سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :25

 

ناحق

 

کيچمند کي مون وٽ چرين جي اسپتال ۾ آئي قريب قريب ھڪ مھينو اچي ٿيو ھو ۽ آئون ھن بابت گھڻو پريشان ھوس، ڇاڪاڻ تھ جڏھن مون شروعات ۾ ھن کي تپاسيو ھو تھ ھو مون کي ڏاڍو اداس ۽ فڪر مند نظر پئي آيو، سوال جواب ڏيڻ مھل ھن مون کي پوري طرح جواب ڪونھ ٿي ڏنا. ھن جي اداسيءَ فڪرمندي ۽ پوري طرح جواب نھ ڏيڻ مون کي  ڀنڀلائي وڌو ۽ حقيقت ۾ مون کان تشخيص ۾ غلطي ٿي ھئي، مون ھن کي برابر چريو سمجھيو ھو، پر جيئن ڏينھن گذرندا ويا، مون کي خود پنھنجي تشخيص ۾ شڪ پيدا ٿيڻ لڳو.

کيچمند ذات جو گجراتي لوھاڻو ھو، لوھاڻي ذات جا ماڻھو گھڻو ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ گھڻا رھندا آھن، ھن کي ڪراچي جي ھڪ مئجسٽريٽ، پوليس جي چوڻ تي سنئون سڌو چريو ثابت ڪري ڏياري موڪليو ھو، مون  کي انھيءَ ڳالھھ تي ئي شڪ ڪرڻ کپندو ھو، پر مٿين علامتن مون کي ڌوڪي ۾ وجھي ڇڏيو ھو، ھن کي ٽئين درجي جي عام وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھو.

کيچمند جي عمر اٽڪل چوويھن سالن جي ھئي ۽ ھڪ سھڻو ڳڀرو جوان نظر ٿي آيو جيتوڻيڪ غريب ھو پر ڏاڍو صاف ۽ سٿرو رھندو ھو، افسوس تھ اھو آھي جو انھيءَ ڳالھھ بھ منھنجو ھن طرف ڌيان نھ ڇڪايو تھ چريا عام طرح صاف صاف ۽ سٿرا نھ رھندا آھن.

پھريائين تھ جڏھن کي پوليس ڪراچي مان آڻي ھتي ڇڏي وئي تھ ھن کي چرين جي اسپتال ۽ ماڻھن جو ڏاڍو ھراس ۽ ڊپ ھو، انھيءَ ڊپ کان ھن کي رات جو ننڊ بھ ڪين ايندي ھئي، انھن سڀني اطلاعن گڏجي اھڙو  نقشو پيش ڪيو ھو، جو مون جھڙو بيدار شخص بھ ڌوڪو کائي  ويو، پر جيئن وقت گذرندو ويو تھ ھن کي بھ آٿت ۽ سڪون ايندو ويو، اسپتال جي ماڻھن کان آھستھ آھستھ ڪئو کائڻ بھ ڇڏي ڏنائين.

منھنجو اسپتال ۾ ھميشھ ھي دستور رھيو آھي تھ ڪنھن بھ بيمار جي داخل ٿيڻ شرط علاج شروع نھ ڪندو ھوس، بلڪھ ڪجھھ ڏينھن جاچي پوري نقيش ڪري بيماري مقرر ڪري پوءِ علاج شروع ڪندو ھوس، کيچمند جي حالت ۾ بھ ائين ڪرڻو پيو، نقيش ڪندي ئي ڪيترن ڳالھين جي پاڻ مرادو خبر پوندي وئي.

جڏھن ھن جي دل تان اسپتال جو ھراس لھي ويو تھ ٻڌڻ ۾ آيو تھ ھاڻي ھن کي ننڊ بھ چڱي طرح اچي رھي آھي ۽ پڇڻ تي ھر ڪنھن ڳالھھ جو پورو پورو جواب بھ ڏئي ٿو.

