سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :3

زيبل اڃان هڪ بسڪٽ مس کاڌو ته زليخان ٽي کائي بوتل اوتي بکايل ڍڳيءَ وانگر خوفناڪ اوڳرائي زيبل جي منهن منجهه ڏيندي چيو: ” هاءِ هاءِ، هينئون ئي ٺري پيئم!“

زيبل جو روح ئي ڦري ويو. ساهه کڻي گهٽيائين ۽ هٿ وارو بچيل بسڪوٽ علوءَ ماءُ جي تريءَ تي رکيائين جنهن موڙو ڏيئي ڦڪي ڇڏيو.

”ادي زيبل  اڱاري ٿي پئي اٿم ڀانيان ته وڃي ڦڪي ڦڪيان.“ زليخان لاڳيتيون چار پنج کٽيون اوڳرائيون ڏيندي وري ڪمري ڏانهن ويئي.

”چڱو ڪنوار امان، هاڻي آءٌ به هلان ٿي.“ بي بي زيبل علوءَ ماءُ ڏانهن ڏسندي برقعي ۾ هٿ وڌو. ڪنوار به وجهه ڏسي ڪاغذ ۾ ويڙهيل رئو کڻي زيبل کي ڏيندي چيو: ”ماسي هي رئو اَٿو، منهنجي طرفان تحفو.“

”امان ڇو ٿي هلاڪيون ڪرين.“ زيبل قرب مان چيس. هلاڪين جو لفظ ٻڌي رئيسياڻي جا ڪجهه فاصلي تي بيٺي هئي تنهن ڦڪي ڦڪڻ کان سواءِ ئي پويان پير ڪيا.

”ائي ڪوهه هلاڪيون آهن. جهڙي هيءَ تهڙي آءٌ، اها به ته منهنجي پٽ جي زال آهي. ڪنوار يادگيري ڪئي؛ مون کي وسري ويو سو توکي کڻي ڏنائين. منهنجو مغز ته جيئن مولودن تان آئي آهيان تيئن آهي ئي ڪونه.“ هن ٽيڏيءَ اک سان رئي کي ڏسندي چيو.

”ڇو ادي خير ته آهي، ڇا ٿيو مولودن کي؟ سوير به مولودن جي ٿي ڳالهه ڪيئي.“ بيبي زيبل رئو علوءَ ماءُ کي جهلڻ ڪاڻ ڏيندي پڇيو.

”ادي، اللہ رسول جا وٺي اهڙا ڊپ ڏياريا اٿن جو منهنجا رات ڏينهن ويا پيا آهن. ڀانيان ته هڏا پيا ٽڙڪ ٽڙڪ ڪن.“

”ادي ڇو پيا ٽڙڪ ٽڙڪ ڪن!؟“

”ڀيڻ مولودياڻيءَ صالحان بيبيءَ چيو ته زمين تي وڏائيءَ سان نه هلو. قبر ۾ اهو ماس ماڪوڙا ۽ تڏيون کائينديون. پوءِ اهي هڏا ٽڙڪندا سو ادي آءٌ ته ڳري زال، ڀانيان ته اها تعدي جيئري ئي مون سان پئي ٿئي.“

”ادي ان ۾ ڊپ جي ڪهڙي ڳالهه. موت ته سڀ جي مٿان بيٺو آهي ڪي اوير ڪي سوير. هي ته صالحان بيبيءَ ثواب کٽيو جو اسان جهڙن انڌن کي واٽون پيئي ڏسي.“

”تون ڀيڻ ويٺي آهين زيبل؛ سڀ سچ پئي چئين، پر ٻيلي منهنجو حال ڪونه اٿئي. رات جو ننڊ مان گهوڙا گهوڙا ڪيو اٿان. ڀانيان ته ماڪوڙا پيا پٽين، تڏيون پيون چڪ هڻن. رات ٻه گوريون سڄيون ننڊ جون کيڌم تڏهن به ڀانيان ته هڏن مان ٽڙڪاٽ پيا نڪرن. پٽ چيم ته ماليخوليا اٿئي، هاڻي وڃان ته ڪيڏي وڃان.“

”ادي رب رحم ڪندو. تون وهم ڇڏي ڏي.“ ايئن چوندي زيبل برقعو پاتو.

