فوجي سپاھي
ھندستان
جي ورھاڱي کان پوءِ ھڪٻئي پٺيان پاڪستان مان ھندو
موڪلائي ويا. منھنجو ھندو زيردست جو اسپتال ۾ مون
کان بھ گھڻو آڳاٽو ھو سو پڻ موڪلائي روانو ٿي ويو.
ھن کي اسپتال جي چرين بابت مون کان بھ وڌيڪ خبر
ھوندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ اسپتال ۾ ھو مون کان بھ گھڻو
جھونو ھو. ھن جي جاءِ تي ھڪ نئون مسلمان ڊاڪٽر
ھندستان کان آيل مقرر ٿيو ھو. ھي ڊاڪٽر نھايت شريف
انسان ھو پر دماغي بيمارين جي خبر نھ ھئڻ ڪري
بيمارن سان گھڻو لھھ وچڙ ۾ اڃا ڪين آيو ھو ۽
بيمارين بابت ايتري ذاتي واقفيت نھ رکندو ھو.
گرميءَ جي
مند ھئي ۽ اڄ انداز کان وڌيڪ گرمي ھجڻ جي ڪري
طبيعت ۾ پريشاني ھئي، اسپتال کي اڃا بجلي ڪانھ
مليل ھئي تنھنڪري پکن جو بندوبست بھ نھ ھو، جنھن
ڳالھھ ھيڪاري مصيبت پيدا ڪري ڇڏي ھئي. پگھر زور
سان سڄي بدن مان ڦوھاري جيئان نڪري رھيو ھو ۽ آئون
گھر موٽڻ جو ارادو ڪري رھيو ھوس تھ ڪمري کان ٻاھر
اوچتو ڪنھن جي ڪرخت ۽ ڪاوڙ سان ڀريل آواز مون کي
ڇرڪائي ڇڏيو. ميز تي پيل گھنٽي وڄائيندي اڃا
انھيءَ گوڙ جي سبب معلوم ڪرڻ جو ارادو ڪري رھيو
ھوس تھ اسسٽنٽ ڊاڪٽر ۽ ھڪ ڪرڙ وڍ، جنھن کي پراڻي
فوجي وردي پھريل ھئي. منھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيا،
فوجيءَ جو چھرو ڪجھھ گرميءَ کان تھ ڪجھھ ڪاوڙ جي
ڪري ڳاڙھو ٿي رھيو ھو. ڏٺم تھ ھن جي نرڙ تي پگھر
جا ڦڙا اڀري نڪتا ھئا ۽ ھن جي اکين مان باھھ جا
الا نڪري رھيا ھئا. ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪ ٿلھو بيد
جو لڪڻ ھو ۽ ڏائي ھٿ ۾ کجيءَ جي ھڪ ننڍي ڇلي ھئي،
جنھن ۾ مختلف قسمن جو ٿورو ٿورو ميوو پيل ھو.
ڪروڙڍ فوجيءَ جو ڪاوڙ ۽ غصي کان تڪڙو تڪڙو ساھھ
کڻي رھيو ھو، مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو تھ
”سپريٽنڊنٽ صاحب! جڏھن کان ھي مھاجر ھتي آيا آھن
تڏھن کان ھن اسپتال ۾ نيون ڳالھيون پيدا ٿي پيون
آھن، ھنن کي ڪم ڪار، چڱي مٺي، اشراف ۽ بدمعاش جي
خبر ئي ڪانھ پوي.“
مون ڏٺوتھ
معاملو ڪجھھ بگڙيل ۽ گنڀير آھي تنھنڪري ڪجھھ آٿت
ڏيڻ ۽ ڪجھھ ھن جي ڪاوڙ ڍري ڪرڻ لاءِ سڄي معاملي کي
پوري طرح سمجھڻ جي خيال سان کيس ڪرسيءَ ڏانھن
اشارو ڪري ويھڻ لاءِ چيم، ڪرسي اچڻ تي ھو ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ منھنجي ميز تي ميوي واري ڇلي رکي ڪرسيءَ تي
ويھي رھيو ۽ کيسي مان رومال ڪڍي پگھر اگھڻ لڳو،
انھيءَ وچ ۾ کيس ڪجھھ ٺاپر آئي، مون کيڪاري کانئس
مزاج پرسي ڪئي، ڏاڍو خوش ٿي جواب ڏنائين تھ ”اوھان
جي نوازش آھي، اوھان مون کي اڪثر ھن اسپتال ۾
ايندو ويندو ڏسندا آھيو.“ اتي مون ھن کي جاچي ڏنو
۽ سڃاتم تھ برابر ھي ماڻھو اسپتال ۾ ايندڙ آھي،
اسان جي اسپتال ۾ اڪثر ماڻھو پنھنجن مٽن مائٽن ۽
يارن دوستن کي ڏسڻ ايندا آھن.
