مون اڳي عرض ڪيو هو ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي به عادت
ٿيندي آهي. اخلاق سکڻ به سبق ۽ عادت ٿيندا آهن
ڪنهن شيءِ ۾ صدق رکڻ، يعني ان تي عمل ڪرڻ. مصروفيت
اخلاق ۽ ايمان آهي، بيڪاري ۽ پستي بداخلاقي آهن.
اسان گذريل چند سالن ۾ پڙهائڻ کي وساري پنهنجي
اولاد جو قتل ڪري رهيا آهيون. اهو گناهه اسان جي
استادن ۽ معاشري جي گردن تي آهي.
خبردار! تدريس جي چوريءَ جهڙو عظيم گناهه ٿي نٿو
سگهي. ان ۾ فرد جو نه مگر معاشري ۽ قوم جو قتل ۽
خون آهي. ياد رکو ته اڄ اسين گروهه بنديءَ ۽ پيشه
ورانه نظرين ۾ دماغي توازن وڃائي ويٺا آهيون. اهو
بلڪل صحيح آهي ته پيٽ آهي. اهو بلڪل صحيح آهي ته
پگهارون مناسب هجن. مگر ياد رکو ته استاد جو وقار
۽ عزت حقيقي طرح پگهار ۾ نه، مگر هڪ پڙهائڻ ۾ ۽
ٻيو حڪومت جي پاليسيءَ جي مرتب ڪندڙ درجن ۾ استادن
جي وابستگيءَ ۽ اهميت ۾ آهي. آيا، حڪومتون پنهنجي
پاليسيءَ ۽ سوچ ۾ استادن جي فڪر ۽ مطالعي کي دست
انداز ٿيڻ قبول ڪن ٿيون ۽ انهن جي محنت ۽ صلاحيت
جو فائدو وٺن ٿيون؟ اهي حڪومتون جن جي ڪاروبار ۾
استادن ۽ مفڪرن کي دخل نه آهي، اهي انڌوڪار ۾
رهنديون.
اڄ به اسين دنيا جي مشهور، باوقار ۽ طاقتور قومن
ڏانهن نظر ڪريون؛ آمريڪا ۾ گلبريٿ
(Gailbraith)۽
هينري ڪسنگر
(Hennry Kissinger)،
جرمنيءَ ۾ ڊاڪٽر شاش
(Schatch)،
انگلنڊ ۾ ڪينز ۽ لاسڪي
(Keynes & Lasky)!
آمريڪا، انگلنڊ، جرمني، فرانس، جپان، روس، هندستان
۽ چين پنهنجي ترقيءَ جو انحصار استادن جي فڪر ۽
مطالعي تي رکن ٿا. آمريڪي ڪانگريس جي هر ڪاميٽيءَ
تي استادن ۽ مفڪرن جون مشاورتي ڪاميٽيون آهن.
شهنشاهيت، نوڪر شاهي ۽ فوج، جمود ۽ جبر جا حامي ۽
علمبردار آهن. جمهوريت نه صرف هڪ طرز حڪومت آهي،
مگر هڪ درس تدريس جو طريقو آهي. جمهوريت ۾ سوچ ۽
بيان کي وقعت آهي. ڊڪٽيٽريءَ ۾ ڏنڊي ۽ جهالت کي
دخل آهي. دنيا ۾ اهي قومون ڪامياب رهيون، جن
جمهوري نظام ۾ جنرلن کي لغام هيٺ، سنجن سان ۽ تنگ
ٻڌل رکيو. دنيا جون ڪامياب جمهوريتون اهي آهن، جن
کي استادن جي سوچ، مطالعو ۽ رهبري نصيب ٿيا، جن
جنرلن کي قبضي ۾ رکيو ۽ پنهنجي جاءِ ڏيکاري. حضرت
عمر رضي الله عنہ، خالد بند وليد ۽ عمرو بن عاص،
ٽرومن
(Truman)،
ميڪارٿر
(Mcarther)مثال
آهن. روم ۾ جڏهن جنرل آيا، ته استاد ختم ٿيا ۽ فڪر
ختم ٿيو. شهنشاهيت جو اهو بنيادي قانون آهي ته
قومن کي چڱيءَ طرح محڪوم ۽ ذليل رکڻ جو واحد علاج
آهي انهن جي استادن کي ذليل رکڻ ۽ تباهه ڪرڻ. روم
ائين ڪيو، روم اٽليءَ کان ٻاهر فڪر و تعليم کي
ٺاهي ٺاهي نابود ڪيو. اسپين، جيڪو مسلمانن جي
زماني ۾ يورپ جو درس گاهه هو، ان کي تباهه ڪرڻ جو
موثر طريقو مسلمان استادن جو قتل عام هو. هلاڪو
بغداد جا ڪتاب ۽ مدرسا ساڙيا. پورچوگيزن، ڊچن ۽
انگريزن جتي حڪومت ڪئي، وڪالت کي همٿايو مگر استاد
پيدا ڪرڻ نه ڏنائون. تعليم جبر جي زنجيرن کي ڪڏهن
قبول نه ڪندي. استاد جبر ۾ ڪڏهن ساهه نه کڻندو.
سامراجيت جو اول شڪار هر دور ۾ استاد ٿيو آهي.
