جيڪڏهن اسين حڪومت ۾ نظرون وجهيو ويٺا هونداسين ته
منهنجي نظر ۾ اهو بلڪل بيڪار آهي. هاڻي محنت ۽ ڪم
جي قرباني اسان کي ڏيڻي آهي. جنهن معاشري پنهنجي
اصلاح ۽ فلاح لاءِ فقط حڪومت ۾ نظرون رکيون ۽
حڪومت تي دارومدار رکيو ته ان معاشري جو سر ويو.
اهڙي معاشري جي بقا ۾ اميد رکڻ به عبث آهي.
هن ڏس ۾ آءٌ سنڌي ادبي بورڊ، شاهه ولي الله
اڪيڊمي، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز ۽ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ کي زياده اهميت ڏيان ٿو
۽ ذميدار سمجهان ٿو. اهو اسان سڀني جو عمل ۽ مقصد
رهندو ته پنهنجي فرض ادائي ڪريون. انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ سنڌي ٽائيپ رائيٽر جو ڪم پورو ڪيو ۽ هن
وقت شارٽ هئنڊ جي تڪميل ۾ رڌل آهي. اسان کي مونو
ٽائيپ ڇپائي ۽ لائينو ٽائيپ ڇپائيءَ جو خيال ڪرڻو
آهي. اسان کي جديد مطبوعات ۽ صحافت جي تقاضائن کي
پورو ڪرڻو آهي. انشاءَالله اسين يونيورسٽيءَ طرفان
ڪڏهن به انهيءَ ڪم ۾ پوئتي نه پونداسين. اسان کي
سڀني جي دعا ۽ مدد جي ضرورت آهي.
هن وقت اهو موزون ۽ ضروري آهي ته آءٌ ذريعه تعليم
متعلق ڪجهه ذڪر ڪريان. اسان وٽ آرٽس ۾ بي اي تائين
سنڌي ٻولي ذريعي تعليم ٿي چڪي آهي. ڪن مضمونن ۾
آرٽس ۾ ايم. اي تائين سنڌي رائج آهي. سائنس ۾ انٽر
سائنس تائين آهي، جيڪا اسان کي وڌائي بي. ايس سي
تائين ڪرڻي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ڪامرس ۾ به سنڌي
ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو بنائڻو آهي.
بس، اتي اسان کي ڪجهه وقت لاءِ ترسڻو پوندو ۽ ساهه
کڻڻو پوندو. اسان کي انگريزي لازمي رکڻي آهي ۽
ايم. اي، ايم. ايس سي، ۽ ايم. ڪام ۾ ذريعه تعليم
انگريزي رکڻ لازمي آهي. سنڌيءَ کي انهيءَ حد تائين
ذريعه تعليم بنائڻ لاءِ اسان کي وڏي تياري ۽
جدوجهد جي ضرورت آهي. صرف ترجمي تي ڪم نه هلندو.
اسان کي لکندڙ ۽ عالم گهرجن. اسان کي اديب ۽ استاد
گهرجن، جيڪي لکن، پڙهائين ۽ اسان جي رهنمائي ڪن.
اسان کي پنهنجي زبان جي وسعت جو خيال ڪرڻو آهي ۽
ان جو ذخيرو وڌائڻو آهي. اسان کي لغتون تيار
ڪرڻيون آهن ۽ اصطلاح ۽ محاورا تيار ڪرڻا آهن. اسان
کي انگريزيءَ کان ڪم وٺڻو آهي، جو هن سائنسي دور ۾
ادب جي تقاضائن کي پورو ڪري سگهون. طب، انجنيئري،
ائگريڪلچر ۽ ڪامرس ۾ انگريزي اسان لاءِ اشد ضروري
رهندي، جيسين اسين پنهنجون ڪميون پوريون ڪريون.
اهي نوجوان، جيڪي تحقيق، تجسس ۽ ايجاد ۾ دلچسپي
رکن ٿا، انهن کي نه صرف انگريزي مگر ان سان گڏ
روسي زبان، جرمن زبان، جپاني ۽ چيني زبانون سکڻيون
پونديون. اسين يقيناً انگريزيءَ جي غلبي جي حق ۾
ناهيون، مگر انگريزي زبان جي مهارت اسان جي هن
جديد دور جي ادبي ۽ سائنسي، فني ۽ فڪري ڪم لاءِ
اشد ضروري آهي. هن کان اڳي انگريزيءَ جو علم هڪ
نقلي امتيازي نظريو هو، مگر اسان کي هاڻي صحيح
لساني تقويت جي لاءِ استعمال ڪرڻو آهي.
”اطبلوالعلم ولوبالصين“ جو مطلب اهو آهي. خبردار!
انگريزيءَ تي بي توجهي اسان جي تعليم، ادب، تحقيق،
تجسس ۽ ايجاد، فني ۽ سائنسي ترقيءَ لاءِ سخت مضر
ٿي سگهندي. هن ڳالهه تي جذباتي طرح خيال سخت
هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
عزيزو! خبردار، جو اسان غافل ٿيا آهيون ۽ ڪنهن جي
چال ۾ ڦاٿا آهيون ۽ ڪنهن غلط سوچ ۾ مبتلا ٿيا
آهيون. اسان فڪر ۽ عمل جو توازن ڇڏيو ته چوٽون
کائينداسون، ۽ پنهنجي مقصد کي ويجهو ته ٺهيو، مگر
ان کان سوين ميل پري ۽ سالن جا سال پري ٿي
وينداسين. قومن جي عروج ۾ ڏاڪا ٿيندا آهن، هيءَ
ڏاڪڻ تمام وڏي آهي. اسان ڪي مختصر ڏاڪا طئه ڪيا
آهن ۽ اڃا سڄي ڏاڪڻ چڙهڻي اٿئون.
سپاس نامو
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي عمارت جي سنگ بنيادي
رکڻ جي موقعي تي جناب ممتاز علي ڀٽي، وزير اعليٰ
حڪومت سنڌ، جي خدمت ۾ پيش ڪيل.
عالي جناب ممتاز علي ڀٽو صاحب، وزير اعليٰ حڪومت
سنڌ، ۽ معزز مهمانو؛
سائين! توهان اسان تي وڏي ڪرم نوازي ڪئي آهي، جو
پنهنجي اڪيچار مصروفيتن جي باوجود وقت بچائي، شفقت
ڪري اسان وٽ آيا آهيو. اسان جي يونيورسٽيءَ جي
تاريخ ۾ ۽ خاص طرح انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي
تاريخ ۾ هي وڏو اهم ڏينهن آهي. گذريل 18 سالن ۾
اسين فقط پئي تڳيا آهيون. نه روح پرواز ٿي ڪيو ۽
نه ئي بدن ۾ جان ٿي آئي. حڪومتن جي بجيٽ ۾ جيڪي
اوبارو بچندو هو، سو اسان کي ملندو هو. اسان جي
هاڻي وڏي دل آهي ۽ توهان جي مدد ۾ نظرون آهن. اسين
هاڻي پنهنجي مستقبل کي سچين اميدن جي نظرن سان ڏسي
سگهون ٿا.
عزيزو! انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ لاءِ هڪ نئون چنڊ
اُڀريو آهي. هاڻي بي بسيءَ ۽ نراسائيءَ جي تاريخ
ختم ٿي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي مشڪلاتن جي باوجود
گذريل چئن سالن ۾ هڪ عجيب ڪردار ادا ڪيو آهي. هي
پهيون علمي ۽ ادبي ادارو آهي، جنهن سنڌ جي شاعرن،
اديبن، استادن ۽ شاگردن کي هڪ مرڪز ڏنو آهي. حسد
اهو برداشت نه ڪيو ۽ اسان ڪافي تڪليفون ڏٺيون آهن.
سائين منهنجا! اڄ توهان هن اداري جو سنگ بنياد رکي
رهيا آهيو. آءٌ هن اداري کي علم، ادب، تعليم،
تحقيق ۽ معاشري جو بنياد تصور ڪريان ٿو. اسان لاءِ
توهان جو هتي اچي، هن عمارت جو بنيادي پٿر رکڻ، هڪ
قسم جو ترقيءَ جي راهه ۾ جدوجهد جو نعرو آهي.
توهان جون لک لک مهربانيون!
