”بلقيس ڀلا ٺلها ڪيڪ ته کائيندينءَ نه؟“ مومل
هيپنوٽائز ڪرڻ واري انداز سان ڏسندي چيس.
”ادي
اوهين ڪا تڪليف نه ڪريو، پنهنجو گهر آهي.“
”پنهنجو گهر آهي ته پوءِ تڪليفون ڇا جون.“
سومل
چيو.
ايتري ۾ نينگرو هوٽل جي مکين لڳل ڇڪي ۾ ٻاٽليون،
پان ۽ ڪيڪ وٺي آيو. ڊگها چنهنب دار پيلا ڪيڪ ڏسي
بلقيس يڪدم کڻي نڙيءَ ۾ هٿ وڌا.
”منهنجو گلو خراب آهي بوا.“
ائي
مان کائي ته ڏس.“ سوڀي چيو.
”بوا
مون کي معافي ڏيو.“ بلقيس ليلهايو.
”ائي
الا پئسا اجايا ويا،“ مومل افسوس ڪيو.
”انهيءَ کان ته پوءِ گهرايون ئي نه ها.“
”ائي
شمل ڀلا تون ته کاءُ بلقيس کي ته کڻي گلي ۾ سور
آهي توکي ته ڪونهي. تون ته ذرو کاءُ ته منهنجي دل
خوش ٿئي.“
”مون
کي پاڻ حڪيم جي جهل آهي.“
”ائي
الا بلقيس کاءُ ته سهي.“ سيڪسي سومل چيو.
”ائي
الا ڪون کاڌس.“ ممتاز کٽ تي ويهندي عجب مان اکيون
ڦاڙي پڇيو.
”ڇو
ڀلا“؟
”الا
بلقيس، اسان جو هيترو ذرو به نه کاڌئي؟“ دمساز
چيس”اسان غريبن جو ڀلا ڪيئن وڻندئي.“
”ائي
ڇو ڇو!“ ممتاز تارا اُبتا سبتا ڪندي چيو،
”اميرن غريبن سان هڪ جهڙيون آهن، ادي دمساز، اهڙو
خيال ئي نه ڪجانءِ، بلقيس اهڙي زال ئي ڪونهي.“
”ائي
ڀلا منهنجي هٿ سان کائو ته يادگيري ايندو ته هنن
هٿن سان کارايئين.“ ائين چوندي سوڀي ڦوڪڻي وانگر
سيٽيل نسن وارا گهنجيل هٿ کڻي، پان شمان جي وات
ڏانهن وڌايو.
”ايڏهين، ايڏهين!“ شمان جو روح ڦري ويو.
”پڦي
آءٌ ايهي پان کان ئي ڪون.“
”ائي
الا چار آنا اجايا ويا.“
”ائي
پڦي هاڻي تون ئي کڻي کائي ڇڏ.“ شمان چيس.
”ائي
تنهنجي نالي جو پان آءٌ ڪيئن کان! صدقو نه آءٌ پاڻ
کي ڪري ڇڏيان.... تنهنجي نالي، سو وري آءٌ کيئان!“
سوڀي يڪ ٽڪ شمان کي ڏسندي چيو.
”ادي
ممتاز تنهنجون نينگريون ڪٿي آهن“ شمان تيز نظرن
کان بچڻ لاءِ اوچتو سوال ڪيو.
”اجهي اندر ويٺيون آهن، انگريزي پيون پڙهن.“ رڙ
ڪري سڏايائين.
”ائي
زلف بي بي، شاه بي بي اچي ’اينٽيءَ‘ سان ملو.“
اهو
ٻڌي شمان کي ڄڻ پيٽ ۾ اينٽي پئجي وئي.
ڇوڪرين مرڪي شرمائي هٿ ڏنو، ” خوش آهيو آنٽي.“
”ها
امان اوهين خوش آهيو، شاباش شاباش! ڀلي پڙهو ڀاڳ
اوهانجا پورا سورا آهن.“
”ها،
سچ ويٺي چوين....“ ممتاز ميڪڻي آواز ۾ چيو.