هڪ رومن جنرل جو مثال مشهور آهي. کيس خبر ملي ته
ملڪ ۾ ڪو يوناني مست آهي جو ماڻهن کي تقريرون ڪندو
وتي ۽ عقل ۽ سچ جون ڳالهيون پيو ٻڌائي. جنرل صاحب
کي ڏاڍي بڇان لڳي. مجال آهي ڪنهن جي جو سندس حڪومت
۾ ڪو سوچ جي طاقت رکندو هجي ۽ عقل جي ڳالهه ڪندو
هجي. يوناني فيلسوف کي پاڻ وٽ حاضر ڪرڻ جو حڪم
ڏنائين. هڪ ڪڙتي، لٺ، ڊگهي ڏاڙهيءَ سان فقير سندس
اڳيان آندو ويو. جڏهن جنرل صاحب جي هن تي نظر پئي
ته ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو ۽ بي خطا چيائين ”ڇا هيءُ
آهي اهو شخص جيڪو تقريرون ٿو ڪري ۽ فڪر جي تلقين
ٿو ڪري! ڇا هيءُ آهي اهو شخص، جيڪو دماغ کان ٿو ڪم
وٺي ۽ سوچي ٿو! تمام خطرناڪ آهي، تمام خطرناڪ آهي،
ڪپيوس سر“. ۽ حڪم سان يوناني مست جو سر وڃي پري
پيو. آمريت ۽ ڊڪٽيٽري عقل، سوچ ۽ تدريس جون دشمن
آهن. هٽلر ۽ مسوليني تازا مثال آهن.
افسوس ته اسان جي معاشري جو هڪ پهلو به نظر نه ٿو
اچي، جنهن ۾ علم لاءِ قدر ۽ اهميت نظر اچي. جهالت
لاءِ يقيني قدر آهي، نه ته هيترا سارا احمق ڪيئن
نظر اچن ها. انگلنڊ جي تاريخ ۾ هڪ پڙهيل لکيل
بادشاهه هو، جنهن جو نالو هو جيمس پهريون ۽ کيس
سڏيندا هئا ”عيسائين جو وڏي ۾ وڏو عاقل بيوقوف“.
مسلمانن جي تاريخ ۾ ويچاري محمد بن تغلق کي اهو
لقب ڏيندا آهن، مگر اسان پنهنجي مختصر تاريخ ۾ ته
نظر ڪري ڏسون، جهالت ۽ امارت هڪ صف ۾ آهن.
چوندا آهن ته انصاف جو بنيادي اصول آهي ته انصاف
نه صرف ٿيل هجي مگر ڏسڻ ۾ به اچي ته برابر ٿيو.
لڪيل ڇپيل انصاف قوم جي صحت لاءِ مضر آهي. اهڙيءَ
طرح علم به. علم جو هجڻ ڪجهه به نه آهي، جيسين
ڏيکاريو نه وڃي ۽ پهچايو نه وڃي. علم نه صرف هجي،
مگر ڏسجي. تعليم جو راز ڳالهين ۾ نه مگر ڏيڻ ۾
آهي. انسانيت جو ڪمال علم ۾ آهي. علم کان سواءِ
انسانيت ناقص آهي.
آءٌ پنهنجي ايڪٽيهن سالن جي تعليم، تدريس ۽ مطالعي
جي تجربي مان ۽ دنيا جي سفر ۽ ڏسڻ سان اهو بلا
مبالغي چوندس ته سچي ۽ فرض شناس استاد لاءِ ناقدري
مون ڪڏهن ۽ ڪٿي به نه ڏٺي. علم جي پاڪيزگيءَ،
مناسبت ۽ خودداري هميشه پنهنجي جاءِ، برڪت ۽
قبوليت حاصل ڪئي. سچي ۽ محنتي استاد کي هميشه خوشي
۽ خوشحالي حاصل ٿي. سچو استاد دلين جو مالڪ آهي.
سچي استاد کي نه پوليس جي ضرورت آهي نه ڏنڊي جي.
خبردار! جي اسان هن نازڪ دور جي تقاضائن کي نه
سمجهيو ۽ پروڙيو، حقيقي انفراديت علم سان نصيب
ٿيندي. وقت نه ڪنهن لاءِ بيهندو ۽ نه ڪنهن کي معاف
ڪندو. اگر لوڻ نمڪيني ڇڏي ته لوڻ ڇا، اگر کنڊ مٺاڻ
ڇڏي ته کنڊ ڇا ۽ اگر استاد پڙهائڻ ڇڏيو ته استاد
ڇا؟ اسان جي ترقي ۽ وقار، خوشي ۽ خوشحالي، اسان جي
آئنده نسلن جي خير خواهي، خدمت ۽ دعا، استادن جي
پڙهائڻ ۾ مضمر آهن. دنيا جي بلند ترين قومن جي
تاريخ پڙهي ڏسو. پڙهڻ جهڙو ٻيو سڪون نه آهي،
پڙهائڻ جهڙي ٻي خدمت نه آهي. عزيزو، اچو ته پڙهون
۽ پڙهايون!
وما علينا الاالبلاغ
عروج ۽ زوال
۽
اميدن ڀريا بادل
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان ”1972ع بين
الاقوامي ڪتابي سال“ جي سلسلي ۾ لکيل مقالو.
1972ع وارو سال اسان جي تاريخ ۾ هر لحاظ کان وڏي
اهميت رکي ٿو. اها اهميت علمي، تعليمي ۽ ادبي هجي
يا سياسي، اقتصادي هجي يا انتظامي ۽ معاشرتي. هن
سال اسان جي ملڪ ۾ وڏو انقلاب آيو آهي. هن سال سان
هڪڙو دور ختم ٿيو ۽ ٻئي قسم جي دور جو آغاز ٿيو.
هن سال جون انقلابي تبديليون اسان جي مستقبل تي
تمام وڏي پيماني تي اثرانداز ٿينديون. آءٌ هتي چند
تعليمي، ادبي ۽ معاشرتي ڳالهين جو ذڪر ڪندس ۽ ٻين
ملحق مضمونن تي صرف وضاحتي نموني ۽ پس منظر کي
خيال ۾ رکي ڪجهه بيان ڪندس.
