ڪڏهن
زلفيءَ سان ڪيل وعدا ٻاراڻا ٻول ٿي لڳس. جذباتي
فيصلا ٿي سمجهائين. ڪنهن مهل عمر جي پختگيءَ شيراز
سان سڄي پيار جو سرٽيفيڪيٽ ٿي ڏنس...هن کان سواءِ
زندگيءَ جو تصور به نٿي ڪري سگهي.... ٻئي ئي لمحي
زلفي هڪ معصوم ۽ پرخلوص فرشتي جو روپ ڌاري سندس
سامهون بيهي رهندو هو ۽ هوءَ پاڻ کي دغا باز بيوفا
سمجهي هن جي قدمن ۾ جهڪندو محسوس ڪندي هئي.
پوءِ
شيراز لاءِ هن جي دل ۾ ايتري محبت ڪٿان آئي....اها
ته هڪ سان ئي ٿيندي آهي...اهو سڀ وقتي لڳاءُ آهي
ٻيو ڪجهه به نه...مان هن سان محبت نٿي
ڪريان......نٿي ڪري سگهان.....ها
صرف....دوستي...دوستي.....محبت.....محبت!
دل ۽
دماغ جي انهيءَ جنگ هن کي جهڙو ساڻو ڪري
ڇڏيو....هوءَ آهستگيءَ سان ديوان تان اٿي ۽
اسٽيريو ٽيپ آن ڪري قالين تي ئي ڪشن رکي اونڌي ٿي
ليٽي پئي... هلڪي موسيقي جي سُرن هن، جي منجهيل
ذهن کي ڄڻ شاور جهڙو سرور ڏنو. در کي اندران لاڪ
ڪرڻ جي آواز تي هن پاسو ورائي ڏٺو. شيراز باز
وانگر هن ڏانهن وڌيو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀري بي اختيار
پيار ڪرڻ لڳو.
”آءِ
لو يو، ماءِ بيوٽيفل انوسينٽ ڊارلنگ.“
”بس
ڪر شيراز.....“ گرم ٻانهن ۾ موم وانگر وگهرڻ جو ڊپ
ٿيس.
”مون
کي پورو پيار ڏي شبنم.....مان ائين ٿو محسوس ڪريان
ڄڻ تو پنهنجي حسن جي زڪوات، جا صرف چاليهين پتي
هوندي آهي، مون کي ڏني آهي.“ شيراز سندس چپن مان
امرت ڦڙا اوتڻ کان پوءِ پنهنجا چپ سندس اکين تي
رکيا ۽ ترجيان پنهنجي جسم سان چهٽائيندي چيائينس:
”ڊارلنگ، اهي ٿينديون آهن محبتون...ائين ٿيندا آهن
پيار...ڏس، ڪيئن پيا لڳون....ڄڻ پورا ٻارهن ٿيا
هجن...ٻنهي ڪانٽن جو ميلاپ.“
”اهو
ميلاپ وقتي هوندو آهي شيراز.“ هن پاڻ ڇڏائڻ جي
ڪوشش ڪئي.
”ڊارلنگ ڪڏهن به نه... ڪڏهن به نه.“ مٺين جو مينهن
ڳلن، چپن ۽ اکين تي وسائيندي چيائينس، ”مون تي
اعتبار ڪر ڊارلنگ، آزمائڻو هجئي ته آزمائي
ڏس.....پر پوءِ سڄي زندگي پڇتائيندينءَ.“
”ڇو؟“ هن جهيڻي آواز سان پڇيو.
”مان
سر گهوري يقين جو ڏياريندس.“
”شيراز، ڇا سچ تون مون کي ايڏو پيار ٿو ڪرين؟“
”ها،
ٽرٿ نٿَنگ بٽ ٽرٿ.“
شبنم
جيئن پوءِ تيئن ويجهو ايندي ڏسي ننڊا کڙو احتجاج
ڪيو: ”ائين نه شيراز، ائين نه.....“
”جان، مون کي نه روڪ، مان مرانءِ ٿو.“ شيراز سندس
چهرو پنهنجن هٿن ۾ جهليو ۽ پيرن کان چوٽيءَ تائين
التجا بنجي ويو.
روهه
پاري ۾ هن جو جسم کوري جيان ٻرڻ لڳو ۽ سڄي جيان
پگهرجڻ لڳي.