پيارا سائين! توهان اڳيان هن اداري جي جدوجهد ۽
خاموشيءَ سان ڪم ڪرڻ جو آءٌ ذڪر ڪندس. اسان جي سنڌ
۾ ڪي تعليمي، علمي ۽ ادبي ادارا آهن، مثلاً:
سنڌي ادبي بورڊ، شاهه ولي الله اڪيڊمي، يا ادبي
سنگتون، مدرسن ۽ ڪاليجن جون سوسائٽيون جي پنهنجي
پنهنجي دائري اندر تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. انهن
ادارن کان علاوه انفرادي طور ڪيترائي اديب پاڻ
پتوڙي رهيا آهن، پر سندن ادب زياده تر شعر و شاعري
۽ افسانه نويسيءَ جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ
آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي حال ۽ مستقبل جي عملي
ضروريات کي منهن ڏيڻ ۾ ڪوشان ۽ مصروف آهي، ۽
انپروردگار تي توڪل رکي غريبيءَ ۾ ڪم ڪيو. جڏهن
اسان جي ڪتب خاني کي باهه لڳي، عين انهيءَ وقت
اسان سکڻن هٿن تي وڏا بنيادي ڪم ڪيا، مثلاً؛
1-
اسان سنڌيءَ ۾ ”سائنس“ مئگزن آندي، جنهن جهڙي مخزن
آءٌ هام هڻي چئي سگهان ٿو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به
زبان ۾، انگريزي توڙي اڙدوءَ ۾ موجود نه آهي. اسين
ڪجهه خسارو کڻون پيا، مگر ڪم دل کي تقويت ڏيندڙ
آهي. آءٌ هن ڏس ۾ سنڌ يونيورسيءَ جي بزرگ ۽ نوجوان
استادن:
ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي صاحب، ڊئريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف
ڪيمسٽري، ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر، صدر شعبه مئٿ
مئٽڪس، ڊاڪٽر وڏل شاهه، ائسوسيئيٽ پروفيسر،
انسٽيٽيو آف ڪيمسٽري، ڊاڪٽر اسدالله قاضي،
ائسوسيئيٽ پروفيسر سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج،
۽ ڊاڪٽر الانا جو شڪر گذار آهيان. کين داد ۽ شاباس
هجي. محنت ڪن ٿا ۽ ڪنهن اجوري جو خيال نه اٿن.
2-
اسان سنڌي ٽائيپ رائٽر جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اهو هڪ
وڏي محنت، خرچ ۽ خساري جو ڪم هو. اسان ٽائيپ رائٽر
جو ”ڪي بورڊ“ تيار ڪيو، يورپ ماڻهو موڪلياسون ۽
مشين تيار ٿي اسان وٽ پهتي. هن ڏس ۾ آءٌ چند
دوستن، جن منهنجي مدد ڪئي، انهن جو ذڪر ڪندس:
مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پير
حسام الدين راشدي، مسٽر محمد ابراهيم جويو، عنايت
الله عباسي ۽ ڊاڪٽر الانا. توهان جيڪا هن وقت اسان
جي مدد ڪري رهيا آهيو، ان جو اجر توهان کي الله
تبارڪ و تعاليَ ڏيندو. يونيورسٽيءَ هيءَ ڪم بلڪل
توڪل تي ڪيو ۽ اهو سنڌي ٽائيپ رائٽر، جيڪو ويهن
سالن کان ذري گهٽ گم ٿي ويو هو، اهو به توهان جي
اڳيان موجود آهي. هاڻي اسين شارٽ هئنڊ جي ڪم ۾ لڳل
آهيون، جيڪا جڏهن سنڌ اسيمبلي گل ٿي ته اها به گل
ٿي ويئي هئي. ان جي ڄاڻڻ وارا ڪيترا مري ويا ۽ ڪي
قبر جي ڪنڌيءَ تي آهن، جن کان اسين ڪم وٺي رهيا
آهيون. انهيءَ ڏس ۾ اسين، شارٽ هئنڊ جي موضوع تي
لکيل هڪ پراڻي ڪتاب جيڪو 1923ع ۾ ڇپيل آهي، ۽ هڪ
نئين نسخي مان مدد وٺي رهيا آهيون.
3-
اسان سنڌ جي ادبي ۽ فني تحقيق ۽ ايجاد جي تاريخ ۾
پهريون قدم کنيو ۽ سائنس ڪانفرنس گهرائي. اسان هر
شعبي ۾ سنڌيءَ ۾ مضمون تيار ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل
ڪئي.
4-
اسان ديني ڪتابن جي نمائش ڪئي. انهيءَ موقعي تي
”سنڌ جي ديني ادب جوڪئٽالاگ“ پڌرو ڪيوسين، جنهن ۾
اسان دنيا کي ٻڌايو ته هتي سنڌ ۾ قرآن ڪريم جا
50-60 ترجما ۽ تفسير لکيا ويا آهن. دنيا ۾ قرآن جو
پهريون فارسي ترجمو مخدوم نوح ڪيو. سنڌي دنيا جي
اول زبانن مان هئي، جن ۾ قرآن جو ترجمو ٿيو ۽
تفسير لکيا ويا. سنڌي زبان ۾ تصوف جا بنيادي ڪتاب
لکيا ويا. اسان وٽ بنا مبالغي ديني ادب جو گهرو
سمنڊ موجود آهي. قرآن ڪريم جي ترجمن ۽ تفسيرن ۽
ديني ادب جي انهيءَ نمائش اسان تي جيڪو طوفان
آندو، ان جو هتي ذڪر ڪرڻ موزون نٿو سمجهان. جڏهن
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ڪتبخاني کي باهه لڳي
ته مون ۽ مون سان گڏ سنڌي استادن، اديبن، شاگردن ۽
پڙهيل لکيل طبقي ڳوڙها ڳاڙيا. مدد لاءِ منهنجي
اپيل سنڌ ۾ تحريڪ جو روپ ورتو. اسان کي تقريباً 75
هزار روپين جي نقد رقم ملي، جيڪا مون فڪسڊ ڊپازٽ ۾
جمع ڪرائي ۽ اڄ اها رقم وڌي نوي هزار رپيا ٿي آهي.
اسان ڪجهه نادر ڪتاب وڃايا ته چند بي بها ڪتاب
حاصل ڪيا. جن ننڍن وڏن، عورتن ۽ مردن، ٻارن ۽ دل
رکندڙن اسان جي مدد ڪئي، انهن کي الله تعاليٰ اجر
ڏيندو.
5-
اسان سماجي علومن تي ڪتاب ميدان ۾ آندا. ”بين
الاقوامي اقتصاديات“ ۽ ”سياست جا اصول“ انهيءَ
سلسلي جون اهم ڪڙيون آهن.
6-
اسان جديد ادب جي همت افزائيءَ لاءِ ڇپيل ڪتابن تي
ادبي انعام جي روايت کي جنم ڏنو.
سائين! هي آهن اسان جي چند مخصوص ڪاميابين جون
ڳالهيون
سائين منهنجا! اسان کي سنڌ آرٽ گيلري ٺاهڻي آهي.
هن وقت ”قاموس المشاهير سنڌ“ تيار ٿي رهيو آهي.
”سنڌي زبان ۾ ڇپيل ڪتابن جو ڪئٽالاگ“ ڪافي مڪمل ٿي
چڪو آهي. سنڌ تي انگريزي زبان ۾ ڇپيل ڪتابن جي
ببليوگرافي پريس ۾ آهي. بلي موريا (1935ع) جي
ببليو گرافيءَ کان پوءِ هي ڪم پنهنجي نوع جو هڪ
اهم ۽ معياري ڪم آهي.
پيارا سائين! مٿي ڄاڻايل بنيادي ڪمن سان گڏوگڏ هن
وقت اسين اصطلاحات، سائنسي ۽ فني لغت کي ترتيب ڏيڻ
۾ مصروف آهيون. سائين! جيڪڏهن اسان کان سچ پڇو ته
اسان ۾ جوانن ۽ پوڙهن لاءِ، استادن ۽ شاگردن لاءِ،
هي عشق ۽ محبت جو ڪم آهي، جيڪو وٺنداسون ۽
ڏينداسون. ڪيتري قدر ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، اُن جو
ذڪر ڪندس. اسان جي پراڻي نموني جي لکڻ جي عادتن
سان ڪيتري قدر اسان جو وقت ضايع ٿئي ٿو. پنو ۽ مس
بيڪار وڃن ٿا. لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو وقت وڃي ٿو ۽
حقيقت هيءَ آهي ته اُن لکڻ جو مقصد به ادا نٿو
ٿئي. سنڌيءَ ۾ درخواستون ۽ خط توهان کي هزارن جي
تعداد ۾ ايندا هوندا، جن جو مون کي يقين آهي ته
توهان وٽ پنج سيڪڙو به پڙهڻ جو وقت نه آهي، ۽ انهن
ٽن يا چئن صفحن جي لکڻ ۾ مقصد بلڪل مختصر هوندو.