سال 1972ع علمي، ادبي ۽ تعليمي لحاظ کان هن ڪري
خاص طرح اهم آهي جو هن سال کي ”بين الاقوامي ڪتابي
سال“ قرار ڏنو ويو. هن سال عالمي ٻارن جو ڏينهن
ملهايو ويو. هن سال لٽريسي هفتو ملهايو ويو ۽ هن
ئي سال اسان جي ملڪ ۾ انقلابي تعليمي پروگرام جو
آغاز ٿيو. هن سال سنڌ ۾ ته خاص طرح ادب جي رجحانات
۽ وسعت، اُن جي مقبوليت ۽ دلچسپيءَ خاص انداز
اختيار ڪيو. نجي تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ
هڪ دوُر رس قدم آهي. سنڌ ۾ نوجوانن ۾ نوَن خيالن،
احساسن ۽ اُمنگن جو ادب آيو، ۽ نوجوان ئي هن سڄي
رجحان جا لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مالڪ ٿيا. هيءُ هڪ نوجوانن
جو دؤر آهي.
اسان مان ڪن بزرگن کي هن انقلاب تي ٿڙڪڻي وٺي ويئي
آهي. انهن جي خيال ۾ نوجوانن جي وقت جو تصور ئي
نٿو اچي سگهي. اسان جي دماغن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي،
۽ اسان جي نظر پري وڃڻ سکي ئي نه آهي. منهنجي فقط
اها دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ اسان جي
نوجوانن کي وڏين غلطين کان بچائي. اگر اهي ڪي
غلطيون ڪن ٿا ته ان ۾ اسان جو به قصور آهي. نوجوان
هن ميدان ۾ بنا ڪنهن اسان جي مدد يا موڪل جي آيو
آهي، ۽ هاڻي هو اسان جي مشوري ۽ صبر جي تلقين کي
ٻڌڻ يا ترسڻ لاءِ تيار نه آهي.
اسان وٽ سنڌ ۾ سال 1972ع بيشڪ ادبي، ذهني، فڪري ۽
تعليمي نقطه نظر کان هڪ وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو.
اچو ته پنهنجي معاشرتي ۽ تعليمي تاريخ تي ڪجهه نظر
ڪريون.
سال 1972ع ۾ يونيورسٽين ۾ نئون آرڊيننس آيو آهي.
هن آرڊيننس سان هڪ آمرانه دور ختم ٿيو. هن کان اڳ
واري يونيورسٽي آرڊيننس وڏا مسئلا پيدا ڪيا هئا.
انهيءَ آرڊيننس جي ڪري نوجوانن ۾ بيچيني، اضطراب،
شڪ ۽ تشدد کي جاءِ ملي. تقريباً 12 سالن جي نقصان
۽ انتشار کي هن سال ۾ روڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪو
شڪ نه آهي ته 1972ع جو يونيورسٽي آرڊيننس
يونيورسٽين ۾ وڏي انقلاب جو باعث ٿي سگهي ٿو.
سينيٽ کي وري جاري ڪرڻ، سنڊيڪيٽ کي زياده حالتن ۽
ضرورتن پٽاندر مرتب ڪرڻ، نوجوان شاگردن ۽ نوجوان
استادن کي انهن مجلسن ۾ حصو ڏيڻ، اسان جي ملڪ ۾ هڪ
بنيادي انقلابي قدم آهي.
مگر ياد رکڻ گهرجي ته قانون بذات خود ڪجهه به نه
آهي. ان جي افاديت ۽ دور رس نتيجن جو ثبوت وقت
ڏيکاريندو. قانون، قانون ساز جو آلو آهي، قانون
هلائيندڙن جو هٿيار آهي. مقصد آهي ته اهو ڪهڙي نيت
سان استعمال ڪري. ڪابه شيءِ في نفسه (پنهنجي مٿي)
عام طرح خراب نه هوندي آهي. ڏسڻو آهي ته ان کي
ڪهڙي نيت سان هلايو ٿو وڃي. اميد ته يونيورسٽين جي
تازن آرڊيننسن سان تعليم ۾ دلچسپي ۽ پنهنجي اداري
جي امداد هر وقت وڌندي. اُميد ته اسان جا بزرگ
استاد ۽ نوجوان شاگردن ۽ عام لکيل پڙهيل طبقو هن
قانون جو فائدو وٺي، تعليم، تربيت ۽ تنظيم کي اڳتي
وڌائيندا، ۽ اسان جا ڏتڙيل ادارا سندن دلچسپي ۽
ڪوشش سان اسان جي علمي، ادبي ۽ معاشرتي ضرورتن ۽
تقاضائن کي پورو ڪندا.
اسان وٽ گذريل 25 سالن ۾، خاص طرح جڏهن کان
پاڪستان ٿيو ۽ گذريل 37 سالن ۾ جڏهن کان سنڌ ۾
مقامي خودمختياري حاصل ٿي، اسان جي تعليم، ادب ۽
معاشري وڏيون تبديليون ڏٺيون آهن. وقت جي مجنونانه
تيزي ۽ حالتن جي تشويشناڪ گهراين، اسان مان تاريخي
پس منظر کي سمجهڻ جي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي آهي. قومن
جو مستقبل ماضيءَ جي حالتن، زلزلن، طوفانن، لوڏن،
لهرن ۽ مصيبتن جي سمجهڻ ۾ مضمر آهي. آءٌ افسوس سان
ٿو چوان ته اسان وٽ جذبي، جوش ۽ آلاپ جو ادب ته
رهيو، مگر چند سال اڳي تائين ٺوس ۽ ديرپا ادب ۽
معاشري لاءِ ڪارآمد ادب قريب قريب ختم ٿيڻ وارو
هو، جڏهن 72_1971ع جا اُميدن جا بادل نمودار ٿيا.