”مان
اهو ڪڏهن نه نه چاهينديس....پاڻ صرف دوست
آهين...سٺا دوست....“
شبنم
ٻنهي ٻانهن سان کيس ٺيلهو ڏنو. شيراز جو ان هماليه
جبل جي چوٽيءَ کي سر ڪرڻ کان ٻه وکون پري هيو تنهن
پاڻ کي ان اوچائي تان ليٿڙجي ڪرندي وڏي پيڙا مان
چيو:
”ڏاڍي ظالم آهين.....ڏاڍي ظالم آهين.....“
پل
لاءِ شبنم جي هيانءُ کي جهٻو آيو ۽ دل جي ديل ۾
مريم جو مقدس بُت ڀُري ڀور ٿيڻ تي هو پر هن پلصراط
تي پنهنجا ڪنبندڙ پير سنڀالي ورتا ۽ ڊرائينگ روم
مان ڊوڙ پائي وڃي ستل ٻارن کي چمڻ لڳي.
سوڀي
سوڀيءَ جي مڙس جي بيماري اينگهجي ڇا پئي ڄڻ گهر ۾
چوويهه ڪلاڪ ميڙو متو پيو هو. انهيءَ ميڙي مچائڻ ۾
سوڀي ۽ سندس ڌيئن جي فطري خوش مزاجيءَ سان گڏ رلڻي
ملڻي سڀاءُ جو پڻ وڏو دخل هو.
پنهجون پرايون، اوڙي پاڙي جون ٻارين ٻچين سوڌو
طبيعت پڇڻ جي بهاني روز بيٺيون هونديون هئس.
پهريائين ته دستور موجب ڏڪنديون ڪنبنديون چٻا منهن
ڪري گهر ۾ گهڙنديون هيون ته متان مڙهو راتو رات
اُسهيو نه هجي. هنن جو انديشو به پنهنجي جاءِ تي
صحيح هو. ڇو ته لڳاتار نازڪ دور مان گذرڻ واري
شيءِ کي ڪنهن مهل به خطرو ٿي پئي سگهيو. پوءِ جيئن
گوگڙوءَ تان مٽي لاهبي آهي تيئن بنا ڪنهن دير جي
مغز جي ڪيسٽ ۾ ٽيپ ٿيل سوال کي ورجائيندي پڇنديون
هيون، ”ڪيئن آهي ادو؟“ يا ڪيئن آهي چاچو؟“
”ساڳيو ئي حال آهيس!“ سوڀي به بنا ويسارڻ جي ساڳئي
جواب ڏيڻ تي هري پئي هئي. رڳو اهو ٻڌڻ جي دير
هوندي هئن، پوءِ ته اوکا پوکا لاهي کٽن تي چڙهي
ويهنديون هيون ڪچهريون ڪرڻ ۽ کلڪا لائڻ. سندن ٻارن
جي پلٽڻ سٽ پائي ڌم ڌم ڪندي کُڏَ تي حملو ڪري
ڏيندي هئي.
سوڀيءَ جي مڙس جي ڪوٺيءَ واري ڇت تي سوڀيءَ جي
سهري جو پراڻي ڪموڊ، وڏي ڌيءَ جو چاليهه سال اڳوڻو
ٽٽل ننڍڙو پينگهو، سوڀيءَ جي مڙس جي هئنڊل نڪتل
سائيڪل، گهڙامچون، رسا، ايسون پاوا، تباخ، ڪونئرا،
چلمچون. دٻا ۽ ٻيو گهڻئي ڪن ڪچرو سندن ڌيان ۽
دلچسپيءَ جو خاص مرڪز هو. بس پوءِ ته کڏ تي ڌم
ڌمان سٽڪا ۽ ڦهڪا لڳا پيا هوندا هئا، هوڏانهن هو
اگهو اهپاپي، سورن جو ستايل، ڏکن جو ڏڌايل
اڪيلائيءَ جي عذاب جو پهاڙ جيڏو ڏينهن ڇت جا ٽيئر
گارڊر ڳڻيندي گذاريندو هو ۽ پنهنجي نصيب جو لکيو
ڄارن سان ڀرپور پلستر لٿل چُر جهڙي ڪوٺڙيءَ م پيو
لوڙيندو هو. کيس ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سندس جسم
جي پلستر کي به ڪلر کائي رهيو هجي. ڪوٺي هن لاءِ
جيئري قبر هئي، ۽ هو اُن ۾ جيئرو لاش، انهيءَ قبر
۾عطر ۽ ڪافور بجاءِ ڦڪين ۽ ڪاڙهن سان واسيل اجرڪ
جو ڪفن اوڍي پيو ڪڙهندو هو...سڙندو هو....ڳرندو
هو...پر مرندو نه هو. ٻاهران ايندڙ زالن جي ٽهه
ٽهه ۽ ڪڪڙن جي ڪُڙ ڪُڙ هن لاءِ روز جو ويل هو.