اتي منھنجي
اسسٽنٽ جو فوجي جي ناشائستھ ۽ سخت لفظن کان اندر
ئي اندر ۾ کامي ۽ پڇي رھيو ھو تنھن وجھھ وٺي مون
کي چيو تھ، ”صاحب! ھي ماڻھو فاطم نالي ھڪ چريءَ کي
ھفتي ۾ ٻھ ٽي ڀيرا ڏسڻ لاءِ انيدو آھي.“ تنھن تي
فوجي ڀڙڪو کائي جواب ڏنو تھ، ”ھا صاحب! اھو برابر
آھي. اوھين اسپتال جي جمعدار کان بھ ان بابت پڇا
ڪري سگھو ٿا، تھ آئون سالن کان وٺي انھيءَ چريءَ
کي ڏسڻ لاءِ ايندو آھيان، ڪيترائي ڀيرا اھتي آيو
آھيان پر مون کي اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بھ نھ روڪيو
آھي، پر ھي اڃا ڪالھھ ھتي آيو آھي ۽ حڪم ٿو
ھلائي.“
انھيءَ تي
منھنجي اسٽنٽ پيچ تاب کائيندي وراڻي ڏني، تھ
”صاحب! فاطمھ سان ھن جي ڪابھ مٽي مائٽي ڪانھي! ھڪ
ڌارئي شخص جو اسپتال ۾ ائين کليو کلايو اچڻ ۽ ھڪ
زناني بيمار سان ملڻ نازيبا آھي ۽ اسپتال جي
بدنامي آھي. تنھن کان سواءِ اوھين فاطمھ کي ڏسندا
تھ ھوءَ صفا چٽ آھي، آئون تھ سمجھي نٿو سگھان تھ
ھي ماڻھو جو ايترو خرچ ڪري ڪڏھن ميوا تھ ڪڏھن
مٺايون کنيو ٿو اچي. تنھنجو ڪھڙو ڪارڻ آھي ۽ مزي
جي ڳالھھ اھي تھ ڪڏھن ھو کائي ٿي تھ ڪڏھن ھن کي
گاريون ٿي ڏئي. اڄ مون ھن کي روڪيو آھي تھ ھي مون
سان اٽڪيو آھي ۽ وڙھڻ آيو آھي، مون گھلي ھن کي ھتي
آندو آھي تھ ڀل ھن ڳالھھ جو نبيرو اوھين ڪريو،
منھنجو خيال آھي تھ ھي پاڻ بھ چريو آھي.“
مون ڏٺو تھ
منھنجو زيردست ٺيڪ چئي رھيو آھي ۽ مون کي بھ ھن جو
ئي پاسو وٺڻو ھو نھ تھ اسپتال جي نظام بگڙجڻ جو
خطرو ھو، تنھنڪري مون فوجيءَ ڏانھن نھاريو، ڏٺم تھ
ھو ڪنھن ڳوڙھي ويچار ۾ ھو، مون کيس مخاطب ٿي چيو،
تھ ”جنھن حالت ۽ فاطمھ سان تنھنجي ڪابھ مٽي مائٽي
ڪانھي تھ پوءِ توکي ڪو حق ڪونھي تھ ھن سان اھڙي
اچي ملين؟“
ڏٺم تھ
فوجيءَ جو منھن لھي ويو ۽ ھو ذري گھٽ روئڻھارڪو ٿي
پيو.