هاڻي اچو ته مختصر نموني پنهنجي تعليمي، ادبي ۽
معاشرتي تاريخ تي نظر ڊوڙايون.
سنڌ 1936ع ۾ بمبئي کان جدا ٿي ۽ هڪ شخصيت ۽
انفراديت حاصل ڪئي. اسان وٽ آدم شماري گهٽ ۽ خدا
جي زمين تمام گهڻي هئي. اسان جا ٿر ۽ اسان جا جبل،
اسان جا ڪچا ۽ اسان جون ماٿريون آباد ۽ شاداب هئا.
پيداوار گهڻي ۽ ضرورت گهٽ هئي. اسان خوشحال ۽ مست
هئاسون. اسان کي بيروني طاقتن سان جدوجهد جي ضرورت
محسوس نه ٿي ٿي. سنڌ هڪ خوشحاليءَ جو ٻيٽ هو، جنهن
۾ ان، کير، گوشت ۽ مڇيءَ جي ڪميءَ جو تخيل به اچي
نٿي سگهيو. سنڌ جي حدن تي قحط ۽ بک هئي. اسان
فقيرن، ملنگن، پيرن، سيدن جو ملڪ هئاسون. سنڌ ۾
غربت هئي، مگر بک ڪٿي به ڪانه هئي. بيروني مورخن،
جاگرافي لکندڙن ۽ سياحن ان قسم جو صدين تائين ذڪر
ڪيو آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته
اسان جي آدمشماري 40 لک مس هئي.
سنڌ حقيقت ۾ بيابانن ۾ هڪ خيابان هئي. ڪشمور کان
وٺي ڪيٽي بندر تائين سک ۽ البيلائيءَ جي فضا هئي،
جتي ڪٿي چانورن جا انبار، ڪڻڪ جا ڀنڊار، ڪپهه جا
ڍير ۽ دالين جا گدام هئا. جتي ڪٿي ڍڳين ۽ مينهين
جا وٿاڻ، رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ۽ اُٺن جا وڳ هئا.
قدرتي غذائي شين جو اندازو نه هو. گوشت ۽ مڇي هر
ڪنهن کي نصيب هئا. تتر ۽ ٻٽير، ڦاڙها ۽ هرڻ، سها،
تلوريون ۽ روهاکي پکي، پاريل ۽ ڳيرا هر هنڌ هئا.
جهنگلن ۾ للر ۽ مريڙو، چڀڙ ۽ کنڀي ڀري پيئي هئي.
ٻير ۽ پيرون هر هنڌ مليا ٿي. انب، کجيون، زيتون ۽
سڀ کان وڌيڪ کير ۽ ڳڙ، مکڻ ۽ ماکيون، مطلب ته طبي
۽ غذائي نقطه نظر کان صحت، شڪل ۽ شباهت جي برقرار
رکڻ لاءِ سڀ شيون سستيون ۽ آسانيءَ سان ميسر هيون.
اهي سڀ مرض، جيڪي غذائي ڪمين ۽ ڪمزورين سبب پيدا
ٿين ٿا، سنڌ ۾ انهن جو نالو نشان به نه هو. اسين
گهوڙن، اُٺن ۽ ٻيڙين جا سوار ۽ بادشاهه هئاسون.
اها سنڌ جي خوشحالي هئي، جو جيڪي فرد يا قومون
ٻاهران آيون، تن پير رکڻ شرط مستقل رهائش اختيار
ڪئي. جيڪي هو سو پنهنجو سمجهيائون ۽ زمين سان محبت
ڪيائون. بلوچ ۽ پٺاڻ، ترڪ ۽ ارغون، سنڌ جي آغوش ۾
هڪ ٿي ويا، ۽ سنڌ جو اولاد ٿي، اُن جي خذمت
ڪيائون. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ هيترين صدين ۾
ڪمزور ضرور هئي، مگر ڪڏهن به غلامي قبول نه
ڪيائين.
سنڌ انگريزن جو هندستان ۾ آخري شڪار هئي. 1843ع
کان 1943ع تائين انگريز سنڌ ۾ هميشه خوفزده رهيا.
ٿر ۾ يا جبلن ۾، سمنڊ يا درياهه تي، اسان ٻئي جو
تسلط نه سٺو. 1843ع کان 1943ع تائين انگريزن ڏهه
دفعا سنڌ ۾ مارشل لا لڳايو. 1950ع کان پوءِ 1971ع
تائين اسين پڪا مارشل لا هيٺ رهياسين. ڪڏهن اعلان
سان، ته ڪڏهن بنا اعلان جي.
اسان جي خوشحاليءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي
ٿو ته اسان سکر بئراج جو سڄو قرض چند سالن ۾
هندستان جي سرڪار کي ادا ڪري ڇڏيو ۽ وياجن کان بچي
وياسون، ۽ اسان افراتفريءَ جي نخرن ۽ وڏيرڪي خرچن
هوندي به 33 ڪروڙ روپيا نقد 1955ع ۾ مغربي پاڪستان
جي صوبن کي، ۽ نظريه وحدت جي نذر بطور عطيه ۽ جيب
خرچ ڏنا. اسان جي خوشحاليءَ، آسودگيءَ ۽ ضروريات
زندگيءَ جي آسانين ۽ فراوانيءَ اسان کي مست ۽
بودلو بنائي ڇڏيو هو. ٻين معاشرن ۾ جنهن قسم جي
ڪشمڪش جو خيال ۽ اونو رهندو آهي، ان جو احساس اسان
۾ پيدا نه ٿيو، اسين خواب غفلت ۾ رهياسين.
