اسان جا معاملات کي تفريح ڪري کنيو وڃي ٿو. هنن ۾
گندگي سنگهڻ جي وڏي صلاحيت نظر اچي ٿي. زهر اوڳارڻ
۾ هنن کي مزو اچي ٿو. اهو نٿا سمجهن ته دلين جا
داغ وڏي نقصان جو باعث آهن، ۽ جلد نه ڇٽندا. اسان
کي ڇيڙڻ جو شايد فيصلو ڪيو ويو آهي.
عزيزو!
آءٌ توهان کي اسان جي معاشري جو محافظ سمجهان ٿو.
خبردار! جو توهان جي سوچ ۾ ڪا خود غرضي آئي آهي ۽
توهان سچ کي سچ چوڻ کان قاصر رهيا آهيو. متان ڪوڙ
کان مرعوب ٿيو. متان اسان جي بنيادي مسئلن کي
وساريو. اسان ۾ نفاق پيو ته اسان مان هر هڪ کي
واري واري سان تباهه ڪيو ويندو. ڇا اسان کي پنهنجي
گهر کي صاف سٿرو رکڻ جو به حق نه آهي؟ ڇا اسان جي
ترقي ۽ سڌارو هو پنهنجي مفاد جي خلاف سمجهن ٿا!
هن ملڪ لاءِ اسان به قربانيون ڏنيون آهن. اسان جون
قبرون هتي ٺهنديون. اسان جي اَباؤ اجداد قربانيون
ڏنيون آهن، انهن جون قبرون هتي آهن. اسان جو اولاد
اڃا به وڏيون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن مٺي
زمين کان ٻاهر هنن لاءِ ڪوبه ملڪ نه آهي. اسين
سالن جي مصيبتن ۽ نراسائين کان جاڳيا آهيون. اسين
پنهنجن حقن جا خواهشمند آهيون. اسين ٻيو ڪجهه ڪنهن
کان نٿا گهرون. اسين پنهنجي ترقيءَ ۽ سڌاري جي
جستجو ۽ ڪشمڪش ۾ آهيون.
اسان کي پنهنجو مستقبل پاڻ ٺاهڻو آهي. مهرباني ڪري
اسان جي ترقي پنهنجي مصيبت نه سمجهو. اسان ۾
انتشار ڦهلائڻ جون زياده ڪوششون نه ڪريو. اسان جي
معاشري جي ترقي ۽ تعليمي ترقيءَ جو اسان عهد ڪيو
آهي. اسان کي يقين آهي ته اسان جي مشڪلات جو حل
اسان جي تعليم ۽ ان جي فروغ ۾ آهي. اسان جي نجات،
اسان کي پنهنجي گهر ۾ مالڪ ٿي رهڻ ۾ ئي آهي. اسان
کي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي. اسان ٻين
جي مشوري کان سواءِ به ساهه کڻي سگهون ٿا. اسان وٽ
غيرت هڪ پر معنيٰ لفظ آهي.
عزيزو!
غيرت جو ذڪر ڪندي آءٌ عرض ڪندس ته اچو ته اسين اها
غيرت قول و فعل ۾، ادب و تدريس ۾، سوچ ۽ عمل ۾
ڏيکاريون. غيور قوم جو ادب ان کي آسمان ڏانهن کڻي
ويندو. بزدل ۽ غير مستعد قوم جو ادب غلاميءَ جو
باعث ٿيندو. هاڻي مصلحت ڪم نه ايندي. شين کي ۽
اعمالن کي سندن صحيح ۽ موزون نالن سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ
گهرجي. انهيءَ ۾ قوم لاءِ صحت، ايمان ۽ خودداريءَ
جي نشاني آهي. هن غيرت جو اظهار ۽ ذڪر پاڙهڻ ۽ ادب
۾ ڪريو.
توهان جو وڏي ۾ وڏو فرض آهي اسان جي ٻارن لاءِ ادب
۽ ڪتاب تيار ڪرڻ، جنهن لاءِ توهان کان وڌيڪ صلاحيت
ٻيو ڪير به نٿو رکي. اسان جي بنيادي ادب جي
ذميداري توهان تي آهي. اسان لاءِ هي سوچ ۽ تدبر جو
وقت آهي. اسان لاءِ هي ايمانداريءَ، غيرت ۽ جرئت
جو وقت آهي. حالات ۽ وقت اسان جو انتظار نه ڪندا.
الله تبارڪ و تعاليٰ اسان کي ڪم ڪرڻ جي نئين ۽
سازگار فضا پيدا ڪري ڏني آهي. اگر امتحان ۾ نه
ويٺاسين، اگر تياري نه ڪئيسين، اگر ناپاس ٿياسين،
ته ڏوهه اسان جو آهي. مون کي اسان جي صلاحيتن ۾
پورو يقين آهي. اگر پروردگار تي توڪل رکي، ڊپ ۽
شبهات کي درڪنار رکي، اسان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته
اسان ڪامياب آهيون. هن وقت جي علمي، عملي، اخلاقي
۽ جذباتي ميدان ۾ اگر اسين رهجي وياسين ته ڇٽاسين.