ھمت ڪري ۽ پنھنجو گلو صاف ڪندي مون کي چيائين تھ ”صاحب! آئون
ھڪ شريف جوجي حوالدار آھيان.“ ۽ پوءِ پنھنجي کيسي
۾ ھٿ وجھي ڪجھھ ڪاغذ ڪڍي مون ڏانھن ھٿ وڌائي مون
کي ڏنائين مون ڪاغذ پڙھي ڏٺا تھ معلوم ٿيو تھ ھن
کي بھادري لاءِ ملٽري ڪراس مليا ھئا ۽ وڏن وڏن
جرنيلن ۽ برگيڊيئرن جون سفارشون ھيون تھ ھو ھڪ
نھايت دلير، شريف ۽ بھادر سپاھي آھي. ھن جا فوجي
ڪارناما تعريف جوڳا ھئا. مون کي ھن جا ڪاغذ پڙھي
ڏاڍي خوشي ٿي، مگر مون کي پنھنجي فرض جو بھ احساس
ھو، مون ھن کي صاف لفظن ۾ چئي ٻڌايو تھ ”ڪو شڪ
ڪونھي تھ اوھين نھايت شريف ۽ بھادر انسان آھيو مگر
مون کي سخت افسوس آھي تھ اسپتال جو قائدو اجازت
نٿو ڏئي تھ ڪنھن ڌارئي شخص کي وري اھا بھ ڪا زال
ھجي تنھن سان ملڻ ڏجي. ٻيو تھ اوھان جي ھن سان ڪا
مائٽي ڪانھي. ٽيون تھ جڏھن ھو زال بلڪل سمجھھ کان
ٻاھر آھي تھ ھن سان ملاقات ڪرڻ سان اوھان کي حاصل
ٿيندو؟”
منھنجي
ايتري چوي تي ڏٺم تھ فوجي بلڪل سڪتي ۾ پئجي ويو ۽
ھيٺ پيرن ڏانھن نھارڻ لڳو، ڪيتري دير تائين ھن جون
نظرون پنھنجي فوجي بوٽن ۾ کتل ھيون، ٻن ٽن منٽن
کان پوءِ ھن مون ڏانھن نھايو، ڏٺم تھ ھن جي اکين ۾
پاڻي ڀرجي آيو ھو ۽ گھڻي ضبط کان ڀريل آواز سان
مون کي چيائين، تھ ”صاحب! آئون سمجھان ٿو تھ
منھنجو موت ويجھو آھي، بھرحال جيئن خدا کي منظور
ھوندو تيئن ٿيندو، مگر ڪجھھ عرض ڪرڻ گھران ٿو. عرض
ٻڌڻ کان پوءِ جيئن وڻي تيئن فيصلو ڏجو، آئون ڪجھھ
بھ نھ ڪڇندس.
ھن پنھنجو
بيان شروع ڪيو، ”ڇا اوھين ھن ڇوڪريءَ کان واقف
آھيو؟ آئون نٿو ڀانيان تھ اوھان واقف ھوندا. صاحب!
اسين ھن کي چري فاطمھ ڪري سڏيندا آھيون، افسوس! ھو
ھڪ غريب نينگري آھي! ھن جا سڀ مائٽ مري ويا،
زماني ھن سان چڱا پير نھ ڀريا، زندگي ھن سان ڀال
نھ ڀلايا. ھو عمر جي ايتري وڏي نھ آھي جيترو ھن
جي شڪل مان پيو لڳي، ھوءَ مون کان بھ عمر چار سال
ننڍي آھي. پر اوھين اھو ويساھھ ئي نھ ڪندا، ڇاڪاڻ
تھ سانده اکين مان نير وھائڻ ڪري ھن جي چھري تي
گھنج پئجي ويا آھن، اسين ھن کان اصل ڪين ڪيٻايون.