1947ع کان پوءِ اسان جي چوڌاري هر طرف طوفان اُٿڻ
لڳا، مگر اسين مستيءَ ۽ سستيءَ ۾ رهياسين. اسان
صدين جي خوشحاليءَ ۾ هنن خوفناڪ حالتن جو تصور به
نه ڪيو، ۽ نه انهن تي سوچيو، ۽ نه انهن کي منهن
ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي يا ڪو بچاءُ ٺاهيو. اسان
يادگيرين جي هوائن، گهرن جي جهولن ۽ پينگهن، ۽ وڻن
جي ڇانئن، مينهين جي کيرن ۽ کٽن تي الولين ۾ محو
رهياسين. جڏهن اوچتو خوفناڪ حالتون وڪوڙي ويئيون
ته بدحواس ٿي ويٺاسون. لڪ لڪان ۽ ڀڃ- ڊڪ ۾ گس به
وڃائي ويٺاسون. اسان جو بودلو معاشرو هن ڪشمڪش
لاءِ علمي يا فڪري طرح تيار نه هو ۽ اسان حيران ۽
پريشان ٿياسون. چوڌاري بزدلي ٿي نظر آئي. نفسا
نفسيءَ ۾ هرڪو تيسمار خان ۽ رئيس پنهنجي ٽپڙن سيرڻ
۽ کل بچائڻ ۾ مشغول هو. اجتماعي ضرورتن جو ڪنهن کي
به خيال نه هو. انفراديت اسان ۾ راسخ ۽ پڪي ٿي
ويئي هئي. اسان عارضي فائدي ۽ ابدي نقصان جو خيال
نه ڪيو. مرتبي ۽ فائدي کي اسان ديرپا سمجهيو.
1947ع کان پوءِ به اسين مستيءَ ۾ رهياسين. شخصيتن
جي ڪرڻ ۽ اڀرڻ ۽ انتظامي چالبازين کي نه
پروڙيوسين، تان جو 1955ع ۾ اسان کي هڪ نئون طوفان
وڪوڙي ويو ۽ ان جو انوکو رعب جهلي نه سگهياسون.
اسان جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. پنهنجن جي
ڏاڍائيءَ کان بيوس ٿي پياسين. نفسا نفسيءَ ۾
بهادري، دليري ۽ خودداريءَ کي وساري، بزدلي ۽ جي
حضوريءَ جي ڳٽ کي ڳچيءَ ۾ وڌوسون. ائين ڪرڻ سان به
اسان کي خوشي، عزت، غيرت، خودداري ۽ نجات حاصل ٿي
نه سگهيو. اسين مصلحت جي مشورن ۾ ۽ پاڙيسرين جي
دشمنيءَ ۽ بغض و عناد جا شڪار ٿياسون.
1965ع کان 1971ع هڪ ٻيو دور هو، جدوجهد ۽ واويلا
جو دور. اسان کان جڏهن خود ٿي نه سگهيو ته زماني
اسان کي جنجهوڙيو ۽ سيکارڻ شروع ڪيو. فطرت ۽ تاريخ
همشه پنهنجو قانون يا ضابطو هلائينديون آهن. اهو
قانون نه ٽرندو ۽ نه ٽڪر ٿيندو. اسين ننڊ، مستيءَ
۽ سرور ۾ هونداسون ته اسان لاءِ نه بيهندو ۽ نه
ترسندو. اها فطرت جي چڪي ۽ اهو تاريخ جو جنڊ پيهڻ
۽ ڏرڻ لاءِ آهي، ۽ اسان شديد زخمي ٿياسين.
اسان ائين سمجهيو ته جيئن اسين خود غرض ۽ بي اصول
آهيون ته فطرت به ائين هوندي. مگر جڏهن اکين آڏو
انڌوڪار اچي ويئي ته هٿوراڙيون ڏيئي روشنيءَ ۾ ڀڄڻ
جي ڪوشش ڪئيسون. 1995ع کان اسان جو هڪ نئون علمي ۽
ادبي دور شروع ٿيو ۽ ان 1965ع کان پوءِ، اڃا به
زور پڪڙيو ۽ اسان کي شدت سان محسوس ٿيو ته اسان
جون پراڻيون عادتون نئين قسم جي مسئلن جي حل ۽
تصفيه لاءِ بيڪار هيون ۽ اسان به نوان طريقا ڳوليا
۽ اختيار ڪيا.
سنڌ جي تعليمي ۽ ادبي تاريخ وڏي دلچسپ آهي. اسان
جي زبان کي تاريخي اهميت آهي. اسان جو دنيا جي
علم، ادب ۽ تاريخ تي اثر اسان جي آدمشماريءَ ۽
صوبي جي پکيڙ کان هزارها دفعا زياده رهيو. سنڌيي
ادب ۽ سنڌي عالمن عرب ۽ عجم جي خذمت ڪئي. اسان ۾
هوس ۽ جارحيت اصل نه هئا، ان ڪري اخلاقي ڳالهين ۾
اسان ۾ خودغرضي بلڪل نه هئي. پنهنجي زباني ۽ فڪري
فوقيتن هوندي به اسان جتي وياسون اتي اسان اقتدار
۽ تسلط جو خيال نه ڪيو ۽ نه انهن معاشرن ۾ انتشار
پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئيسون. اسين انهن معاشرن ۾ ضم ٿي
وياسين ۽ هر ملڪ ۾ اتي جي ماڻهن جي، ۽ انهن جي علم
۽ ادب جي خذمت ڪئيسون. اسلامي تاريخ ۽ هندستان جي
تاريخ ان جون شاهد آهن.
1937ع کان جڏهن سنڌ کي خودمختاري ملي ته اسان سنڌ
۾ فوراَ تعليم جي طرف توجهه ڏنو. اهڙي انهماڪ ۽
صورت سان تعليمي پروگرام هندستان جي ڪنهن به پرڳڻي
۾ مرتب نه ڪيو ويو. سنڌ ۾ تعليمي پروگرام پاڪستان
ته ڇا مگر هندستان جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.