”ممتاز آءٌ پريان ويهي ٿي ٻيڙي پيان.“ شمان اٿندي
چيو، ”بلقيس کي دونهون وڻي ئي ڪون، کنگهه ۽ سرڪو
ٿيو پويس.“
”شمل
ايڏهين ڇو.... هوڏانهن سامهون ڪوٺيءَ ۾ هلي چيلهه
سنئين ڪر، ڦوڪ ذري به ڀر. بلقيس ڀلي ته جيسين
نينگرين سان ڪچهري ڪري.“
شمان
جا هلي هلي ساڻي ٿي پئي هئي کٽ تي فرحت سان ليٽي
ٻيڙي پيئڻ لڳي. ايتري ۾ سوڀي کي به چلم سوڌو
ڪوٺيءَ ۾ گهڙندو ڏسي هوءَ اٿڻ لڳي ته هن ٻانهن کان
جهلي ليٽائيندي چيس:
”ليٽي پئي هج شمل، آءٌ هتان ٿي ويهي چلم جي ڦوڪ
ڀريان.“ اڃان ٻه ڦوڪون مس ڀريائين ته ٻي ڪوٺيءَ
مان آواز ٿيو: ”پاٽڙي! پاٽڙي! پاٽڙي!
”اوجهو! ويلهو نه وقت، ليلان چڙهي تخت.“ سوڀيءَ
ڀڻڪيو. ”مهل ڪمهل نه ڏس بس، پاٽڙي.... اونهه!“
هوءَ نڙ کي چڙ مان پري اڇلي ٻاهران بيڊ پين کڻڻ
وئي. مڙس جي اها عادت بنهه ڪونه وڻندي هيس. گهڻن
ڏينهن کان پوءِ اڄ دل پشوري ڪرڻ جو موقعو مليس، سو
به اگهي نه سٺس. فلمي ولن وانگر عين موقعي تي وچ ۾
ٽپڪي پيو.
هوڏانهن چارئي ڀيڻون تير تلوارون سنڀالي ميدان ۾
ڪاهي پيون. ممتاز وڏي هئڻ جي حيثيت ۾ پنهنجو
پهريون حق ڄاڻندي بلقيس جي گوڏي تي گوڏو رکي ويٺي
۽ پنج رپيا ڏيندي ناز گڏيل عاجزيءَ مان چيائينس:
”هيءَ مون غريب فقيرياڻيءَ جا اٿئي سوپارين
لاءِ“بلقيس مرڪندي سندس دل رکڻ ڪاڻ پئسا پرس ۾
وڌا.
”ڪٿي
سچي پچي مون کي فقيرياڻي نه سمجهجانءِ“ هوءَ هرو
ڀرو ٽهڪ ڏيئي کٽ تي قلابازي پائڻ واري انداز سان
ٻيڻي ٿي وئي.
ٻيءَ
ٻه رپيا لڪائي ڏيندي چيس. ”هي ڦوٽن جا اٿئي....
منهنجي سڪ جو سڏ....“
ٽين
به ٻه رپيا مٺائيءَ جا ڪري ڏنس. چوٿين چهنڊڙي
هڻڻدي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيس، ” سوپاريون هلائيندي سانءِ
غريب ساهيڙيءَ جون قبول ڪجاءِ.“
چارئي گڏجي ڳالهائين، ڀانيائون ته ڪا ’سوني مرغي‘
آهي بلقيس جون اکيون ڦاٽي ويون ته ڪنهن جي ٻڌي
ڪنهن جي ٻڌي. هڪ چهنڊڙي هڻينس ته ٻي ڀانئين پهرين
کي ڪل ڪونهي آءٌ چنهنڊڙي هڻانس. ائين ڪندي
چهنڊڙين سان ماس ئي پٽي ڇڏيائونس.
”چڱو
ڀيڻ، هاڻي اسان کي موڪل ڏيو. گهڻئي ويٺيونسين شمان
کي به سڏ ڪيو ته وڃون، سج اچي لٿو آهي.“
”بلقيس اڃان ته سڪ ئي ڪو نه لٿي.“ ممتاز چيو.
”امان او امان، وئينءَ ڪيڏانهن.“ سومل رڙ ڪئي،
”بلقيس هينئر ئي ٿي وڃي.“
”رڙيون ڇو پئي ڪرين.“ دمساز ڇينڀيس، ”بابو نه جاڳي
پوي.“
”ڪون
ٿي وڃي، ڪون ٿي وڃي!“ سوڀي غسل خاني مان بيڊ پين
وارا هٿ ڌوئي ٻاهر نڪرندي چيو، ” بلقيس امان اڃان
ويهه گهڙي ساعت نينگرين کي سڪ ته لاهڻ ڏي، ورهين
کان پوءِ ٿي منهن ڏيکارين.... آءٌ صدقو ٿي وڃئين
منهنجي راڻي.... بوا جو چوڻ نه موٽاءِ.“ سوڀي
بلقيس کي ڪجهه دير ويهڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ
شمان ڏانهن ڪوٺيءَ ۾ وئي.
