سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

باب: --

صفحو :12

”ادي هاڻي ٻين گهرن جي مون کي ڪهڙي خبر. گهر گهر ۾ برقي پائي ڌڪا کائيندي هجان ته خبر پويم، مون ته رڳو پنهنجي ڀاءُ ميرل جي گهر ڏٺي سو ڳالهه کڻي ڪيم.“

”ائي اهي مون کي ٿي طعنا هڻي، مائي هتي ايندو ڪير،ننگ جون پاڙون پاتار ۾ چوندا آهن ته نه ته هتي اچان ڇو.“ ائين چوندي برقعو کنيائين.

”ترس ته سهي امان.“ ممتاز چيو.

” مائي تون ڇو ٿي پاڻ کي ڦٿڪائين.“ زيبل ننهڻس کي چيو، ”وڃڻ ڏينس، ڏس ته ڪيئن ٿي پاڻهي موٽي اچي.“

”ائي ها، ها، آءُ ته آهيان ئي بيعزت جو گهڙي گهڙي بيعزتي سهي وري وري پئي ايندس.“ بختاور ڪاوڙ مان چيو،

”خدا جو قسم ڌيءَ هتي نه هجيم ها ته آءُ هن گهر کي ٿڪ به نه هڻان ها.“

”مائي ڏاڍو خيال اٿئي ڌيءَ جي گهر جو ويٺي هج، آءٌ ڀائيندس ته ڏاج ۾ آئي آهين.“

”امان تون ئي کڻي ماٺ ڪر، چاچيءَ جي اکين ۾ مهمانن لاءِ ڪا عزت نه رهي آهي.“

”واه جو مهمان ٿا اچن.... هون.“ زيبل منهن ڦيرائي ويهي رهي ۽ بختاور ڪي گهڙيون گيهه ڪئي پر جڏهن کيس زيبل جي طرفان پرچاءُ جي ڪا اُميد نه رهي ته پوءِ پير سٽيندي هلي وئي.

”هاڻي ته هيانءَ ٺريئي.“ ممتاز ماءُ کي ويندو ڏسي ڪاوڙ مان سس کي چيو.

”مائي ڪو لڇڻ ڌار وڏن سان ايئن نه ڳالهائبو آهي.“

”مون ۾ ته لڇڻ ڪونهي، باقي تو ۾ ته لڇڻ ئي لڇڻ آهن، اچڻ ڏي هن کي ته اڄ ئي ٿي فيصلو ڪرايانس.“

”ڪهڙو فيصلو؟ مان به ته ٻڌان.“

”اچڻ ڏنس، آءٌ ڪا نوڪرياڻي ته ڪانه آهيان جو گهڙيءَ گهڙيءَ منهنجي بيعزتي پئي ٿيندي.“

”ائي مائي هيءُ گهر ئي تنهنجو آهي، پر گهر کي گهر ته ڪري سمجهه. توبهه، جڏهن به اها دهلڙي اچي تڏهن ڪو نه ڪو ممڻ مچايو وڃي، خدا پڄيس.“

”ڏس چاچي، منهنجي ماءُ کي پٽِ نه، نه ته پوءِ پاڻ ئي ڄاڻين.“

”امان، آنو.... شيءَ وٺان....“ شبوءَ ماءُ کي چهٽندي چيو.

”ٻيڙيءَ تريا، آءٌ ڇو اچي توهان مان ڦاٿي آهيان.“

ممتاز شبوءَ کي چنبو وهائيندي چيو، ”مهل ڪمهل نه ڏسندا، بس آنو.... ڄن ته مون وٽ ڪا ڌراوت پئي آ.“

”ڇتي ڇو ٿي آهين مائي... ٻارن کي هرو ڀرو ماري نٺر ڪري ڇڏيو اٿئي.“

اهڙو ئي ٻارن جو خيال اٿئي ته ويهي پاڻ سنڀال.“

ممتاز، شبوءَ کي زيبل ڏانهن ڌڪو ڏنو زيبل پوٽس کي ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪرڻ لڳي ته ممتاز وڃي برقعو پاتو ٿوري دير ۾ مٿان ڀورل به اچي ويو ۽ ماءُ کان پڇيائين:

”ممتاز ڪٿي آهي امان؟“

”ابا پگهر ته سڪائي.“

”امان آءٌ ڪم سان آيو آهيان. تمام ضروري ڪاغذ رهجي ويا آهن.“

”ابا اجهو هينئر وئي آهي.“

”جنهن وقت گهر ۾ اچ غائب، آءٌ تنگ ٿي پيو آهيان.... ڪٻٽ جون ڪنجيون ڪٿي آهن؟“

”ابا اهي به وٽس آهن.“

”اوه.... خدا جو قسم.... صبح جو گهر مان نڪرڻ وقت هوش هجي ته ڳالهيون ڇو وسرن، تمام ضروري ڪاغذ آهن، صاحب ايڏو ناراض ٿيندو جنهن جي حد ڪانهي. انهيءَ ڪري، هن ڌر تتيءَ جو پنڌ پيو آهيان. ۽ هيءَ آهي جنهن کي پل لاءِ گهر ۾ سک نٿو اچي.....پريشان ڪري ڇڏيو اٿس....ٻه ٿيا آهن.... چئين بجي آفيس بند ٿيندي.“

”ابا بس ايندي پئي هوندي.“

 

”چاچي به آئي هوندي؟“ ڀورل سوچيندي پڇيو:

.... زيبل ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي.

”بس پوءِ ته پڪ بازار وئي هوندي، الائي ڇا ڇا اجايو خريدي ايندي.“ ڀورل ڪمري ۾ ويندي چيو.

”ابا ڇا پيو ڪرين؟“ ڪمري مان ڪنهن شيءَ جي ڀڃڻ جو آواز  ٻڌي زيبل پريشاني مان پڇيو.

”امان تالو پيو ڀڃان ٻيو ڇا ٿو ڪريان.“

”هجين گهر ۾ سک ته اجايو زيان نه ٿئي.“ زيبل ڀڻڪيو.

ايتري ۾ ڀورل به فائيل کڻي ڪاوڙ مان تڪڙو تڪڙو گهر مان ٻاهر هليو ويو.

...........

”بابا اچي ويو، اچي ويو.“ ٻارڙن خوش ٿيندي چيو.

”ائي امان اُٿ مڙسهين کي ماني گرهه ڪڍي ڏينس.“

”آءٌ نه ڏيندي سانس ته ٻيو ڪير ڏيندس.“ ممتاز رنڌڻي ڏانهن ويندي ڀڻڪيو.

”بابا منهنجي لاءِ ڳاڙهي عينڪ آندءِ؟“ گلوءِ پڇيو.

”بابا منهنجي ڦٽاڪن واري بندوق؟“ شبوءِ به پڇيو.

”بابا ’ڇيون‘ ننڍڙي به پتڪڙا هٿ اڳتي وڌايا.

”ابا ساهه ته پٽڻ ڏيوس ٿڪجي آيو آهي، ڪپڙا ته مٽائي وٺي، ڪو ماني ڀور ته کائڻ ڏيوس.“ زيبل ٻارن کي سمجهايو.

”ها بابا، حاضر.“ ڀورل ٻئي ڪمري ڏانهن ويندي پيار مان چيو.“ کوڙ بندوقون کوڙ شيون.“

......

”منجهند جو ڪاڏي وئي هئينءِ“ ڀورل پريان ئي ممتاز کي ٽپائيءَ تي ماني رکندو ڏسي ڪاوڙ مان پڇيو.

”پاڙي ۾ ويئي هئس.“

”تو کي گهر ۾ سک ڇو نٿو اچي، جيڪڏهن اڄ تالو ڀڃي ڪاغذ نه ڪڍي وڃان ها ته نوڪري به  وڃي ها ۽ بيعزتو به ٿيان ها.“

”ماني ته کائو.“ ممتاز پشيمانيءَ مان چيو.