ھڪڙي ڏينھن مون کي اچي چيائين تھ ھو ھندو لوھاڻو آھي، تنھنڪري پڪو وئشنو آھي، ھن کي کاڌي ۾ ماس ۽ مڇي نھ ڏيڻ ۾ اچي تھ وڏي مھرباني ٿيندي.

مون جڏھن پھرين ڀيري ٻڌو تھ ھو ھندو لوھاڻو آھي مون ھن سان گجراتيءَ ۾ ڳالھايو، مون کي گجراتي ٻولي بلڪل گجراتين وانگر ڳالھائڻ ايندي  ھئي، مون کي گجراتي ڳالھائيندي ٻڌي، ھن کي ڏاڍي ھمت آئي ۽ اچي مون سان کليو.

ڊاڪٽر صاحب! آئون چريو ڪين آھيان، مون سان ڏاڍو ويڌن ۽ جٺ ٿي آھي، مون تي ڏاڍو ظلم ڪيو ويو آھي ھوند وارن ھڪ غريب مسڪين مزدور کي منصوبو ٺاھي ھتي ڦاسائي موڪليو آھي.

ھن جو اھو چوڻ مون کي يڪدم شڪ جاڳيو تھ متان وھم جون علامتون نھ ھجن، پر ھن يڪدم منھنجو  شڪ دور ڪرڻ شروع ڪيو.

”ڊاڪٽر صاحب! مون کي پوليس  وارن وڏن ماڻھن جي چوڻ تي خواه مخواه ماريو آھي.“

تنھن تون مون کيس چيو تھ مئجسٽريٽ جي رپورٽ ۾ آھي تھ چريائي جي حالت ۾ پاڻ کي خود ڌڪ ھنيا آھن، انھيءَ چوڻ تي ھن يڪدم قميص لاھي مون کي پٺا ڏيکاري چيو: ”ڊاڪٽر صاحب! ڇا مون پنھنجن پٺن تي بھ خود ڌڪ ھنيا آھن.“

مون ڏٺو تھ حقيقت ۾ ھن جي پٺن تي ڌڪن جا نشان بيٺا ھئا جو سڀ ڪجھھ ھن لاءِ ناممڪن ھو تھ پنھنجن ھٿن سان آھي تھ پٺيءَ  تي پاڻ  کي پاڻ ڌڪ ھنا ھوندائين.

مون کي شروعات ۾ ئي ھن جي ھتي موڪلڻ جي طريقي ۾ ئي شڪ ھو، اھو شڪ آقي باقي مضبوط ٿيندو ويو، مون مئجسٽريٽ جي موڪليل جي ڪاغذن کي چتائي پڙھيو ۽ کيس مخاطب ٿي چيو: ”مئجسٽريٽ توکي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ڏانھن موڪليو ھو.“

کيچمند: سائين ھائو!  پر پوليس جنھن مون کي ماريو ھو، تنھن ڊاڪٽر کي منھنجا  ٻاھريان ڌڪ ڏيکاري اطمينان ڏياريو تھ مون خود  پاڻ کي اھي ڌڪ ھنيا آھن.

مان: ڇا تو ڊاڪٽر کي پنھنجي پٺن وارا ڌڪ نھ ڏيکاريا، جيئن ھتي تو مون کي ڏيکاريا آھن؟

کيچمند: نھ سائين پوليس جي مار  کان آئون اڳي ئي اڌ مئو ٿيو پيو ھوس، مون کي ھوش ئي نھ رھيو جو اھي ڌڪ ڏيکاريان. ٻيو سائين......

مان: ھٻڪين ڇو ٿو؟ ٻڌائين ڇو نٿو؟

کيچمند: سائين! ڊاڪٽر صاحب کي ھڪ ٻئي ماڻھوءَ بھ ڪن ۾ اچي ڪجھھ چيو، ھو بھ انھن ماڻھن جو طرفدار  ٿي بيٺو.

مان: صاف صاف ڇو نٿو ٻڌائين تھ ڇا ٿيو ھو؟

کيچمند: ڊاڪٽر صاحب ڳالھھ ٿوري ڊگھي آھي متان اوھان تي بھ زور آندو وڃي ۽ ٻيو  تھ ڳالھھ ڪجھھ اھڙي آھي! متان اوھان بھ ناراض نھ ٿي وڃو!

