غيرت مند
رانچي مان پاڳلن جي بيمارين جو ڪم سکي اڃا نئون
نئون پنھنجو عھدو سنڀاليو ھوم. سياري جي مند ھئي،
پر سيءَ ايترو منھن نھ ڪڍيو ھو. ڪوئٽيا مان ھڪ چئن
فوجي سپاھين جو اٽالو جنھن کي فوجي وردي پھريل
ھئي، سو ھڪ خوش پوش ڪپتان کي، جنھن کي شھري ڪپڙا
پاتل ھئا، پنھنجي سنڀال ھيٺ وٺي آيو. حولدار فوجي
سلام ڪندي مون کي ھڪ مھر لڳل لفافو پيش ڪري ادب
سان بيھي رھيو. اسان جي اسپتال ۾ رياستن جا چريا
بھ داخل ڪيا ويندا آھن، تنھنڪري ڪپتان کي ھتي آندو
ويو ھو. مون ڪپتان صاحٻ کي ھٿ جو اشارو ڪري ڪرسيءَ
تي وھڻ لاءِ چيو، پر ھو ڏاڍي پرتپاڪ انداز سان وڌي
منھنجي ميز وٽ آيو ۽ ھٿ ڊگھيري مون سان مصافحو
ڪيائين، ۽ پوءِ ڪرسيءَ تي ويھندي شرط ڪجھھ چوڻ تي
ھو تھ مون کيس روڪيندي چيو تھ، ”ھي خط پڙھي وٺان
تھ پوءِ اوھان سان مخاطب ٿيندس.“ انھيءَ تي ھو
ڏاڍي خاموشيءَ سان ڪرسيءَ تي ويٺو رھيو، مون ڪپ
سان ڊگھو لفافو کوليو تھ ڏٺم تھ ان ۾ چار کن خط
ھئا، ھڪ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جو حڪم نامو، ڪپتان صاحٻ
کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو، ٻھ ڊاڪٽر جا سرٽيفڪيٽ ۽
چوٿون مون ڏانھن خط، جنھن ۾ لکيل ھو تھ ڪپتان اڪرم
خان ھڪ نھايت وفادار ۽ بھادر فوجي آفيسر ھو، جنھن
جي ھر نموني سٺي طرح سنڀال ڪئي وڃي ۽ ھن کي ڪنھن
قسم جي تڪليف نھ پھچي. ڪپتان اڪرم خان ھڪ خطرناڪ
پاڳل آھي، جو ھن کي مغز ۾ اھو وھم ويٺل آھي تھ ھن
سان ظلم ۽ بي انصافي ڪئي وئي آھي. جنھن تي رکي رکي
ھن کي جوش ۽ تاءُ ايندو آھي تھ ھو آپي کان ٻاھر ٿي
پوندو آھي. ٻيو ھن کي وڏ ماڻھپي جا وھم بھ ٿيندا
آھن، پر ھو ھڪ چڱي خاندان جو فرد آھي، تنھنڪري
اميد ٿي ڪجي تھ ھن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۾ ايندو.
خط پورو ڪري ٿوري دير تائين آئون ڪجھھ ويچار ۾
پئجي ويس ۽ پوءِ ڪپتان اڪرم خان جي چھري کي چتائي
ڏٺم، ان ۾ ڪو شبھو نھ رھيو تھ اڪرم خان جي چھري
مان وحشت جا آثار نظر اچي رھيا ھئا.