”ڌوڙ کاوان.... جڏهن به چاچي بختاور  گهر ۾ ايندي آهي تڏهن ڪو نه ڪو ممڻ ضرور مچندو آهي ۽ تون برقعو پائي نڪري ويندي آهين.... ماڻهو چوندا ڇا؟“

”ماڻهو ڇا وري ڇا چوندا؟“ ممتاز ٻوٿ سڄائيندي چيو. ”چوندا ته سس، ننهن کي سهي ئي ڪا نه ٿي، اڄ امان آئي ته ان کي بيٺي پير بيعزتو ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ ته اوهان ڪجهه به نٿا چئو.“

”بس توکي سواءِ امان جي شڪايتن جي ٻيو ڪجهه به نٿو اچي. پنهنجن ڳالهين بابت ڪڏهن سوچيو اٿئي، سدائين امان جي شڪايت.“

”آهستي ته ڳالهايو، چاچي نه ٻڌي ته ويل ۾ نه پوان، اڳئي مون سان وڙهيو ويٺي آهي.“

”جڏهن به ماڻهين ايندي آهي، توکي الائي ڇا ٿيو وڃي.“

”آءٌ ته ساڳي هوندي آهيان،“ ممتاز ڦوڪجي چيو، ”چاچيءَ جو رخ سو امان جي اچڻ ڪري بدلجيو وڃي.“

”تون سدائين امان جي شڪايت ڪندي آهين پر امان ته ڪڏهن به تنهنجي شڪايت مون سان ناهي ڪئي.“

”آءٌ حق تي جو آهيان.“

”تون ڀليل آهين ممتاز، امان توکي پنهنجو سمجهي چڱائي چوي ٿي. تو کي دل ۾ نه ڪرڻ گهرجي تون به هن کي مون جهڙي ئي عزيز آهين، مان سندس اڪيلو پٽ آهيان تون سمجهين ٿي ته مان تنهنجو پاسو کڻي ساڻس جهيڙو ڪندس.“

”ڪاوڙ ڇو ٿا ڪريو، سڀ منهنجو ڏوهه آهي منهنجي ماءُ جو ڏوهه آهي.“

”مائرون اولاد جون دشمن نه هونديون آهن، پر ڪي مائرون اڻ ڄاڻائي ۽ ڪم فهميءَ سببان اولاد جي پرسڪون زندگيءَ ۾ ڪنڊا پوکينديون آهن. چاچي انهن مان هڪ آهي.“

”ڇا ڪيو امان؟“

”چاچي نه صرف هر ڳالهه ۾ تنهنجي طرفداري ڪري ٿي پر توکي فضول خرچي ۽ رلڻ جي سکيا ڏيندي رهي آهي، ۽ اهو ئي ڪارڻ  آهي جو امان جي ساڻس نٿي پوي ۽ ٻڌي ڇڏ، جيڪڏهن تنهنجي اهائي هلت رهي ته پوءِ  پنهنجو گهر ڪڏهن به آباد نه ڪري سگهندين چاچي به انهن ئي ڳالهين ڪري پنهنجو گهر برباد  ڪري چڪي آهي نه ته هوند اڄ هوءَ پنهنجي گهر جي راڻي هجي ها.“

”اوهان جي ته سدائين امان تي ڪاوڙ  ٿيندي آهي.“

”ڪاوڙ جي ڳالهه ئي آهي، آخر هوءَ گهر ۾ کيٽو ڇو ٿي وجهائي؟“

”هوءَ ٿي وجهائي؟“

”نه ته وري؛ جڏهن به چاچي اچي يا ته توکي امان سان ٽڪرائي وڃي، يا وري توکي ابتا ڏس ڏئي پگهار ئي پوري ڪرائي.“

”پر اڄ ته اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي.“

”امان، اڄ ڇا تي جهيڙو ٿيو هو؟“ ڀورل ماءُ جي ڀر ۾ ويهندي پڇيو، ممتاز در وٽ ڪن ڏيئي بيٺي.

”ابا مڙئي خير هو، ڇا جو جهيڙو، ڪهڙو جهيڙو؟“

”ممتاز ٿي چيو ته چاچيءَ سان....“

”ادي بختاور جون ڳالهيون پنهنجون هونديون آهن پٽ؛ منهنجي دل ۾ ته هن لاءِ وڏي حب آهي، پر سندس ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جن ۾ رڳو اجائي خرچ ۽ ڦيٽاڙي جي ڳالهه هوندي آهي.... سو اڄ به سمجهايو مانس پئي ته انهن اجاين عادتن گهڻائي  گهر ڦٽايا آهن، پوءِ بس ڪاوڙجي هلي وئي.... ٻي ته ڪا ڳالهه ڪانه هئي.“

”ممتاز به ماءُ جو طرف ورتو ڇا؟“

”ڪنوار سان منهنجو ڪهڙو رسڻ مان ته کيس چڱائي چوندي آهيان. آءٌ اڄ آهيان سڀاڻي نه هوندس لٿي پٿي هي سڄو مانڊاڻ کيس ئي سنڀالڻو آهي. جيڪڏهن هينئر ئي هٿ جهلي هلندي ته يا عمر خوش گذاريندي نه ته....“

”ٻڌين پئي ممتاز.“ ڀورل چيو.