ھوءَ ھڪ خاموش طبيعت نينگري ھئي، ڪڏھن کوھن تي
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ ڪيو بيٺي ھوندي ھئي تھ ڪڏھن
جھنگل ۾ پئي رلندي ھئي ۽ رنگارنگي جھنگلي گل پٽي
کڻي ايندي ھئي، پر جڏھن بھ ڪنھن فوجي سپاھيءَ کي
ڏسندي ھئي تھ اوھين ٻڌي وائڙا ٿيندا تھ ھوءَ ڀڄي
ويندي ھئي، جنھن جو ھڪ وڏو ڪارڻ ھو. پر جڏھن کان
ھن اسپتال ۾ آئي آھي، تڏھن کان ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿس ۽
ھاڻي منھنجي فوجي وردي کان بھ ڪين ڊجي. ٿوري ڌيرج
ڌريو، آئون ھن جو سربستو احوال اوھان کي ٻڌائيندس.
اسين ٽنڊي يوسف جا رھندڙ آھيون جو حيدرآباد شھر
کان اڀرندي پاسي آھي، ڳوٺ ۾ ورلي ڪا اھڙي نينگري
ھئي جا ھن جي سونھن جو مقابلو ڪري ٿي سگھي، اسين
ٽي ڄڻا يعني آئون فاطمھ ۽ سليمان جڏھن ننڍا ھئاسون
۽ بي سمجھھ ھئاسون تھ پاڻ ۾ راند روند ڪندا ھئاسين
۽ اسان ٽنھي ۾ ھڪ ٻئي سان ٻاراڻي دوستي ۽ محبت ٿي
وئي ھئي، جيسين ھڪ ٻئي نھ ڏسندا ھئاسون تيسين آرام
نھ ايندو ھو ۽ ماني نھ وڻندي ھئي. ائين اسان جي
ننڍپڻ جا ڏينھن ويا گذرندا. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، پر
اسان ٽنھي جي دوستي ۽ قرب ۾ فرق نھ اچڻو ھو سو نھ
آيو، ڳوٺ جي ويجھو ھڪ ھندوءَ جو باغ ھو جتي اسين
ڪمائڻ ويندا ھئاسون ۽ ٻنپھرن جو پنھنجي ماني ڪڍي
ٽئي ڄڻا کائيندا ھئاسون. اسان جي اھڙي دوستي ڏسي
زماني کي نھ آئڙيو. ھن زماني جو ڏاڏو آدم ئي جدا
آھي. سائي کي سھي ڪونھ، بکئي کي ڏئي ڪونھ، ھر طرح
جون چھ ميگويون ٿيڻ لڳيون. جيتوڻيڪ ھئاسين غريب
مگر شريفن جو خون رڳن ۾ ھو تنھنڪري مون ۽ سليمان
پاڻ ۾ ويھي صلاح ڪئي تھ فاطمھ جنھن کي گھري تنھن
سان شادي ڪري ۽ ٻيو ان جي مدد ڪري. اسان ٻنھي ھن
ڳالھھ بابت قرآن شريف تي ھن رکي قسم کنيو ۽ ٻيو ھي
بھ وعدو ڪيوسون تھ ڪنھن سان بھ ان ڳالھھ جي ٻڙڪ
ٻاھر نھ ڪڍنداسون، خدا جي قدرت فاطمھ جي دل سليمان
سان ھئي ۽ منھنجي دل فاطمھ سان.
سليمان گھڻو
ئي پاڻ پتوڙيو تھ مائٽ راضي ٿين تھ فاطمھ سان شادي
ڪريان، مگر مائٽن اجازت نھ ڏنس، ھو ڪاوڙجي وڃي فوج
۾ ڀرتي ٿيو، اوچتو دنيا جي ٻي مھاڀاري لڙائي شروع
ٿي ۽ ھن کي فوج سان يورپ وڃڻو پيو، وڃڻ کان اڳ ھو
فاطمھ سان گڏيو ۽ پاڻ ۾ ڏاڍا قول اقرار ڪيائون تھ
لڙائيءَ تان موٽي اچڻ تائين فاطمھ ھن جي لاءِ
ترسندي ۽ ٻئي ڪنھن سان شادي نھ ڪندي.
