سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

باب: --

صفحو :12

جڏهن وڏيري جي وات مان رکي رکي عجيب قسم جا ڦوڪارا نڪرڻ لڳا ته هن کي خاطري ٿي ته کيس ننڊ کڻي ويئي پر هن جي پنهنجي ننڊ پر ڪري اڏامي ويئي.

سدا جيان، سوليءَ جهڙيون سوچون اچي ڳلي پيس. ظاهري ته گهڻئي رعب تاب رکيو ويٺي هئي پر اندر ۾ لڳل لوريءَ کيس پل لاءِ به سک جو ساهه نه کڻڻ ڏنو هو. هن اها زندگي جهڙي به هئي مقدر جو لکيو ڄاڻي جيئن تيئن ڪري گهارڻ جو فيصلو به ڪري ورتو. پر هڪ آسري.... هڪ سهاري. جڏهن کوڙ ڏينهن لنگهي ويا ته پڪ ٿي هيس ته هيءَ اها ٿوهر نه هئي، جنهن جي لامن ۾ گل به نسرندا آهن. هين جي ڀاڳ ۾ ته رڳو خوفناڪ نويڪدار ڪنڊا هئا.

تنهن رات هن سوچي سوچي پڪو پهه ڪيو ته هوءَ عملي طرح به ٿوهر جو وڻ بنجي وڏيري جي سامهون ايندي. سج اڀرڻ سان وڏيري کي ائين کڻي ڏنائين جيئن سانُ پاڏو کڻي سڱن تي.

هُن اڃا سگريٽ جو پورو سوٽو ئي ڪو نه ڀريو جو چوڻ لڳس:

”وڏيرا مون کي به ته ڪجهه کپي رڳو رات ڏينهن اهي نڀاڳ جا سُوٽا پيو هڻين، تنهن مان ڇا ورندءِ.....“

”مٺا، هن ننڍي شهر ۾ رهندي به مون تون کي راڻين کان سکيو رکيو آهي، اڃا ڇا کپنئي؟“

”مون کي ڇڙو دل جو چين کپي، ورهيه گذري ويا آهن وڏيرا هاڻ مون کان سٺو نٿو ٿئي. مان چاهيان ٿي ڪوئي هجي جو مون کي امڙ ڪري ڪوٺي.“

”الله ۾ اميد آ،“ هن سگريٽ وسائي ٿڌو شوڪارو ڀري وراڻيو. ”ڪوشش ته هر جمعرات گهڻي ٿو ڪريان.“

”اهو جمعرات جو وري ڪهڙو شوشو ڇڏيو اٿئي؟“

”انهيءَ شوشي جي پاڻهي توکي خبر پوندي آخر ٻانگي ساوڻ کي به ته ڪنهن ڳالهه پٺيان ارڙهن ٻار ڄاوا آهن.“ هن اک ٻيٽي ڪنڌ کي ڌوڻ ڏيئي ٿورو مرڪي وراڻيو.

“اهي سکڻا دلاسا ٻين کي ڏنا هوندءِ.“

”مون کان رڳو اها خطا ٿي ته مان جمعرات جو سعيو ڪري انهن ڏي نه ويندو هوس، هاڻ ٻانگي ڏسيو اٿم ته بسم الله ڪري پنهنجن حقن ڏي وڃبو آهي.“

”ڀلي وڃين، مون ته نه جهليو ٿيمانءِ.“

”هونهه، مان وري ڪو جهلجڻ جو آهيان ڇا؟ پر مٺا اهي ويچاريون ته ويون لسٽ مان نڪري، هاڻ آهين تون؛ سو ماٺ ڪيو ويٺي ڏس جمعرات مٺي مراد جا رنگ.“

”ڏسان ته ڪهڙا ٿو اڪ ڪارا ڪرين.“

”رک موليٰ تي.“ هو شڪار تي وڃڻ جي سنبت ڪاڻ سوير ئي پلنگ تان اٿي کڙو ٿيو.

”رات سور کان ڦٽڪئين پئي وري شڪار تي ٿو وڃين؟“

”اهي سور وري اسان جهڙن لوهه مروڙن کي ڪو جاليندا ڇا.“

هو تيئن سيٽيو ۽ ڪارتوسن جو ڪئڍلو ڪلهي ۾ هڻي بندوق جو پٽو کٻي ٻانهن تي لڙڪائي لوڏ سان هلندو وڃي جيپ ۾ چڙهيو. جتي ٻه چار همراهه اڳ ئي سندس اوسيئڙي ۾ ها.