”اچو نه هاڻي..... ماني ٿڌي پئي ٿئي.“ ممتاز ڪنڌ هيٺ ڪري نرميءَ سان چيو.

”ابا وڃ ماني کاءُ، ٺري وئي ته مزو ڇڏي ويندي.“

.....

”گهرڙ.... گهرڙ.... گهرڙاٽ.“ رڪشا ممتاز جي در وٽ زور سان بريڪ لڳائي ۽ ويرم کان پوءِ بختاور ڇلي هٿ ۾ ڪري ڏيڍيءَ مان جهاتي وجهي ڌيڻس کي سڏ ڪيو.

”ممتاز سگهي ٿيءُ ’رخشو‘بيٺو آهي برقعو پائي اچ ته قسطن تي ٽي وي- وٺي اچون. ڪلوءَ پان واري جي زال به وٺي آئي آهي ماريا سڄو ڏينهن پيا کيل ڏسن.“

”اجهو آئي گهمڻ جي گهوڙي  سنجن سوڌي.“ زيبل ڀڻڪيو.

”اندر ته اچ امان.“ ممتاز اتان ئي چيو.

”ائي سدوري جلدي ڪر وقت نه وڃاءِ، رخشو نه وڃي هليو.“ پريشانيءَ مان چيائين.

”مائي ڪهڙين ڳڻتين ۾ پئجي وئي آهين؟“ ممتاز کي ماٺ ڏسي پڇيائين.

”امان آءٌ هينئر نٿي هلان.... ٽي-ويءَ جي آخر ايتري ضرورت به ڪهڙي جو قسطن تي وٺجي، الله ڏيندو ته يڪا  پئسا ڏئي وٺنداسين.“

”ائي امان ڏاڍي سهڻي T.V اٿئي، گهر ۾ رونق وڌي ويندئي ٻيو ته ’مشڪيءَ‘ لاءِ ڪپڙو به ڏسي آئي آهيان.“ ٻه وکون اندر ايندي چيائين.

”نه امان بس، مون کي انهن شين جي گهرج ناهي. ۽ تون به .... تون به اجايو روز روز بجڪو کڻي بازار نه ويندي ڪر.“

”ائي گهوڙٽ! مٺيس. ڇا پئي چوين؟ هن مم توتي ڪو زبرو تعويذ ڪرايو آهي جو اهڙا ابتا ٻول پئي ڪڍين.“ بختاور، حيران پريشان ٿيندي چيو، ” آءٌ اڄ ئي ٿي وڃان ڏاندار بي بيءَ وٽ.... مئيءَ تي اهڙو ئي تعويذ ڪرايان جو ياد ڪندي.“

”ادي هيڏانهن ته اچج.“ زيبل کيس ويندو ڏسي مرڪندي سڏ ڪيو.

”ڇو؟“ پريان ٿي پڇيائين.

”اچ ته سهي.“ چٽ مان چيائينس.

”ها، چئو.“

”هي وٺ پنهنجا تعويذ، وڃي ڏاندار بي بيءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجانس ۽ کيس چئجانءِ ته مان به تو جهڙي پير پوٽي آهيان، اهڙا تعويذ مون تي اثر نه ڪندءِ.“


 

لالڻ

لالڻ جي پوڙهي ڏاڏيءَ، جنهن جا مٿيان ڏند ڀڄي پيا هئا، هيٺيان چار ڏند کڳي وانگر ٻاهر نڪري آيا هئس، چپ پوڙهي اٺ جيئان لڙڪي پيو هئس، نڪ جي چهنب ڍرڪي اچي چپ سان لڳي هئس تنهن پاڻيءَ مان نڪتل سيسر وانگر وڏو وات ڦاڙي منهن تي پلاند وجهي اوڇنگار ڏني: ”لالڻ، تنهنجو ڪلمو به نصيب ڪو نه ٿيم ابا سڄي عمر آسرو ڪيم ته ڪلهو ڏينديم پر اڄ ڇڏيو ٿو وڃيم، پيءَ پوڙهي کي رلايو پيو وڃين.“ لالڻ جي ماءُ سسڻس جي ڀر ۾ ويٺي هئي تنهن پڻ وڏي اوڇنگار ڏيندي چيو: ”منهنجا ابا، مون کي ته وڏي اميد هئي ته توکي موڙ ٻڌنديس، پر تو ڀيڻن  کي ميندي به لائڻ ڪو نه ڏني.“