نوڪري،پئسي جي مدد يا وري ڪنهنجي شڪايت، ۽ پوءِ
توهان ڏسندا ته عرضدار پنهنجي دماغ کان ڪيڏو ڪم ٿا
وٺن. ڌار ڌار قسمن جون سايون ڳاڙهيون روشنايون ۽
پينسلن جو استعمال ڪن ٿا. ڪٿي وڏڙا ته ڪٿي ننڍڙا
لفظ پنهنجي مقصد جي ادائگيءَ لاءِ لکن ٿا. عبارت
جي طوالت ذهن ۽ دماغ جو بوجهه بڻجيو وڃي. اسان
لاءِ اهو ضروري آهي ته اهڙيون درخواستون، بيڪار
القاب ۽ تعريفي لفاظيءَ کان بري هجن. فقط مقصد جي
ڳالهه انهن درخواستن ۾ هجي. توهان مان چانور ڳولڻ
مشڪل ٿيو پون. هن هڪ ننڍي ڳالهه مان توهان سوچيو
ته ڪيتري پئسي، وقت ۽ ڪم جي بچت آهي. اهو ساڳيو
حال دعوتنامن ۽ رسمي خط و ڪتابت جو آهي. ڊگهين
عبارتن بجاءِ انگريزيءَ وانگر عين مقصد جي ڳالهه
هجي. اجائي التجا ۽ تعريف ڪڏهن ڪڏهن مهمان به
وڃايو ويهي.
سائين منهنجا! تازو مولانا غلام اصغر ۽ مون دفتري
ڪم لاءِ انگريزي_ سنڌي ڊڪشنري تيار ڪئي آهي، جا
توهان جي هٿ ۾ آهي. اسان استعمال ڪندڙن کي مشوري
لاءِ درخواست ڪئي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح پارلياماني ۽
ٻيا مخصوص ٽيڪنيڪل لفظ سنڌي زبان ۾ آڻڻا آهن. هي
وقت آهي ته اسين اهڙو طريقو اختيار ڪريون جو هڪ
اداري يا هڪ ڪميٽيءَ جي زيرِ نظر مستند لفظ تيار
ٿين ۽ سنڌيءَ ۾ عام فهم ٿين ۽ هر ڪو لکندڙ
ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ هڪ ئي مفهوم ۾
سمجهي.
اسان هي نئون ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ۽ اسان کي غلطيءَ
کان بچڻ گهرجي ۽ پنهنجي طاقت کي بيڪار يا ضايع ٿيڻ
نه ڏجي. اهو ڪم اديبن، عالمن، مفڪرن ۽ استادن کان،
اسين هن انسٽيٽيوٽ ۾ آسانيءَ سان وٺي سگهون ٿا.
اهڙيءَ طرح اسان وٽ مستند لفظن جو هڪ مرڪز هوندو ۽
لفظ هڪ مفهوم ۾ ڳالهايا ويندا ۽ سمجهيا ويندا. اهي
چند مختصر لغوي ۽ عبارتي ڳالهيون آهن جن کي هن وقت
ئي خيال ۾ رکڻو آهي.
سائين منهنجا! آءٌ اوهان کي هڪ ٻئي نقطي طرف
متوجهه ڪندس. اهو بلڪل ضروري نه آهي ته لازمي طرح
سان اسان کي هر انگريزي يا روسي زبان جو لفظ مروڙي
سروڙي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ڪي عام فهم
۽ مروج لفظ آهن ته اسان کي اکين تي قبول آهن. مگر
هروڀرو رينگٽ کي وٺڻ بيڪار ٿيندو. دنيا جون سڀ
ٻوليون هڪٻئي مان اخذ ڪن ٿيون ۽ سندن انهيءَ طاقت
کين وڌايو آهي ۽ وقعت ڏني آهي. انگريزي زبان ته
انهيءَ جو خاص مثال آهي، جنهن ۾ لئٽن، فرينچ،
عربي، هندي مان لفظ اخذ ٿيا ۽ استعمال ٿيا. بين
الاقوامي ڊپلوميسيءَ جي زبان 1920ع تائين فرينچ
رهي ۽ ان جو اثر روسي، جرمن، جپاني ۽ اسپينش زبانن
تي ٿيو. اسان کي به انهيءَ قسم جو جو اونو رکڻو
آهي. اسان وٽ جتي عام فهم سائنسي، فني يا فڪري
نموني جا لفظ موجود نه آهن، اتي انگريزي يا روسي
لفظن کي پنهنجو ڪرڻو آهي، مثلاً:
اپولو يا اسپوتنڪ، ائٽم، يورينيم، فشن. هن وقت
اسان وٽ ڪيترا انگريزيءَ جا لفظ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل
استعمال ڪن ٿا، مثلاً موٽر. سنڌي، جرمن ۽ آفريڪي
زبانن جا لفظ آهن، جهڙوڪ:
پنڊت، ٺڳ، قطن، آلجبرا وغيره. اهي لفظ ٻاهرين
زبانن سگنل، ڪاربوريٽر، ريڊيئٽر، ڪرئين شافٽ،
بيٽري، ڊسچارج، ڊائنامو، فيوز، اسڪرو ڊرائيور، ليٿ
مشين، ڪلاس، بلئڪ بورڊ، پينسل، پين، فوٽ بال،
ڪرڪيٽ، هاڪي، گول، جمپ، گورنر، ڪليڪٽر، ڊپٽي
ڪليڪٽر، فيل، پاس، مارڪ وغيره. اهڙيءَ طرح اگر
اسان وٽ هڪ لفظ موجود به آهي ۽ انگريزيءَ جو لفظ
به عام فهم آهي ۽ مروج به آهي ته اسين ٻنهي کي
پنهنجو ڪنداسين، مثلا ڪوڊ:
لا، ڪورٽ: عدالت، ڪرسي: چيئر، ڏڙهو: بال، لڪڻ:
اسٽڪ، ٽوپي: ڪئپ، بوٽ: جتي، وزير: منسٽر، وزير
اعليٰ: چيف منسٽر، اٿي بيهه: اسٽئنڊ اپ، ويهي
رهه:سٽ ڊائون، شاگرد: اسٽوڊنٽ، استاد: ماستر،
اسڪول:
درسگاهه، جامع: يونيورسٽي، سَنَد: ڊگري، رستو: روڊ
وغيره. اهي چند ڳالهيون آهن، جن لاءِ استادن،
عالمن ۽ اديبن کان ادب ۽ معاشري جي ترقيءَ لاءِ ڪم
وٺڻو آهي.
سائين منهنجا! جيئن ته توهان هي پهريون دفعو اسان
وٽ هت آيا آهيون، چڱو آهي ته آءٌ توهان کي مختصر
طرح اسان جي تاريخ، ڪم ۽ ڏکن کان واقف ڪريان.
سائين! اسين وطن عزيز پاڪستان ۾ ٻيو نمبر پراڻي
يونيورسٽي آهيو. اسان ڪراچيءَ مان 1951ع ۾ هتي
آياسون، ۽ اسان جي دردن جو داستان شروع ٿيو. اسان
کي وساريو ويو ۽ ٻيون سڀ يونيورسٽيون وڌنديون
ويئيون. نيون يونيورسٽيون قائم ٿيون، جن تي ڪروڙ
نه پر ارب روپيا خرچ ٿيا، مگر اسان کي بک ۽ اڃ تي
رکيو ويو. پشاور، ڪراچي، لائلپور، لاهور انجنيئرنگ
يونيورسٽي هر هڪ مان سون جي تعداد ۾ نوجوان تعليم،
تدريس، تحقيق ۽ تجسس لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهائڻ ۽
سيکارڻ لاءِ موڪليا ويا. اسان لاءِ حڪومت سنڌ
ايڊيوڪيشن سيس جي ذريعي 24 لک روپيا گڏ ڪيا هئا ۽
اهي پئسا حڪومت مغربي پاڪستان کڻي ويئي. اها رقم
اسان جي نوجوانن کي ٻاهر موڪلڻ ۽ اسڪالرشپن لاءِ
هئي. 1968ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي آخري
اجلاس ۾ ان وقت جي وزير تعليم پئسن جو وجود قبول
ڪيو ۽ اسيمبليءَ کي ٻڌايائين ته اهي وڌي 54 لک
روپيا ٿيا آهن، ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته گذريل پنجن
سالن ۾ 60 لک روپيا ٿيا هوندا. خدارا اهي پئسا
اسان کي حڪومت پنجاب کان وٺي ڏيو. اهي حڪومت جا نه
پر غريب شاگردن جي تعليم ۽ تدريس لاءِ آهن، ۽ هڪ
قسم جو وقف آهي، جو سنڌ جي زميندارن مان خاص
انهيءَ ڪم لاءِ گڏ ڪيو ويو هو.