ڪڪڙيون به هينئن تي مڱ ڏرڻ ڪاڻ صبح سانجهي اوچا
ڳاٽ کڻي ڪڙ ڪڙ ڪري ڪوٺيءَ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ڪاهي
پونديون هئس ڪا کٽ جي هيٺان ڪا مٿان ٽپائيءَ تي
پيون ’ٺمڪن تي ٺمڪا‘ هڻنديون هيون. وس نٿي هلين نه
ته ڪر آرو به سندس هنج ۾ ويهي ڪن ها.
سوڀي
جڏهن کان ڪڪڙيون پاليون تڏهن کان محشر ئي رلي
پيس،سڄو ڏينهن اُنهن ڪڍ نڙ هٿ ۾ کنيو ڪڙ ڪڙ ڪري
پئي هڪليندي هئن
”ڪُڙُ ڪُڙُ، ڳاٽو ڀڄيو.“
”ڪڙ
ڪڙ، ٽنگ ڀڄيو.“ پاراتو ضرور ڏيندي، پوءِ ڇو نه هلي
هلي سندس ئي ٽنگون ٽڪر ٿي پيون هجن.
جوڻس
جي واتان هر وقت ڪُڙ ڪُڙ ٻڌي نه رڳو هوءَ کيس وڏن
کنڀن واري فارمي ڪڪڙ لڳندي هئي، پر پنهنجو مغز به
ڄڻ پولٽري فارم محسوس ٿيندو هئس. ليٽي ليٽي غير
ارادي طور ڪڪڙ ڪڙ پيو ڪندو هو ته من ڪجهه آرام
مليس. پر آرام ڪٿي. ڏينهن جو ڪڪڙين ننڊ حرام ڪري
ڏني هئس ته وري رات جي سڄي پاڙي جا ڪتا سندس
ڪوٺيءَ جي دريءَ ٻاهران وڏا ’پار‘ ڪڍي ويتر سندس
هيانءُ ڦاڙيندا هئا.
”لا....خ.... جي لعنت هجيو نڀاڳا- چنڊا.“
هو
انهن کي ڀڄائڻ لاءِ ملئول هٿ سان ڀر ۾ پيل ٽپائي
ته ڌڪ هڻي هڪل ڪندو هو جنهن تي کٽ هيٺان ستل ٻلي
سجاڳ ٿي بيزاريءَ مان ميائون ڪندي هئس ڄڻ دهمان
مان چوندي هجيس؛ ”ماٺ ڪري پئجي رهه اگها ڏسين نٿو
رات جا ٻه وڳا آهن، طبلو ڪوهه پيو وڄائين.“
هو
تيئن ٽپائيءَ تي ڌڪ هڻندو، هو پر ڪتن ڪٿي ٿي ٻڌو.
ويتر اوناڙيون ڪري وڏا پار ڪڍي رهيل سهيل رت جا ٻه
ٽي ڦڙا به سڪائي ڇڏيندا هئس.
هينئر ته خير ويچارو نه ڏهڻ جو هو نه ڪهڻ جو، پر
جڏهن اڃان کڙو تڙو هو، رت پت ۽ ست ساهه هيس، تڏهن
به سوڀي کيس لفٽ ئي ڪو نه ڏيندي هئي، اهي چار ڌيئر
به الائي ڪيئن زور ئي ظلم سان ڄڻي ڏنائينس- جن
مان هڪڙي ته ٻن نياڻين جي بيواهه ماءُ ممتاز هئي،
ٻي طلاق يافته دمساز، ٽين مومل، پنهنجي راڻي مڙس
کان رٺل ۽ چوٿين ڪنواري ڪنيا سومل.
کين
به مڙس جي نه ڪا پرواهه هئي ۽ نه ضرورت پنهنجي
ليکي پاڻ مڙس ماڻهو هيون، ڏاڍي هوشياريءَ ۽
سگهڙائپ سان گهر جو گاڏو پئي گهليائون.