 

......                       ...........                    ..............

سس ننهن زيبل کي اُماڻي واپس آيون. رئيسياڻي جنهن جي منهن تي ڪجهه دير پهرين رسمي خوش اخلاقي هئي سو ڦري نر ڦوٽو ٿي پيو. ڪنوار به ڍري ۽ وساڻيل هئي. کيس اچڻ وارين حالتن جا پسڻ پئي پيا. آخر اهوئي ٿيو. رئيسياڻيءَ ڦاٽ کاڌو؛ ”ائي اهو ڪو ٿي رئو ڏنئي؟ آئون نه ڏسان ها ته اِهو لڪائي ٿي ڏنئي. ڪو پٽ ٿي هينئر پرڻائيئي ڇا جو رئو ٿي ڏنئي؟“

”چاچي مون کي ماءُ وانگر سڪ ڏنائين تڏهن ڏنو مانس ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانهي. عزت ته توهان جي ئي گهر جي ٿي ڪا امان جي ته ڪونه ٿي!“

”ائي آءٌ اڃان جيئري ويٺي آهيان. رستو منهنجو. تون پنهنجا رستا ڳولي هٿ ڪر. خوشي منهنجي ڪنهن کي ڏيان يا نه. چاليهن رپين جي پوتي ڪڍي کڻي ڏني اٿئي! هينئون ئي سڙي ويم جيڏيءَ مهل پوتيءَ تي نظر پيم.“

”چاچي اوهان جي ته ڪانه ڏنيم. مون کي پنهنجي ماءُ ڏني هئي سا ڏنم.“ ڪنوار منهن سڄائيندي چيو.

”ائي مائي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏينس.“ رئيسياڻي دوري پوندڙ لهجي ۾ ڳالهايو؛ ”اهي نٿون بولا، دهريون، پازيب، ساڙهيون سينڊل جيڪي ٽپڙ اٿئي، سڀ ڏي زيبل کي. مون به زيبل جي پچر ڇڏي. اِها آئي توکي آءٌ ائين سمجهندس ته ماڻهين ڏاج ۾ ڳڻائي هيئه.“ ايئن چوندي زليخان جوش منجهان بختاور ۽ جهمٽيءَ کي سڏ ڪيو ”ناس ٿيون ڪيڏي ويون. اچي ڀيڙيون ڏيونم. پُٺن کي مڪون هڻوم ته اوڳرائي اچيم. هانو تي بار چڙهيو پيو آهي.“ ايئن چوندي کٽ تي ٿي ويٺي ۽ چلمچيءَ ۾ چٻاڙيل ڦوٽا ڦٽي ڪيائين. ”ائي بختاور ڪٿي آهين، موت پئي هيڏي آءٌ.“ بختاور سڏ ٻڌي به ڪن لاٽار ڪري ڇڏي ۽ جهمٽيءَ کي چوڻ لڳي: ”ائي ڏسين ٿي اها مُئي مڙهانگ ٻه گهڙيون آرام ڪرڻ نٿي ڏي. مائي اسين به ته ماڙو آهيون ڪي لوهه جا ٺهيل ڪونه آهيون.“ ”ادي پاڻ کي ته ڪنوار کي ڏسڻو آهي. تازو ڪڪو ڄايس ته ريشمي وڳا لڪائي پاڻ کي ڏنائين. انجي سر ڪاڻ ته انهيءَ کوڳ جا سور سهايو ويٺيون آهيون. هَلُ ته ٻٽي ڀيڙيون ڏئي اچونس.“ جهمٽيءَ بختاور کي سمجهائيندي چيو.