”ائي
شمل تون به بلقيس سان گڏ ويندئينءَ هلي!“ ڀر ۾
وهندي چيائينس،”اڃان ته حال ئي دل جا ڪون
ونڊياسين.... سياري جي رات.... سوڙ وجهي ڪوسڙيون
ٿي حال ونڊيون ها.... محفلون ڪيون ها.“
”پڦي
آءٌ راتن جو محفلون ڪيان ڪون.“ شمان کٽ تي ڀت سان
ٽيڪ لڳائيندي چيو.
”ائي
اڄ رات کڻي ٽڪ، وڌيڪ نٿي ٽڪين ته اها هڪ رات.
دستگير جو سنهن اٿئي، کڻي رهه.... ڀلا نٿي ٽڪين ته
ڏينهن جو ئي ڪڏهن اچ، حال احوال ڪيون....“
”ائي
پڦي....“
”ائي
ذر ذر پڦي چئي هنيون ڇو پئي ساڙيم، مون کي ته رڳو
ائين سوڀي ڪري سڏين ته به هنيون ٺري برف جو ڳنڍو
ٿي پئيم.“ سوڀي اکين مان شود پائيءَ جا شعلا
وسائيندي چيس.
”ائي
پڦي ٻيو ڇا چوئين؟ منهنجي پڦي جيڏي ته آهين.“
”ائين ٻڌ مائي، آءٌ ڪالهوڪي ٻار، مڙس جي سورن اهڙي
ڪئي آهيان....نزلي کان مٿو اڇو ٿيم تنهن ڪري سڀ
ساهيڙيون ڇڏي ويم، چڱو جو بلقيس سان گڏجي آئينءَ
جو ورهين کان پوءِ توکي ڏٺم ته سهي.... اڄ به مون
سان چڱي طرح سلوڪت سان هل ته ڇوڪري ٿي پوان.“
”ائي
ڇڏ جند پڦي، هاڻي تون ڇوڪري ٿئينءَ....“
”ائي
ٺهيو، ٺهيو.“ سوڀيءَ مصري رقاصه وانگر چيلهه کي
جهجهڪا ڏنا، ”خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪونهي ڳڻتيءَ جهڙو
مرض ڪونهي.“
”پڦي
پوءِ ڪهڙو مرض لڳو اٿئي دشمنن کي؟ مون ٻچڙيوال جي
سلوڪن مان ڪهڙو فائدو ملندئي.“
”ائي
جيڪو ملندو سو مون کي خير آهي،“ سوڀي اکين ۾ رس
گلن جي چاش ڀريندي چيو، ” توکي به ٻڌائيندس.“
”پڦي
آءٌ ته تنهنجون ڳالهيون سمجهي نٿي سگهان.“
”ائي
پاڻهي سمجهندينءِ رڳو ڪنهن ڏينهن خلاصو اچ، ’سمجهو
گي يه باتين پيار؛ ذرا هولي‘ سوڀي غلام عباس جو
گانو ڳائيندي ترنگ مان ڪنڌ لوڏيو ۽ ڳهٽيل اکين
سان شمان کي جُوهه پائي ڏٺو. هوءَ حيران ٿي وئي.
”پڦي
تسبيح پڙهندي پڙهندي ڇا ٿيئي.“
”تو
کي ٿي ڏسان جو تون وڃين پئي.“ سوڀيءَ الوداع،
الفراق قسم جو ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”وري الائي ڪڏهن
دلين جو ميلاپ ٿئي.“
شام
گهري ٿيندي وئي.... ڪوٺيءَ ۾ اونڌائي پکڙجي
وئي.... شمان کي وحشت ٿيڻ لڳي.... سوڀيءَ جي اکين
جا ڇپر ڳرا ٿيندا ويا.... سياري جي موسم هئڻ. کان
پوءِ به سڄي پگهرجي وئي.... هٿ ٿڌا برف جهڙا ٿي
ويس.
”ائي
پڦي بتي ٻار.... اونڌائيءَ ۾ هانو ٿو منجهي....“
”منهنجي دل جي سوجهري کان پوءِ به ؟“ سوڀي اکين ۾
اکيون وجهندي چيس. شمان نظرون بچائيندي گهٻرائجي
هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي.