پيءُ
جي پينشن توڙي ماستريءَ واري زماني ۾ خريد ڪيل
زمين جي ٽڪر کين چڱو سهارو ڏنو.
سوڀي، مڙس جي ڪمري ۾ جڏهن بيڊ پين وغيره کڻڻ يا
رکڻ ڪاڻ ايندي ويندي هئي ته هو حسرت مان نهاريندو
هئس. هو پنهنجي رک جي ڍير مثل زندگيءَ ۾ ڄڻ ڪنهن
چڻنگ جو ڳولائو هو. تنهن ڏينهن همت ڪري اجرڪ جي
ڪفن مان پنهنجو هڏائون هٿ ٻاهر ڪڍي هن کي ٻانهن
مان جهلي مُئل ڪراڙي رومينٽڪ آواز ۾ چيائين:
”ممل
ماءُ، ٻه گهڙيون ويهه ته سهي هنيو ٿو منُجهي.“
”ايڏهين!“ هن سندس هٿ کي بڇان مان اَڇل ڏيندي
چيو.
”مون
کي اهي لاڏ ڪو نه ٿا وڻن.“
هن
جو هٿ هوا ۾ سڪل ٽاريءَ وانگر جهولي هيڊي پن جيان
کٽ تي ڇڻي پيو. اها هئي به حقيقت. هن کي اهي لاڏ
شروع کان ئي نه وڻيا هئا ته هينئر ڪٿان وڻنس ها.
ان جي برعڪس سندس ساهيڙيون خوش قسمت هيون جن کي
ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي هنئين سان لائيندي هوءَ ٿڪبي ڪو
نه هئي.
هڪ
طرف ڪچيءَ کان پيءُ جي بي حد لاڏ پيار ۽ حاوي رهڻ
واري انداز جتي کيس لاشعوري طرح مرد بنائي ڇڏيو،
اتي ماءُ جي اجائي ڇينڀ مردن لاءِ هن جي دل ۾ نفرت
پيدا ڪري سندس نسوانيت جي جذبن کي ڄڻ چيڀاٽي رکيو.
ٿورڙي وڏي ڇا ٿي ڄڻ پابندين جو ڳرٽ اچي ڳچيءَ ۾
پيس. ٻاهر نڪرڻ تي بندش. سوٽ ماساتن سان گهرو ٿي
ڳالهائڻ ۾ اعتراض، کلڻ تي ڪنٽرول، در دريءَ تي
بيهڻ وٽ دڙڪا. هوءَ جا هر دم پيءُ سان گڏ ٻاهر
رهندي هئي تنهن کي گهر جي چار ديواريءَ واري گهٽيل
ماحول منجهائي ڇڏيو.
کيس
رڳو گڏين سان راند کيڏڻ جي فراخدليءَ سان اجازت
مليل هئي. وٽس کوڙ گڏيون هيون تن ۾ هڪ لُڙهيل ۽
ميرو مرض جهڙو گڏو، جيڪو راند مهل سڀني گڏين جو
واري ڦيري سان پيو گهوٽ ٿيندو هو. اهو گڏو کيس اصل
نه وڻندو هو ته به ان سان راند کيڏڻ لاءِ ڄڻ لاچار
هئي، ڇو ته ان کان سواءِ گڏين جي شادي به ته نٿي
ٿي سگهي نه. ڪيترا ڀيرا ماءُ کي نوان سهڻا گڏا
ٺهرائي ڏيڻ جي فرمائش به ڪئي هئائين، پر خبر ناهي
ڪهڙي نفسياتي نڪتي کان جواب ملندو هئس:
”ڪائي ضرورت ناهي گڏن جي- گڏيون کوڙ اٿئي انهن سان
ويهي راند ڪر.“ پوءِ اوچتو هن جي ذهن ۾ اسڪيم
آئي، هن گڏي کي کڻي پري اڇليو ۽ گڏين جي گڏين سان
شادي ڪرائڻ لڳي. اهي گڏيون سندس ڪچي ذهن ۾ ايڏيون
ته رچي ويون جو ننڍپڻ جي راند وڏي هوندي پريڪٽيڪل
لائف اختيار ڪئي. کيس پنهنجو مڙس ڄڻ ننڍپڻ وارو
اڳڙيءَ جو گڏو نظر ايندو هو جيڪو بنهه نه وڻندو
هئس.