اهي پروگرام هئا: هڪ زوري ۽ لازمي ابتدائي تعليم،
جنهن ۾ تعليمي آفيسرن کي عدالتي اختيارات سونپيا
ويا. جيڪڏهن هي پروگرام جاري رهن ها ته 1960ع
تائين سڄي سنڌ ۾ ابتدائي تعليم لازمي، عام ۽ مفت
هجي ها، مگر اهو سلسلو 1949ع ۾ منقطع ٿي ويو.
سنڌ جو ٻيو پروگرام هو بالغن جي تعليم. ايڏي
پيماني تي ڪم هندستان جي ڪنهن به صوبي ۾ نه ٿيو
هو. اسان وٽ ان وقت عالم ۽ اديب آڱرين تي ڳڻيا ٿي
ويا. مگر منجهن ايترو خلوص، همدردي ۽ نيڪ نيتي
هئي، جنهن جو اندازو اڄ لڳائڻ مشڪل آهي. مرحوم شمس
العلماءَ ڊاڪٽر دائودپوٽو فولادي انسان هو. مرحوم
سيد ميران محمد شاهه زبان جو مالڪ هو. شيخ
عبدالمجيد سنڌي صاحب قلم جو صاحب هو. علم کي وقعت
۽ عزت هئي. پير الاهي بخش صاحب جو هن ڏس ۾ ڪم سنڌ
جي تعليمي تاريخ ۾ ڪير به نه وساريندو. اهي سڀ
پروگرام سندس وزارت ۾ ٿيا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي به
پاڻ تشڪيل ڏنائون.
1955ع کان 1965ع تائين هڪ وڏو افسردگي، نراسائي، ۽
مايوسيءَ جو دؤر هو. انهن سالن ۾ دليرن ۽ دماغن ۾
جذبات ۽ خطرات گڏ ٿيندا رهيا. سنڌ جي انفراديت کي
ته ضرب پهتي هئي، مگر هاڻي غيرت ۽ خودداريءَ تي به
طعنه زنيون ۽ جهليون ٿيڻ لڳيون. اُهو زمانو ويو
جڏهن ٻڙڪ به نه ٿي نڪتي. مگر سور شدت اختيار ڪندو
ويو ۽ اُهي ڌيميون آهون، دانهن جي صورت ۾ اچڻ
لڳيون. آواز بلند ٿيڻ لڳا. آهستي آهستي دٻيل
اُمنگون ٻاهر اچڻ لڳيون. ٿوري سم نظر آئي ۽ اُتان
جلد ٿورو وهڪرو شروع ٿي ويو. وهڪرو بند نه ٿيو،
اچي گهارو پيو ۽ بند ٿيڻ مشڪل ٿي پيو. ٻئي طرف
پاڻيءَ جي سيلاب سان گڏ طوفان ۽ باهه به شروع ٿي
ويئي. 1971ع ۾ انهيءَ باهه تي ڇنڊا پيا. 1955ع
تائين دٻيل جوش جو دور هو. 1965ع کان پوءِ اسان
لاءِ هڪ تحريڪ ۽ انقلاب جو دور شروع ٿيو. 1969ع
کان ادب ۾ به جرئت ۽ تنوع آيو. تعليمي، فني ۽
سائنسي ڪمزورين جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ نوجوان تعليم
يافته ان طرف متوجهه ٿيا.
1965ع کان پوءِ نوجوان تحريڪن جو دؤر شروع ٿيو.
نوجوانن ۾ سندن صلاحيت ۽ مستقبل جي ترقيءَ جي بي
توجهيءَ غصو پيدا ڪيو. هن غصي ۽ حيرانيءَ جي حالت
۾ پنهنجي صلاحيتن جي ڏيکارڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ٻيو ڪوبه
رستو نه ڏٺائون ۽ هاڻي غصي ۽ تخريب طرف مائل ٿيا.
واهون بند ٿيندي، چريائي ۽ مستانگيءَ جي وچ ۾ وڃي
پيا. 1965ع کان پوءِ جو ادب نوجوانن ۽ انهن جي
اُمنگن ۽ نراسائيءَ جو ادب ئي نروار ٿيو. 1969ع
کان پوءِ اڃا به زياده انقلابي جان پڪڙي ويو ۽
ببانگ دهل ٻاهر آيو. نوجوانن کي تعليم، تدريس، فن
۽ سائنس ته نصيب ٿيا، مگر واهون اڃا به بند هئن.
نوجوانن جون نظرون ۽ اُمنگون آسمان تائين هيون،
مگر سندن پهچ زمين کان ٻه فٽ مٿي به ڪانه هئي.
زمين اڃا به وڏي زلزلي جي حامل هئي، مگر ان نقصان
کان 1971ع ۾ اسين بچي وياسين.
1950ع کان 1971ع تائين پاڪستان ۾ هڪ عجيب
بدديانتي، بداخلاقي ۽ بدنيتيءَ جو دؤر هو. عالم يا
جاهل، ملحد يا مولانا، سرڪاري نوڪر يا فوجي آفيسر،
قانون ساز يا قانوندان، شاگرد يا استاد هڪ اٽڪلين
۽ کيڏن جي مصنوعي فضا ۾ پلجي يا ڦلجي رهيو هو.
قومي نقطه نظر جي فقدان اسان کي 1971ع واري رسوائي
نصيب ۾ وڌي.