سائين! اسين طوفانن مان گذريا آهيون. اڄ اسان لاءِ
نئون ڏينهن نروار ٿيو آهي. اسين هيترا سال ڪسمپرسي
۽ نڌڻڪي حالت هوندي جيئندا رهيا آهيون. تقريباَ
چار سال اڳي جڏهن آءٌ هتي آيس ته محنت ڪرڻ شروع
ڪئي سون. جنرل عتيق الرحمان، جنرل رخمان گل ۽
منهنجي عزيز دوست مسٽر شمس الحق وزير تعليم حڪومت
پاڪستان جو آءٌ شڪرگذار آهيان جن منهنجي امداد
ڪئي. ڪجهه حڪومت مدد ڪئي ۽ ڪجهه اسان پنهنجي مدد
پاڻ ڪئي. مون سيدن جو پراڻو ڌنڌو پنڻ شروع ڪيو ۽
پهرين مسجد ٺهرائيسين، جنهن تي اٺ سال ڇت به نه
پيئي هئي، ۽ جنهن لاءِ 75 هزار روپيا ٻاهران مليا.
ان ۾ هڪ سو ٽن سيمنٽ بطور عطيي، منهنجي دوست مسٽر
مختار مسعود، چيئرمن پي آءِ ڊي سي اسان کي ڏنا. 12
هزار روپين جو غاليچو، مسٽر صديق يونائيٽيڊ ڪارپيٽ
فيڪٽريءَ اسان کي مفت ڏنو. مسٽر ظهيرالدين پٺاڻ
اسان کي لائوڊ اسپيڪر سسٽم ڏنو، ۽ ان سان گڏ هڪ
وڏو شئنڊليئر ۽ لوهه جو دروازو مليو. انهن مهربانن
جي نالن ٻڌائڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آهي. ان سان
گڏ تقريباً ٽيهه هزار روپيا نقد مليا. اسان واپڊا
کان مفت ۾، فقط تيل تي بلڊوزر ۽ گريڊر ورتا، جن جي
واسطي آءٌ منهنجي دوست مسٽر آءِ.اي.خان، چيئرمن
واپڊا جو مشڪور آهيان.
مون علامه آءِ _ آءِ قاضي صاحب جو مقبرو ٺهرائڻ
شروع ڪيو، جنهن تي هيستائين تقريباً سوا لک روپيا
خرچ ڪري چڪا آهيون، جن ۾ لک کان مٿي رقم اسان کي
محترم اي_ ڪي بروهي ڏني آهي. يونيورسٽيءَ جو خرچ
فقط قاضي صاحب جي قبر جي زمين، پاڻي ۽ بجليءَ جو
آهي. هن ڪم ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صدر شعبه اردو
۽ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو صدر شعبه رليجن ۽
اسلامڪ ڪلچر منهنجي گهڻي مدد ڪئي آهي. آءٌ سندن
شڪر گذار آهيان.
مون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ لاءِ گڏ ڪيل پئسن جو
اڳيئي ذڪر ڪيو آهي. ان سان گڏ آءٌ ٻيلي کاتي جي
مسٽر ڪرماني ۽ مسٽر حميد جو شڪر گذار آهيان، جن
مون کي ٽي سال اڳي اٺ هزار وڻ ڏنا، جن کي اسين
هاڻي پاڻي ڏيئي رهيا آهيون. توهان کي ٻڌي هيرت
ٿيندي ته انهن مان نمن جا وڻ مسلمانن جي ڏندڻن جي
نظر ٿي ختم ٿي ويا. اسان ساڍا چار سو انبن جا وڻ
مفت ورتا، جن لاءِ آءٌ پير غلام رسول شاهه جيلاني
۽ چوڌري رفيق جو مشڪور آهيان. خيرپور مان اسان کي
ڪن دوستن کجيون موڪليون، جن کي به اسين هاڻي پاڻي
ڏئي رهيا آهيون.
سائين! آءٌ توهان جي مدد لاءِ توهان جو مشڪور
آهيان، مگر اسين پنهنجي مدد پاڻ به ڪري رهيا
آهيون. مون يونيورسٽيءَ جي
(Welfare Centre)
(توهان حيران ٿيندؤ ته اسان وٽ نه ڪلب آهي ۽ نه
ڪميونٽي سينٽر آهي) لاءِ پنجاهه هزار روپيا هٿ ڪيا
آهن ۽ پنجاهه هزار ملڻ جو واعدو آهي. منهنجي دوست
ڪمانڊر فريدي چيئرمين پي_ آءِ_ ڊي_ سي هفتو کن
ٿيندو ته پنجاهه ٽن سيمنٽ بطور عطيو ڏنا آهن. هڪ
ٻئي بزرگ، جيڪو گمنام رهڻ گهري ٿو، تنهن اسان کي
هتي هڪ اسپتال ٺهرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. اميد
ته اهو ڪم هن ئي مهيني ۾ شروع ٿي ويندو.
سائين! مون کي افسوس سان ٻڌائڻو ٿو پوي ته هاسٽلون
جڪي مون ٻه سال اڳ اڌ ۾ ڇڏيون هيون، اُهي اتيئي
پيئون هيون، جن کي اسان هاڻ ٺهرائڻ شروع ڪيو آهي.
يونيورسٽيءَ جي مرڪزي لائبرري، جنهن جو سنگ بنياد
هزرائل هائنس آغا خان 1970ع ۾ رکيو هو، ۽ جنهن کي
مون اڌ ۾ ڇڏيو هو، اُها به اتي ئي رهي پيئي هئي،
جنهن تي هاڻ وري ڪم شروع ڪرايو ويو آهي.
ائڊمنسٽريٽو بلاڪ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرائي، لائق
بنائي، ان جي چوڌاري زمين کي هموار ڪرايو ويو آهي.
هاڻ اگزئمنيشن ڊپارٽمينٽ کي به شهر مان لڏائي هن
نئين عمارت ۾ آندو ويو آهي.
سائين! مون پروردگار عالم سان واعدو ڪيو آهي ته هن
يونيورسٽيءَ جو ڪم اسان سڀني جي عزت ۽ مستقبل جي
اميدن جو مرڪز ڪري ڪرڻو آهي. اسان سڀني اگر اسان
جي نوجوانن کي پڙهايو، سيکاريو ۽ بچايو ته لک
کٽياسون. هن ڪشمڪش جي دنيا ۾ تعليم، لياقت ۽
صلاحيت کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪاميابيءَ جو طريقو
نه آهي. آءٌ نوجوان شاگردن کي واڪا ڪري چوندو
آهيان ته خدا جي واسطي پڙهو، محنت ڪريو، وقت ڏاڍو
تنگ اچي ويو آهي. مستيون، البيلايون ۽ بودلايون ڪم
نه اينديون. اسان جو محبوب صدر ۽ توهان هنن لاءِ
مثال آهيو. توهان کين نصيحت ڪريو، شايد توهان کي
ٻڌڻ تي ڪجهه سکن. توهان نوجوان آهيو ۽ توهان کي
ضرور ٻڌندا. کين يقين ڪرڻ کپي ته تعليم ۽ محنت کان
سواءِ زندگيءَ جي ڪاميابي ۽ عزت ناممڪن آهي.
سائين! 1972ع اسان لاءِ وڏي خوش نصيبيءَ جو سال
آهي. ڪيتريون ئي ويل شيون واپس وريون آهن. مولا
سائينءَ اسانکي معجزانه موقعا مهيا ڪري ڏنا آهن.
سائين! اسان جا نوجوان سچو سون آهن ۽ وڏين صلاحيتن
جا مالڪ آهن، مگر کين هاڻي وقت جي اهميتن ۽
تقاضائن تي سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. وقت اچي ويو آهي
ته هو پاڻ ۽ سندن مائٽ ۽ بزرگ پاڻ کان هڪ سوال پڇن
۽ هڪ فيصلو ڏين. کين سوچڻو آهي ته کين مستقبل ۾ ڇا
ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙين ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻو آهي. آءٌ
کين چوندس ته اسان لاءِ جهاد اڪبر اچي ويو آهي.
کين ياد رکڻ گهرجي ته محنت، جفاڪشي، علم، حلم ۽
فڪر کان سواءِ زندگيءَ جون سڀ ڪاميابيون مشڪل آهن.
ننڍين دلين وارين يا ننڍڙن دماغن وارن يا تنگ نظر
رکندڙ قومن يا فردن کي هماليائي بلنديون نصيب نه
ٿينديون، اهو الله جو قانون آهي.
سائين منهنجا! انهن چند معروضات کان پوءِ آءٌ
توهان جي اسان ۾ دلچسپي ۽ دعا ڪرڻ جو ذڪر ڪندس.
توهان ۽ توهان جي وزيرن ۽ خاص طرح وزير ماليت اسان
جي وڏي مدد ڪئي آهي. توهان جون اسان تي لکين
مهربانيون آهن.