منھنجي ھن کي چتائي ڏسڻ، اڪرم خان ۾ تفڪر پيدا
ڪيو، آئون ترت ارڪم خان ڏانھن مخاطب ٿيس، ھو ذات
جو پٺاڻ ھو ۽ اردو چڱي طرح ڳالھائي ٿي سگھيو، مون
کانئس دريافت ڪيو تھ فارسي ڄاڻين ٿو يا نھ، تھ مون
سان ھائو ڪيائين. پوءِ مون ساڻس فارسيءَ ۾ ڪجھھ
وقت گفتگو ڪئي تھ ڏاڍو خوش نظر آيو. اھڙي طرح ھن
جي دل وٺڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھو ھڪ ڳالھھ تي ضد ڪري
بيٺو، ھن کي ھتي ڇو آندو ويو آھي، ھو پاڳل نھ آھي
۽ ھڪ منٽ بھ اسپتال ۾ ترسڻ لاءِ تيار نھ آھي، اڪرم
خان انھيءَ قسم جي بيمارن مان ھو جنھن کي پنھنجي
حالت جي پوري شناس نھ ھوندي آھي، تنھنڪري ڏٺم تھ
ھن سان ڪنھن بھ قسم جي گفتگو ڪرڻ مان ڪجھھ ڪين
ورندو. الٽو معاملو بگڙجي پوڻ جو خدشو ھو، تنھنڪري
کيس چيم تھ برابر ھو چريو ڪين آھي، پر ڇاڪاڻ تھ
بلوچستان سرڪار ھن کي ھتي موڪليو آھي تھ کيس چڱي
طرح تپاس ڪري رايو موڪلجي، تنھنڪري مجبورا ھن کي
ڪجھھ ڏينھن ترسڻو پوندو تاڪھ آئون کيس چڱي طرح
تپاسي پوءِ رايو موڪليان. جيتوڻيڪ مون کي پڪ آھي
تھ ھو چريو ڪونھي ۽ بلوچستان سرڪار ان ۾ ڀليل آھي،
تنھن ھوندي بھ ھو ھڪ فوجي آفيسر ھئڻ جي حيثيت ۾
سمجھي سگھي ٿو تھ مون تي بھ ڪي جوابداريون عائد
آھن تنھنڪري ائون کيس عرض ڪندس تھ ھو ڪجھھ صبر ۽
تحمل کان ڪم وٺي ۽ مون تي مسلمان ھئڻ جي حيثيت ۽
اعماد رکي تھ سڀ ڪجھھ سندس فائدي لاءِ فيصلو ڪيو
ويندو. منھنجي انھيءَ گفتگوءَ ھن تي چڱو اثر ڪيو ۽
ڏٺم تھ ھو گھڻي قدر ٺاپر ۾ اچي ويو، پر وري چوڻ
لڳو: ”ڊاڪٽر صاحب! ھي انگريز نھايت چالاڪ آھن ۽
اسان مسلمانن کي برباد ڪرڻ گھرن ٿا.“
مون ڏٺو تھ جي اھو بحث ٿو ساڻس ڇيڙيان تھ ان جو
ڇيھھ ٿيندو ئي ڪين، ڇاڪاڻ تھ اھوئي ڀرم کيس مغز ۾
ويٺل ھو ۽ ھو انگريزن جي برخلاف ٿي پيو ھو، ٻيو
بحث ڪندي متان وري تڙي پوي ۽ جوش ۾ اچي وڃي،
تنھنڪري کيس چيم تھ ھو سچ ٿو چوي. پر ھاڻي جنھن
حالت ۾ ھو ھيتري وڏي پنڌ کان مسافريءَ تان آيو آھي
تنھنڪري ٿڪل ھوندو، بھتر ائين ٿيندو جو ھلي پنھنجي
ڪمري ۾ آرام ڪري، وري ساڻس سڀاڻي ڳالھين ٻولھين جو
گھڻو وقت ملندو. في الحال مون کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻو
آھي، ائين چئي مون فوجي سپاھيءَ کي ۽ پنھنجي ماڻھن
کي اشارو ڪيو تھ ھن کي ھتان وٺي وڃن ۽ کيس خاص جدا
ڪمري ۾ وڃي رکن. ھو نھايت سانتيڪي انداز سان روانو
ٿي ويو، اھڙي طرح في الحال مون ھن کي ٽاري ڇڏيو،
پر مون کي خبر ھئي تھ اڳتي ھلي ھو اسان لاءِ مٿي
جو سور ثابت ٿيندو ۽ ٿيو بھ ائين. جن بيمارن کي
وھمي خيال دماغ ۾ ھوندا آھن، تن جو سنڀالڻ ۽ علاج
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ھو ذري ذري
ڳالھھ تي گھپي ڪندا آھن ۽ جيڪو عقيدو انھن جي دماغ
۾ ويھي ويندو آھي سو سولائيءَ سان نڪري نھ سگھندو
آھي، پوءِ ڀلي ڪيترو ئي ڪو انھن سان بحث مباحثو ڇو
نھ ڪري يا انھن کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
پھرين تھ ھو پنھنجا وھمي خيال ڪنھن تي ظاھر ڪندا
ئي ڪين آھن پر جيڪڏھن ظاھر ڪرڻ جو خيال ٿين تھ
ڏاڍو احتياط رکندا آھن ۽ جڏھن ظاھر ڪندا آھن تھ
انھن کي مضبوطي سان چنبڙي پوندا آھن، اڪرم خان کان
سندس اندروني خيال ظاھر ڪرائڻ جو ڪم سولو نھ ھو ۽
نھ ٿورن ڏينھن جي ڳالھھ ھئي، اھڙي قسم جي بيمارين
کان سندن وھمي خيال انھن جي واتان چوائڻ ۾ ڳچ وقت
لڳي ويندو آھي، اڪرم خان جي حالت ۾ بھ ائين ٿيو.