سڄيون ساريون سورهن جمعراتون چاڪيءَ جي ڏاند جيان هلي هلي وڏيرو ساڻو ٿي پيو پر نڪو کڙ نڪو تيل. شاهدان جي طعنن مهڻن کان سڀ شوق شڪار وسري ويس. چارئي دسون کيس ڄڻ اوندهه ٿي آيون. ڪمدار اچو چونس، ”سائين فصل ٻڏي ويو.“ ته چوين، ”ابا پيو ٻڏي.“

زمين جو ڪم به کانئس نه پي سنڀاليو ٿيو،جيڪو پوءِ سوٽن،ماساتن کي لاچار ٿي سنڀالڻو پيو هو.

ماءُ جي چوڻ تي لڳي ڇٽل ڦٽ کي ڄر هڻائين. اڳيون ته مقدر جو لکيو ڀانيو ماٺ ڪيو پيرن هيون، پر هين جل ڦٽاڪيءَ نه رڳو وڏيري جون وايون بتال ڪري ڇڏيون پر سندس ٽڀو ئي اونڌو ڪري ڇڏيو. ڏينهن رات ٻارڻ ٻاريو پئي هئي- پر هن جو کيس هڪ ئي جواب هو؛ ”مان ڇا ڪيان مٺا، منهنجي وس جي ڳالهه ته ناهي- مان ته ملان موراڻا سڀ جانچي بيٺو آهيان ته سڀ ڪو مون کي جمعرات جو ڏس ٿو ڏي- نيٺ اهو به ته ڪو سڀاڳو سوڻ هوندو.“

”جمعرات جي چڪرن ۾ ڇو اچي پيو آهين، ڇو نٿو ڪنهن حڪيم ڏي وڃين؟“

شاهدان جو رايو هن جي مرداڻي قوت تي ڄڻ ڪاري ضرب ٿي لڳو.

“چري ٿي آهين ڇا، مان ڇو ڪرايان علاج- مان ته سنئون آهيان، اوهين زائفائون وڃي پنهنجا علاج ڪرايو.“

”ايڏو بانور تون به نه ڪر وڏيرا، چئنين ۾ ته عيب ڪو نه هوندو- ٿي ٿي کڻي به هڪ ٻن ۾ ٿيندو.“

”مون کي ڪهڙي خبر، مان ڪو ’دايو‘ ته ڪو نه آهيان.“

اولاد نه ٿيڻ معنيٰ ضروري ناهي ته ڪو عيب هجي، اهو ته رب جو ڏنو آهي ڪنهن کي ڏي يا نه، اهڙا به اشراف پيا آهن جي صبر سان  وقت پيا گذارين، زال ۾ جي عيب هوندن به کڻي ته ٻي ڪري پرڻبا آهن، پر تو ڏسي  وائسي چئن چئن جي حياتي وڃائي ته به پاڻ ڏي ڪو نه ٿو سمجهين، آخر سڀئي عيب الله زالن لاءِ ئي ته نه خلقيا آهن، حڪيم کان صلاح وٺڻ ۾ ڪهڙو مان ’گهٽبئي؟“

”گهڻئي واعظ ڪيهءِ هاڻ بس ڪر ته ڦيري نه اچي وڃنئي.“

”ڦيري ايندي جو....“

ايتري ۾ ٻانهي اندر اچي دستر خوان وڇائڻ لڳي ته ٺاهوڪو  جواب هن جي چپن تي ئي رهجي ويو.

مبارڪ علي حڪيم ڏي وڃڻ کان گهڻي گيسر ڪئي  پر اڳيان هيءَ به اُگهاڙي ترار، اُٿندي ويهندي اهڙا ته گهاو  وڌائينس جو لاچار فون تي ٽائيم وٺي کيس حڪيم ڏي وڃڻو پيو.

سج لاڙي جڏهن اُتان موٽيو ته سندس قدم اڙيا تڙيا پي پيا.

” ڇا چيهءِ حڪيم؟“ هوءَ کيس ڏسندي ئي پڇڻ لڳي.