سائين منهنجا! هي نوجوانن جو دور آهي ۽ اسين پوڙها
ڊپ جي فڪر ۾ آهيون. توهان ڪم ڪري سگهو ٿا، اسين
بيڪار آهيون. توهان جوان آهيو ۽ برجسته آهيو.
نوجوانن جون نظرون ۽ اميدون توهان ۾ آهن. الله
تبارڪ و تعاليٰ توهان کي ڪامياب ڪري ۽ توهان کي
ملڪ ۽ قوم جي خدمت نصيب ڪري. اسان پوڙهن جون نظرون
به توهان ۾ آهن.
سائين منهنجا! مون کي يقين آهي ته توهان اسان سان
اتفاق ڪندا ته قومن ۽ معاشري جي روح ۽ ان جي پرواز
انهن جي ادب ۽ تعليم ۾ آهي. ٻيو سڀ ڪجهه عارضي
آهي. موجوده دور ۾ سنڌ جو جديد ادب نهايت اهم ۽
تاريخ ساز ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسان هن
انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ قسم جو عزم ڪيو آهي. توهان جي
موجودگي اسان لاءِ عزت ۽ تقويت جو باعث آهي.
عزيزو ۽ بزرگو! آءٌ توهان جو شڪرگذار آهيان جو
توهان تڪليف وٺي هتي اچي اسان جي همت افزائي ڪئي
آهي. اسين به درياءَ پار ويٺا آهيون، ۽ هڪ نئين
دنيا کي ٺاهڻ ۾ مصروف آهيون، ۽ حقيقت ۾ اسان کي
درياءُ شاهه بچايو آهي. اسان کي دعا ڪندا.
عزيزو! هاڻي آءٌ اسان جي وزير اعليٰ، حڪومت سنڌ،
محترم ممتاز علي ڀٽي صاحب کي عرض ڪندس ته اسان جي
غريب پر عظيم انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي عمارت جو
سنگ بنيادي رکن.
سائين! منهنجيءَ نظر ۾ هي سنگ بنياد نه مگر اسان
جي غيرت، خودداري، جانداري ۽ جان نثاريءَ جي تاريخ
۾ هڪ سنگ ميل آهي.
سپاس نامو
”ٻي سنڌ سائنس ڪانفرنس“
جي افتتاح جي موقعي تي، محترم عبدالحفيظ پيرزاده
وزير تعليم، حڪومت پاڪستان، جي خدمت ۾ پيش ڪيل.
محترم عبدالحفيظ پيرزادا صاحب، وزير تعليم، حڪومت
پاڪستان، بزرگو ۽ مهمانو!
سائين منهنجا! آءٌ توهان جو بيحد مشڪور آهيان جو
توهان اسان جي دعوت قبول ڪري پنهنجين هيترين
مصروفيتن جي باوجود اسان وٽ هن ”ٻي سنڌ سائنس
ڪانفرنس“ جي افتتاح لاءِ آيا آهيو. غريبن سان شرڪت
۽ انهن جي ياد ثواب آهي.
سائين منهنجا! اسان ”سنڌ سائنس ڪانفرنس“ جي سڏائڻ
جو سلسلو گذريل سال کان شروع ڪيو ۽ ابتدائي
ڪاميابيءَ اسان کي ڏاڍو خوش ۽ پراميد ڪيو. گذريل
سال واريءَ ڪانفرنس ۾ جنهن نموني ۽ جنهن معيار جا
مضمون پڙهيا ويا، انهيءَ لاءِ اسان جي استادن ۽ ڪم
ڪندڙن کي شاباس هجي. سائين! سائنس ڪانفرنس گهرائي
۽ ههڙن ثقيل مضمونن تي مقالا لکائي، سامعين آڏو
پيش ڪرڻ جو آسان ڪم نه آهي، ۽ آءٌ هن باري ۾ خاص
ڪري ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي، ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر،
ڊاڪٽر وڏل شاهه، ڊاڪٽر قريشي، ڊاڪٽر اسدالله قاضي
۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٻين ننڍن توڙي وڏن استادن جو
مشڪور آهان. هنن سڀني لاءِ هيءُ صحيح ۽ حقيقي، دل
۽ جذبي جو ڪم آهي، ۽ نه نفعي ۽ آمدنيءَ لاءِ آهي.
هنن جي جوش ۽ جفاڪشيءَ جي جيڪا به تعريف ڪئي وڃي
سا ٿوري آهي.
سائين منهنجا! توهان ڏسندو ته هي سڄو ڪم في الحال
سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جي مدد سان ٿي رهيو آهي ۽ شايد ڪافي
مستقبل ۾ اهو ڪم انهن ادارن کي ئي سر تي کڻڻو آهي.
توهان کي خبر آهي ته اسان جا ذرائع ۽ وسائل محدود
آهن، مگر هر قسم جي بوجهه کڻڻ ۾ نه اسان ڪسر ڇڏي
آهي ۽ نه ڪوتاهي ڪئي آهي. جيڪي ڪجهه آهي سو اوهان
جي سامهون آهي.
سائين! هن ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا بزرگ ۽ نوجوان
استاد وڏي دليري، خلوص ۽ محنت کان ڪم وٺي رهيا
آهن. اسان کي اهو يقين ۽ احساس آهي ته هيءَ جدوجهد
اسان کي ئي ڪرڻي آهي. سنڌ جي معاشري جون تقاضائون
زياده ۽ بنيادي طرح سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جا استاد
ئي پوريون ڪري سگهن ٿا. اسان جي استادن ۾ تعليم
حاصل ڪرڻ، سند حاصل ڪرڻ ۽ تحقيق جي تڪميل کان پوءِ
طبيعت ۾ فرار جي نيت ڪڏهن به نه رهي آهي. هنن
ڌارين ملڪن ۾ پئسي کي نه ڏٺو پر ملڪ ۾ رهي ملڪ ۽
معاشري جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
اسان ۾ ملڪ ڇڏي ڀڄڻ ۽ ٻئي ملڪ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ
جو مرض اڃا نه آيو آهي ۽ نه ڪير ائين سوچي ٿو.
توهان مختلف ادارن جي اعداد و شمار کي نظر مان
ڪڍو، ته عجيب انڪشاف ٿيندا ته اسان جي ملڪ جو پئسو
۽ تعليم ٻين ملڪن کي ڪم اچي رهيا آهن. اسين هيترا
ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ فني ماهر هن ملڪ جي اخراجات تي
پڙهي ٻاهر ناڻي جي لالچ ۽ نفعي لاءِ هجومي حالت ۾
ڀڄندي ڏسي رهيا آهيون، مگر سنڌ يونيورسٽيءَ جو
استاد ۽ شاگرد سنڌ ۽ پاڪستان جي خدمت ۾ تڪليفون
سهي به ڪم ڪي رهيو آهي. فقط معاشري جي خدمت کان
پري نه ڪيو آهي. اسين پنهنجون صلاحيتون غريبن جي
خدمت لاءِ صرف ڪري رهيا آهيون. اسان کي پنهنجي
قومي فرض شناسيءَ کان نه ته ريال روڪي سگهيو آهي،
نه ئي پائونڊ پري ڪري سگهيو آهي، نه ئي وري ڊالر ۽
مارڪ ڌتاري سگهيا آهن.
هن خيال کان سنڌ يونيورسٽي هڪ ريزيڊنشل (اقامتي) ۽
آئيڊيالاجيڪل (نظرياتي) ادارو آهي. پاڪستان جي
يونيورسٽين ۾ سنڌ يونيورسٽي هڪ مخصوص نوعيت ۽
اهميت جو ادارو آهي. ٻين ادارن ۾ استادن ۽ شاگردن
جون نظرون پٽ کان پري نٿيون وڃن، مگر اسان فڪري ۽
ادبي جدوجهد ۾ محو ۽ مصروف آهيون. هن قسم جي
ذميداريءَ اسان کي ڪافي تڪليفن ۽ مصيبتن جي منهن ۾
وڌو آهي ۽ اسان ڪافي سٺو آهي ۽ گهڻو ڏکويا ويا
آهيون. مگر اسان پنهنجي فرض ادائگيءَ کان ڪڏهن به
پٺتي نه هٽنداسين. سنڌ يونيورسٽيءَ کي هڪ قسم جي
مرڪزيت ۽ اهميت حاصل آهي، جيڪا ٻئي ڪنهن اهڙي
اداري کي پاڪستان عزيز ۾ حاصل نه آهي.
اسان جا پيارا سائين! چند سال اڳي اسان هڪ ماهوار
مخزن ”سائنس“ جي نالي سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ
طرفان ڪڍڻ شروع ڪئي، جنهن جي افاديت ۽ ڪاميابي وقت
ثابت ڪري چڪو آهي. اهڙي قسم جو جريدو هن وقت اسان
جي ملڪ ۾ انهيءَ معيار ۽ مقبوليت سان نه ملندو.