الله تبارڪ و تعاليٰ توهان کي ۽ اسان کي ۽ توهان
جي ۽ اسان جي اولاد کي، حق گوئيءَ جي طاقت ڏئي، ۽
هن غريب قوم جي خدمت ڪرڻ جي صلاحيت بخشي. آمين!
ڪتاب
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ”1972ع بين الاقوامي
ڪتابي سال“ جي سلسلي ۾ لکيل مقالو.
”ڪتاب“ لفظ اچارڻ يا ٻڌڻ سان انسان جي دل و دماغ
تي هڪدم علم ۽ حلم، فڪر و تدبر، ۽ تجربي ۽ محنت جو
اثر ٿئي ٿو. ڪتاب رڳو پنن ۽ ورقن جو مجموعو ۽ ميڙ
نه آهي، پر اهو انسان جي فڪر و خوض ۽ دل جي احساس
جو راز آهي. هر مصنف جي جذبات ۽ امنگن سان ڀريل
دل، پاڻ کي نثار ڪرڻ لاءِ بيتاب آهي. اهو فيض، جو
لکندڙ کي الله تبارڪ و تعاليٰ کان نصيب ٿيل آهي،
سو ٻين تائين پهچائڻ لاءِ هو بيتاب آهي. مصنف خود
غرض ٿي نٿو سگهي، مصنف مخير آهي، انسان ۽ انسانيت
جو دعاگو آهي ۽ مستقبل ۾ اميدن جون نظرون
رکندڙآهي. مصنف بخيل ٿي نٿو سگهي، هو ڏيڻ لاءِ
تيار آهي، پنهنجي جان توڻي روح جو سرمايو دان ڪرڻ
لاءِ هڪيو تڪيو حاضر آهي. ڪتاب مصنف جي اميدن ۽
احساسات جو ڀنڊار آهي. مصنف پنهنجي وس آهر پنهنجي
خون ۽ دماغ جو نچوڙ پڙهندڙ اڳيان پيش ڪري ٿو. مصنف
واجهائيندڙ اکين سان نهاري ٿو، پنهنجي محنت جي
مقبوليت جي ثبوت لاءِ منتظر آهي.
مون تقريباً هڪ سال اڳي استادن اڳيان تقرير ڪندي
لفظن جي اهميت جو ذڪر ڪيو هو. ڪتاب لفظن جو مجموعو
آهي. لفظن سان ڪتاب کي ترتيب ۽ تسلسل ملي ٿو. لفظن
مصنف ۾ روحاني طاقت پيدا ڪن ٿا، جيڪا جملن، فقرن ۽
صفحن جي صورت ۾ نمودار ٿئي ٿي.
چوندا آهن ته ”پڙهڻ آهي رڪ جا چڻا چٻڻ“، مگر لکڻ
آهي خون ۽ جان ڏيڻ. زباني لفظ ڪوڙو ٿي سگهي ٿو،
لکيل لفظ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائيندو. ڪوڙ جي بنياد
تي لکڻ ناممڪن آهي. ڪتاب سچ جو علمبردار آهي.
زباني لفظ ڪنهن جي به ملڪيت نه آهي، پر لکيل لفظ
سڄي دنيا جي ملڪيت آهي. زباني لفظ عارضي ۽ بي وقار
آهي، لکيل لفظ معتبر ۽ شاهد آهي. ڪتاب لکڻ وڏي همت
۽ دليريءَ جو ڪم آهي، بزدل لاءِ لکڻ محال آهي.
جيڪو نه پڙهيو نه ڪڙهيو، جنهن کي علم ۽ مطالعو
نصيب نه ٿيو ۽ نه ديريني صحبت حاصل ٿي، ان کان
تصنيف جي توقع ڪرڻ فضول آهي. بزدل کان صرف لفظ ۽
لٻاڙ ٻڌندا، پر بهادر کان خطاب!
جارج برنارڊشا جو قول آهي ”ٻه ڀييرا سڄيءَ دنيا جي
سير ۽ سفر کان پوءِ اهو احساس ٿيم ته مون اهو سڄو
وقت ضايع ڪيو!“ سندس خيال هو ته ڊبلن جي لئبرريءَ
۾ ويهي ڪم ڪري ها ۽ ڪتاب پڙهي ها، ته ان سفر کان
هزار دفعا زياده علم ۽ تجربو حاصل ڪري ها. ڪتابن
جي دنيا هڪ عجيب جاذب ۽ پرسڪون دنيا آهي. ڪتابن
سان محبت ۾ هڪ روحاني خوشي آهي. ڪتاب جي مطالعي
وقت انسان براين کان ائين بچيل آهي، جيئن نماز ۾
قرآن قول آهي ته ”ان الصلواتہ تنها عن الفحشاءِ
والمنڪر“.