جنھن ڏينھن
سليمان وڃڻو ھو، فاطمھ انھيءَ سانجھيءَ جو عجب
ڪشمڪش جي عالم ۾ ھئي، ھوءَ ڪنھن گھري ويچار مغموم
ويٺي ھئي. مون کان ھن جي اھا حالت ڏٺي نٿي. مون
پنھنجي دل سخت ۽ مضبوط ڪري فاطمھ سان گفتگو شروع
ڪئي تھ ”جيڪي ٿيو سو ٿيو ھاڻي ان تي رنج ۽ غم ڪرڻ
مان ڇا ورندو. باقي ھر ڪو ماڻھو جو لڙائيءَ تي وڃي
ٿو، سو ھروڀرو مارجي نٿو وڃي، پر جيڪڏھن ائين کڻي
ٿئي بھ، تھ اھا ھن شخص جي خوش قسمتي چئبي، ڇا! تون
ڪجھھ وقت تائين ھڪ اھڙي بھادر سپاھيءَ جو انتظار
نھ ڪنديءَ جو جنگ جي ميدان مان فتح مند ۽ ڪامران
ٿي پنھنجي ڳوٺ موٽي اچي؟“
فاطمھ
پنھنجو منھن مٿي ڪري منھنجي طرف ڏسي چيو، ”اوه!
موت جي گھڙيءَ تائين ان جو انتظار ڪندس، پر سليمان
اھڙو سگھارو نھ آھي جھڙو تون، ٻيو تھ ڪنھن جگري
دوست جي قريب ھجڻ کان سواءِ ھو اڪيلو ھوندو. ڪاش!
تون بھ ھن سان گڏ ھجين ھا.“
مون پنھنجي
جذبات کي روڪيندي زور سان ٽھڪ ڏيئي کلندي چيو تھ
”ڇا! تون گھرين ٿي تھ مان بھ فوج ۾ ڀرتي ٿي وڃان ۽
سليمان سان وڃي گڏجانن.“
فاطمھ
منھنجي اکين ۾ اکيون کپائي رڳو مٿو ڌوڻي ھا ڪئي،
ٻئي ڏينھن آئون بھ وڃي ڀرتي ٿيس ۽ مون ڪوشش ڪري
سليمان واري يونٽ ۾ پاڻ کي داخل ڪرايو. مھيني کن
کان پوءِ منھنجو بھ يورپ يورپ وڃڻ جو وارو آيو.
فاطمھ اکين ۾ پاڻي آڻي مون کي بھ رخصت ڪيو ۽
چيائين تھ ”سليمان جي سنڀار لھج ۽ ھن جو ڏاڍو خيال
رکج.“
يورپ ۾ مون
کي ھڪ سال پوءِ ھڪ لڙائي ۾ سخت زخم رسيا، انھيءَ
مھم ۾ بھادريءَ لاءِ مون کي ملٽري ڪراس مليو ھو،
آئون زخمي ٿي گھر موٽي آيس ۽ ڳوٺ ۾ رھڻ لڳس، اتي
فاطمھ سان روز ملاقات ٿيندي ھئي ۽ سليمان بابت
اسان ٻنھي ۾ ھميشھ گفتگو ٿيندي رھندي ھئي. ڪيترن
ڏينھن تائين سليمان بابت ڪجھھ بھ ٻڌڻ ۾ ڪين آيو،
اھا بھ خبر نھ پئي تھ ھو جيئرو آھي يا مري ويو.
وري ٽنڊي يوسف جھڙي ڳوٺڙي۾ ڀلا اسان جھڙن غريبن کي
ڪير ٿو خبر رسائي، ڪير ٿو پڇي؟ آئون ھر ھفتي ملٽري
آفيس مان خبرچار لاءِ ويندو ھوس، پر ڪا خبر نھ
ملندي ھئي، ھجي تھ ملي!