دير پوڻ جي حالت ۾ مون کي اھو خطرو ھو تھ متان ھو
غضبناڪ ٿي مارڪٽ ڪرڻ تي آماده نھ ٿي وڃي، اھڙي
حالت ۾ ھن کي سنڀالڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ ڏکيو ڪم ٿي
پوي ھا. علاج ڪرائڻ لاءِ ھو تيار نھ ھو، بلڪھ
ناراضگي ٿي ڏيکاريائين ڇاڪاڻ تھ ھن جو چوڻ ھو، تھ
”مان چريو ڪين آھيان، جڏھن چريو نھ آھيان تھ پوءِ
علاج ڇا جو. مون کي ھتي پاڳل ڪري موڪلڻ ۾ انگريزن
جي دشمني ۽ سازش آھي.“
انگريزن سان برخلاف ھجڻ جي ڳالھھ جو فائدو وٺي مون
آھستي آھستي نھايت احتياط ۽ پڪائي کان ڪم وٺي اڪرم
خان جو سمورو اندروني احوال ٿورو ٿورو ڪري ھٿ ڪري
ورتو تھ ڪيئن انگريز مسلمانن جي خلاف آھن. يعني
اڪرم خان جي خلاف آھن؟ ڪيئن ھن جي بھ خلاف سازش
ڪيائون ۽ ڪيئن ھن کي پاڳل ڪري ھتي موڪليو اٿن؟
اڪرم خان منھنجي چالاڪيءَ کي اصل تاڙي ڪين سگھيو ۽
سموري ڳالھھ ذري پرزي ٻڌائي ويو.
اڪرم خان ھڪ قبيلي جي سردار جو پٽ ھو، ننڍي ھوندي
کان ڏاڍو ذھين ھو، تنھنڪري کيس چڱي تعليم ڏني وئي
ھئي، جڏھن ھو ڪاليج مان انگريزي تعليم وٺي فارغ
ٿيو تھ ھن جي پيءُ جي خواھش تي تھ ھن کي فوج ۾
داخل ڪجي، ٿوري ڪوشش سان ھن جي پيءُ کيس فوج ۾
داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جتي بعد ۾ ھو پنھنجي
ذاتي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪپتان جي عھدي تي وڃي
پھتو.
اڪرم خان سرحد جي ھڪ فوج ۾ آفيسر مقرر ٿيو ھو، ان
وقت افغانستان جي قبائلين ۽ انگريزن جي وچ ۾
ناسازي پيدا ٿي پئي ھئي ۽ ھندستان ۽ افغانستان جي
سرحد تي گھڻو گوڙ ھو تنھنڪري قبائلين جي اندر خوف
۽ ھراس پيدا ڪرڻ لاءِ انگريزن ھوائي جھازن مان
انھن تي بمباري ڪئي ھئي، جنھنڪري قبائلين ۾
انگريزن جي طرفان ڏاڍي خار ھئي، انگريز پٺاڻن جي
ھندستان ۾ اچڻ تي ڪڙي نظر رکڻ لڳا، ايپي فقير جي
سازش جو بھ ڊپ ھو، تنھنڪري انگريزن ھڪ چڱو ڪٽڪ آڻي
ڪوئٽيا ۾ رکيو ھو. انھيءَ فوج ۾ اڪرم خان بھ ڪپتان
جي حيثيت ۾ مقرر ٿي ويو. افغانستان کان جاسوسن جو
ڪوئٽيا جي جبلن مان لنگھي ھندستان ۾ اچڻ جو گھڻو
ڊپ ھو، تنھنڪري آئي وئي تي ڏاڍي ڪڙي نظر رکندا
ھئا، سڄي فوج جبلن جي ويجھو خيما کوڙيو، منزل ڪيو
تيار ويٺي ھئي، تھ قبائلين جي ٿوري چرپر يا فتنھ
انگريزيءَ تي حڪم ملڻ شرط ڪوچ ڪري سگھي.