مان: بابا ڏس! مان ڪنھن جي ڳالھين ۾ اچڻ وارو نھ آھيان، جيستائين مون کي سربستو احوال ڪين ٻڌائيندين تھ مان تنھجي مدد ڪيئن ڪري سگھندس، ھن کان سواءِ تنھنجو ڇوٽڪارو آھي ئي ڪونھ.

ڏٺم تھ کيچمند ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، نيٺ ھڪ ٿڌو ساه ڀري چيائين:

”سائين! اڄ ڇڏيو سڀاڻي ٻڌائيندس.“

مون ڏٺو تھ بھتري انھيءَ ۾ آھي تھ ھن کي پنھنجي مرضي تي ڇڏي ڏجي، ٻئي ڏينھن کيچمند  کي گھرايم، ايندي شرط  منھنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ روئي  ڏنائين.

کيچمند:  ڊاڪٽر صاحب! آئون ھٿ  گاڏي تي پتل، ٽامي ۽ چينيءَ جا باسڻ ڦيري ڪري وڪڻندو آھيان، محنت مزوري ڪري چار پئسا پيٽ پالڻ  لاءِ ڪمائيندو آھيان، ھڪ ڏينھن آئون ھڪ بنگلي ۾، جو ھڪ ڪانگريسي ليڊر  آيو آھي، باسڻ وڪڻڻ لاءِ ويس، انھيءَ جا چار ٻچا سڀ نڪري آيا ۽ مون کان گھڻا ٿانو خريد ڪيائون، ٻئي ڏينھن بھ آئون ھتان لانگھائو ٿيس. انھيءَ ڏينھن بھ انھيءَ ليڊر جي ھڪ ڌيءَ نڪري آئي ۽ ٿانو ورتائين، آئون مسڪين ماڻھو، مون ڀانيو تھ منھنجو ڌنڌو پيو ٿئي، پر مون کي ڪجھھ شڪ گذريو ڇوتھ جيڪو اگھھ  چوندو ھوس سو ڏيندي ھئي ۽ ھر ڏينھن ڇوڪري ڪجھ نھ ڪجھھ خريد ڪري وٺندي ھئي، ھاڻي آئون ڊڄڻ لڳس ۽ اتان جلدي نڪري  وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس، پر ڇوڪري سڏ ڪري بيھاري ڪجھھ نھ ڪجھھ خريد ڪري وٺندي ھئي، ھڪڙي ڏينھن ڇوڪريءَ مون کان پڇيو تھ آئون گجراتي لکي پڙھي. مون ھا ڪئي، ٻئي ڏينھن بھ ڇوڪريءَ مون کي سڏي ڪجھھ ورتو ۽ ھڪ چٺي منھنجي ھٿ ۾ ڏنائين جنھن ۾ پنھنجو عشق ڏيکاريائين، آئون نٽائيندو گھڻو ئي ھوس، پر ڇوڪري منھنجي گلي پئجي وئي. نيٺ آئون بھ انسان ھوس، دولاب ۾ اچي ويس، ڇوڪريءَ جي مائٽن کي خبر پئجي وئي. سو ھڪ ڏانھن باسڻ خريد ڪرڻ جي بھاني سان گھرائي مون سان اگھھ تي جھيڙو ڪري وڌائون. پوليس اچي وئي، نڪا ھم نڪا تم، لٺين جو وسڪارو منھنجي مٿان پئجي ويو ۽ مون کي ٿاڻي گھلي ويا، جتي مون کي خوب ماريائون ۽ پوءِ مئجسٽريٽ وٽ وٺي آيا، جتان ڪجھھ ڪاغذ وٺي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا، جنھن سرٽيفڪيٽ ڏنو، ۽ پوءِ ٻئي ڏينھن مئجسٽريٽ کان حڪم نامو وٺي ھتي کڻي آيا.