”ڊڄين ڇو ٿي منهنجي جان.“ هوءَ تيئن گهٻرائجي وئي،
”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ....“
”پڦي
ڇڏ انهن ڳالهين کي.... مون کي وڃڻ ڏي....بتي ته
ٻار....“
”بتيءَ کي هڻ کڏ ۾.... مون کي اهو ته ٻڌاءِ ته آخر
تون اهڙي رُکي....“
”پڦي
وڃڻ ڏينم.“ شمان جلدي ڳالهه ڪاٽي.
”شمل
تون صفا ڪا ٻار آهين.... ٻڌ.... توکي خبر ناهي....
ته جڏهن من ۾ محبت....“
”پڦي
پري ٿي آءٌ اٿان....“ ايتري ۾ ڄڻ وڄ وراڪو ڏنو.
سوڀيءَ جون لوندڙيون ڌنوڻ لڳيون.... رڳو ڇڪجي ويس،
تکو ساهه کڄڻ لڳس ۽ شمان کي ڪنهن جناتي اثر هيٺ
ڌونڌاڙڻ ۽ چيڀاٽڻ لڳي، شمان جو مغز ڄڻ سن ٿي
ويو.... سوڀيءَ جي جسم مان ايندڙ پگهر ۽ ڪن ۾ پيل
عطر جي ٻڙي جي ڌپ کان دل ڪچي ٿيڻ لڳس.
”هان، هان! ڇا ٿي ڪرين پڦي....“ شمان پنهنجون سڀ
قوتون گڏي چيو ۽ هڪ جهٽڪي سان سوڀيءَ کي ٿيلهي پاڻ
کان الڳ ڪيو ۽ تڙ تڪڙ ۾ چلم سان ٽڪربي ڪوٺيءَ کان
ٻاهر نڪتي.... رئو به سوڀي جي هٿ ۾ رهجي ويس.
”ڇا
ٿيو شمان، ڇا ٿيو؟“ بلقيس پڇيس. ”ايڏي گهٻرايل ڇو
آهين، خير ته آهي؟“
”پڦي....“ شمان سهڪندي وراڻيو، ”پڦي آهي نه
بلقيس....پڦيءَ کي الائي ڇا ٿيو....جو.....“
”ائي
الا امان کي ڇا ٿيو!“ شمان جي ڳالهه ڪاٽيندي چارئي
ڄڻيون، زلف بي بي ۽ شاءِ بي بي سميت ڊوڙ پائي
ڪوٺيءَ ڏانهن ويون...بتي ٻاري ڏٺائون ته سوڀي
اونڌي منهن کٽ تي ڪريل هئي، سندس وات ايس تي لڳل
هو جنهن منجهان رت پئي ويو ۽ ڏند هيٺ کٽ جي پائي
وٽ ڪريو پيو هئس
”ائي
الا امان جو ڏند!“ ممتاز هانو ڦاڙ دانهن ڪئي.
دانهن تي سوڀيءَ چنگهندي اکيون کوليون.
”ڪيڏانهن وئي شمل؟ ائي شمل ڪيڏانهن وئي رنون؟“
”ائي
امان ڇڏ پچر شمل جي،“ ممتاز چيو، ”هڪڙو ڏند هيئي
سو به ڀڃائي ڇڏيئي، نه مڙيئين.“
”ائي
الا امان ڪيئن ڀڳو.“
”ائي
صدقي ٿيو شمل جي نالي تان..... ڪيڏانهن وئي شمل؟“
”ائي
الا، نانيءَ کي ڪيڏو صدمو آيو هوندو.“ زلف بي بي ۽
شاه بي بي گڏجي چيو.
هنن
جي ’ائي الا‘ جي هونگار پي پئي....بلقيس ۽ شمان
نينگريءَ کي کانڀٽيءَ کان وٺندي تڪڙيون تڪڙيون
ڏاڪڻ کان لهڻ لڳيون.
سيڻ
ڏيڻ
ٽاڪ
منجهند جو ورانڊي ۾ پنگهي تي ليٽل زيبل کي وڃڻي
هلائيندي هلائيندي جهوٽا اچڻ لڳا ۽ اُڀا ڪيل گوڏا
آهستي آهستي ڪرڻ تي هيس جو در تي مترڪي جهڙي ٺڙڪ
ٺڙڪ ٻڌي سنڀالي ورتائين.
