينداسين، ٻڌاءِ شوڪت تنھنجي ڇا مرضي آھي..... جلدي جواب ڏي... وقت نھ وڃاءِ... دشمن پنھنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويندو.... وقت گھري ٿو تھ اسين بھ ڪجھھ ڪريون..... ٻڌاءِ شوڪت خدا جي واسطي ٻڌاءِ آئون توکان سواءِ جيئري رھي نھ سگھندس.“

شوڪت پنھنجي حالت درست ڪندي ۽ خورشيد کي حيرت سان ڏسندي جواب ڏنو، ”خورشيد! ڇا تو انھيءَ تي بھ غور ڪيو آھي تھ اھڙي ڪم ڪرڻ کان پوءِ دنيا اسان کي ڪھڙي طرح ياد ڪندي؟ آئون پنھنجي محسن ۽ مشفق جو منھنجي پيءُ جي برابر آھي تنھن سان ڌوڪو ڪريان، جنھن مون کي پالي وڏو ڪيو تنھنجي خاندان کي بدنام ڪريان، اسان جي خاندان کي ڪٿي بھ منھن لڪائڻ جي جڳھھ نھ ملندي، چاچو ڪٿي جو بھ نھ رھندو، ھن جي سڄي عزت خاڪ ۾ ملي ويندي.“

خورشيد محبت جي ھي معنيٰ نھ آھي تھ مصيبت پوڻ تي ڀڄي وڃجي. محبت جي اھا معنيٰ نھ آھي تھ دشمن کان منھن لڪائي، بلڪھ محبت ڪرڻ واري کي گھرجي تھ ھو دنيا جا ظلم ۽ ستم، صبر  ۽ استقلال سان برداشت ڪري، خورشيد آئون صاف لفظن ۾ توکي ٻڌائڻ ٿو گھران، تھ اھڙي ذليل ڪم کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھيان..... محبت جي لاءِ جان ڏيئي سگھان ٿو پر خاندان جي عزت کي برباد ٿيڻ نھ ڏيندس.... خورشيد شريفن جا اھي گڻ نھ آھن، تنھنجي محبت جي لاءِ مون کي سڀ ڪجھھ منظور آھي، مگر ھي نھ ٿيندو، جيڪڏھن تون مون کي آزمائڻ ٿي گھرين تھ ھر طرح آزمائي سگھين ٿي. آئون مڙسيءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آھيان... مون کي قوي کان قوي دشمن جي مقابلي ۾ موڪل مان ڪمزور نھ آھيان، بزدل نھ آھيان. خدا مون کي بھ طاقت ڏني آھي پر خورشيد: اھڙو ذليل ڪم ڪرڻ لاءِ آئون ھرگز تيار نھ ٿيندس، جيڪڏھن توکي مون سان ڪجھھ محبت آھي تھ انھيءَ بد ارادي کي دل مان ڪڍي ڇڏ، پنھنجي ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جي عزت خاڪ ۾ نھ ملاءِ ۽ انھن جي ھر حڪم جي تابعداري ڪر ۽ انھن جي اطاعت ڪر. خورشيد ھو تنھنجي بھتري گھرندڙ آھن..... آئون دنيا جي ھر ھڪ ظلم ۽ ستم کي سھڻ لاءِ تيار آھيان، آئون پنھنجي زندگي تنھنجي نالي جي تسبيح پڙھي گذاري ڇڏيندس..... مون وٽ فقط ھڪ دل ھئي جا مون تنھنجي نذر ڪري ڇڏي، مان تنھنجي يادگيري کي دل ۾ کنيو دنيا مان ھليو ويندس.

”خورشيد! آئون ڄاڻان ٿو تھ اڄ کان پوءِ توکي مون تي اعتماد نھ رھندو، مون کي تون خود غرض، ڪمزور، بزدل، بيوفا ۽ الائي ڇا ڇا سمجھندينءَ پر آئون سڀ ڪجھھ ٻڌڻ لاءِ تيار آھيان، مون کي وساري ڇڏ خورشيد. خوشيءَ سان وساري ڇڏ. منھنجي خيال کي پنھنجي نازڪ دل مان مٽائي ڇڏ، بيشڪ آئون غريب آھيان..... منھنجو ڪو ڪونھي، تنھنجي ماءُ جو خيال بالڪل درست آھي، ھاڻي خورشيد تون وڃ، رات گھڻي گذري چڪي آھي.... پر ھاڻي ھڪ ڳالھھ ٻڌي ڇڏ، مان توکي منٿ ٿو ڪريان تھ ڪجانءِ اھو جو تنھنجا ماءُ پيءُ گھرن.... ۽ شادي ٿيڻ کان پوءِ پننجي مڙس جي چئي ۾ رھجانءِ، ھن جي ھر خوشيءَ ۾ خوش رھجانءِ. ھن جي ھر حڪم جي پنھنجي دل ۽ جان سان تعميل ڪجانءِ. ھن جي ڪنھن ڳالھھ سان دل ميري ٿيڻ نھ ڏجانءِ. ھن جي ھر طرح خدمت ڪجانءِ. خورشيد محبت لافاني آھي، ڪنھن جي مٽائڻ سان نٿي مٽجي، محبت جي پاڪ دامن تي بدنما داغ لڳڻ نھ ڏجانءِ.

خورشيد روئندي اٿي بيٺي ۽ چوڻ لڳي: ”آه! شوڪت منھنجي زندگي برباد ٿي وئي، آئون ڪٿي جي بھ ڪين رھيس.“

شوڪت دلاسو ڏيندي چوڻ لڳو: ”خورشيد محبت الگ رھي بھ قائم رھي سگھي ٿي، چڱو خورشيد ھاڻي وڃ، خدا جي واسطي وڃ، مون ۾ ھاڻي ضبط جو تاب نھ رھيو آھي.“

خورشيد پنھنجي غم جي شدت جي ڪري ڳالھائي نھ پئي سگھي پر ھن پنھنجي غم جي جذبات کي دٻائيندي چيو، ”چڱو شوڪت! آئون تنھنجو حڪم بجا آڻيندس. ھاڻي خدا حافظ!“

ائين چئي روئندي ھلي وئي، صبح جو شوڪت جو پتو نھ ھو سواءِ ھڪ خط جي.

سال کن کان پوءِ قاسم جي بدلي ڪراچي ٿي جتي خورشيد جي شادي سندس ماءُ جي زور ڀرڻ تي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڪئي وئي، پر خورشيد پنھنجي زندگي تمام ناخوش گذارڻ  لڳي، ھڪ ڏينھن خورشيد جي پيءُ حيدرآباد وڃڻ جو خيال ڏيکاريو، جو ھتي زرعي سامان ۽ بجلي جي سامان جي ھڪ وڏي نمائش رھي ھئي، تنھنڪري سڀئي خورشيد جي مڙس کي بھ وٺي حيدرآباد پھتا.

حيدرآباد ۾ ٻھ ڏينھن نمائش جي پٺيان صرف ڪيائون ۽ ٽئين ڏينھن خورشيد ۽ قاسم چرين جي اسپتال گھمڻ جي خيال سان آيا، جتي شوڪت وارو حادثو ٿيو.

خورشيد جو ڪيترا ڏينھن علاج ڪيو ويو، پر سندس طبيعت درست نھ ٿي، نيٺ ھن جو پيءُ ھن کي ولايت وٺي ويو، يورپ جي ڪيترن شھرن ۾ علاج ڪيو ويو پر ڪو فائدو نھ ٿيو، نيٺ موٽي آيا، ٻڌجي ٿو تھ خورشيد جي اھائي حالت آھي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com