فاطمھ
پنھنجي پوڙھي چاچي سان گڏ ھڪ ڪکائين جھوپڙي ۾
رھندي ھئي ۽ صبح سانجھي انھيءَ ھندوءَ جي باغ ۾
ڪمائڻ لاءِ ويندي ھئي ۽ ڏاڍي محنت ۽ مشقت ڪندي
ھئي، جڏھن بھ آئون ھن کي ڏسندو ھوس تھ ھو باغ ۾
ڪمين وانگر ڪم ڪندي ھئي، تھ منھنجي دل اندر ۾ ھن
لاءِ روئندي ھئي، آئون ھن کي چوندو ھوس تھ ”اڪيلي
عورت لاءِ ڇا اھو ضروري آھي تھ ھوءَ رڳو پنھنجي
پيٽ ڀرڻ لاءِ ايتري محنت ڪري جو پڇاڙي ۾ ھڪ ھڏن جو
پڃرو وڃي بچي.“
تنھن تي
مون کي جواب ڏنائين تھ ”ڇا تون سمجھين ٿو تھ مون
کي رڳو پنھنجي لاءِ ايترو ساجھر آڻڻو ۽ ايتري دير
سان ڪمھلو سمھڻو پوي ٿو؟ ھرگز نھ! بلڪھ منھنجي
اڳيان ھڪ مقصد آھي، آئون في الحال ڏوڪڙ ميڙي رھي
آھيان تھ جڏھن سليمان لڙائي تان موٽي ايندو تھ اھي
پئسا اسان کي ڪم ايندا، اھوئي سبب آھي جو مون کي
صبح سانجھي ايتري محنت ڪرڻي پوي ٿي.“
ڏينھن
گذرندا ويا، سليمان جي اڃا ڪير خبر نھ آئي، پر
فاطمھ وئي محنت ڪندي ۽ پئسا گڏ ڪندي، ھو خاموش نظر
اچڻ لڳي ۽ ڏينھون ڏينھن ھن جو رنگ ويو پيلو پوندو.
آئون آئون سنگدل نھ ھوس جو ھن جي دل تان سليمان جي
ياد ميٽڻ جي ڪوشش ڪريان ھا، ممڪن آھي تھ ائين ڪرڻ
۾ ناڪام ٿيان ھا، ھن کي اھڙي ھالت ۾ ڏسي منھنجو
اندر پاڻ پئي جھريو.
نيٺ ھڪڙي
ڏينھن ھو واپس موٽي آيو، ڪاش ھو لڙائي ۾ مري وڃي
ھا، اڄ ھن جي موٽڻ جو نظارو منھنجي اکين اڳيان پيو
ڦري. مئي جو مھينو ھو، ٻنيءَ جي پاسن تي بنفشي رنگ
جي غنيچن جا فرش وڇايا پيا ھئا، وڻن تان گلن ڪري
لوڙھن کي ڀري ڇڏيو ھو، آسمان تي ڪڪرن جو نالو نشان
بھ ڪين ھو ۽ سج پنھنجي پوري آب تان مان چمڪي رھيو
ھو، ڏکڻ طرف ٻنيءَ تي ائين پئي معلوم ٿيو تھ ڄڻ
سون جا ورق چاڙھا ويا آھن.