”الا، الا، ٻه گهڙيون ننڊ به ڪونه ڪرڻ ڏنئون توبهن
مائي، ماڻهن کي پنهنجن گهرن ۾ سک ئي نٿو اچي!“
ڀڻڪندي اڃان اٿڻ جي ڪيائين ته کنگهه جي دوري اچي
ورايس.
”اي
ابا گلو...شبو.....“ راند ۾ رڌل پوٽن کي سڏڻ لڳي.
”ٻوڙا ته ڪون ٿيا آهيو، اٿي ڪو در تي ڏسي ته ڪير
آهي، مونکان ته اٿيو ئي نٿو ٿئي..“
”ڏاڏي، آءٌ ٿو ڏسان.“ گلوءَ ڦڙتائيءَ مان چيو.
”تون
وري ڇو، آءٌ ٿو وڃان.“ شبوءَ ڪاوڙجي چيو.
”آءٌ
ويندس پهرين مان کڙڪو ٻڌو.“ گلو هشي ڏيندي در
ڏانهن ڊوڙ پاتي.
”اونهه... اونهه... آن ن ن، تون نه وڃ.“ شبو رڙندو
پٺيانس لڳو.
”ابا
ڦٽجو ڇو ٿا،“ زيبل بيزاريءَ مان ڇينڀين، ”هونءَ ته
ٻئي ڪنن ۾ ڪپهه وجهو ويٺا هئا، هاڻي ته اچي لٺ لڳي
آهي. بلي بلي، رب منهنجي جا شان. اها چونڪ چنڊي
ناني هوندو، ٻيو ڪنهن جو اٽو کٽو هوندو جو هيڏيءَ
مهل رلي مرندو.“
در
جي لڳاتار کڙڪي ۽ ٻارن جي رڙين تي زيبل جي ننهن
ممتاز ڪڪو هنج ۾ ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ مان ورانڊي ۾
ايندي پڇيو: ”چاچي ڇا آهي، ٻار ڇو پيا روئين؟“
”ائي
امان، در تي وڃڻ ڪاڻ ڦٽجي پيا آهن پاڻ ۾.“ زيبل
بيپرواهيءَ مان وراڻيس.
”آءٌ
ٿي وڃي ڏسان ته ڪير آهي.“
”پر
امان هرو ڀرو تنهنجو در تي وڃڻ جو ڪهڙو ڪم، ٻه ڄڻا
ويا آهن. اها ماڻهين هوندي ٻيو ڪير هوندو. تون ڪو
ڪڇ ۾ ته ڪونه کڻي ايندينس.“
”چاچي ٻڌين نه پئي، اڃان سوڌو ٺڙ ٺڙ لڳي پئي آهي
ٻار در جي ڪڙي تائين ڪونه ٿا پڄن.“
”مائي تنهنجي خوشي.“
”اچي
تون ننڍڙي کي جهل ته وڃي ڏسان.“
”آءٌ
اڳئي مئي پئي آهيان، پنهنجو ساهه ئي نٿي کڻي
سگهان، ويتر ڪڪو ٿي کڻائيم.“ زيبل کنگهندي منجهندي
لاچاريءَ مان چيو. ”ڏينم ڀلا ته کڻانس.“
”چاچي در جو کڙڪو ٻڌي تپي وئي آهين.“
”ائي
آءٌ ڪوهه تپان، تپن منهنجا ويري جيڪي ڏينهن تتي جو
رلي مئا آهن.“
”اهي
منهنجي ماءُ کي ٿي طعنا هڻين.... نه آءٌ اچان ها
هن گهر ۾ پرڻجي نه منهنجي ماءُ رلي مري ها....“
ممتاز روئڻهارڪي ٿي وئي.
”مائي ڇڏ منهنجي جند هاڻي دستگير جو پلاند اٿئي،
ڪهڙا سر ڪڍيا اٿئي ڏينهن تتي جو خيري صلي. مون کي
ڏي نينگرو وڃي در کولينس ويچاري اس ۾ بيٺي هوندي.“
”ڇو
پئي پلاند وجهيم ٻچڙيوال کي“ ممتاز ڦوڪجي شوڪجي
چيو ۽ ڪڪي سوڌو در ڏانهن هلي وئي. ٻيا ٻار به ٺينگ
ڏيندا پٺيانس لڳا. در کلڻ سان ماءُ کي ڏسي ممتاز
جي سونڊيل منهن تي مرڪ مڙي آئي ۽ ٻارن به ڌمچر
مچائي ڏنو، سندن لينگهن وارا ميرا منهن، خوشيءَ ۾
ايئن ٻهڪڻ لڳا جيئن گدلي پاڻيءَ ۾ ڪو ٽڙيل ڪنول.