مون عرض ڪيو پئي ته لکيل لفظ جاندار آهي، اهڙي طرح
ڪتاب به جاندار آهي. وقت جو گذرڻ لکيل لفظ جي
اهميت ۽ افاديت ۾ اضافو ڪري ٿو. مصنف قوم جو مان ۽
شان آهي. معياري تصنيف قوم جي ترقيءَ، ڪمال ۽
بلنديءَ جو ثبوت آهي. جنهن قوم ۾ ڪتاب لاءِ قدر نه
آهي ۽ نه عزت آهي، اها قوم ذليل ۽ خوار آهي.
حديث شريف ۾ آهي ته ”اطلبوالعلم من المهد الي
اللحد“ يعني پينگهي کان قبر تائين علم جي طلب
ڪريو. ظاهر آهي ته علم ڪتاب جي وسيلي ئي حاصل ڪري
سگهجي ٿو. ڪتاب جي ضرورت ۽ اهميت هر عمر، هر فضا ۽
هر وقت ۾ هڪجهڙي آهي. هر قسم جي دماغي، جسماني ۽
روحاني ترقيءَ لاءِ ڪتاب ضروري آهي. ڪتاب هميشه
ڄمار جي لحاظ کي سامهون رکي لکيا ويندا آهن. ٻارن
لاءِ ڪتاب ته نوجوانن لاءِ ڪتاب، پوڙهن لاءِ ڪتاب
ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڪتاب، مردن لاءِ ڪتاب ته
عورتن لاءِ ڪتاب، ڊاڪٽرن لاءِ ڪتاب ته سائنسدانن
لاءِ ڪتاب، استادن لاءِ ڪتاب ته شاگردن لاءِ ڪتاب،
انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن لاءِ ڪتاب ته مفڪرن لاءِ ڪتاب،
دنياوي ڪاروبار لاءِ ڪتاب ته اخروي نجات لاءِ
ڪتاب، مطلب ته ڪتاب سڀ ڪنهن قسم جي انسان ۽ شغل
لاءِ هڪ ڪارائتو هٿيار ۽ رهبر آهي. جنهن انسان جي
ڪتابن سان دل نه لڳي، اهو ڍور آهي، قوم لاءِ آزار
۽ وبال آهي.
ڪتاب جي تاريخ ايتري قديم آهي، جيتري خود انسان جي
تاريخ قديم آهي. قرآن احسن الڪتب آهي. ڇا ڪنفيوشس
جا قول، ڇا رامائڻ، مهاڀارت ۽ شڪنتلا جا ٻول، ڇا
ٻڌشٽر جون نصيحتون، ڇا ڊومس ڊي بُڪ، ڇا يونان جو
فلسفو، ڇا امراء القيس جا اشعار، ڇا غزاليءَ جو
پرواز ۽ تصوف، ڇا شيڪسپيئر جي انساني جذبات ۽
احساسات جي ترجماني، ڇا ٽالسٽاءِ جي هماليائي
بلندي، ڇا گوئٽي جو بيان فڪر، ڇا اقبال جي شاعرانه
مستي ۽ فلسفيانه هڏي، ڇا شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو
آلاپ، دعا ۽ ٻاڏائڻ، ۽ ڇا شيخ اياز جي فلڪ شگاف
چيخ و پڪار!
الله تبارڪ و تعاليٰ اگر هن دنيا ۾ ڪنهن شيءِ جو
پاڻ کي محافظ قرار ڏنو آهي ته اهو آهي ڪتاب.
”انانحن نزلنا الذڪر وانا لہ لحافظون“. زبور ويو،
تورات ويو، انجيل ويو، مگر ڪلام الله ڪتابي صورت ۾
محفوظ رهيو. دنيا جي سڀني مذهبن جا پوئلڳ لکيل
لفظن کان محروم رهيا ۽ تاريڪيءَ ۾ هليا ويا. رسول
اڪرم ﷺ جن لکيل لفظن سان مستفيض ٿي، ابدي رهبري
حاصل ڪئي.
اهو قرآن ئي واحد ڪتاب آهي، جنهن ڪوڙ ۽ شڪ کي
تباهه ۽ برباد ڪيو. صرف زباني لفظ سان ڪوڙ ۽
باطنيت جو هٽجڻ محال آهي. طلسم جا ڪوٽ ڪتاب
ٽوڙيندا آهن.