اسان کي ان مخزن جي تيار ڪرڻ ۽ ڇپڻ ۾ ڪافي خرچ
ڪرڻو پوي ٿو ۽ خسارو به کڻون ٿا، مگر اسان جي نظر
۾، پنهنجي معاشري جي ذهني، فڪري، ادبي، سائنسي ۽
فني ترقيءَ جي راهه ۾، اها هڪ تمام مختصر ۽ ننڍڙي
قرباني آهي. اسان جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ان
ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن جو آءٌ مختصر ذڪر ڪندس،
۽ اسين هڪ فڪري ۽ ادبي اداري جي حيثيت سان توهان
کي امداد ۽ دلداريءَ لاءِ گذارش ڪنداسين. عجيب و
غريب قسم جي بي مقصد ۽ رسمي ادارن کي حڪومت جا
عطيات ۽ سرپرستي حاصل آهي، مگر اسان کي هن وقت
تائين، اسان جي ڪم جي افاديت ۽ مشڪلات هوندي به ڪا
مدد نصيب نه ٿي آهي. اسين فقيرن جي سر زمين جا
رهواسي، پروردگار جي توڪل جو ترهو ٻڌيو پيا ترون.
آءٌ اهو سمجهڻ کان قاصر آهيان ته متعدد بيڪار
ادارن کي ايڏي اهميت ڇو حاصل آهي ۽ اسين ياد به نه
آهيون! انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي عظيم رٿائن کي
وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي اعانت جي ضرورت
آهي. اسان جو ڪم نئون ۽ بنيادي آهي. هن وقت سنڌ ۾
حڪومت پاڪستان اهڙي ڪنهن به اداري جي مدد نه ڪري
رهي آهي ۽ آءٌ فخر سان چئي سگهان ٿو ته اسان جي
پيماني تي ايڏي بنيادي ۽ صحيح مقصد تي مبني ادارو
توهان کي سڄي ملڪ ۾ نه ملندو. ٻيا ادارا پئسا
ٺاهين ۽ خرد برد ۾ پئسا ضايع ڪن، مگر اسان قلندري
زندگيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان جي انسٽيٽيوٽ
حڪومت پاڪستان طرفان امداد جي اول درجي جي مستحق
آهي.
سائين منهنجا! اسان کي اهو احساس آهي ته اسان کي
هن جديد سائنسي دور جي تقاضائن کي پورو ڪرڻو آهي.
هاڻي دقيانوسي ڳالهيون ڪم نه اينديون. هر انقلاب
جي افاديت جو ثبوت ان جي ترقي يافته نظريات ۽
معاشري جي خوشحالي جي اضافي ۾ مضمر آهي. اسان جي
نظر ۾ اهو ضروري نه آهي ته ڪو ترقي يافته نظريو
الحاد ڏانهن ڇڪي وڃي. اسان سڀ ڪم پروردگار تي
ڀروسو رکي ڪريون ٿا جو ڪاميابيءَ جو مالڪ آهي ۽
اسين انهيءَ کان ئي مدد گهرون ٿا.
سائين! ڇاڪاڻ ته اسان کي هڪ مرڪزيت حاصل آهي ۽ سڀ
تحقيقي ادارا يا اسان وٽ آهن يا اسان سان الحاق
رکن ٿا، اسين هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اسان
جي معاشري ۾ بنيادي ذهني، ادبي ۽ لغوي انتشار پيدا
نه ٿئي. اسين هر ممڪن ڪوشش ڪري عام فهم ۽ مستند
لفظن جي تخليق جي ڪم ۾ مصروف آهيون. اسان وٽ لساني
افراتفري بلڪل نه آهي ۽ نه اسان ۾ انهن بنيادي
ڳالهين تي اختلاف ۽ انتشار آهي. اهو اسان جي نوڙت،
نياز ۽ وحدت فڪر جو نتيجو آهي. اسان وٽ هڪ ئي قسم
جي سوچ آهي ۽ فروعي ڳالهين تي اسان ڪڏهن به بغض و
عناد کي دخل نه ڏنو آهي، اسان وٽ رقابت ڪم ۽ خدمت
۾ آهي، جيڪا ٻين کي پيٽ ۽ پئسي جي صورت ۾ نظر اچي
ٿي.
سائين! توهان کي ته خبر آهي ته انگريزي زبان جي
تقريباً ڇهن لکن لفظن مان چار لک لفظ ڌارين زبانن
مان اخذ ڪيا ويا آهن. هن سائنسي ۽ فني دور ۾ جيتري
قدر زبانن ۾ عام فهم ۽ مروج لفظ هڪجهڙا هوندا ته
تلفظ ۽ تفهيم، تعليم ۽ تحقيق ۾ گهٽ دقت محسوس
ٿيندي. اسان اهو اصول رکيو آهي ته خوامخواهه
انگريزي يا روسي يا فرينچ يا عربي لفظ جي ترجمي ۾
دقت ۽ طاقت ضايع نه ڪيا وڃن. انهن زبانن جا لفظ
جيڪڏهن مروج يا عام فهم آهن ته انهن کي اسين
پنهنجو ڪنداسون ۽ سمجهنداسون. اهڙيءَ طرح اسان جي
زبان ۾ ٻه مقصد ادا ٿيندا:
هڪ ته ساڳئي معنيٰ وارن لفظن جو ذخيرو وڌندو، ٻئي
طرف اسان جو سائنسي دنيا جي فڪر ۽ ڪم سان الحاق
هوندو ۽ انهيءَ حد تائين اسين ان فڪر جي دائري جو
حصو هونداسين. اسان تي ترجمي جو اجايو بوجهه ۽ خرچ
به نه پوندو. اسين دنيا جي سائنسي وحدت جا قاتل
آهيون، ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ لاءِ ڪونه ويٺا آهيون.
پيارا سائين! اسان کي خوشي آهي ۽ اسين خدا جو شڪر
ٿا ڪيون ته آهستي آهستي اسان جي جدوجهد ڪجهه اثر
پيدا ڪيو آهي ۽ اسان جي ڪم کي سندس حقيقي درجي جي
مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي. چند بزرگن لاءِ اسان جي
ڪاميابيءَ جو اعتراف ذرا مشڪل ٿي لڳو، مگر سج ۽
چنڊ کي گهڻو وقت لڪائي سگهجي ٿو! اسان جي ادارن
پروپئگنڊا، لٻاڙ ۽ پئسن ڪمائڻ لاءِ مصنوعي شهرت جو
ڪوبه خيال نه ڪيو آهي. اسين خاموشيءَ ۽ صبر سان ڪم
ڪندا رهيا آهيون. ڪيترا ڏينهن ته اسان جو وجود به
تسليم نٿي ڪيو ويو. اسان کي هڪ وساريل ۽ ڌڪاريل
دنيا تصور ٿي ڪيو ويو. هاڻي سنڌي ادبي بورڊ، شاهه
ولي الله اڪيڊمي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ سنڌ
يونيورسٽي جي انهن مصنوعي لهرن ۽ لوڏن، هنگامن ۽
طوفانن کان بچي وڃي پار پيا آهن ۽ مٿي چڙهيا آهن.
جناب عالي! اسان کي هر لحاظ کان سنڌي زبان ۾
سائنس، فڪر ۽ فن جي خزاني کي آڻڻو آهي، ۽ هيءَ
ڪانفرنس ان قسم جي اخلاص ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي.
حڪومت جي تازن فيصلن اسان کي تقويت ڏني آهي. اسان
کي پنهنجي ذميداريءَ جو احساس آهي، ۽ اسين مسائل
جي گهراين کان، ۽ نڪته چين جي زبان ۽ نظر کان واقف
آهيون، ۽ انهن جي انگشت نمائيءَ کان هر طرح بچڻ جي
ڪوشش ڪندا رهيا آهيون. توهان کي علم آهي ته سنڌي
اسان وٽ بي_ اي تائين ۽ انٽر سائنس تائين ذريعه
تعليم آهي، ۽ ڪن مضمونن ۾ ايم_ اي تائين ذريعه
تعليم آهي. اسان ڪوشش ڪري زبان جي صلاحيت نصابي ۽
تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌائينداسين، مگر هي وقت آهي
ته اسين دوربيني، فڪر ۽ صبر کان ڪم وٺون. اسان
سوچي فيصلو ڪيو آهي ته انگريزيءَ کي اسين هر طرح
لازمي رکنداسون، ۽ يونيورسٽيءَ جو ذريعي تعليم
ڪنهن عجلت ۽ جوش ۾ اچي نه بدلائينداسين. سائنسي،
فني ۽ فڪري دنيا ۾ انگريزيءَ جي اهميت ۽ افاديت
کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. بلامبالغه هڪ سؤ
سالن تائين يا انهيءَ کان ٿورو مٿي، بشرطيڪ اسان
زبان جي وسعت جي جدوجهد قائم رکي، سنڌ ۾ انگريزيءَ
جي اهميت برقرار رکڻي آهي. جيڪڏهن مصر، ايران،
ترڪي ۽ لبنان انگريزيءَ کي ڪيترن جنرل ادارن ۾ ۽
سڀني سائنسي، فني ۽ تحقيقي ادارن ۾ ذريعه تعليم
رکي سگهن ٿا ته اسان کي ته سؤ بار ان جي ضرورت
آهي. سنڌي زبان جي ترقيءَ جو بنياد عربيءَ تي آهي،
۽ انگريزيءَ سان الحاق تي کير ۾ کنڊ جو ڪم ڏيندو.