”ڇوڪر منهنجي  چيلهه ڀڃيو وڃين منهنجي اڇن تي ته رحم ڪرين ها.“ لالڻ جي چاليهن ورهين جي ڪنواري چاچي عطالو پنهنجي مٿي ته ڌڪ هڻندي چيو. ايتري ۾ ٻاهران هڪل ٿيس: ”عطاعلي خان، هيڏي ٻاهر ته اچجان.“

”ادا اسان جون چيلهون ڀڳيون پيون آهن، اسان جا ڪهڙا حال هوندا جو ٻاهر اچون. جنهن کي ساوڪ مڇن جي مس ڦٽي سو ئي اسان جو نه رهيو.“

”ٻيلي هاڻي ڪلمو ڀريو، سنجها جو وقت آهي.“ يار محمد خان ٻرڙي عرف ياروءَ در تان وراڻيو.

”ادا توهان کي ڪلمن جي لڳي آهي، هتي قلبن جا ڪتاب ئي سڙيا جليا پيا آهن“ عطالو رانڀاٽ ڪندي وراڻيس.

لالڻ جي پڦيءَ کي جا هيءَ دک دائڪ خبر پئي تنهن اچڻ سان پاڻ کي تڏيءَ تي سٽيندي پار ڪڍيو ”ابا وڻ وڍي واٽون ڪريان، تنهنجي نيلي گهوڙي سڏئي بيٺي تون ڪيڏي ڇڏيو پيو وڃين.“ ائين چوندي جهڙو وات کوليائين ته مک اڏامي وڃي ڪاڪڙي ۾ اٽڪيس. زال جو ساهه هيٺ ساهه مٿي، آت جو ٺڪاءٌ پي پيس. سڀئي پريشان ٿي ويا. مائيءَ جو ڪاڪڙو ئي ڇلجي پيو. ڪپڙو کڻي وات ۾ وڌائين. اڌ ساڻي ٿي پئي. مس مس اها مک پاڻيءَ جي ڍڪ سان هيٺ ٿي ته مائيءَ سامت جو ساهه کڻندي چيو ”مائي زالون آهيو ڪير آهيو، اسين به ڳوٺاڻيون آهيون  ته به صفائي گهر ۾ اهڙي رکيون اچون جو ڄڻ مک پئي ترڪي، ايتريون زالون ويٺيون آهيو ته به گدلائي ايڏي جو مکيون ئي ڇتيون ڪري ڇڏيون اٿو.“

”پوءِ آئينءَ ڇو ٿي،“ ڀائيٽس جنت چيو، ”اسين ته برابر اهڙيون آهيون پر تو وٽ ميڙ ته ڪانه موڪلي سين جو اچڻ سان ويٺي آهين عيب ثواب ڪڍڻ.“

”آئي آهيان ته پنهنجي ابي جي گهر آئي آهيان ڪو پڻهين علوءَ ڪو نه ٺهرايو آهي.“

”ائي تون اسان جي پيءَ جو ٿي نالو وٺين!“ ٻي ڀائيٽس زينوءَ چيو.

”ائي پڻهين ڪو ارباب اچي لٿو آهي ڇا، ڀاءُ منهنجو آهي ڪجهه به چوانس توهان جو ڇا وڃي کمريون، نار جون لوٽيون، اچڻ سان وٺي ويون آهيوم.“

”لوٽي اٿئي اها ماڻهين، جيڪا چار ڏند کنيو ويٺي چڪائي.“ زينو چيو.