جڏهن
هن جي ڀل ڀلان هئي تڏهن ساهيڙين سرتين سان خوب عيش
ڪيائين، هيپنوٽائيز ڪندڙ رنگ گاڏڙ ڀنگ وارو ڪجل
پائي پنهنجي گلابي ۽ نشيلي نيڻن جي ڏورن ۾ انهن کي
جڪڙي ڇڏيندي هئي. انهن قاتل ادائن ڪري هوءَ سٿ ۾
ڏاڍي مقبول هئي.
هينئر ته ڪا به اهڙي خاص ساهيڙي نه هيس، اها گهر ۾
ٿوري گهڻي رونق به ڌيئرن جي ساهيڙين سرتين ڪري
هئي. مڙس جي چاڪري ۽ اون ڪجهه مڙئي ڍرڪائي ڇڏيس نه
ته سٺ ٻاهٺ ورهين جي عمر ۾ به اڃان کڙي تڙي هئي.
هونءَ به هڏ چم ماڻهو اصل جهڙو پاٺو. بنهه جهڙو
مصر جي اهرامن ۾ رکيل مصالو لڳل ممي. ورهين گذري
وڃڻ کان پوءِ به ساڳي جا ساڳي. هوءَ به ڄڻ ڪا مصر
جي ممي هئي.
رئيس
چاڪر خان جي چوٿين زال بلقيس بانو جڏهن ٻڌو ته
سوڀيءَ جو مڙس انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو
آهي، ۽ سخت خطري ۾ آهي ته کيس به سندس طبيعت پڇڻ
جي فڪر اچي ورايو ڏٺائين ته پوڙهو جي مري پيو ته
سڄي عمر لاءِ مياري ٿي پوندس، آخر به ته ساڻن
وڏڙين جي وقت جا جهونا رستا هئا. ڳل لڳڻيءَ کان
وڃجي پر منهن لڳڻيءَ کان نه وڃجي، سو بلقيس به
انهيءَ چوڻيءَ تي عمل ڪندي اڄ ورهين کان پوءِ
پنهنجي سر تي شمان کي ساڻ ڪري وڏي کڙيءَ وارو
سئنڊل پائي، مٿان ايراني چادر اوڍي پرس هٿ ۾ کڻي
ننڍڙيءَ ڌيءُ مهر سوڌو سوڀيءَ جي گهر جو رخ ڪيو.
”ائي
شمان ڪٿي کڻي رلايو اٿئي،“ بلقيس سوڙهيون گهٽيون،
کڏون کوٻا لتاڙي بيزار ٿيندي چيو.
”تو
ته چيو ٿي ته رڪشا ڪنداسين، انهيءَ کان ته چڱو هو
جو رئيس موٽر کڻي اچي ها ته ان ۾ چڙهي هلون ها،
اجايو کڻي سرڪس ڪرائي اٿئي.“
”تڪڙ
به ته توکي هئي، ادو رئيس الائي ڪڏهن ڪِلبن مان
واندو ٿئي ها، مون ڀانيو هلي خفو لاهي اچون، رخشا
ملي ويندي- پر اڄ الائي رلي ڇو نه ملي.“
”مون
کي ته سندن گهر به ياد نٿو پوي.“ بلقيس ٿاٻڙندي
سئنڊل هيٺان آيل سلوار جو ويڪرو پائنچو ڇڏايو.
”مون
کي چٽو ياد آهي، ورهيه ٿيا جو هڪ ڀيرو ماسي
بختاور سان گڏ سندس پٽن جي طهرن جو سڏ ڏيڻ وئي
هيس.“
”ڏسجان متان منهنجا هڏ رلائين، الائي ڪهڙن پاسن
کان پئي هلين توبهن.... الا.“
بلقيس ڇيڻي کان سئنڊل بچايو.
”گهر
ته ڪٿي وڃي ٺهرايا اٿن.“
”ائي
امان تون ته سنڀالي هل،“ شمان سامهون ايندڙ گڏهه
گاڏيءَ کي ڏسي ننڍڙيءَ مهر کي کانڀٽيءَ کان جهلي
پاسو ڪيو.