جنهن قوم پنهنجي تعليم کي نه سنڀاليو، ان کي نه
عالم نصيب ٿيندا نه استاد. جتي عالم نه آهن اتي
مفڪرن جو پيدا ٿيڻ ناممڪن آهي. جتي مفڪر نه آهن
اتي عامل ملڻ به مشڪل آهن. جتي عامل نه آهن، اتي
ان قوم جو وجود مسلمّ نه آهي. تصنف هر عالم،
استاد، مفڪر ۽ عالم جو فرض آهي. عالم، استاد، مفڪر
۽ ڪتاب هڪ ئي وجود آهي. اهو استاد بدنصيب آهي،
جنهن جي مطالعي يا لکڻ سان دلچسپي نه آهي. تصنيف
سان نه رڳو علم ۽ تدريس جي ترويج ۽ تقويت حاصل ٿئي
ٿي، مگر روحاني پرواز به نصيب ٿئي ٿو. جنهن استاد
کي تصنيف ۽ مطالعي لاءِ دلچسپي نه آهي، اهو هڪ
نااميد انسان ۽ قوم لاءِ ذلت آهي. جو استاد مطالعي
۽ تصنيف ۾ دلچسپي نٿو رکي، اهو وڏيءَ خرابيءَ جو
بنياد آهي. عالم يا استاد جنهن لکڻ ۾ دلچسپي نه
ورتي، اهو بزدل ۽ بخيل آهي ۽ اهو ان ميويدار وڻ جي
مثل آهي جيڪو وڌي وڻ ته ٿيو پر ميوو نه ڏنائين.
ڪتاب عالم ۽ استاد لاءِ ڪسوٽي آهي. اسان جا استاد
پنهنجا فرائض وساري ويٺا آهن. سندن دلچسپيون بجاءِ
مطالعي جي، لغويات ۾ آهن. هيءَ مڃيل حقيقت آهي ته
پني ۽ صابڻ جو استعمال قومن جي تهذيب ۽ تمدن جي
ارتقا جو معيار آهي. قومن جو عروج ۽ عزت ترار ۽
بندوقن جي سوڀن سان نه، پر پني جي استعمال ۾ مضمر
آهي. چنگيز خان يا هلاڪو، اٽيلا يا شارلمينگ،
تيمور لنگ يا يحيٰ خان قومن جي تاريخ تي داغ آهن.
ڪتاب هڪ زبردست طاقت آهي. ڪتابن قومن جي قسمتن جا
فيصلا ڪيا آهن. ڪن ڪتابن قومن کي بلند ڪيو آهي، ڪن
ڪتابن ٻين کي نابود ڪيو آهي. ڪن ڪتابن قومن کي
وقار ڏنو آهي ۽ انهن کي مثالي بنايو آهي ۽ ڪن
ڪتابن حڪومتن کي ذليل ۽ خوار ڪيو آهي. هتي چند
ڪتابن جو ذڪر موزون ٿيندو.
ارڙهينءَ صدي تائين فرانس ظلم، شاهانه نمائش ۽
تشدد جو شڪار رهيو. بادشاهه پاڻ کي پروردگار جو
پاڇو سمجهندا هئا ۽ نه صرف پنهنجن لفظن کي مگر پاڻ
کي خود قانون سمجهندا هئا. فرانس جي حڪومت ۽ رينچ
قوم جي قسمت طوائفن، سريتين، دلن ۽ دلالن جي هٿ ۾
هئي. انهيءَ ظلم ۽ ذلت مسڪنت جي فضا کي روسو جي
ڪتاب ”سوشل ڪانٽريڪٽ“ ۽ والٽيئر جي لکڻ بدلائي،
انقلاب آندو. فرانس بدترين آمريت مان ڦري مساوات،
حريت ۽ اخوت جو ملڪ ٿي پيو. يورپي ملڪن ۾ فرانس جو
انقلاب پهريون روحاني ۽ معاشرتي ڪرشمو هو.
ان کان پوءِ اڻويهينءَ صديءَ ۾، هڪ ٻيو ڪتاب آيو،
جيڪو هو ڪارل مارڪس جو ”داس ڪئپيٽل“. روس هڪ جابر
۽ ظالم شهنشاهيت هو، ان ۾ انسان جو ڪوبه قدر نه
هو. حڪومت زهر، خنجر، تلوار ۽ خفيه پوليس سان
هلائي پئي ويئي. روس جو زار هر بدڪرداريءَ جو مرڪز
هو. ٽالسٽاءِ جي مشهور ڪتاب ”جنگ ۽ امن“ روس کي
پنهنجي امراض کان اڳ ئي خبردار ڪيو هو. ”داس
ڪئپيٽل“ ملڪ ۾ زبردست ولولو پيدا ڪيو. هن ڪتاب
دنيا جو معاشرتي ۽ اقتصادي نقشو بدلائي ڇڏيو. يورپ
کي پهريون ڀيرو انسانيت جي قدر جو تصور ٿيو.