”شال ڪاڪڙي ۾ مٽي پئيو ڏيڻون، منهنجي پچر ڇڏيو، مون هٿ ٻڌا.“

”مُٺيون منهنجي ڌيءَ کي سهوئي ڪين ٿيون، ڪهڙي اوهانجي ڳنر تي لت ڏني اٿس! ٻه گهڙيون ابي جي گهر اچي ٿي ته ڏائڻ وارو ڏهڪاءُ ڏيو هنيون ئي روڙيو ڇڏيوس، ڄڻ اکين جو ڪنڊو هجيو.“

”اجهو شروع ٿيو ڪينرو“ جنت ڀڻڪيو، ”ڏاڏي هاڻي بند ڪر پنهنجو ڪينرو.“

”بلي! ٿوم مان جعفران ٿي پئي آهين! آءٌ آهيان ڪينرو؟ هي روز جو ناناڻيون پلٽڻيون گهر ۾ ويٺيون اٿو اهي بهشت جا ڳڙا اٿو؟ توهين مون کي ڪين سهنديون ڇوريون، وڃي در در پندس ته به مون کي ٽڪر پيو الله ڏيندو.“

”ائي جنت ڏٺئي نه؟ نه وات ڪرين ها نه پنهنجا ناناڻا ڪڍرائين ها.“ لالڻ ماءُ چيو. ”هن ڏاٺ مان ته اسين ڦاٿا آهيون، پاڇا پير ڪا ڪُندري  زبان کي هڻيس، اسانجا ته پتائي ساڙي ڇڏيا اٿس.“

”اچي پٽنم ته چوانس،“ ننهڻس  کي اڻٻڌو ڪندي وڏي واڪ چيائين. ”ته ڇوريءَ کي شينهن ڪلهي چاڙهي واترادي ٿي پئي آهي، ماڻس اڳ ئي ڌاڻا ڌار ڪري ڇڏيا وري هڻي هيءَ اٿي آهي ٻانگون ڏيڻ.... پر هن ڇوري کي به چئي ڇا ڪنديس.... ڪهڙو سندس ڏوهه... جيئرا چمڙا پيٽ ۾ پيا اٿس، چمڙن وانگر چهٽو پيو اٿن.... مارئي کي اهو پئسو ڪونهي جو ڏاٺون کڻي ڀرائي، رڳو ڳانا موتي ۽ ڪنگڻ پايو ڄاڻي.“ ائي اسين ته بڇڙيون آهيون، هاڻي ٻيو پٽ پرڻائي ته اها نهن اچي تخت تي ويهارنئي.“ لالڻ ماءُ چيس.

”ڪارو منهن تخت جو! توهان جي هٿ چڙهندي سو تخت مون کي ملندو؟ تخت ته ٺهيو تختو نڪرندم، منهنجي کڻي جند ڇڏيو.“

”ائي ڀاڄائي، ڇو ماءُ ڌيئون اچي هٿ ڌوئي منهنجي مسڪين ماءُ جي پٺيان پيون آهيو، ويچاري اڳيئي بيمار اڌ ماڻهو.“

”ادي ڪير چوي هن کي اڌ ماڻهو، هن ’کريبن‘ جو کٽيو کاڌو آهي سڄي عمر. ڏسي به ٿي ته اسين ميون پيون آهيون پنهنجن سورن ۾!“

”ائي سو توهان کي سور آهن مون کي ڪونهن؟ آءٌ سڙي جلي پئي آهيان، طاقت هجيو ته منهنجو اندر کولي ڏسو، ڇرو هڻو ته رت جي ڦڙي ڪونهي. منهنجو به ته جگر آهي جنهن ڪاڻ هي حال ٿيا اٿم. يادگيري ٿي پويم ته دل ٽڪر ٽڪر ٿيو پويم. ٻاهرهين وڳي سوڌو راتين جو لوليون ڏنيون مانس پر منهنجي ڪانه هلي، ڪانه هلي هجت ٻاروچن تي....“

”امان روئاڙيم ته نه، اڳ ئي روئي روئي ماندا ٿيا آهيون“ لالڻ جي پڦي پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو.