”حڪيم ته مون کي وڏي خفي ۾ وجهي ڇڏيو آ.“

 هن صوفي تي ويهندي وراڻيو.

”ڇا جو خفو؟ جيڪا ڳالهه آهي سا ڪر کڻي، اندر ۾ ڇو گهٽيو ويٺو آهين؟“

”مٺا....“ هٿ ۾ جهليل، حڪيم جي ڏنل دوائن واري وڏي پُڙي ڏي گهوريندي هو  وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.

”ڇو ٻڏي وئين، اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ هوءَ جا اڳ بيٺل هئي، پيرائتي ڳالهه ٻڌڻ ڪاڻ سندس ويجهو غاليچي تي ئي ويهي رهي.

”سچي ڪري سڻانيانءِ.... حڪيم چيم ته مون منجهه حرڪت آ....“

”مُئا مرض لڳا پوءِ ڇو ٿي پرڻئين مون سان! مون پسونئڙيءَ جي حياتي کڻي وڃايئي.“ ائين چوندي پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳي.

”مون کي ڪهڙي خبر ته  مائٽ مون کي ٻٽيهه مرضئي واڳونءِ جي وات ۾ وجهندا.“ هن جي اکين مان ڳوڙها جهر جهر ڪري وهڻ لڳا.

”مٺا رو ته نه ....“ تون پوري ڳالهه ته سڻ....“

هو ....و....ون ته اِهو ڪو خلل هو“ هِن کيس اڻ ٻڌو ڪندي چيو ” اهي ويچاريون ٽي نماڻيون، جن صبر ڪري اڇون سينڌون ڪيون تن سان اهو ڪو ويل هو، جهان جا مهڻا سهيو به ڍڪ ڍڪيو پيون هيئي- مون کان رکڻي ڪانه رکبي.“ هن کيس کُليئي پلو جواب ڏنو.

”اولاد ڪاڻ تون پنهنجي مڙس کي گلا جو گهانگهو ڏيندينءِ؟“

”مون نيٺ ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو منهنجي حياتيءَ وڃايئي؟ شرع شريعت ۾ به اِهو پرڻو بي واجبي آهي.“

”تون آپريشن تائين صبر ته ڪر، نه مون کي بڇڙو ڪر نه پاڻ....“

”پيريءَ ۾ آپريشنون ڪرائي پنهنجا ڇوڏا لهرائيندين  تنهن مان ڇا ورندءِ؟“

”پوءِ ڇا ڪيان؟ تنهنجي ڪري ته طبيب حڪيم پڇائيندو وتان.“

”مان سڄي عمر ڇوڪري ته ڪانه هوندس، تون به سدائين ته ڪو نه هوندين- پيريءَ ۾ ته پنهنجو اولاد  ڪم ايندو.“

”مٺا دولت جا دروازا کليا پيا اٿئي، توکي اولاد جي ڪهڙي پرواهه.“

”مان ٻَن ڏيان دولت کي، سڏ تي اِها مون ڏي هلي ته نه ايندي. اولاد بيماري سيماري ۾ ڊوڙندو ته ايندو. اِهي بنگلا ماڙيون چٽيندس ته ڪانه....“

”صفا لانگڙ لاهه نه ٿي، ڪجهه ته حيا ڌار.“

هوءَ ڪي گهڙيون سوچ ۾ پئجي وئي.... هِن ڄاتو ٿي ته ’ستي لَڪڙن کان موٽي ته ڪتن هاب ٿئي،‘ پوءِ به سوچي سوچي هن نيٺ چئي ڏنو؛ ”تو جي شرع محمدي موجب چار شاديون ڪيون آهن ته مون کي به شرع محمدي موجب ٽي ڀتر ڏي ته مان به وڃي ڪو ڪکين پنين لڳان.“

 وڏيرو مبارڪ، جو هيل تائين هيٺاهين وٺيو پي آيو تنهن کيس زورائتي  لت وهائي، دوائن وارو پُڙو دريءَ کان ٻاهر اُڇليندي هڪدم ڀڙڪو کاڌو: ”رن، جي اهڙو ئي اولاد ڪاڻ ماندي پئي ٿين ته سڄي حويلي پئي ٿئي وڃي دانگي مل- باقي طلاق کان هڻندومانءِ منهن وارو پادر.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com