سياري جي موسم ۾ جبلن جو عجيب نظارو ھو، برف پوڻ
جي ڪري جبلن تي ميلن تائين اڇ ئي اڇ ھئي، ويتر
جبلن جي ڦاٽ مان وھندڙ پاڻي ننڍا ننڍا آبشار پيدا
ڪري ڇڏيا ھئا. جن قدري نظارن ۾ جيڪو لطف پيدا ڪيو
ھو، تنھن جي ڇا ڳالھھ ڪجي. شام جو اڪثر فوج جا
آفيسر انھن جبلن ۾ گھمڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ
نڪرندا ھئا، ھڪي ڏينھن سانجھيءَ مھل اڪرم خان ھڪ
ننڍي جبل تي آبشار جي ويجھو، قدرت جي نظارن ڏسڻ ۾
محو ھو، ھن جي دل ۾ سرور ۽ شادماني جا تنگ اڀري
رھيا ھئا، اوچتي ھن جي نظر پري کان ھڪ جوان
ڇوڪريءَ تي پئي، جا پاڻيءَ جو دلو انھن ننڍن
آبشارن مان ڀريو کينو ٿي وئي، اڪرم خان کي شڪ پيو
تھ ڪٿي ان روپ ۾ ڪو جاسوس تھ ڪونھي، تنھنڪري جتي
ويٺو ھو اتان اٿي تڪڙو تڪڙو ھن ڇوڪريءَ جي طرف
روانو ٿيو. جڏھن ھن جي ويجھو پھتو ۽ نظر کڻي
نھاريائين تھ اھو نقشو نظر آيو جو ڏسي حيران رھجي
ويو، حسن ۽ خوبصورتيءَ جي ھڪ زنده تصوير ھن جي
اکين اڳين بيٺي ھئي، ڏاڍي نماڻي ۽ ڀالي ڀولي شڪل
ھئي. اکيون شوخي ۽ حجاب جو مجموعو تھ نظرون حيرت
پيدا ڪندڙ ھيون، ھن کي ڏسڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو
ڄڻ ڪنھن سڀ ڪجھھ ڏسي ورتو ھجي، ھن کي ڏسڻ سان من ۾
اھو خيال پيدا ٿي ٿيو تھ جيتري حياتي گذري چڪي آھي
سا بلڪل رائيگان ۽ اجائي ھئي. آه! بيان ڪري نٿو
سگھجي تھ ھوءَ ڪيتري دلڪش ۽ حسين ھئي. انھيءَ
ڏينھن پھريون ڀيرو اڪرم خان کي محسوس ٿيو تھ حسن
جادو ٿيندو آھي، ھن کان اڳي اڪرم خان محبت جو نالو
تھ ٻڌو ھو پر عشق جي ڌاڳي ۾ پوجي وڃڻ کان پوءِ
انسان جي ڇا حالت ٿيندي آھي سان ھن کي معلوم نھ
ھئي. ان وقت اڪرم خان پنھنجي آپي ۾ نھ ھو، رڳو ھڪ
حسن جي تصوير ھن جي اڳيان ھئي، ٻيو سڀ ڪجھھ غائب
ٿي چڪو ھو، آبشار، جبل، جھنگل، شام جو وقت،
قبائلين سان جنگ، جاسوسن جو خيال سڀ ڳالھيون
سانجھيءَ جي اونده ۾ ڍڪجي ويون ھيون، ھاڻ بس رڳو
ھڪڙو روشن تارو ھن جي ويجھو چمڪي رھيو ھو، جا ھئي
اھا خوبصورت ڇوڪري.
اڪرم کي حيرت زده ۽ پريشان ڏسندي ڇوڪريءَ جي اکين
۾ شرارت ھئي ۽ ھوءَ چپن ئي چپن ۾ مرڪي رھي ھئي.
اڪرم خان جي فوجي ورديءَ کي ڏسندي ڇوڪريءَ جي نظر
اڪرم خان پستول تي پئي ۽ ھوءَ ان تي اکيون ڄمايو
بيٺي ھئي، يڪدم الائي ڪھڙو خال ايندي ئي تيزي سان
پٺتي ھٽي وئي. دنيا اڪرم خان جي نگاھن ۾ اونده
وانگر ٿي وئي، پر پوءِ خيال ايندي ئي ھن پاڻ کي
سنڀاليو ۽ ڇوڪريءَ کي نزديڪ اچڻ جو حڪم ڏنو. ڇوڪري
ڪجھھ وکون اڳتي وڌي اڪرم خان وٽ آئي.