”ڇا آهي؟ ڇا آهي؟ خير ته آهي ڏاڏي.“

لالڻ ڪوٺڙيءَ ۾ گهڙندي پريشانيءَ مان پڇيو. ” ڪهڙا خير هوندا، مري وئي ڏاڏهين! ڏاڏهين ۾ آهي باقي ڇا رکيو، جيئرو لاش آهيان، سو پئي هلان. جيئري اماڙيون ڏيئي ڇڏيئيم اکين ۾! اڃان ٿو پڇيم ته ڏاڏي ڇا آهي؟ ننڊ جون گوريون وٺي ڏينم ته ڦڪي سنجهيئي  پنڌ پوان ته ڏٺا ڏنڀ نه ڏسان.“

”پر ٻڌايو ته ٿيو ڇا آهي؟“

”اي وڃي پڇ ماڻهين کان منهنجي هلندي هلي ها ته گهڻا ڏينهن اڳ هليم ها.“

”آئيءَ کان دائيءَ کي مٺو ٿيو؛ آءٌ به ماءُ آهيان، گهوڙا گهوڙا ڪري سڄو پاڙو کڻي مٿي تي کنيو اٿئي.“

”ائي سو ڪهڙن پاڙن ۾ مٺن مئي وئي آهيان جو تون مون تي پئي هروڀرو ڪاوڙجين پنهنجي مڙس جي گهر ويٺي آهيان ڪو تنهنجي مڙس ته ڪو نه ٺهرايو.“

”چاچا عطالو ڀلا آهي ڇا؟ ڇا تان مانڌاڻ متو آهي؟“

” ابا ڪارو منهن ٿيو پيو اٿئون هاڻ ڪهڙي اوگهڙ ڪريون.“

”چه! پر ڪهڙو ٻرو چڙهيو اٿو ٻڌايو ته سهي ته اهو علاج ٿئي.“

”بس سمجهه کڻي ته مري ويا آهيون، مئلن جا ڪهڙا علاج.“

”گهر آهي جيئرو جهنم آهي.... گهڙيءَ جو به دل کي آرام ڪونهي،“ لالڻ ڀڻڪيو. ”دل جي ڳالهه ڪريو کڻي هروڀرو برباد ڇو ٿيون ڪريو، امان تون ئي کڻي ٻڌاءِ، ڇا آهي؟“

”ڇا آهي،! ويهه سال پاليو مانءِ، اڄ ڇڏيو ٿو وڃين اسان کي، اسان جي اندر کان پڇو اٿئي؟ ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن جو ڀيڻن وات ۾ گرانهن وڌو هوندو چاچهين کي پيٽ ۾ ولوڙ بيهن ئي نٿا. اسان کي جي خبر هجي ها ته اهڙو ڪامورو ٿيندين ته توکي پڙهايون ئي نه ها پنهنجي جائي جئاري کايو گهر ۾ ويٺا هجون ها، پرديس ته نه جهاڳين ها....“

هاءِ پرديس،! پکين ۽ پرديسين جا ڪهڙا مڙهه مقام. ڏاڏيءَ ڇاتيءَ تي مڪ هڻندي چيو.

”ابا موڙ به مون کي ڪو نه ڏيکاريئي....“ پڦيءَ چيو.

”اڙي مرڻ ٿو وڃان ڇا؟“

”اڙي ماريو ته مون کي ٿو وڃين، ڪنڌ ڀر ڪيرايو ٿو وڃيم، مڻڪو ٿو ڀڃيو وڃين“ ڏاڏيءَ واچوڙي جيان وسندي چيو.

”ڏاڏي هاڻي  ڇڏ گهه پي، اچي هي ٻه رپيا وٺ وڃي ناس ٻاس ڏجئين.“

”منهنجا سدان جڙيا، شال بچيم جيئنم! ابا تومان سڀڪي ٿيندو، او ڪراچيءَ مان تکو تماڪ وٺي اچجئيم....“

”ادي جنت، بيگ تيار ڪري وٺ دير ٿي وئي آهي.“

”تيار ڪري ڇڏي اٿم ادا، ڪوپ، چمپل، ڏندڻ، ٽوال، ڪپڙا سڀ وڌا اٿماس. خط پٽ لکندو رهجان سعيو ڪري.“

”پڙهائيندو ڪنهن کان؟“

”ادا، دڪان واري چاچا ڀائيءَ کان پڙهائينداسين، کڻي ٻه آنا پڙهائي وٺندو سو ڪري ڏينداسين.“

”ادا، ادا“ ستارو ٻاهران ڊوڙندو آيو، ”ٽانگو اچي ويو.“

”چڱو هاڻي پرتو الله کي“ لالڻ موڪلائيندي چيو.“

تتر آنا پٽ ۾ جنهن جو واهي الله، ابا پٺ ڏيئي وڃين ٿو شال منهن ڏيئي ايندين.“ لالڻ ماءُ چيو.