اسان انهيءَ فيصلي تي پهتا آهيون ته اسان سنڌ جي
معاشري ۽ ادب جي خدمت، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي،
ادبي، سائنسي ۽ فني تقاضائن کي انگريزيءَ ۾ ئي
ذريعه تعليم رکي پورو ڪري سگهنداسين. سنڌي زبان ۾
انگريزي لفظن جو ذخيرو وڌائي ان مان فائدو
وٺنداسون. اسان يونيورسٽيءَ جي درجي تي ڪنهن به
طرح يا ڪنهن به اثر هيٺ ذريعي تعليم سان هٿ چراند
سخت مضر سمجهون ٿا. تعليم ۽ زبان جي ڪم ۾ اجايو
جوش ۽ تڪڙ يقيناً مضر ثابت ٿيندا. مون ۽ مولانا
غلام اصغر اهي سڀ ڳالهيون نظر ۾ رکي دفتري زبان
لاءِ انگريزي_ سنڌي ڊڪشنري تيار ڪئي آهي، جا هن ڪم
جي رستي ۾ هڪ درجو آهي.
اسان جا سائين! توهان تازو نئشنل بڪ فائونڊيشن
ٺاهي آهي، ۽ توهان ڪتابن جي ٻاهران آڻڻ ۽ ڇاپڻ
لاءِ احڪامات جاري ڪيا آهن. توهان جي اجازت سان
آءٌ انهي متعلق ڪجهه ذڪر ڪندس. سائين! آءٌ مختصر
اهو چوندس ته اسان جون سنڌ جي تعليم ۽ ادب جون
تقاضائون ۽ مشڪلاتون پاڪستان جي ٻين حصن ۽ زبانن
کان ذرا مختلف آهن. اسان جي زبان جي درجي ۽ وسعت
جي خيال کان اسان کي چند خاص ڪتابن جي ڇاپڻ ۽
گهرائڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اسان جي تعليم، ادب ۽
معاشري جي ضرورت کي پورو ڪن، ۽ اسان جي ضرورت جا
اهڙا ڪتاب مهرباني ڪري اسان کي اجازت ڏيو ته اسين
پاڻ ڇپرايون ۽ تيار ڪريون. سنڌ يونيورسٽيءَ ئي هڪ
يونيورسٽي آهي جنهن کي پنهنجي پريس آهي ۽ ان ۾ ڪم
ڪافي اڳتي وڌيل آهي. مهرباني ڪري اسان جي مدد ڪندا
ته اسين پنهنجون ضرورتون پاڻ پوريون ڪريون. اسان
کي ڪجهه گرانٽ ڏيندا ته اسين پريس کي نين مشينن ۽
آلن سان پورو ڪريون. ائين ڪرڻ سان نئشنل بڪ
فائونڊيشن تان ڪافي بوجهه گهٽ ٿيندو ۽ ڪتاب سستا ۽
ضرورت مطابق پيدا ڪري شاگردن کي ڏيئي سگهنداسون.
ڇاڪاڻ ته اسان وٽ انٽرميڊئيٽ تائين آرٽس ۽ سائنس
۾، ۽ بي_ اي تائين ذريعي تعلم سنڌي آهي، اسان کي
خاص نوعيت جي ڪتابن جي ضرورت آهي، جيڪا شايد نئشنل
بڪ فائونڊيشن پوري نه ڪري سگهي.
سائين منهنجا! سنڌ سائنس ڪانفرنس ۽ اسان جي سنڌي
”سائنس“ مخزن سنڌ ۾ هڪ چڱي سائنسي ادب ۽ تعليم
لاءِ دلچسپي پيدا ڪئي آهي. سڀني پڙهندڙن، مردن
توڙي عورتن، جو رجحان سائنس جي ڪتابن ۽ سائنسي
مضمونن طرف ٿيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته گذريل ٻن
سالن ۾ سنڌ جي ادب ۽ سنڌ جي اديبن هڪ عجيب ۽
معجزانه وسعت، تنوع ۽ ترويج ڏٺي آهي. پڙهڻ ۽ ڪتابن
سان رغبت سنڌ ۾ هڪ ڪرشمو آهي. پنهنجي سرمايه ۽
فطرت جي ڏنل ڏاتن کي سمجهڻ ۽ استعمال ۽ ترقيءَ
لاءِ توهان نئون جوش ۽ اُمنگون محسوس ڪندا. ماڻهو
بکايل ۽ اُڃايل اکين سان ڪتابن لاءِ واجهائين ٿا ۽
ڏسن ٿا. ڪابه اخبار يا مخزن يا ڪتاب ڇپيو نه آهي
ته کپيو نه آهي. هيءُ هڪ سٺو ۽ دل کي طراوت
پهچائيندڙ سوڻ آهي.
سائين! اسان وٽ سائنسي ادب ۽ تحقيق جي وڏي ضرورت ۽
گنجائش آهي. نه صرف نصابي تعليم ۽ ادب جي لحاظ کان
مگر استفاديت ۽ ضروريات زندگيءَ جي لحاظ کان به.
اسان جا جانور، مثلاً ڳئون ۽ مينهن، اسان جا پکي،
مستقل رهائش وارا ۽ روهاکي، اسان جي جبلن جا ٻوٽا
۽ وڻن جا پودا، اسان وٽ پوک جا طريقا ۽ ٻج جي
آزمائش، اسان وٽ گلن ۽ ڦلن جا قسم ۽ انهن جي زندگي
۽ دلچسپيون، اسان جي پاڻيءَ جا ذخيرا ۽ انهن جا
مسئلا، اسان جي ماڻهن جي غذائي ضروريات ۽ صحت جا
مسئلا، اسان جي پيداوار جي تناسب سان واپار ۽
ڪارخانا، اسان جي مٺي پاڻي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جي
استعمال ۽ انهن ۾ رهندڙ جانورن، مڇين ۽ جيتن جي
تحقيق، اسان وٽ زهريلن ڪيڙن، جيتن ۽ پسوئن جا
مسئلا، اسان جي دوائن ۽ سيرم جون ضرورتون، اسان جي
پکين ۽ جانورن جا قسم ۽ عادتون، مطلب ته سائين!
سنڌ هڪ قسم جو جامع ملڪ آهي، جنهن ۾ رطوبت ۽ خشڪي،
سمنڊ ۽ درياهه، رڻ ۽ جبل، ٻيلا ۽ ماٿريون، حسن ۽
اليبلائي، غيرت ۽ مستانگي، جهالت ۽ عقل، هوش ۽
تدبر، سڀ وڏي پئماني تي گڏ ملندا. سائين! سنڌ
حيوانات، معدنيات ۽ نباتات جو هڪ وڏو ميوزم آهي،
تاريخي مرڪز آهي، آثار قديمه جو گهر آهي.
سائين! مون کي هڪ خاص ڳالهه ياد آهي. مون کي
فنلئنڊ ۾ هڪ دوست مليو، جنهنجو نالو ڊاڪٽر اولر
هو، جيڪو پاڪستان جو هيلزنڪيءَ ۾ اعزازي ڪائونسلر
به هو. ان وٽ مون پکين ۽ پوپٽن جي ذاتي نمائش ڏٺي
۽ اها ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس. پروردگار جي شان ۽
عظمت جو نظارو هو. ڊاڪٽر اولر اهي پوپٽ ۽ پکريون
يورپ مان گڏ ڪيون هيون. سندس چوڻ موجب فقط يورپ ۾
اهي چاليهه هزار قسمن جون آهن. اسان وٽ ڪو پوپٽ گڏ
ڪري ته خبر پوي!
اسان وٽ انهيءَ قسم جي کوجنا ۽ دلچسپي وڏا ذخيرا
مهيا ڪري ڏيندي. اسان وٽ معدنيات ۽ زراعت جي تحقيق
۽ کوجنا جي وڏي ضرورت آهي. سائين! ويچاري سنڌ
پنهنجي پسماندگيءَ، نوڙت ۽ نياز جي مصيبتن ۾ مبتلا
آهي، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ سنوارڻ لاءِ اسان کي
پنهنجا سائنسدان ۽ محقق پيدا ڪرڻا آهن، جن کي دل
هجي، دلچسپي هجي ۽ لڳاءُ هجي. ٺلهن پگهارن کائڻ
وارن ۽ پئسي تي ڪم ڪرڻ وارن مان اُميد گهٽ آهي.