اهو وقت، يعني 1950ع کان 1971ع تائين، سنڌ لاءِ ته
اڃا به هاڃيڪار هو. اسان کيڏن ۽ مڪارين ۾ حصو نه
ورتو، مگر اسان بزدلي ۽ بيوقوفيءَ جو وڏو مظاهرو
ڪيو. هنن سالن ۾ معاملات کي ڏسي ائين ٿو سمجهجي ته
خود غرضي، بزدلي، ۽ بددماغيءَ جو اسان تي پورو
غلبو هو. معاشري جا مهندار ڪم علم، ڪم عقل، ۽ تنگ
نظر، کوهه ۽ ڏيڏر جي مثال هئا. جيڪي ڪجهه ٿيو پئي،
ان جو آلو يا شڪار هئا. بدحواسي سڀ ڪنهن کي وٺي
ويئي هئي. هرڪو وڏو مڙس ڪنهن سهاري يا صاحب جي
ڳولڻ ۾ مصروف هو. انفرادي فوقيت، خودداري ۽ غيرت
ائين ٿي نظر آيا، ڄڻ هميشه لاءِ خدا حافظ چئي ويون
هيون. اسين پڇ جهلي هلڻ وارا ٿي پيا هئاسين. اسان
۾ ڪن ٿورن بزرگن کان سواءِ هرڪو شتر مرغ وانگر
اکيون واريءَ ۾ لڪائي بيٺو هو. اسين ڏسي وائسي هر
انهيءَ ڪم ۾ رڌل هئاسين، جيڪو اسان جي تخريب،
تباهي ۽ ذلت آڻي. مگر وري سال 1971ع هڪ خدائي
معجزو ٿي نمودار ٿيو. هيڻن جي حاميءَ اسان کي
اٿاري ويهاريو ۽ همت ڏني. اسان کي جيڪي حاصل ٿيو
سو اسان جي بزرگن جي اعمالن سان نه مگر پروردگار
جي ٻاجهه سان. قومن جي عروج ۽ زوال جا اصول خدائي
راز آهن.
1971ع کان سنڌ ۾ هڪ ٻيو دور شروع ٿيو، جنهن کي
اسين چئي سگهون ٿا ادب جي ترويج، ارتقا ۽ اڳتي وڌڻ
جو جنون ۽ پنهنجي شخصيت ۽ انفراديت جي مڃائڻ جي
جستجو، صلاحيتن ۽ خوبين جو اقبال ۽ اعتراف، عمل جي
ڪوشش ۽ منزل کي پهچڻ لاءِ بي آرامي.
1971ع کان سنڌ ۾ هڪ قسم جو نئون پڙهڻ جو رجحان
آيو. انفراديت، خودداري ۽ غيرت گڏجي ڪم ڪيو- ۽
سنڌ، جنهن وڏين قربانين ڏيڻ جي ڏيڍ سؤ سال واري
صلاحيت وساري ڇڏي هئي، اتي نئين قربانيءَ جو جذبو
پيدا ٿيو، ۽ اهو جذبو، ادب ۾، صحافت ۾ ۽ درس تدريس
۾ مليو. انهيءَ سڄي معجزي جو ڪمال موجوده دور جي
اقدامات ۾ نمودار ٿيو ۽ تعليمي پاليسي هن انقلاب
جي هڪ خاص ڪڙي آهي.
1972ع کان وٺي هڪ ٻيو دور شروع ٿيو. پراڻيون
مجبوريون ۽ زنجيرون ختم ٿيون. تعليم جي ترويج نئين
سر نظر اچڻ لڳي. روس جي انقلابي تاريخ لاسڪي ۽
پاسفيلڊ کان پڙهي محسوس ٿيو ته هي ڪو ايڏو ننڍو ڪم
نه ٿيو آهي. وڏي خلوص ۽ وڏي همت ۽ دليريءَ جو ڪم
ٿيو آهي. ڇا ٿئي ٿو، ان جي شاهدي تاريخ ڏيندي.
هيءُ انقلاب ڇا آڻيندو، ان جو علم الله کي آهي.
مگر هيءُ دور يقيناً وڏن رازن ۽ انقلابي تغيرات جو
حامل آهي.
پاڪستان ۾ اگر ڪوبه صوبو آهي جو هنن تعليمي
انقلابي تقاضائن کي آسانيءَ سان منهن ڏيئي سگهي
ٿو، اهو سنڌ آهي. اسان وٽ انسان آهن ۽ وسائل آهن،
جي هنن تقاضائن جو بوجهه کڻي سگهن ٿا. انتظامي
نقطه نظر کان اسان وٽ ايراضي ٿوري آهي، جنهن کي
آسانيءَ سان سنڀالي سگهجي ٿو. اسان وٽ حڪومت ۾ ۽
ٻاهر نوجوان آهن، جن جي غيرت ۽ خودداريءَ کي نه
ڪير خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري دٻائي سگهي ٿو.
اسان جي ترقي ۽ مقصد اسان جي ادب ۾ عيان نظر اچن
ٿا.
سنڌ ۾ اهڙو انقلابي ۽ احساسات سان ڀرپور ادب ۽ هن
قسم جي صحافت اڳي ڪڏهن به نه هئا. اڳي اسان جا
اديب ٻڪرن ۽ گهٽين واريون لڙايون ڪندا هئا، لکڻ ۾
ترشي ۽ طعنه زني ۽ شخصي جهلون ڪندا هئا، اخبارون
نڪ سامهون ۽ هڪ طرف ۽ مقصد سان هلنديون هيون، هڪ
ڏينهن اُڀرنديون هيون ته ٻئي ڏينهن گم ٿي وينديون
هيون. سنڌ جي مسلمان صحافت ۾ ”الوحيد“ کان سواءِ
ڪابه اخبار ڪنهن معيار تي نه پهتو. ”الوحيد“ به
غوطا کائيندي رهي ۽ ذلت ۽ مسڪنت ۾ ختم ٿي ويئي.