سڀ
ٻار نانيءَ کي ڏسي چهٽي ويا ۽ کيس برقعي کان جهلي
هٿن مان ٿيلهي ۽ ڇٻيءَ کي پٽ پٽان ڪري ڇڏائڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳا.
”اي
ابا ڇڏيوم ته سهي، ڪيرايوم ڇو ٿا؟ هانءُ ٻوساٽي
ڇڏيو اٿو....هاءِ هاءِ، گرمي ته ڪهڙي آهي ڄڻ جيئرو
دوزخ.“ ٻارن جي نانيءَ سٽ سان اڇل ڏيئي پاڻ
ڇڏائيندي چيو.
”ڪنهن چيئي ته ڏينهن تتي جو اچي ڌڪا کاءُ.“زيبل
پاڻمرادو ڀڻڪيو.
”امان هيءُ اڌ مڻ جو ٿيلهو ۽ ڇٻي ته رک سڄي پگهر ۾
پسي وئي آهين.“ ممتاز ٻارن کي پري ڪندي چيو.
”اهي
رکڻ لاڪر ته آئي آهيان، ’رخشو‘ بيٺو آهي آءٌ جيسين
ادي لکاني جي گهران چڪر هيون ٿي اچان، ڀاڄائي ڪزل
کي ڇيٽ ڏٺي هيم، سان وئي اٿم وڻي، وڃانس ٿي نموني
لاءِ اڳڙيءَ جو ٽڪر وٺڻ.“
”ائي
امان، جي اهڙي سٺي آهي ته پوءِ منهنجي لاءِ به ٽي
وال وٺيو اچجان.“
پر
وري ڳڻتيءَ مان پڇيائين، ”.... نمونو ڏينديون
سهي؟“
”ڇو
نه ڏينديون.“ بختاور ڦونڊ مان وراڻيو، ”اهڙيون
زالون ئي ڪونهن جو نه ڏين.“
“توبهن، توبهن“ زيبل ٽوڪ مان چين، ”ريس به ڪنهن
شئي تي ٿيندي آهي، ڪني ڇيٽ ڪاڻ مانديون ٿي پيون
آهيو.“
”ائي
ادي گرميءَ ۾ ڇيٽ ٿڌي ٿيندي آهي انهيءَ لاءِ ٿيون
چئون.“ بختاور ڦڪي مرڪ سان وراڻيو.
”مائي پاڻ ڄاڻو.“ زيبل موڙو ڏيندي چين ۽ زور زور
سان وڃڻي هلائڻ لڳي.
”اها
ته اسان جي پٺيان گهپي ڇڏيندي ڪونه.“ ممتاز هوريان
هوريان ماڻس کي چيو، ”ڦاٿا آهيون اچي مم مان.“
”ڇوري هوريان ڳالهاءِ ته ٻڌي نه وٺئي.“
”ٻڌي
ته پئي ٻڌي، مون کي ڪو سندس ڊپ به آهي ڇا!“ ممتاز
کي ويتر شهه ملي.
”هه.... هه....هه!“ ڌيءَ جي همت ڏسي بختاور ٽهڪ
ڏئي وڏي واڪ چيو.
”منهنجي ڌيءَ آهين، سو تون ڪنهن کان ڇو ڊڄندينءَ.“
”واهه ڪنوار واهه، ماڻهين سهڻا سبق ٿي سيکارئي.“
ائي
ٻڌي ورتئين“ ممتاز ڀڻڪيو.
”ٻڌي
ورتئين ته ڇا ٿيو، ڪهڙو آڱوٺو پٽيندي وڃانس ٿي ته
اڄ ئي ڏاندار بي بيءَ کان تعويذ ڪرائڻ، ڀانيان ٿي
ته اڳئين تعويذ جو مدو ختم ٿي ويو اٿس، تنهن لا ڪر
نڙي سرلي ٿي آهيس، هاڻي اهڙو ٿي تعويذ ڪرايانس جو
اصل مرلي ئي بند هوندس.