اڄ ڳوٺ جي
ٻچي ٻچي جي وات ۾ اھائي وائي ھئي تھ سليمان لڙائي
تان موٽي اچڻو آھي، ڳوٺ جو ننڍو وڏو خوش ھو ڇاڪاڻ
تھ سليمان ھڪ خوش خلق ھو ۽ ھاڻي تھ ھڪ نامور ۽
بھادر سپاھيءَ وانگر ميدان جنگ مان موٽي پنھنجي
اباڻي گھر واپس رھيو ھو. فاطمه جي حالت ڏسو تھ
ڪپڙن ۾ نھ پئي ماپي، ڪاڏي ويو سندس رنج ۽ غم تھ
ڪاڏي ويو سندس زرد رنگ. ڳوٺ جي گاھ ڪپيندڙ مزدورن
کڻي پنھنجا ڏانٽا ڦٽا ڪيا. بلڪھ ھر ڪنھن پنھنجو ڪم
کڻي بند ڪيو، ھارين ھر ڏيڻ ڇڏي ڏنو، ڌنارن بھ
پنھنجون ٻڪريون، مينھون ڀٽاريون کڻي ڇڙواڳ ڇڏي
ڏنيون تھ ڀلي ڪٿي بھ وڃي چرن. اھڙي طرح ٻچا، جوان
جماڻ، ننڍا وڏا زالين مڙسين مطلب تھ سڄو ڳوٺ ڪم
ڪار ڇڏي سليمان جي استقبال لاءِ ٻني جي ھڪ پاسي
ميدان ۾ اچي گڏ ٿيو ۽ انھن سڀني ۾ فاطمھ ھڪ راڻي
وانگر زالن ۾ پئي نظر آئي.
اسان ھن جي
اچڻ جو ٻڌي، ڳوٺ جي ڇيڙي تي ريل جي ڦاٽڪ ڀرسان
ھڪڙو جھنڊو کوڙي ڇڏيو ۽ ھن جي لاءِ دھلن ۽ شرنائن
سان اتي بيٺا ھئاسين تھ جيئن ھو پھچي تھ ھن کي ھو
جمالي ڳائيندي، نچندي، دھلن ۽ شرنائين سان ڳوٺ وٺي
اچون. مون فاطمھ کي آھستي مبارڪباد ڏني ۽ چيو تھ
”فاطمھ خدا ڪري تھ مھيني جي اندر اندر اوھان ٻنھي
جو وھانءُ ٿي وڃي.“
ايتري ۾ پري
کان ھڪ فوجي فپاھي ايندو نظر آيو، اسان سڀني گڏجي
خوشي مان الله اڪبر جو نعرو ھنيو، ھن بھ ھٿ مري
ڪري پري کان نعري جو جواب ڏنو، منھنجي ۽ فاطمھ جي
نظر ھڪ ئي وقت سليمان جي طرف پئي. فاطمھ تي ڄڻ تھ
موت جي ماٺ ڇانئجي وئي، ڇاڪاڻ تھ سليمان سان گڏ ھن
جي ساڄي پاسي ھڪ ضاعفان نظر پئي آئي، جنھن سان ھو
کلندو اڳتي وڌندو پئي آيو، ھاڻي ھوءَ زال صاف نظر
پئي آئي، ھن جون شيريون اکيون، اڇي چمڙي، سونا وار
۽ مغربي لباس مان صاف ظاھر ھوءَ تھ ھو ھڪ يورپين
زال آھي. اسان سڀني کي حيراني وٺي وئي ۽ ڪنن ۾
ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. آقي باقي جيڪو شڪ شبو ھو سو سڀ
تڏھن لھي ويو، جڏھن ھن پنھنجي ٽوپي ھوا ۾ لوڏيندي
اسان کي چيو تھ ”ھن شاندار استقبال جي لاءِ آئون
سڀني جو تمام گھڻو شڪر گذار آھيان، مون کي اميد
آھي تھ اوھين منھنجي ھن يورپي زال کي بھ خوش آمديد
چوندا.“
فاطمھ بھ
اھي لفظ ٻڌا. ڪاش انھن لفظن جي بدران ھو فاطمھ جي
سيني ۾ بڙڇي ھڻي ڪڍي ھا تھ بھتر ھو! ڊاڪٽر صاحب!