مگر دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪمال قرآن جو هو. رسول اڪرم
صلي الله عليه وسلم نبوت جي دعويٰ انهيءَ ڪتاب جي
نازل ٿيڻ سان ڪئي. عرب هڪ منتشر قوم هئي. اهي
اهڙين سماجي ۽ اخلاقي خرابين ۾ مبتلا هئا، جن جو
تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. هڪ ننڍڙي ۽ اجڙ قوم بدلجي
نجو سون ٿي پيئي، جنهن انسان جي علمي، اخلاقي،
معاشرتي ۽ اقتصادي ترقي ۽ بلندي حاصل ڪئي. ٻيا
انقلاب انسان جي جسماني ڪمزورين ۽ خواهشات تي
ڪامياب ٿيا. قرآن انسان کي روحاني نظريو پيش ڪيو.
رنگ و روپ جا سمورا نقلي امتياز دنيا ۾ ختم ڪيا
ويا. هن ڪتاب دنيا ۾ ڪيترين مختلف قومن کي سڌاريو
۽ بچايو. ان جو ٻيو مثال مشڪل ملندو.
ننڍي پييماني تي هيرولڊ لاسڪيءَ جي ”سياست جي
گرامر“ انگلستان جي ليبر پارٽيءَ کي نئين جان ڏني.
ٻئي قسم جا ڪتاب، جن قومن کي تباهه ڪيو، انهن ۾
اُهي هٽلر جو ”مائن ڪئمف“، جنهن بلند، غيور ۽
جفاڪش جرمن قوم کي تباهه ڪيو. اسان وٽ ايوب صاحب
هڪ ڪتاب لکي، هن قوم کي جيڪو ذليل ڪيو ۽ ڌڪ هنيو،
ان جو مثال تازو آهي.
تصنيف جو معيار قوم جي عروج جو ميزان آهي. عمدي
تاليف ۽ ڪثرت تصنيف قوم جي روحاني رغبت ۽ رجحان جا
ثبوت آهن. اها قوم غريب ۽ مفلس آهي، جنهن ۾ معياري
تصنيفات نه آهن. بي لغام ۽ انڌاڌنڌ سياست ملڪ لاءِ
لعنت آهي. جاهلن ۽ اڌ پڙهيلن جي سياست کان خدا
بچائي. ڪامياب سياست اها آهي، جا فڪر ۽ خير
خواهيءَ تي مبني هجي. دنيا جون بلند ترين سياسي
هستيون ۽ شخصيتون مصنفن ۽ مفڪرن جي ڪلهن تي نمودار
ٿي، مسلم ٿيون. ارسطو ۽ سڪندر اعظم، فرينڪلن، پين
۽ واشنگٽن _ مارٽن ليوٿر، روسو، والٽيئر، هيلويٽيس
۽ فريڊرڪ_ ابوالفضل، فيضي ۽ اڪبر، _ڪابڊن برائٽ،
ڊزرائيلي ۽ گئلڊسٽن_ لاسڪي، پاسفيلڊ ۽ لبر پارٽي،
متڪلم، معتزله ۽ مامون_ اهي سڀ فلسفي ڪتاب جي
پيداوار آهن.
مطلب ته جنهن قوم کي فيلسوف ۽ مفڪر نصيب نه ٿيا،
اها قوم عليل رهي ۽ ذليل ٿي. تصنيف جي رغبت قوم جي
صحت آهي. اهي حڪومت جن کي صحيح فڪر جو بنياد نصيب
نه ٿيو ۽ دلير تصنيف جي مدد نه ملي، انهن تي خدا
جو ڏمر ٿيو. دنيا جي تاريخ هن اصول ۽ ڪرشمي جي
شاهد آهي. دنيا جون سڀ نظرياتي تحريڪون ۽ انهن جون
ڪاميابيون هن فطري قانون جون تابعدار آهن. کوکلي
دماغ کان هميشه کوکلا ڪم ٿيندا.
ڪتاب قومن جي وجود جي شاهدي ۽ ان جا ضامن آهن، ۽
قومن جو افتخار ڪثرت تصنيف ۾ آهي. ڪتابن کان سواءِ
قومن جو ماضي مبهم ۽ اونداهو آهي، پر ڪتابن سان
اهو روشن ۽ همت افزا آهي. ڪتابن کان سواءِ نه قوم
جي جاگرافي آهي ۽ نه تاريخ. ڪتابن کان سواءِ
درحقيقت نه قوم جو وجود ئي آهي نه وري وقار. ڪتابن
کان سواءِ اها ماضيءَ جي ياد جيڪا مستقبل ۾ اميد
پيدا ڪري ٿي، سا نمودار نه ٿيندي. ڪتابن کان سواءِ
قوم جو ماضي فرسوده آهي، ۽ مستقبل کان اها نااميد
آهي. جنهن قوم ڪتاب پيدا نه ڪيا ان ڄڻ پاڻ کي
وساريو ۽ دنيا ان کي وساريو. جنهن قوم جي ماضيءَ
جي برقرار رکڻ جا ذرائع ۽ وسائل ختم آهن، ان جو
برباد ٿيڻ اٽل آهي.
جڏهن فلسفو ۽ تصنيف ختم ٿيا، تڏهن يونان ختم ٿيو.