عام لفظن ۾ اسان کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي آهي. ٻين
تي مدار رکڻ شايد اسان کي ندامت ۾ مبتلا ڪري، جنهن
جو هن کان اڳي اسان کي ڪافي تجربو آهي. مثلاً لکين
روپين خرچ ڪرڻ سان به اڃا سارين مان گڏر، ڪمند مان
ڪيڙا اسين ڪاميابيءَ سان ڪڍي نه سگهيا آهيون. اسان
جا غريب نانگ ۽ ڀٽن جي موت جو شڪار آهن ۽ اسان وٽ
سيرم به موجود نه آهي. مون کي پنهنجو تجربو آهي ته
مون سارين جي ڪيڙي لاءِ وڏا پورا ڊرم دوائن جا
ورتا، اها دوا پاڻيءَ ۾ وجهندا وياسين مگر دوا گڏر
تي اثر نه ڪيو. خبر تڏهن پيئي جڏهن ڀريل ڊرم ۾
ڪيڙا ۽ گڏرون وڌيوسين ته اهي نه مئا. خبر پيئي ته
پئسا پراڻي دوا تي خرچ ڪيا هئاسين، جنهن ۾ نه چمڪ
رهي هئي ۽ نه طاقت.
سائين منهنجا! اسان وٽ سنڌ ۾ سائنسي تحقيقي فضا ۾
مواد لاءِ مواقع اڻڳڻت ملندا. جيئن مون عرض ڪيو ته
اسان جي تحقيق لاءِ انساني زندگي، جانورن جا رنگ ۽
رهائش جا طريقا، وڻن ۽ ٻوٽن جا قسم، اسان جون
تعليمي ۽ معاشرتي ضرورتون، اسان جي زندگيءَ جون
مشڪلاتون سڀ تحقيق جون محتاج آهن. سائين! مون تازو
اسان جي وزير اعليٰ جناب ممتاز علي ڀٽي صاحب کي
عرض ڪيو ته حڪومت رورل (ڳوٺاڻي) پروگرام تي هيڏي
توجهه سان ڪم ڪري رهي آهي، ۽ هيترو خرچ ڪري رهي
آهي. مهرباني ڪري اسان کي موقعو ڏيندا ته اسان جا
استاد ۽ نوجوان شاگرد هن معاشري جي ارتقا، صحت ۽
خوشحاليءَ جي پروگرام ۾ حصو وٺن، ۽ هن پروگرام کي
ڪارآمد بنائين. اسان ان پروگرام جي افاديت،
مشڪلاتن ۽ ڪمزورين جي تشخيص ڪري ڏيون. اسين پنهنجي
يونيورسٽيءَ جي شعبن، مثلاً اقتصاديات، جيولاجي،
ايڊيوڪيشن، سوشيالاجي، سوشل ورڪ ۽ انجنيئرنگ جي
استادن کان هن قسم جي مدد لاءِ تيار آهيون. آءٌ
وزير اعليٰ صاحب جي همدرديءَ ۽ نظر استحصان لاءِ
مشڪور آهيان.
سائين منهنجا! سنڌ جي جغرافيه وڏي تحقيق ۽ کوجنا
جي منتظر آهي. هيءَ سنڌي ڪانفرنس، خلوص ۽ محنت جو
ادارو آهي. اسين جتي پيدا ٿيا آهيون، اتي جي خدمت
اول ۽ افضل ۽ روح کي خوش ڪندڙ آهي. اسان جا نوجوان
پڙهي سکي پنهنجي معاشري جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪوشان
آهن. هنن کي نه ٻيو ڪو ملڪ آهي ۽ نه ٻئي ڪنهن ملڪ
۾ لالچي نظر. اسان جا ماهر جيئن مون عرض ڪيو ته
طبيعت فرار ڪونه ٿا رکن. اسان جيڪي سکيو آهي سو هن
ملڪ جي نذر آهي. اسين ٿورا برابر آهيون مگر اسان
جي جذبي ۽ خلوص جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. اسان
سکي پڙهي، علم ۽ تحقيق حاصل ڪري هن ملڪ کي پنهنجون
خدمتون نذر ڪنداسون. اسان جي يونيورسٽيءَ جا استاد
۽ شاگرد سنڌ جي خدمت ۾ دل و جان سان رڌل آهن. اسان
ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي ڪم ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نه
آهيون، ۽ نه سڪون لاءِ. توهان کي استدعا آهي ته
اسان کي زياده کان زياده مواقع مهيا ڪري ڏيو.
سائين! تاريخ اسان کي صاف ظاهر ڪري ڏنو آهي ته
اسان لاءِ پنهنجي اداري ۽ معاشري ۽ تعليم جي خدمت
ڪرڻ ڪيتري خدا مشڪل آهي. اسان وٽ چند بزرگن ۽
دوستن جو اهو خيال آهي ته اسان جي پنهنجي ادارن ۽
مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ دلچسپي گناهه آهي. سائين! اسان
پنهنجي محنت ۽ خلوص جي بدلي ۾ ڏاڍيون گاريون
کاڌيون آهن. اسان جي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ ۽ ترقيءَ
جون راهون ڳولي ڪڍڻ لاءِ به اسان کي برو ڀلو سڏيو
وڃي ٿو. اسان کي پنهنجي حقوق ۽ محنت لاءِ به
چيلاٽن وانگر ورتو وڃي ٿو. اسان جي ترقي، خوشي ۽
خوشحالي ۽ خودداري ڪيترا بزرگ گوارا ڪري نٿا سگهن.
سندن ڪڌا ڪم ۽ گناهه به سٺي نيت وارا ليکيا وڃن.
اسين ثواب ۽ عمل صحيح ڪريون، تڏهن به بدنيت جو
عتاب ۽ گهوڙا گهوڙا. اسان مان مقبول اهي آهن جي هن
فريب جي رينگٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن. اسان جي
خوشي چند بزرگن جي ننڊ ۽ سک ڦٽايو ڏئي. اسان جي
معاشري ۽ تعليم جي خدمت وڏي جانبازيءَ ۽ قلندريءَ
جو ڪم آهي.
سائين منهنجا! آءٌ اسان جي استادن، مفڪر، اديبن،
نوجوانن ۽ شاگردن کي عرض ڪندس ته خدارا هاڻي محنت،
تعليم، مطالعي ۽ تحقيق تي زور رکن. ان کان سواءِ
ٻيو ڪوبه چارو نه آهي. هن ڪشمڪش، طوفان ۽ بدنيتي
دنيا ۾ فقط عقل سليم، صحيح تعليم، وافر مطالعو ۽
بامقصد تحقيق ڪم ڏيندا. نعرن ۽ ڳالهين جو وقت ويو.
ٻيون سڀ ڳالهيون عارضي آهن، تعليم باقي آهي. ٻين
کان اسان جي خدمت جي توقع ڪرڻ عبث آهي. خبردار! جو
وقت وڃايو اٿئون. مطالعي، تحقيق ۽ تصنيف کان پري
ٿياسون ته ڏاڍيون چوٽون کائينداسون. اسان جو
معاشرو ۽ تاريخ اسان جي فرض ادائيءَ جي ڪوتاهي
معاف نه ڪندا.
سائين منهنجا! اسين توهان جا بيحد مشڪور آهيون جو
توهان پنهنجي مصروف وقت مان ٿورو وقت بچائي اسان
وٽ آيا آهيو. توهان جوان آهيو ۽ عالم آهيو، جفاڪش
آهيو ۽ جانباز آهيو. توهان جي محنت ۽ تندهي جوانن
لاءِ مثالي آهي. الله تبارڪ وتعاليٰ توهان کي هن
قوم جي خدمت لاءِ اڃا به وڏا مواقع نصيب ڪندو.
توهان اسان جي وڏي همت افزائي ڪئي آهي، اسين توهان
جا شڪرگذار آهيون. آءٌ انهن سڀني استادن، عالمن ۽
شاگردن جو پڻ شڪرگذار آهيان، جن هن ڪانفرنس ۾
دلچسپي ورتي آهي، ۽ مضمون ۽ مقالا تيار ڪري حصو
ورتو آهي. هن ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ اسان کي وڏي
تقويت ڏني آهي. انشاءَالله اسان کي ترقيءَ جي راهه
تي وڌندا ڏسندؤ. محنت اسان جي وس هي، ڪاميابي خدا
وٽ هي. |