اڪرم: تون ڪير آھين؟
ڇوڪري پنھنجي پير جي جتيءَ سان زمين کوٽيندي جواب
ڏنو، تھ ”مان پٺاڻ ڇوڪري آھيان.“
اڪرم: تنھنجو نالو ڇا آھي؟
ڇوڪري: حميدھ خانم.
اڪرم: ھتي ڇا پئي ڪرين؟
ڇوڪري: (مرڪندي) اوھين خود سمجھي سگھو ٿا تھ مون
ھتي ڇا پئي ڪيو.
اڪرم: تون ڪٿي ٿي رھين؟
حميده: (ھٿ جي اشاري سان) ھوڏانھن جبل جي تري وٽ
ھڪ جھوپڙيءَ ۾ ٿا رھون.
اڪرم: تو سان ٻيو ڪير ٿو رھي؟
حميده: منھنجي پوڙھي ڏاڏي.
اڪرم: ٻيو بھ ڪو مائٽ اٿئي؟
حميده: ھائو! ھڪ ڀاءُ اٿم، جنھن جو نالو بازمير
آھي، ھو فوج ۾ نوڪري ڪري ٿو.
اڪرم خان ھن جي جوابن کان مطئن ٿي ويو، اھا
جيتوڻيڪ ھڪ معمولي گفتگو ھئي، پر اھائي ھن جي محبت
جي تمھيد بھ ثابت ٿي. اڪرم خان ھاڻي روزانو شام جو
آبشار جي ويجھو وڃي ويھندو ھو. ائين پيو معلوم
ٿيندو ھو ڄڻ ڪا طاقت آھي، جا ھن کي اوڏانھن ڇڪيو
ٿي وڃي ۽ اھا طاقت حسن جي ڪشش ھئي، شام جو ٿورو
فرصت جو وقت اڪرم جي زندگيءَ لاءِ تمام روشن ٿي
پوندو ھو. ھن جي طبيعت عجيب ٿيندي پئي وئي. جي
گھرندو ھئس تھ سڄو وقت آبشار جي ويجھو ويٺو ھجي،
حميده روزانو شام جو انھيءَ دلفريب مقام تي پاڻي
ڀرڻ لاءِ ايندي ھئي، جنھن کي ڏسي اڪرم خان جو روح
شگفتھ ٿي ويندو ھو، نيٺ معاملو اچي اتي پھتو جو
ھوءَ بھ اڪرم خان سان مانوس ٿي وئي، ۽ ھن کي ڏسڻ
کان سواءِ ھن جي دل نھ رھندي ھئي. روزانو پاڻي ڀرڻ
جي بھاني سان ھوءَ آبشار تي ايندي ھئي ۽ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ اڪرم خان سان ناز ۽ نياز جي ڳالھين ۾ مشغول
ھوندي ھئي، نيٺ ھڪ ڏينھن اڪرم خان کي ھڪ چريائي جو
خيال آيو تھ ڇو نھ نوڪري ڇڏي حميده کي وٺي ڪنھن
اڪيلي ھنڌ وڃي رھجي. سو حميده سان پنھنجي دل جو
حال اوريائي، پر حميده کي اڪرم خان جي انھيءَ
تجويز سان اتفاق نھ ٿيو، ڇاڪاڻ تھ ھن صاف لفظن ۾
اڪرم خان کي ٻڌايو تھ جيسين ڏاڏي جيئري آھي،
منھنجو ھن جھوپڙيءَ مان نڪرڻ ممڪن نھ ٿيندو. اڪرم
خان اھو جواب ٻڌي ڏاڍو ملول ٿيو، ھن جي منصوبن ۽
اميدن تي حميده جي انھيءَ جواب پاڻي ڦيري ڇڏيو.