خدا کان دعا ٿو پنان تھ شل ھو شڪستھ دلي، رنج ۽
بيڪسي جو اھڙو دردناڪ نظارو وري ڪڏھن بھ منھنجي
نظرن اڳيان پيش نھ ڪري. ماڻھو چون ٿا تھ آئون سخت
دل آھيان ۽ آئون ڀانيان ٿو تھ ائين سچ بھ ھجي، پر
اھو نظارو ايترو تھ رقعت انگيز ھو جو ان جي ڏسڻ
سان پٿر جي دل بھ ميڻ پنجيو ٿي پئي، منھنجو خيال
ھو تھ فاطمھ مورڇا ٿي پوندي، پر ھن جي اکين مان ھڪ
ڦڙو بھ نھ نڪتو، پھريائين تھ ھو وائڙي ٿي وئي،
پوءِ خالي نظرن سان منھنجو منھن تڪڻ لڳي ڄڻ تھ ھن
ڪجھھ سمجھيو ئي ڪين آھي، ھن پنھنجي ساڄي کاٻي ڏٺو.
ڪاش ان وقت ھن جو ساھھ نڪري وڃي ھا تھ چڱو ھو. ھن
جي وات مان ھڪ رڙ نڪتي ۽ پوءِ ھوءَ ميڙ مان ڀڄندي
نڪري وئي، ڪيترن مھينن تائين ھوءَ ھنڌ تي بيمار
پئي ھئي. آئون ھن کي روز صبح سانجھي ڏسڻ لاءِ
ويندو ھوس، ھو بيھوشيءَ جي حالت ۾ بڪندي ھئي ۽ چپن
۾ چوندي ھئي ”تو انجام ......... تھ ڏنو ھو.......
تھ اچڻ تائين ........ ترسجانءِ........ آئون
ترسيس........ محنت ۽ مزدوري ڪري...... ڏوڪڙ
ميڙيم......... تنھنجي لاءِ...... اڙي او
بيوفا..... تنھنجي لاءِ.“ پنھنجي حياتي ۾ ڪيترن
دردناڪ واقعن سان مون کي واسطو پيو آھي، ليڪن
ڊاڪٽر صاحب! ھن کان وڌيڪ دردناڪ واقعو نھ ڪڏھن ڏٺو
اٿم ۽ نھ ٻڌو اٿم. بيماري مان اٿڻ کان پوءِ فاطمھ
چري ٿي پئي ۽ ڪيترا ڏينھن ائين ڳوٺ ۾ رلندي ھئي،
مون گھڻا ئي علاج ڪرايا، ھن جي پٺيان فقير ٿي ويس،
پر فائدو نھ ٿيڻو ھو سو نھ ٿيو. نيٺ ھڪ ڏينھن
پوليس ھن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. آئون ھن کي ھتي
اسپتال ۾ ڇو ڏسڻ لاءِ اچان ٿو؟ ڊاڪٽر صاحب ڪنھن کي
ڇا ٻڌايان. مون ھن ھن جي غم ۾ اڃا تائين شادي نھ
ڪئي آھي..... اوھان کي جيڪي وڻي فيصلو ڏيو.....
شايد منھنجي بھ پڇاڙي اچي پھتي آھي.“
ڏٺم تھ ھن
جي اکين مان پاڻي زارو قطار وھي رھيو ھو، ھي ڏک جو
داستان ٻڌي آئون حيران رھجي ويس، ڏٺم تھ منھنجي
اسسٽنٽ جون اکيون بھ پاڻيءَ سان ڇلڪي رھيون ھيون.
ھو ماٺ ڪري مٿو ھيٺ ڪري ڪمري مان نڪري ويو. فوجيءَ
کي مون چيو تھ اڄ ڀلي ھو فاطمھ سان ملاقات ڪري.
آئندھ لاءِ آئون ويچار ڪري کيس ٻن ٽن ڏينھن اندر
جواب ڏيندس. آئون حيران ۽ مونجھاري ۾ ھوس تھ
فوجيءَ کي ڪھڙي جواب ڏيان. نيٺ سوچي فيصلو پنھنجي
اسسٽنٽ تي ڇڏيم. جنھن فوجيءَ کي اچڻ جي ھميشھ لاءِ
اجازت ڏيئي ڇڏي.
|