اسان وٽ اخبارون هميشه چندن تي هليون ۽ انهن جي
طاقت پڙهندڙن ۽ خريدارن تي گهٽ هئي، مگر سياسي
حرارت يا جمود تي هيٺ مٿي ٿينديون هيون. هاڻي
اخبارون پنهنجي مقبوليت، معاشري جي جذبات، احساسات
۽ تقاضائن کي خيال ۾ رکي ئي هلي سگهن ٿيون. پڙهڻ
وارن جو تعداد وڌندڙ آهي. هو هڪ طرف نين تازه ترين
ڳالهين کي پڙهڻ گهرن ٿا ته ٻئي طرف نون مضمونن ۽
ايجادن کي سمجهڻ گهرن ٿا. هڪ طرف هو اطلاع جي
واسطي ۽ پنهنجي علم کي وڌائڻ لاءِ پڙهن ٿا ته ٻئي
طرف تنقيد جي به توقع رکن ٿا. ادب لاءِ نوجوان
طبقو، عورتون توڙي مرد، پئسو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار
آهن. جتي اڳي اخبارون وٺي هڪڙي اخبار ڏهه ڄڻا
پڙهندا هئا، اتي اڄ هزارين نوجوان ۽ تعليم يافته
انسان ڪيتريون اخبارون خريد ڪن ٿا. سنڌ جي معاشري
۾ اسان جو لکيل پڙهيل طبقو ادب ۽ صحافت ۾ ترقي ۽
همه گيري، بکايل ۽ اڃايل اکين سان ڏسي ٿو. اسان وٽ
لکڻ وارا گهٽ آهن، پڙهڻ وارا هزار ۽ لک. انهن پڙهڻ
وارن جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي اڃا به
پنهنجي زبان ۾ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي.
سال 1971-1972ع اسان کي سياسي تقويت نصيب ڪئي ۽
انفراديت ۽ خودداريءَ کي مضبوط ڪيو. سنڌ هاڻي اها
ڏاڏي ۽ ناني واري سنڌ نه رهي، نه خاموش هئي، نه بي
زبان هئي، نه بي وس هئي. زماني کيس دنيا جي نين
انقلابي تحريڪن جي وچ ۾ اڇلائي وڌو. هاڻي بادگير،
پينگها، کٽون ۽ ڀنگون گهٽ نظر اچڻ لڳيون، ور کڻي،
ٻانهون کنجهي ڪم ڪرڻ جو وقت اچي ويو.
اسان جي تعليمي، ادبي، معاشرتي ۽ اقتصادي تاريخ ۾
سال 1972ع هڪ وڏي اهميت رکي ٿو. هن سال اسان تهيو
ڪيو آهي ته سنڌي زبان کي جديد تقاضائن جي پوي ڪرڻ
لاءِ موزون بنائينداسين. هن سال اسان پاڻ سان وعدو
ڪيو آهي ته زبان جي ترقي ۽ ترويج اسان جي انفرادي
۽ اجتماعي جدوجهد رهندي. هن سال اسان دنيا کي
ٻڌايو ته ديني ۽ دنيوي مضامين ۽ موضوعن جي واسطي
سنڌي زبان موزون ۽ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
اسان پنهنجي قوم سان وعدو ڪيو آهي ۽ اسان هڪ قسم
جو حلف کنيو آهي. اسان هن سال پاڻ تي وڏيون
ذميداريون عائد ڪيون آهن. هاڻي اسان پاڻ لاءِ
جدوجهد ۽ ڪم جو وقت آندو آهي.
اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي مقصدن حاصل ڪرڻ
لاءِ اسان کي نه رڳو انفرادي مگر اجتماعي جدوجهد
ڪرڻي آهي. نه صرف اسان مان هر صلاحيت ۽ اهليت
رکندڙ کي لکڻ ۾ دلچسپي ۽ علم وڌائڻ ۾ دلچسپي
وڌائڻي آهي، مگر اسان جا ادارا، اسڪول، مدرسا،
ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هر قسم جي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار
ٿيڻ کپن. اسان ڪٿي به هجون ۽ ڪير به هجون، مگر هن
مقصد جي حاصل ڪرڻ ۾ رڌل رهون.
ادب ۽ زبان جي خدمت فقط نعرن، لٻاڙن ۽ اعلانن سان
نه ٿيندي آهي. اها خذمت احساس، دل سان، ڪم سان،
لکڻ سان ۽ سوچڻ سان ٿيندي آهي. ڇا هاڻي اسين ويٺا
ڏسنداسين يا ستا پيا هونداسين؟ اگر اسان کي اهو
خيال آهي ته ڪم، محنت ۽ سوچ کان سواءِ زبان ترقي
ڪري ويئي ۽ وڌي ويئي ته اهو بيڪار آهي، بي مقصد
خيال ۽ خام آهي.
ممڪن آهي ته اسان کي اهو به خيال هجي ته هاڻي سنڌي
ادب ۽ زبان جي ترقي ۽ ترويج جي واسطي حڪومت ئي
ٺيڪيدار آهي. اسان جي قوم ۾ انگريزن اها پراڻي
ڪمزوري جسم ۾ وڌي ته هر شيءِ حڪومت ڪري ۽ جنهن
شيءِ کي حڪومت جي تائيد نه آهي، انهيءَ جو هلڻ
محال آهي. اهو بلڪل غلط آهي. حڪومت پنهنجي نيڪ نيت
جو اعلان ڪيو آهي. اسان ان کان مدد جي توقع رکي
سگهون ٿا، مگر اهو خيال ته بل پاس ٿيڻ کان پوءِ
اسان جي ڪابه ذميداري نه آهي، اهو بلڪل غلط آهي.
زبان جي خدمت معاشري جو ڪم آهي. |