ٻئي ڏينھن اوچتو قبائلين ۾ چرپر نظر آئي تنھنڪري
حالتون اھڙيون بڻيون جو فوج جا سڀئي آفيسر ڪيترن
ڏينھن تائين منصوبن ۽ دفاع ۾ مصروف رھيا، اڪرم خان
بھ تمام گھڻو مصروف رھيو ۽ آبشار تي ڪيترن ڏينھن
تائين وڃي نھ سگھيو، ھن جي دل جي جيڪا حالت ھئي
سان بيان کان ٻاھر ھئي. سندس دل ائين ڦتڪي رھي ھئي
ڄڻ تھ پڃري ۾ ڪو پکي ڦتڪي رھيو ھجي. رکي رکي خيال
ايندو ھوس تھ حميده پنھنجي خيال ۾ ڇا سمجھندي
ھوندي، ھن جي دل گھڻو ئي پئي ڦتڪي تھ آبشار تي
وڃي، پر مجبور ھو ڇاڪاڻ تھ جنگي فرض ۽ ذميدارين
سندس پيرن ۾ ٻيڙيون وجھي ڇڏيون ھيون.
ھڪڙي ڏينھن فوج آفيس ۾ گھڻو گوڙ بکيڙو نظر آيو،
ٻڌڻ ۾ آيو تھ ڪو افغاني جاسوس جھليو ويو آھي، ھي
جاسوس اڪرم خان جي فوج ۾ سپاھي جي عھدي تي ڀرتي
ٿيل ھو ۽ فوج جون خفيھ خبرون دشمن کي موڪليندو
رھندو ھو تھ جھلي پيو. ھاڻي ھن سپاھيءَ کي ڪورٽ
مارشل ۾ ٻنپھرن جو حاضر ٿيڻو ھو. اڪرم خان ۽ ٻيا
انگريز انھيءَ ڪورٽ مارشل تي مقرر ھئا. جڏھن ھو
افغان نوجوان، جنھن تي جاسوسي جو الزام ھو، انھن
آفيسرن جي اڳيان آندو ويو تھ اڪرم خان جي دل ڌڪ ڌڪ
ڪرڻ لڳي، ڇاڪاڻ تھ ھن نوجوان جو چھرو ۽ شڪل نھايت
خوبصورت ۽ سھڻي ھئي، ۽ ھن جي شڪل بلڪل حميده جھڙي
ھئي، ساڳيو چھرو ۽ ساڳيون اکيون، جننھن وقت نگاھ
کڻي اڪرم خان ڏانھن نھاريائين ٿي، تھ ھن جي حالت
اھائي پئي ٿي جا چانڊوڪي رات ۾ سمنڊ جي ٿيندي آھي،
اڪرم خان يڪدم سمجھي ورتو تھ ھي نوجوان بازمير آھي
۽ جو حميده جو ڀاءُ ھو، ۽ حميده ڪيترائي ڀيرا ھن
سان پنھنجي ڀاءُ جو ذڪر ڪيو ھو.
مقدمو جڏھن فوجي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، اڪرم خان محبت جي
جذبي ھيٺ سوالن پڇڻ ۾ رعايت ڪئي، پر انھن ٻن
انگريزن نھايت بي درديءَ ۽ سختيءَ کان ڪم ورتو،
بحث ڪرڻ وقت بھ اڪرم خان شڪ جو فائدو بازمير کي
ڏيڻ ٿي گھريو، پر پنھنجن ٻنھي انگريز ساٿين جو رخ
ڏسي، مجبورا محبت جي عذر کي ٺوڪر ھڻڻي پيس ۽ ماٺ
ڪري ويھي رھيو. فوجي قاعدي جي مطابق نيٺ بازمير
کي موت جي سزا تجويز ڪئي وئي، موت جو فيصلو ٻڌڻ
کان پوءِ سپاھي ھن کي آفيس جي تنبوءَ مان ٻاھر ڪڍي
وٺي ھليا ويا.