کيچمند جي ڳالھھ ٻڌندي آئون سڄو معاملو سمجھي ويس تھ ڪيئن پوليس ھن کي ڏاڍي چالاڪيءَ سان ڦاسائي وڌو، پر ھن ۾ شڪ نھ آھي تھ کيچمند جو ھن ۾ وڏو قصور ھو جو عشق جو ھو شڪار ٿي ويو، کيس وڌيڪ آزمائڻ لاءِ مون چيو.

مان: کيچمند! تون رڳو اھو ڪو بدمعاش  ٿو ڏسجين، توکي شرم ڪونھ آيو تھ تو ڪن شريفن جي عزت ۾ ھٿ وڌو.

کيچمند: سائين! ھن ۾ منھنجو ڏوھ ئي ڪين آھي، مون گھڻو  ئي نٽايو پر ڇوڪري منھنجي جند ئي نھ ڇڏي، اھو اڄڪلھھ جي تعليم جو نتيجو آھي، آئون ھڪ مزرو ماڻھو ڪٿي اھڙا ڪم ڪري ٿو سگھان!

مان: ھاڻي جڏھن ابتو ڪم ڪيو اٿئي تھ ويٺو بھ لوڙ اھو ٻڌندي اوڇنگاروڻ ڏيئي روئڻ لڳو.

کيچمند! سائين! ائين نھ چئو، ڀڳوان ٿو ڄاڻي، ھن کي اندر جي سڀ ڪجھھ خبر آھي، آئون مفت مارجي ويو آھيان، ھٿ گاڏيءَ ۾ پنجن سون جو مال ھو سو سڀ ويو، ھاڻي سيٺ کي پئسا ڪٿان ڏيندس. مون ھن  وٽ اٺ سئو روپيا روڪڙا  رکيا ھئا، تڏھن پنجن سون جو مال ڏنو ھيائين، ھڪڙي ٻڍڙي ماءُ اٿم ۽ ھڪ وڏي ڀيڻ، جنھن کي پرڻائڻ لاءِ اھي پئسا گڏ ڪيا ھئم. جنھن سان واپار ٿي ڪيم ۽ ھڪڙو ننڍڙو ڀاءُ جو اسڪول پڙھندو آھي. انھن کي خبر ئي ڪانھ آھي تھ مون سان ڇا ٿيو آھي، اھي تھ روئي روئي ساڻا ٿي پيا ھوندا. جتي رھان ٿو پاڙي وارن کان پڇي ڏسو تھ آئون اشراف آھيان يا بدمعاش. سائين مون تي ديا ڪريو، منھنجو سھارو ھاڻي رڳو اوھان آھيو. منھنجي ٻڍڙي ماءُ، جوان ڀيڻ ۽ ننڍي ڀاءُ جو سماءُ ڪير وٺندو. ھنن کي ڪير پاليندو. ڊاڪٽر صاحب آئون اڳي پاگل نھ ھوس، پر مون  سان جيڪي ٿيو آھي، ڀانيان ٿو تھ ھاڻي پاگل ٿي ويندس. مون تي ڪرپا ڪريو، خدا اوھان جي ٻچن تي ديا ڪندو.

مون کيچمند جي ٻن ڳالھين ڏاڍو نفساني اثر ڪيو، ھڪ تھ سندس پوڙھي ماءُ، ننڍو ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو آسرو فقط ھو ئي ھو، ۽ انھن ڳالھين  جو مٿس خراب اثر پوي ھا ۽ ممڪن آھي تھ سچ پچ چريو ٿي پوي. تنھنڪري مون اھي ڳالھيون ڪميٽيءَ جي اڳيان رکيون ۽ ڪميٽيءَ ھن کي گھر  وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

جيتوڻيڪ کيچمند ايترو پڙھيل ڪين ھو،  تڏھن بھ ھڪ ڳالھھ واه جي ڪري ويو آھي تھ موجوده معاشري جو اھوئي قصور آھي، تنھن جا ئي اھڙا اگرا نتيجا پيا نڪرن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com