”مُٺيون رستو ڏسي ڏسي منهنجون اکيون پيون سور ڪن. پنهنجو ته خيال ڪونه ٿو پئيو.“ رئيسياڻي ڳوهه وانگر ور ڏيئي اونڌي ٿي پيئي. ايتري ۾ پوپان به؛ جيڪا واڙي مان کير کڻڻ وئي هئي تنهن به چئونري رکي اچي بختيءَ ۽ جهمٽيءَ سان گڏجي پوڙهيءَ جي پٺيءَ پيرن ۽چيلهه تي مُڪن جو مينهن وسائي ڏنو، ڄڻ انهيءَ بهاني سان اڳيون پويون ڪسرون ڪڍڻ جو ارادو هون.

”اين....اون...ٻائو.“ رئيسياڻي ڍڳيءَ جي رانڀاٽ جيان هڪ خطرناڪ اوڳرائي ڏني جو ٽيئي ٻانهيون ڇرڪي ويون.

”ائي جيجي اهو ڪهڙو مرض آهي جو پٺن کي مُڪ هنئي اٿئون ته ٻائو ٻائو پئي ٿئي؟“ جهمٽي پڇڻ کان سواءِ رهي نه سگهي.

”صدقي ڪيون؛ مرض لڳيوَ ستن پيڙهين کي، مون کي ڪو ٿئي.“

”جيجي پوءِ ڪارو لوڻ ڇو نٿي کائين؟“ پوپان جيڪا پيرن ڀر ويهي ٽنگن کي ڀيڙيون ڏيئي رهي هئي پڇيو.

”ائي مُيون ڏسو نٿيون ته اڳيئي، ’بليڊپيشر‘ اٿم وري لوڻ کارائي هٿن سان ٿيون ماريوم.“

رئيسياڻي زورائتي لت هڻندي پوپان کي کٽ تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو.

”سانئڻ هو سڪل پنڃرايئن هڏي جهڙو ڏاڪدر جو سدائين وات پيو چوريندو هو سو ڇو نٿي گهرائين؟“ بختيءَ؛ جهمٽي ۽ پوپان جو حشر ڏسي ڊڄندي ڊڄندي صلاح ڏني.

”ائي بختي ان مئي جا هوش حواس موڪلائي ويا. پيري وٺي ويس. هٿن سان ٿيون ماريوم. ابتيون سبتيون سيون هڻي ويٺو ماڻهو ماري.“ رئيسياڻي ڪنهجندي وراڻيو.

”چاچي خير ته آهي ڊاڪٽرن جون پيون ڳالهيون نڪرن؟“ ڪنوار فڪرمنديءَ سان پڇيو.

”ائي هاڻي ٺهيو ٺهيو. ماڻهين ته تعويذ ڪري هي حال ڪيو اٿم. هاڻي ٺريو ويٺي آهي.“

”چاچي تڪليفون ڪي تعويذن سان ٿينديون آهن ڇا؟ امان ويچاري ته در کان ئي ٻاهر نه نڪري سو توهان تي تعويذ ڪرائيندي، اهي وهم وسار.“

”تون ڪير آهين مون کي نصيحت ڏيڻ واري. مون کي به ته ولوءَ ڀوپي چيو آهي ته تعويذ اٿئي روز پئي ڳرندي وڃين. چاچي جيئن وڻئي تيئن چئه، وڏي واٽ اٿئي“

”وڏي واٽ! ڇا چيئي؟ آئي وڏي واٽ ڇا کي چئبو آهي، اها خبر اٿئي؟ بي-اي پڙهي آهين پر ڪڙهي ناهين مون کي وڏين واٽن جا پئي ڏس ڏين. اهو شان هوندو ماڻهين جو، انهيءَ کي وڏي واٽ ڏيکار.“