اڪرم خان جي طبيعت ۾ ھڪ طوفان ھو، پر فوجي قاعدي
قانون جي اڳيان ھو ڇا ٿي ڪري سگھيو، ھن جي دل ڏاڍي
بيتاب ۽ بيقرار ھئي ۽ آبشار تي وڃڻ لاءِ ڪيترن
ڏينھن کان پئي ڦتڪيو، رکي رکي ھن جي من ۾ خيال پئي
آيا تھ خبر نھ آھي تھ حميده جو ڇا حال ھوندو؟ پر
ڇا ھاڻي ھو پنھنجي ڀاءُ جي قاتل سان محبت ڪندي؟ ڪا
اھڙي واٽ آھي جو بازمير جيئرو رھي سگھي ۽ ھن کي
معافي ڏيئي سگھجي؟ ھر نقطھ نظر ۽ پھلوءَ سان
انھيءَ مسئلي تي غور ڪيائين، ۽ گھڻو ئي عقل
ڊوڙايائين پر سڀئي واٽون بند نظر آيس، بازمير جي
لاءِ رڳو موت جو دروازو ئي کليل ھو. اھو خيال
ايندي ئي اڪرم خان جي نراڙ تي پگھڙ جا ڦڙا نڪري
آيا. ٿوري دير کان پوءِ ھڪ فوجي سپاھي تنبوءَ اندر
لنگھي آيو، ۽ فوجي سلام ڪري اڪرم خان کي چوڻ لڳو
تھ، ”ھو نوجوان جاسوس اوھان سان اڪيلائي ۾ ڳالھائڻ
ٿو گھري.“
اڪرم خان قيديءَ کي وٺي اچڻ لاءِ چيو ٿوري دير کان
پوءِ اھو جاسوس اڪرم خان جي اڳيان بيٺو ھو. اڪرم
خان جي چھري تي مايوسي ھئي پر جاسوس جي چھري تي
ڪابھ گھٻراھٽ يا پريشاني ڪانھ ھئي، ٿوري دير ھن جي
چھري تي نظر وجھڻ کان پوءِ اڪرم خان کانئس پڇيو:
اڪرم خان: ھا! ڇا ٿو چوڻ گھرين؟
جاسوس: اوھين حميده کي سڃاڻو ٿا؟
اڪرم خان: (مضطرب ٿيندي) ڇو؟
جاسوس: مان ان جو ڀاءُ بازمير آھيان.
اڪرم خان: (پريشاني سان) تنھنجو مطلب؟
جاسوس: ھن اوھان جي نالي تي ھڪ خط ڏنو ھو جو
منھنجي ڪمربند ۾ لڪل آھي، جڏھن مون کي گولين جو
نشانو بنايو وڃي تھ ان کان پوءِ اھو خط اوھان ڪڍي
سگھو ٿا، اھو ٻڌي اڪرم خان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي
آيو پر فوجي قانون جي پابندي کان معذور ھو. ھٿ جي
اشاري سان ٻاھر وڃڻ لاءِ چيائينس ۽ بازمير پوءِ
ٻاھر ھليو ويو. اڪرم خان وري خيالن ۾ ٻڏي ويو ۽ ھو
اڃا انھن خيالن ۾ محو ھو تھ اوچتو بندوقن ڇٽڻ جي
آواز تي ڇرڪجي ويو ۽ سمجھيائين تھ فوجي قانون
پنھنجو ڏنڊ اڳاڙيو، يعني تھ بازمير کي بندوقن سان
اڏايو ويو. اڪرم خان جي اکين مان ڳوڙھا وھي ڳلن تي
ڪريا ۽ ھتي آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويا، ڦڙ ڦڙ پوڻ
شروع ٿي ۽ ڪڪرن مان گجگوڙ صاف ٻڌڻ ۾پئي آئي ڄڻ تھ
بازمير جي موت تي ڪڪر بھ روڄ راڙو ڪري رھيا ھئا.
ھتي تنبوءَ ۾ اڪرم خان بيتابي ۽ بيقراري کان اچ وڃ
ڪري رھيو ھو تھ ھوڏانھن آسمان ۾ بجلي چمڪي ۽ ڪڙڪي
رھي ھئي. اڪرم خان جي اچ وڃ ۽ بيقراري اڃا جاري
ھئي تھ ايتري ۾ اھو ساڳيو فوجي سپاھي جنھن بازمير
کي اڳي تنبوءَ ۾ آندو ھو سو اندر گھڙي آيو ۽ ھڪ خط
ڪڍي اڪرم خان کي ڏنائين جو ھن ٻڌايو تھ جاسوس جي
چوڻ مطابق ھن جي ڪمربند مان نڪتو ھو، خط اڪرم خان
کي ڏيئي سپاھي تنبوءَ مان ٻاھر ھليو ويو، اڪرم خان
ڏڪندڙ ھٿن سان خط کولي پڙھڻ لڳو:
پيارا اڪرم.....