”او الله سائين ائين رکندي جيئن ٻليءَ جا ٻلونگڙا نهائينءَ ۾ بچايا هئين.“ ڏاڏيءَ چيو.

”بر جون رکون اٿئي ٻچا باقي چيلهه ڀڃيون پيو وڃين، حال ڪونهيم ڪو.“

”چاچا مڙئي خير آهي، مڙئي خير آهي، موڪلن ۾ ايندس پيو، ڪو پري ڪونه آهيان.“

”اي ابا بس ڪري ويهه! سٺ ڪوهه ڪي ٿورا آهن؟ اسان جو ته هنيون ٿو ڏري.“

”دل وڏي ڪريو چاچا.“

”الله واهي ٻچڙا، الله واهي! جيڏي پير تيڏي خير، پر ٿورو ترسين ها پڻهين به ڊيوٽيءَ تان  ڄاڻ موٽيو، موڪلايون وڃيس.“

”چاچا هاڻ بابي کي منهنجا پيرن تي هٿ چئجو ريل جو ٽائيم ڀريو بيٺو آهي.“

”چڱو موليٰ مدد“ چاچي اداسيءَ مان وراڻيو. لالڻ جو ٽانگي تي ويهڻ ۽ سڀني زائفان جو اوڇنگارون ڏئي روئڻ.

”او ابا چيلهه ڀڃيو وڃي! اها نه ويل تنهنجي وڃڻ جي“ چاچي رانڀاٽ ڪئي.

”او جانب ادا گهاريون وجهو، ڦٽ چڪايو پيو وڃيم.“ جنت رڙ ڪئي.

”ڇوريون هاڻي ڪلمون ڀريون مون بيمار جو هيانءُ نه ڦاڙيو.“ چاچي پاسي ۾ رکيل ڪونئري ۾ هٿ وجهندي لوڙهي جو رخ رکيو.

*              *                *

”پوسٽ مين.“ ٽپاليءَ جو سريلو آواز دريءَ مان گونجيو.

لالڻ جي ڏاڏيءَ، ننڍڙن پوٽن ۽ پوٽين جي ولر سوڌو در طرف ڊوڙ پاتي، ولر جي ونگن ۾ وچڙجي ابتي ٿي وڃي ٿلهي تان ڪري پئي ٻه ڏند ڀڄي پيس، ٻه زخمي ٿيس. رت ٺينڍيون ٿي وهڻ لڳو. ”مئن جي پٺيان رلي مئي آهيان. ڇلي ٻار ڄڻي پاڻ سکي ويٺي آهي، پري ٿيو ته هڻانو نه منهن وارا بجا چونڪ چنڊا!“ پوڙهيءَ پٽ تان ڏند کڻي تريءِ تي رکي گهوريندي چيو.

”ائي ڇو پئي پٽين؟“

”تنهنجي ٻارن ته هي ظلم ڪيم،“ ڀڳل ڏند تري تي رکي ڏانهس وڌائيندي چيائين ”باقي ٻه ڏند منهنجي ڏهڻ جا يا ڪهڻ جا، هاڻي اهي به جنبوري کڻي ڇڪي تون ئي ڪڍيم، من هيانءُ ٺرئي. سور ئي منهنجي ڏندن جو هيو، سڄو ڏينهن طعنا ڏينديون هيون ڏندن جا ته چار ڏند! گهرواريون ته ٺهيو، اوڙي پاڙي واري جيڪا رسندي هئي ته چئن ڏندن جو طعنو، ڄڻ آءٌ ڪا ڀڄي آئي هئس. هاڻ ’ڇٽي لولي ڪتڻ کان، ڪڏڻ لڳنس ٻار‘.“

”پر تون هرو ڀرو ٻارن سان ٻار ڇو ٿيئن.“

”بس اها ته دانگي مليم!“

”امان مون کي ڏي ته آءٌ ڏسان ادي جو خط“ جنت جهپٽو هڻي خط ماءٌ کان ڦريو، ۽ عربي جا ٻه ٽي اکر هٻڪي پڙهڻ لڳي ”لکيو اٿس، اســــلام عـــليڪم رحــــمت الله وبرڪات دائم قائم!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com