”اڃان ڪيترو پري آهيون؟“ بلقيس مرڻينگ حالت ۾ پڇيو
”ڪهڙي ڪاريءَ کاڌم جو هينئر هلي هيس مڙهي کي پڇڻ.“
”بس
اچي پهتا آهيون، اها ڏس نه سامهون ماڙي اٿن.“
اهو
ٻڌي بلقيس کي ڄڻ ساهه پئجي ويو.
سرنگ
جهڙي ڊگهي سوڙهي ۽ اونڌائي ڏاڪڻ تي ٻئي ڄڻيون
نينگريءَ سوڌو ماڪوڙيءَ وانگر رڙهنديون رڙهنديون
چڙهڻ لڳيون.
”يا
دستگير!“ بلقيس کڙيءَ کي بچايو.
”ائي
بلقيس تون هينئر اهو سئنڊل نه پائين ها ته ڇا ٿي
پوي ها؟“
”هاڻي جيڪا خطا ٿيڻي هيم سا ته ٿي... رڳو ٻه
گهڙيون سامت جو ساهه پٽڻ ڏينم.“
آخري ڏاڪو اورانگهي اُڀ ساهيءَ مان مٿي جو چڙهن
ته منهن وٽ ئي کٽ تي ويٺل سوڀيءَ کي ڏٺائون جا
ڊگهي تسبيح هٿ ۾ کنيو ويٺو هئي.
”ائي
آءٌ صدقو ٿي وڃان منهنجي بلقيس آئي آهي!“ سوڀي هڪ
ٽپي سان اٿي کڙي ٿي. کٽ هيٺان ويٺل ڪڪڙ ٽاهه مان
ڀڙڪو کائي هڪدم اگهي جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي وئي.
”امان ڪير آهي، امان ڪير آهي؟“ چار پنج رڙيون ڪورس
جي انداز ۾ اندران ڪوٺيءَ مان ٻاهر اڱڻ ۾ پهتيون.
”ائي
ٻاهر ته اچي ڏسو پنهنجي بلقيس آهي. منهنجي ڀائٽي.
ٿڃ شريڪ ڀاڻم گلڻ جي ڌيءَ.“
سوڀي
ڄڻ لغام پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو:
”ائي
صدقو وڃان، ساڳيون لوڏون پڦيس حنيفت جهڙيون پئي
ڏئي.... بدن به اهڙو.... ڳالهائڻ به ساڳيو.“
نينگريءَ سان ڳلهائيندو ڏسي چيائينس:
”ساڳيا پنهنجي پڦيءَ جهڙا نمونا پئي ڏين.“
بلقيس ويچاري جوان زال سان ڦڪي ڦڪي ٿيندي پئي وڃي
ته ڪا شايد آءٌ اهڙي پڦيءَ جهڙي مڙهه ٿي وئي
آهيان.
”سبحان الله، سبحان الله!“ ائين چوندي بلقيس کي
ڀاڪر پائي وڏي ٺڪاءَ واري مٺي ڏنائين. ننڍڙي مهر
کي به ڳراٽڙي پائي مٺي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌي.
”اون.... اون....“ هن بڇان مان منهن تي هٿ رکي
ڇڏيو. وري شمان ڏانهن کيڪر لاءِ وڌي.
”ائي
شمل، تون گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڏٺي آهين... الائي
ڪنهن جو ساءُ ٿو اچيم توکي ڏسيو.“ ائين چوندي جيئن
ئي ڀاڪر پائي مٺي ڏنائينس ته وات ۾ جيڪو هڪ ڊگهو
ڏند وڃي بچيو هئس سو شمان جي مِٽَ ۾ گهڙي ويو.
شمان رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي، بلقيس گهٻرائجي يڪدم
پنهنجي چادر رت اگهڻ لاءِ ڏنس.
”ائي
ڇا ٿيو؟“ سوڀيءَ حيرت مان تارا ڦرڙايا، ”مون ته
آهستي پيار ڪيو.“
”ڪجهه نه پڦي.“ شمان چادر جي ڪنڊ سان ڳل اگهندي
ڦڪائيءَ مان وراڻيو، ”موهيڙو هيم سو ڦاٽي پيو.“
”ائي
قربان ٿيان تنهنجي موهيڙي تان.“ سوڀي شودين اکين
سان ڏسندي چيس. شمان لڄ کان اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون.
ايتري ۾ سوڀيءَ جي ڌيئن جو ڌڻ به اچي سهڙيو.