ھن وقت شرم بھ مون کي نٿو روڪي، خدا شاھد آھي تھ
منھنجي دل ۾ اھائي عزت ۽ اھائي توقير موجود آھي،
جا ھڪ زال کي پنھنجي مڙس لاءِ ٿي سگھي ٿي، مون
اوھان کي ٻڌايو ھو تھ منھنجو ڀاءُ بازمير فوج ۾
نوڪر آھي، مون کي ھي لکندي شرم ٿو اچي تھ ھن
انسانيت جي فرض کان ۽ بھادريءَ کان منھن موڙيو
آھي، ۽ جنھن ملڪ ۾ رھي، ان جو نمڪ کاڌو آھي، تنھن
ملڪ سان غداري ڪري فوج مان ڀڄي ويو آھي، ھن کي
شايد پنھنجي جان ڏاڍي پياري آھي جو اڃا جيئرو رھڻ
گھري ٿو. جنھن ذلت کي عورت ڪڏھن برداشت نٿي ڪري
سگھي تنھن کي ھو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي.
ھو ڏاڍو بزدل، ڪمينو ۽ ذليل ثابت ٿيو. خاندان جي
عزت کي ھو بچائي نھ سگھيو، اسان جي ابن ڏاڏن ۾
اھڙو اڳ ڪڏھن پيدا نھ ٿيو ھو. اسان جي بزرگن لڙائي
جي ميدان ۾ کلندي کلندي خوشي سان پنھنجون جانيون
قربان ڪيون ھيون، پر افسوس آھي جو بازمير ڏاڏيءَ
کي ساڻ ڪري فرار ٿي ويو آھي. مون کان ھي ذلت
برداشت نھ ٿي سگھي، تنھنڪري لباس بدلائي فوج ۾
آيس، پر بدقسمتي سان گرفتار ٿي ويس جو فوج کي خبر
پئجي وئي ھئي تھ بازمير خفيھ طرح دشمن جو جاسوس ھو
۽ انھن کي خبرون موڪليندو ھو. جنھن ڳالھھ جي مون
کي ھتي جھلجي وڃڻ کان پوءِ خبر پئي، منھنجي لاءِ
سواءِ خاموشيءَ جي ٻيو ڪو چارو ڪونھ ھو. ان کان
پوءِ ھاڻي موڪلايان ٿي، پيارا! آئون فقط انھيءَ
لاءِ مري رھي آھيان تھ جيئن ماڻھو منھنجي ڀاءُ کي
منھنجي خاندان کي ۽ منھنجي ملڪ کي نفرت جي نظر سان
نھ ڏسن، ھڪ پٺاڻ عورت اھڙي ذلت ڪڏھن برداشت ڪري
نٿي سگھي....
ھڪڙي حسرت رھجي وئي آھي، جو اوھان جون محبت ڀريل
نظرون ھاڻي بھ منھنجي دل ۾ گھر ڪيو ويٺيون آھن،
جيڪڏھن منھنجي وات ۾ ھڪ عورت جي زبان نھ ھجي ھا تھ
توھان کي معلوم ٿي وڃي ھا تھ منھنجي دل ڪھڙي نھ
رفتگي سان توھان کي پيار ڪري ٿي، خدا مون کي عورت
جي دل ڏني ھئي، تھ مرد جي زبان ڏئي ھا، پر ھاڻي ڇا
ٿي سگھي ٿو، وقت ھٿن مان نڪري ويو، ھاڻي ھن جي
ضرورت نھ رھي آھي.... توھان ھرگز رنج نھ ٿجو. خدا
شايد ائين گھريو ٿي تھ ھن دنيا ۾ اسان جو ميلاپ نھ
ٿئي، ڪير ھن جي مرضي جي برخلاف ڪجھھ ڪري سگھي ٿو؟
چڱو خدا حافظ! وري گڏباسين، جيڪڏھن خدا آھي، ھن جا
قانون آھن، نيڪين جو اجر آھي، تھ وري گڏباسين ۽
اھڙي طرح ملنداسين جو ڪابھ طاقت اسان کي جدا ڪري
نھ سگھندي.
الوداع
توھان جي حميده
اڪرم خان کان اھو سڄو احوال ڪڍڻ کان پوءِ مون کي
خبر پئي تھ ھن جي پاڳل ٿيڻ جو ڇا سبب ھو ۽
انگريزن سان برخلافيءَ جو ڪھڙو ڪارڻ ھو. ڇاڪاڻ تھ
ھن سمجھيو ٿي تھ جيڪڏھن اھي ٻھ انگريز جاسوسيءَ
واري معاملي ۾ جج نھ ھجن ھا تھ ممڪن آھي تھ جاسوس
کي موت جي سزا نھ ڏني وڃي ھا، اھڙي طرح جاسوس بچي
وڃي ھا ۽ حميده جو راز معلوم ٿي وڃي ھا.
|