جڏهن عالم ۽ استاد ختم ٿيا، تڏهن روم تباهه ٿيو.
جڏهن مفڪر ۽ استاد ختم ٿيا، تڏهين اسلامي وقار
ويو. جڏهن فڪر ۽ تصنيف تي پابندي پيئي، ته جرمني ۽
اٽلي نابود ٿيا.
غلامي تعليم، فڪر ۽ تصنيف جي دشمن آهي. جسماني
غلامي روحاني بزدلي ۽ موت آهي. دنيا هميشه انهن
قومن کي ياد ڪيو آهي ۽ عزت ڏني آهي، جن مفڪر ۽
مصنف پيدا ڪيا.
آدمشماري ۽ فردن جي گهڻائي ڪا شيءِ نه آهي. ننڍڙي
يونان، ننڍڙي عربستان خواهه ننڍڙي انگلستان جيڪي
حاصل ڪيو، سو ڪن ٿورين ڪثيرالتعداد قومن کي نصيب
ٿيو. ڪنفيوشس کان وٺي چيئرمن مائو تائين، چين دنيا
جي وڏي ۾ وڏي قوم رسوا، تباهه ۽ برباد قوم هئي.
مارڪس ۽ لينن تائين روس انڌوڪار ۽ بربريت ۾ مبتلا
هو. مارٽن ليوٿر تائين جرمني حيران ۽ ٽڪرا ٽڪرا
هئي. روسو ۽ والٽيئر تائين فرانس ظلم، ۽ تشدد جي
چنبي ۾ هو. گانڌيءَ تائين هندو عليل ۽ منتشر هئا.
اورنگزيب کان شاهه ولي الله تائين هندستان جا
مسلمان فڪري انتشار جا شڪار هئا. اسان اسلامي ملڪن
جا حال ته ڏسون پيا، حيران ۽ پريشان آهن. سياسي
انتشار، غرور ۽ تڪبر جو علاج صحيح نموني جي فڪر ۽
تصنيف کان سواءِ ٻيو ٿي نٿو سگهي. بلند نظريا،
باوقار قومون ۽ وڏيون حڪومتون، ڊگهيءَ زبان،
ننڍڙيءَ دل يا ننڍڙي دماغ سان پيدا نه ٿينديون آهن
۽ نه ئي وري برقرار رهنديون آهن. کين مڪرن ۽ مصنفن
جي ضرورت هوندي آهي. مفڪرن ۽ مصنفن کان سواءِ
قومون حيران ۽ بزدل آهن، ۽ انهن جو ڇوٽڪارو مشڪل
آهي.
حقيقت ۾ لکڻ جو علم انسانيت لاءِ بي بها ۽ فطرتي
ڏات آهي. لکڻ سان آسمان ۽ تارا نئين انداز ۾ نظر
اچن ٿا. لکڻ سان انسان جي علم جون حدون وڌي
ڪشاديون ٿين ٿيون. اهو سڀ لکڻ سان ممڪن ٿيو، جو
مختلف زبانن واريون قومون هڪٻئي سان ڳالهائي ۽
رابطو رکي سگهيون. لکڻ سان ئي وحدت انسانيت پيدا
ٿي. لکڻ ذريعي اهو ظاهر ٿيو ته علم سڄي دنيا جي
ملڪيت آهي. لکڻ سان انسان جي دماغي ڪمالات ۽
صلاحيتن جو اندازو ٿيو. لکڻ جي پائدار صورت ڪتاب
ئي آهي. مطلب ته ڪتاب دنيا ۾ انسان جي هر طرح جي
ترقيءَ لاءِ مضبوط ڪڙي ثابت ٿيو آهي.
انسان جڏهين لکڻ سکيو، تڏهن ڪتاب هڪ معجزو ٿي
نمودار ٿيو. لفظن جي مجموعي ۽ پنن جي مجموعي مان
ڦري هڪ طاقت ٿي پيدا ٿيو. ڪتاب نه رڳو مصنف جو عڪس
ٿيو، پر جاءِ، ملڪ ۽ جذبات جو به علمبردار ٿيو، ۽
گڏوگڏ هڪ مصنف جي بلنديءَ، دليريءَ ۽ احساسات جو
مجسمو ٿيو. اهو ڪتاب جو ڪمال آهي، جو سندس وسيلي
پڙهندڙن جي شخصيت تي مصنف اثرانداز ٿئي ٿو. پڙهندڙ
مصنف جي دماغي پرواز ۽ ڪيفيت جو مالڪ بنجيو وڃي.
ڪتاب پڙهندڙ ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو.
پڙهڻ سان توازن ۽ خوداعتمادي پيدا ٿئي ٿي، پڙهندڙ
کي پنهنجن صلاحيتن جو احساس پيدا ٿئي ٿو، پڙهندڙ
جون ستل صلاحيتون جاڳي اٿن ٿيون ۽ ظاهر ٿين ٿيون.