”آءٌ ته سمجهي نٿي سگهان! الائي ڪهڙا مطلب ويٺي ڪڍين“

”تون ڪوهه لاءِ سمجهين. توکان ته ٿڃ جو کير پيو وهي. ڦيڻان وجهي سڄو سارو منهنجو ٻچو ٻانهون ڪري ڇڏيو اٿئي. مون کي ڏسيو اکيون هيٺ ڪيو ڇڏي. مون کي ڪا پرواهه به آهي ڇا سندس. آءٌ به سڄي ملڪيت پنهنجين نياڻين کي نه لکي ڏيان ته منهنجو نالو به زليخان ناهي.“

”چاچي وڃي لکي ڏيون.مون کي ڇو ٿا ٻڌايو. پنهنجو پُٽ اٿَو، پاڻ ڄاڻو.“ ايئن چئي ڪنوار پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي ۽ رئيسياڻي نوڪرياڻين کي تڙيون ڏيئي پري ڪري پاڻ چلم پيئڻ ويهي رهي.

.......                  ........                   ............

”ٺڪ ٺڪ ٺڪ“

”ائي بختاور ڏس ته در تي ڪير آهي؟“

بختاور ڊوڙي در ڏانهن ويئي ۽ دعوتي ڪارڊ کڻي آئي.”جيجي، گنجي مٿي وارو ٿلهو ڀائي؛ هي ڪاڳر ڏيئي ويو آهي.“

”ائي منهنجي اڳيان ڪاڳرن جو نالو نه وٺو. سڏ ڪيو ڪنوار کي ته پڙهي.“ زليخان ڪارڊ ڏسي دهلجي ويئي.

”چاچي خير ته آهي“ ڪنوار اندر ايندي پڇيو.

”ائي امان سدائين خير هجي. هي ڪاڳر الائي ڇا جو آيو آهي. مولودن جو ته ڪونهي؟“

”ها چاچي واهه جي ڳجهارت ڀڳئي. ڪلهوڙن مان آيو آهي. ميلاد ڪيو اٿن سڀاڻي شام جو ستين وڳي.“

”مائي مون بس ڪئي. منهنجا ڦڦڙ ٿا ڪنبن. اهي روز روز جا واعظ مون کي ڏڪائن ٿا. تون وڃي ٻه پير ڀري اچجان. ثواب جو ڪم آهي.“

”چاچي ايتري دير آءٌ ننڍي ٻار سان ڪيئن وهنديس؟“

”ائي جهجهي ويهڻ جو ڪهڙو ڪم. تون ماني جي ٽائيم تي وڃجانءِ.“

”چاچي ماني گهر ۾ ڪونه آهي ڇا؟ سچي سردار جي ساراهه نه ٻڌي سين ته وڃي ڇا ڪيوسين؟“

”پر امان’رواز‘ جي ڳالهه ٿي ڪيان. تازو هينئر ڪانڀي خان جي گهر به ڏٺم ته نوين سوڌو به زالون پئي آيون. ڪير جي پڇين ته دير ڪوهه ڪيوَ؟ چي: ”اسان ٻين دعوتن تان پيون اچون.“

”چاچي مون کي شرم پيو اچي ماني ڪاڻ وڃڻ.“ ”ٺهيو امان مون بس ڪئي. جي طاقت ساريم ته پاڻهي ويندس توکي منهنجي رستن سان قدم کڻڻوئي ڪونهي. آءٌ وڻان ته منهنجو راڄ به وڻي.“

ڪنوار جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي. ايتري ۾ وري در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. ٻانهي وئي ۽ ٻيو ڪارڊ کڻي آئي.