”بوا
ٻڌم ته چاچو چاڪ ڪونهي، هاڻي ڪيئن آهي؟“ بلقيس کٽ
تي ويهندي اکڙيل ساهه کي جائتو ڪري پڇيو.
”بس
ڙي امان، ساڳيو حال اَٿس، بخارن جا مچ.... ڄڻ بَٺَ
پيا ٻرن،.... پاڻيءَ جو چڪو پئي ته پيٽ مان گهميو
نڪريو وڃي، پيٽ وڃي پٺيءَ سان لڳو آهيس، گهڻيون ئي
ستيون ڦڪيون ڪيوسين، پر امان، الله به آهي
شاهوڪارن جو غريبن جو ڪير ڪونهي.“
”بوا
پوءِ دوا دارون ته ٿيندو هوندو چاچي جو“؟
”بس
امان وت آهر، الله کان سواءِ ٻيو ڏيڻ وارو آهي ئي
ڪو نه.“
”هي
چاچي جي ميوي لاءِ آندا اٿم.“ بلقيس پرس مان پنجاه
جو نوٽ ڪڍي، لڪائي مٺ ۾ ڏنس.
”ائي
الله ٻچڙن مان گنج ڪندئي، سکي سهاڳڻ هوندينءَ.“
”الله وڏي حياتي ڏيندو چاچي کي،“ ايئن چئي هن ڄڻ
چاچي وارو چئپٽر بند ڪرڻ چاهيو.
”ائي امان اهڙي دعا نه ڪر!“ سوڀي اُمالڪ هيانءُ
ڦاٽي دانهن ڪندي چيو.
”وڃي
سکيو ٿئي.... محتاجيءَ کان بچي، عذابن ۾ پيو آهي،
جيئڻ جنجال اٿس.... ڪهڙي ڪم جي اهڙي وڏي حياتي.“
بلقيس حيران ٿي شمان ڏانهن نهاريو ۽ ٿوري ’ترميم‘
سان ٻيهر دعا ڪيائينس.
”الله پنهنجي هلندي هلائيس.“
”ها.... آ .... آ ...“ سوڀي ٿڌو ساهه کنيو، جنهن ۾
سوين سور هئا. اهو سور ڇا گهٽ هو ته سندس مڙس اڃا
جيئرو هو.
ڪڏهن
ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هئس ڄڻ مڙهو انتقاماً جي
رهيو هجي. مٿانئس پنهنجي ٽهل ٽڪور جو بار وجهي دل
ئي دل ۾ کڳيون هڻي کيس چيڙائي رهيو هجي. نه
ڪيڏانهن گهمڻ گهتڻ جهڙي نه ڪيڏي اچڻ وڃڻ جهڙي.ٻاهر
نڪري به ته ڪيئن.... گهر ۾ ئي ويل جي منهن ۾ هئي.
فجر
جي ٻانگ کان به اڳ اڃان اڳڻ ۾ مٺي ننڊ ستي پئي
هوندي ته ورانڊي لڳ ڪوٺيءَ مان مڙس جا سڏ پيا
پوندا هيس.
”او
ممل ماءُ، ممل جي ماءَ، پاٽڙي کڻي آ.... جلدي....
ممل ماءُ... پاٽڙي.“
”اونهه.... اچان ٿي....“ هو ننڊاکڙين اکين سان
پاسو ورائي چوندي هئي، پر سڏن ۾ تيئن ڇتو واڌارو
ٿيندو هو آخر ٻرندي سڙندي اُٿي بيڊ پين کڻي ڪوٺيءَ
۾ ويندي هئي.... تڏهن وڃي مڙهو ماٺ ٿيندو هو.
”بوا
خوش ته آهين؟“
”ائي
ڪهڙيون خوشيون آهن امان بلقيس، بس ڪري ويهه....
چاچهين جي بيماريءَ کان پوءِ آءٌ به سگهي ساهه ڪاڻ
پئي سڪان.... روح کي راحت ڪانهي.... جيسين مفلر
اوڍي ڊبل لوئي مٿي تي نٿي رکان تيسين مغز ڄڻ لڏي
پيو، شڪر جو اڄ توکي ڏٺم ته سهي ڄڻ سڀ سور لهي
ويم.“
”بوا
مون کي به تنهنجي ڏاڍي سار هئي.“
”ائي
الله ڪري خوش هجين.“ سوڀيءَ ناز مان ڪارا تارا مٿي
ڪري اڇا ڪڍي چيو.