ڪتاب پڙهڻ سان هو پاڻ کي بلند محسوس ڪري ٿو. ڪتاب
نه صرف فردن کي پر قومن کي به پرواز ڏنو. ڪتاب هڪ
مصنف جي شخصيت جو نچوڙ آهي. ڪتاب مصنف جي محنت ۽
راز جو خزانو آهي. ڪتاب اکين جي ڳوڙهن، جسم جي خون
۽ پگهر جي پيدائش آهي. مصنف لاءِ ڪتاب دلي ۽
روحاني سڪون جو باعث آهي. جيئن اولاد کي والدين تي
فخر آهي، تيئن مصنف کي پنهنجي تصنيف تي ناز آهي.
عالم ۽ مفڪر جو مرتبو نبين تائين پهچي ٿو. رسول
اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي حديث آهي ته
”علماءُ امتي ڪانبياءِ بني اسرائيل“، يعني منهنجي
امت جا عالم بني اسرائيل جي نبين وانگر آهن.
اسلامي مفڪرن ۽ مصنفن تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾
جيڪو ڪمال ڏيکاريو آهي، ان کي ڏسي انسان جو عقل
حيران رهجيو وڃي. حساب لڳايو ويو آهي ته اسلام جي
هڪ نامور مصنف پنهنجي حياتيءَ ۾ ايتري تصنيف ڇڏي
آهي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڄڻ
هن چاليهه سال هر روز چاليهه صفحا لکيا آهن. اهي
مسلمان مصنف هئا، جن تفسير قرآن، حديث، منطق، علم
هندسه، ڪيميا، جراحت، شاعري ۽ تاريخ سڀ هڪ وقت
حاصل ڪيا. يورپ جا انسائيڪلوپيڊسٽس
(Encyclopaedists)
اسلامي علمي وسعت جي پيدائش آهي.
ڪتاب بي بها خزانو آهي. ڪتاب دوست آهي، يار غار ۽
بندش ۽ قيد جو ساٿي آهي. ڪتاب پڙهڻ وقت جو صحيح
استعمال ۽ روح رهاڻ آهي. ڪتاب لاءِ ناقدري قومي
انحطاف جو ثبوت آهي.
ادب جا صحيح ۽ اصلي ٻه مقصد آهن:
هڪ دماغ لاءِ معلومات ڏيڻ ۽ ٻيو دل کي وندرائڻ.
ڪتاب جهڙي وندر ٻي ٿي نٿي سگهي. ڪتابن سان رغبت
ڪيترن گناهن کان بچائي ٿي. جنهن جو منهن ڪتاب ۾
آهي، شيطان ان جي ويجهو نه ويندو. جنهن استاد ۽
عالم جو ڪتابن سان واسطو نه آهي ۽ جنهن ۾ مطالعي
جي صلاحيت ۽ جذبو نه آهي، اهو شيطان جو دوست آهي.
عالم ۽ استاد جي پرک سندس مطالعي مان ٿئي ٿي.
ڪتابن ۾ ٻارن لاءِ خوشي ۽ راحت آهي. ڪتابن ۾ جوان
لاءِ ترقيءَ جو راز آهي. ڪتاب بالغ لاءِ رهبر آهي،
۽ پوڙهي لاءِ وندر ۽ دوست آهن. ڪتاب قوم لاءِ فخر
۽ شان آهن.
صحيح عقل ۽ فهم واريون قومون اهي آهن، جن ڪتابن کي
سنڀاليو ۽ انهن مان فائدو وتو. ترقي يافته قومون
پنهنجن ڪتبخانن تي ناز ڪن ٿيون. اسان جا ڪتب خانا
گهوڙن جا اصطبل، ڀانڊا ۽ گودام آهن، جن ۾ چٻرن ۽
چمڙن آستان ڪيا آهن، جتي ڪتاب مٽيءَ ۽ ڪيڙن جو کاڄ
آهن. اسان کي ڪتابن جي پٽ ۽ بد دعا هن حد تي
پهچايو آهي.
ڪتاب جي ناقدري علم و فڪر، حلم و تدبر لاءِ ناقدري
آهي. جنهن قوم ڪتاب وساريا تنهن پاڻ کي وساريو
آهي.
اڻ پڙهيل بدنصيب آهي. مگر اڌ پڙهيل خطرناڪ ۽ شيطان
جو مريد آهي. اڌ پڙهيلن جي قوم منتشر، ذليل ۽ خوار
آهي.