”جيجي هي مٽياريءَ جي سيدن جو ڊليور عيد ميلاد جو ڪاڳر ڏئي ويو آهي.“

”ائي نڀاڳيون، نپٽيون چيو مانو ڪون ته مون کي ايهي ڪاڳر نه ڏيکاريو. انهن ڪاڳرن سان منهنجو هيانءُ ٿو ڦاٽي. وڃي ڪنوار کي ڏيو. رکي نه رکي سندس مرضي.“ رئيسياڻي پلاند مان ڦوٽا ڇوڙي تڪڙي تڪڙي چٻاڙڻ لڳي پوءِ ڳيت ڏيندي ٻانهيءَ کان پڇيائين:

”ائي بختاور اهي وري ڪڏهن کان ميلاد ڪرڻ لڳيون؟ اسان به اڇو مٿو آندو. ٻه عيدون ٻڌيون سڻيون سين، اِها عيدميلاد وري ڪوهه؟ اڳي مڙسن منجهه مولود ٿيندا هئا. هاڻي وريو چون عيدميلاد. مٺاسين مائي! منهنجو به ساڻن نانين ڏاڏين کان رستو آهي تڏهن ته ڪون ڪيا هيائون اهي ميلاد.“

”ائي جيجي اهو ميلاد جو ڦيشن اچي هن خلق وڌو. تنهن لاءِ ڪري گهر گهر ۾ ٿا ميلاد ٿين. ڪلهوڙن به ته ديکا ديکيءَ ۾ نئين بنگلي جي خوشيءَ ۾ ميلاد ڪرايو آهي.“

”ائي پوءِ اسين ڇونه ڪريون؟ اسين ڪنهن ڪانڀي ۽ ڪلهوڙن کان گهٽ آهيون ڇا؟ سڪي پني پوٽو ڄايو آٿم ڇونه عقيقي سان گڏ ميلاد به ڪرايون. ڦيشن جو ٿيو مون به سڄي ڄمار ڏنو آهي. ستر ۾ پهتي آهيان، ڪو مفت جو ڪونه ڏنو هئم. ،ماڻهن کي ته نينگر جي توهر جي به خبر نه پئي، اها ڊاڪٽرياڻي امينا چڱي ملڪ الموت ساماڻي آهي جو ڄمڻ سان ئي ٻڪر ٻوساٽ ۾ معصومڙي جي توهر به ڪري ڇڏيائين. اڃان چوڏهن پنڌرهن جو هجي ها ته ڳاڙهي گوڏ ٻڌي گهوڙي تي بينڊن باجن سان سرڪس ڪري ها ته لوڪ ۾ به واهه واهه ٿئي ها. ائي مُئي جهمٽي ڪنوار کي سڏي وٺ.“

”چاچي خير؟“ ڪنوار اچي کائنس پڇيو.

”ائي امان مڙسهين اچي ته چئينس ڪاڳر ٺهراءِ سڀني کي ميلاد، عقيقي ۽ نينگر جي توهر جي خوشيءَ جو سڏ گهمرائي.“

”پر چاچي پوءِ ته چار ٻڪر ڪسندا، ٻه عقيقي جا، هڪ توهر جو ۽ هڪ ميلاد جو.“

”ائي چئن کي کڻي ڇڏ. ماڻهو اچي کلون ڳڻيندا ڇا؟ عقيقي لاءِ هڪ ٻڪر ڪافي آهي. کٽو ته ٻيو ٿورو کليو گوشت به گهرائي وٺنداسين.“

”چاچي سنت ۾ ته ٻه ٻڪر آهن هڪ ۾ عقيقو ڪيئن ٿيندو؟“

”مائي سنت ڪير ٿو ڏسي، اڄ فرض ئي پورا ڪين ٿا ٿين. اڀرو سڀرو ٻڪر به ڇهين سوين کان گهٽ ڪونهي. هاڻي وڃي تياري ڪر. مڙسهين اچي ته انهيءَ سان صلاح ڪر تيسين ويهه ته اُنهن زالن جي نالن جو لشٽون لکرايانءِ، جن سان ڏيڻ وٺڻ جو رستو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com