”ائي
امان، منهنجو ته رت ئي سڪائي ڇڏيو آهيس، هڪڙو هنن
ڇهن ٻچن ۽ ستين انهيءَ ٻانڀ! سڄو ڏينهن گهپي ته
هيئنءَ نه ٿيو، هونءَ نه ٿيو، وڃان کڻي ڪيڏي ته
چويم، ”اجها، پئي بُرقي ماڻهين وانگر. اسان جو
خاندانو برقيون پائي ڪون هلي. ويٺي سڄو ڏينهن پئي
پنهنجو خاندانو پڏائي.“
”اسان جو وري ڪو گهٽ خاندان آهي ڇا؟ شجرو چوري ٿي
ويو نه ته هينئر جو هينئر کڻي اچي منهن ۾ هڻانس ته
اسين به ڪنهن کان گهٽ ڪون آهيون.“
”هون....هون.... بلي، بلي، ڪاري ڪڪڙ دنبدار جيڏي
بڇينس تيڏي تيار.“
”ها
امان، ها. اسان کي ڪڪڙيون ڪرين، ٻليون ڪري ڀلي ڪر!
موتين جهڙي سون سريکي ڌيءُ ڏنم تڏهن ٿي اِهي
’مانائتا‘ لفظ ٻڌان.“
”
تنهنجي سون سريکي آهي ته منهنجو پٽ وري ڪو لال
واهه جو ڇيڙو آهي ڇا. منهنجو به موتين جهڙو
شهزادو پٽ آهي، املهه ماڻڪ، سمجهين ڇا پئي پاڻ کي
جو ڌر تتيءَ جو ايڏو وٺي مٿو هنيو اٿئي.“ زيبل
تکائيء مان چيس.
”
ممتاز ڏسين ٿي سسڻين کي، چيلاٽي وانگر چهٽي وئي
اٿم.“
”امان تون بس ڪر، پاڻهي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي
سانس. رڳو اچڻ ڏي گلوءَ جي پيءُ کي تون هن سان ڪون
پڄي سگهنديءَ، اُٿ ته هلي هيڏانهن ويهون.“ ممتاز،
ماءُ کي ٻانهن کان جهلي ٿيلها ڇٻيون کڻائي ورانڊي
سان لڳ ڪمري ۾ وٺي آڻي ويهاريس.
”ائي
امان، گرانهن ذرو هجيئي ته ڏي، بک کان چڪر اچي ويو
اٿم. مئو ابو لکاني جو هينئر اوڏانهن نٿي وڃان....
اچي هي پئسا، ڏينس گلوءَ کي ته وڃي ٽانڊيءَ لڳي
’رخشي‘ واري کي ڏيئي اچي.“
بختاور ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيندي چيو، سسڻهين ’بليڊ
پيشر‘ چاڙهي ڇڏيو اٿم. بدن ڄڻ باهه ٿي ويو آهي.
ڀانيان ته وڃي ڄنڊا پٽيانس، وس هليم ته نڙيءَ تي
نهن ڏيانس، نه ٿي مري نڪي ٿي منجو ڇڏي.“
”ٺهيو امان ٺهيو، ڪلمو پڙهه“ ممتاز دريءَ تي رکيل
بلوري جڳ مان پاڻي اوتي گلاس ڏانهس وڌائيندي چيو،
”اچي هي ٿڌو پاڻي پيءُ ته هنيو ٺرئي، آءٌ تيتر
ماني کڻي ٿي اچان.“
”ڳڙت
ڳڙت ڳڙت.“ بختاور يڪ ساهي سڄو گلاس ڏوڪي سامت ۾
ايندي چيو، ”گرانهن ذرو سنڀالي کڻي اچج ته ڏيڻ نه
ڏسي، سامهون ويٺي آهي تارا ڦوٽاريو.“
ٿوري
دير ۾ ممتاز ٻوڙ مانيون گرم ڪري آڻي اڳيان رکيس ته
پوپاري گڏيءَ جهڙو وات مچڪائيندي پڇيائين،”هي ٻوڙ
ڪنهن رڌو آهي؟“
”مون
رڌو آهي ٻيو ڪير رڌيندو.“ ممتاز چيو.
”آءٌ
صدقو ٿي وڃئين منهنجي ٻچڙي! گرميءَ ۾ به اهي
پورهيا تون ٿي ڪرين.“
”ٻيو
ڪير ڪندو؟ نوڪرياڻيءَ کي چاچي سهي ئي ڪون، رات به
چيائين ته مائيءَ ديڳڙيءَ ۾ ڏوئي گهمائيندي ماچيس
جي تيليءَ سان ڏاٺ پي کوٽي سو ماني نه کائيندس.