”ادي
ممتاز توکي به گهڻي وقت کان پوءِ ڏٺو اٿم، خوش ته
آهين نه؟“
”ائي
ڪهڙيون خوشيون... ڏسين نٿي ڳري ڀاڱا ٿي وئي آهيان،
اهو نزلو ڇڏيم نٿو، هڪ ناس مان پاڻي هليو هلي....
نظر به پوري ڪو نه ٿي پئيم.“
”ائي
وري بلقيس ٻڌ ته.... خدا جون قدرتون، دمساز کي به
مون جهڙي مغز واري تڪليف ٿي پئي آهي.“
سوڀي، ڌيءَ جي ڳالهه ڪاٽيندي عجب مان اکيون ڦاڙي
چيو، ”مغز ۾ ڄڻ ڇڪ ۽ ڌم ڌمان پئي ٿيندس.“
”هان!.... چه....چه.... ڀلا سومل جي اڃان ڪٿي
ڳالهه ٻول ڪئي اٿو؟“ سومل کي اٿندي ڏسي پڇيائين.
”ائي
امان، دمساز کي ئي مڙس ڇڏي ڏنو. هي ٽيون سال آهي.
هنن ويچارين جا به الائي ڪهڙا ڀاڳ! سومل ته چاڪ ئي
نٿي رهي اهو ئي دهڪو.... اوڪارا بيهنس نٿا، چڪر ٿا
اچنس.“
”بوا
تنهنجون به ته اکيون سڄون سايون ٿي ويون آهن ۽
منهن هيٺ جهڙو.“
بلقيس مون کي اهائي هيانءُ جي تڪليف! هيانءُ اٿم
ئي ڪونه.... دل جو ته دهڪوئي ڪو نه ٿي ٻڌان، پيٽ
اچيئي ڪون، اٺين ڏينهن سڪي ڦولهڙي! هاڻي ته ڪنن
کان به پورو ڪون ٻڌان.“
”الله رحم ڪندو بوا،“ بلقيس چيو، ”چاچو جڏهن چڱو
ڀلو هوندو هو ته رڳو نٿ پائيندي هئين، ڪجل اکين ۾
ته سڄي سٿ ۾ ڄڻ ڦڻ ڪڍيو ويٺي هوندي هئن.“
”سبحان الله،“ هن جا ڦٽ اکڙي پيا. ”سرتيون ڏسيو
پيون ٺرنديون هئم.... اهي به ڪي وقت هئا.... ائي
دمساز“ اوچتو ڌيءَ کي هڪل ڪيائين، ”ڪا شربت ٻاٽلي
ڪي پڪوڙا مرملا ته گهرائي.“
”ائي
امان ڪنهن کان گهرايان،“ دمساز مٿو کنهندي وراڻيو،
”ڪو ٻار ئي ڪونهي، اڄ نينگريون سبق وٺڻ به ڪو نه
آيون، نه ته انهن کان ئي گهرايان ها.“
”نه،
نه، بوا، تڪليف نه ڪريو.“ بلقيس چيس. ”آءٌ اهي
ٻاهر جون ڪنيون شيون کانوان ڪون، بيمار ٿيو پوان.“
”ائي
امان ڪيڪ گهرايان ٿي اهي ته ڀلا کاءُ.“ سوڀيءَ قرب
مان چيو ۽ سومل کي هڪل ڪيائين.
”ائي
سومل، بالڪنيءَ مان رڙ ڪري هوٽل واري ڀوپي....
توبهن! مئو کڏس ڇا پئي چوان.... ڇا نالو آهي نڀائي
جو ڏکيو.... ها.... ڀوپاليءَ کي چئينس ته ڪيڪ
ٻاٽليون ڏياري موڪلي.“
”ٺهيو سومل.“ دمساز ڀيڻ کي چيو، ”جيجيءَ جنت جو پٽ
آيو آهي انهيءَ کان ٿي گهرايان.“
”بوا
انهن کٽراڳن کي ڇڏيو منهنجي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي....
آءٌ اهي شيون کان ئي ڪون.“
”ائي بلقيس ڀلا ٺلهي ’ڪيڪا ڪالا‘ جي ٻاٽلي؟“
سوڀيءَ ڄڻ ايلاز ڪيو. |