چيو وڃي ٿو ته اسان وٽ قحط الرجال آهي. نه، نه،
اسان وٽ قحط الرجال ايڏو نه آهي، جيڏو قحط الڪتب
آهي. ڪتابن جو ڏڪر اسان کي ويڙهي ويو آهي. ڪتابن
جي ڏڪر مان اسان جي جهالت جو اندازو لڳائي سگهجي
ٿو. جهالت اسان جو ورثو نه، پر هن وقت عين سرمايو
ٿي چڪي آهي. خطرناڪ صورتحال آهي. افسوس ته هن
ڳالهه جو آهي، جو اسان وٽ لکيل پڙهيل طبقو وڌي نه
پر کٽي رهيو آهي. هن وقت مصنف مايوس آهن. مصنف جي
بيقدري دل ٽوڙيندڙ حدن کي پهچي چڪي آهي. هن انحطاط
جي حالت ۾ معياري ادب ۽ ڪتاب مشڪل ٿي پيا آهن.
انسان جي ڪمزورين سبب، پئسن ڪمائڻ جو خيال ۽ رجحان
وڌندڙ آهي. نفسياتي ۽ جنسي ادب جو غلبو طاري آهي.
شاعري، افساني بازي، رومانوي قصا، اسان تي تسلط
ڪري چڪا آهن. قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ ڳجهارتون يقيناً ڪا
معنيٰ رکن ٿيون، مگر ڪفن چور ٿيڻ، يا قبرن مان هڏي
ڪڍي انهن جي اپٽار يا نمائش ڪرڻ، يا ”پدرم سلطان
بود“ جو نعرو لڳائڻ، ڪو ٺوس ادب نه آهي. اسان کي
اهو ادب کپي، جو اسان جي معاشري جو اثاثو قبول
ڪري. اسان جي قوم هن وقت ادبي مدارين جي ور چڙهي
ويئي آهي. اسان کي پنهنجو ادب زماني جي تقاضائن کي
پوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو آهي.
مطلب ته اسان جي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ دل جي
جذباتي ڪمزورين اسان کي ورائي ورتو آهي. فڪر ۽
تجسس ۽ تحقيق پٺتي پيا هٽن. اسان جي قوم فڪري،
ادبي ۽ تعليمي لحاظ کان عين سڪرات ۾ آهي. اسين
انهيءَ درجي ۾ آهيون، جنهن ۾ ذلت جو احساس به ختم
ٿي چڪو آهي. ڪتابن سان لاتعلقي اسان جي گمراهيءَ
جو باعث آهي. بلاشبه لکيل لفظ لاءِ اسان وٽ ناقدري
آهي. اخبارون عريانيءَ، فحاشيءَ ۽ گارين جي ادب
جون موجود ثابت ٿيون آهن. صحافت ڪري چڪي آهي. اسان
جي قوم جي تذليل ۽ انتشار ۾ اسان جي اخبارن ۽
صحافت ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪيڏو حصو ورتو
آهي، ان تي اميد ته آءٌ هڪ خاص ڪتاب لکندس. اسان
جي صحافت ۾ صحتمند ۽ سچي ادب جو ڪوس آهي. صحافت
وڪجي ويئي آهي ۽ وڪيلن جا ملهه ڪهڙا! اسان جو
هاڻوڪو ڪيترو ادب ۽ ڪيترا ڪتاب فرسوده آهن ۽ اسان
جي معاشري جي تقاضائن کي پورو ڪري نٿا سگهن. ٺوس
ادب ٺوس مطالعي سان حاصل ٿيندو آهي. افسوس جو ٺوس
مطالعي جو چوڌاري فقدان آهي. هن وقت اسان جو
نوجوان، حيران، پريشان ۽ بيابان جي رڃ جو شڪار
آهي. استادن کيس تعليمي گهراين کان ناواقف رکيو
آهي ۽ زندگيءَ جي مجبورين کيس عقل و توازن کان ڪڍي
ڇڏيو آهي.
آءٌ پنهنجي لکيل پڙهيل جوان طبقي ۽ شاگردن کي خاص
طرح عرض ڪندس ته خدارا خبردار ٿيو. هن وقت اوهان
جيڪڏهن صحيح، صحتمند ۽ ٺوس علم حاصل نه ڪيو، ته
اسين صدين تائين چوٽون کائينداسين ۽ پڇتائينداسين.
خدا تعاليٰ جو قانون اسان جي نخرن ۽ البيلائيءَ جي
ڪري بيهي نه ويندو. اسين پيڙجي وينداسين. اسان کي
خبردار ٿي، ٺوس تعليم، ٺوس ادب ۽ ٺوس مطالعي طرف
رجوع ٿيڻ گهرجي. خبردار، متان قومن جو عروج
بودلائيءَ ۾ سمجهيو اٿوَ!
اسان جي قومي ترقي ۽ نجات، فڪري ۽ تحقيقي ڪتابن
سان رغبت ۾ آهي. ڪتاب جو پڙهڻ ۽ لکڻ سولو نه آهي.
ابتدائي سکڻ مشڪل ڪم آهي، ته پڙهڻ ان کان به مشڪل
آهي. پڙهڻ مشڪل آهي ته لکڻ اڃا به زياده مشڪل آهي. |