تنهن لا ڪر ٿي آءٌ پچايان.“
”ائي
کيئن نه کيئن، ٻي جهانين نه کيئن. خوشي سندن، تون
ڇو ويهي سور سهين. ايترا پورهيا ڪري پاڻ کي جهوري
رکيو اٿئي.“ بختاور پٽاٽو ڳيهندي چيو.
”ادي
واڌاري ته آءٌ آهيان، ٻيو ته سڀ راڄ ئي پنهنجو
اٿن.“ زيبل چڙ مان چيو. ” هرو ڀرو پاسو کڻي ڌيءَ
جي ٻيڙي نه ٻوڙ، پنهنجو گهر اٿس، آخر به ته کيس ئي
ڪرڻو آهي ڪا ٻي ته نهن ڪانه اٿم.“
”ڪن
ته ڪهڙا ته سرلا اٿس.“ بختاور ڌيءَ کي چيو، ”ٻوڙي
به اڃان ڪا نه ٿي آهي.
”ائي
ڇو ٻوڙي ٿيان.“ زيبل ڀڻڪ ٻڌندي وراڻيو، ”ڪيس هڻي
ڪارو مٿو ڪيو اٿئي، ڏٺو اٿئي پاڻ کي، جو ننڍڙي پئي
ٿئين تنهنجي ۽ منهنجي عمر ۾ فرق ڪهڙو؟ بدڪ جيڏي ٿي
پئي آهين، تنهنڪري ڀانئين پئي ته ننڍڙي آهيان.“
”مائي زال ٿي ڇا ٿي! ٻڌين ويٺي نه ممتاز؟ ڪهڙا نه
ويڌ ويٺي وجهيم، گهرائي ڏينم ’رخشو‘ آءٌ مرڳو وڃان
ٿي.“
”ڪن
ئي نه ڏينس امان، پئي مٿو هڻي.“
بختاور ڪي گهڙيون ماٺ رهڻ کانپوءِ وري سر ڪڍيو:
”اڄ
دڪان تي ڳاڙهو هندورو ڏسي آئي آهيان، هانو ۾ ڄڻ
پيهي ويم، رخشو بيهاري انهيءَ مهل ئي سو ٿي ڏيئي
ڇڏيم، ننڍڙا ٻار اٿئي لوڏي ڪاڻ پيا سڪن، تن لاءِ
چڱو ٿيندئي.“
”ائي
امان پينگهو اڳ ئي پيو جو آهي.“
”ائي
انهيءَ پينگهي جو آسرو لاهي ڇڏ، اها مڙهه جيسين
جيئري هوندي تيسين چڪ هنيو پينگهي ۾ پئي هوندي.“
”امان رکنداسين ڪٿي؛ ڏسين به پئي ته سمورا صفحا
ورانڊا چاچيءَ بلي، مون وٽ ته رڳو اهي ٻه ڪمرڙا
آهن.“
”ائي
پاڻهي ڪو بلو ٿي پوندو، تون پئسن جو ڪو بندوبست ڪر
نه ته به اهي چوڙا چڙا گروي رکنداسين آخر اهي
ڏکيءَ ويل ۾ ته ڪم ايندا آهن. آءٌ پاڻهي ڇڏائي
ڏيندي سانءِ رڳو مڻڪي ڀڳو چاچهين پئسا ڏيم.“ پنبڻ
تي ويٺل مڇر کي اڏائيندي چيائين، ”ممتاز، امان
ڏينهن ڏٺي جو مڇر ته ڪيترا اٿئي گهر ۾، درين
دروازن کي ڄاريون ڇو نه ٿي کڻي هڻائين.“
”امان اڃان ٽيپ رڪارڊ، چينجر ۽ مشين جون قسطون ئي
پوريون ڪا نه ڏنيون اٿم، مٿان وري ڪپڙي وارو پٺاڻ
به روز پئسن لاءِ در تي بيٺو آهي، ڄاري ڪٿان
وجهايان.“
”الله مالڪ آهي، وڏي دل ڪر کوڙ پئسا ٿي پوندا،
حالي ڄاري ته وجهائي ڇڏ.“
”چاچيءَ به انهيءَ ڏينهن ڳالهه پئي ڪئي ته مامي
ميرل جي گهر ڄاريون لڳل آهن.“
”ائي ڪو رڳو ڀاڻس ميرل جي گهر لڳل آهن ڇا.“ بختاور
موڙو ڏيئي ڏاڍيان چيو، ”گهر گهر ۾ ڏس ته ڄاريون
لڳل آهن.“ |