سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: معاشرو ۽ تعليم

باب: --

صفحو :2

خبردار! اسان جي جدوجهد بي معنيٰ ثابت نه ٿئيي، ۽ اسان جو خون ۽ لڙڪ درياهه ۾ نه لڙهي وڃن. اسان جي نوجوان طبقي کي خاص احتياط ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. هڪ عاليشان ۽ پرفخر جدوجهد کان پوءِ اسين کين افراتفريءَ ۾ ڏسون ٿا! سياست يقيناَ دلڪش ۽ من موهيندڙ فريب آهي. اسان جي علمي، تعليمي ۽ ادبي جدوجهد ۾ هن افراتفريءَ جي ڪابه گنجائش نه آهي.

خبردار! متان اسان جا ذاتي اختلاف اسان کي بنيادي ڳالهين ۽ مسئلن کان پري وٺي وڃن، ۽ اسان ۾ نفاق ۽ ويڙهائڻ جو باعث بنجن. هي تدبر ۽ سوچ جو وقت آهي. زندگي، تعليم ۽ ذريعه معاش هڪ معنيٰ آهن. اسان کي ڪوبه حق نه آهي جو اسين ڪنهن کي تعليم کان محروم رکون. اهڙو ڪوبه اصول يا فيصلو، جيڪو تعليم کي محدود يا دٻاءَ هيٺ رکي ٿو، اهو خطرناڪ ۽ قومي مفاد جي خلاف آهي.

تعليمي مسئلن جو حل زياده تعليم ۾ آهي، ۽ تعليم جي پرچار ۾ آهي. اهي خود غرض ۽ احمق آهن، جيڪي تعليمي پرچار ۽ فروغ کي معاشرتي تڪليفن ۽ مصيبتن جو بنياد سمجهن ٿا. اهي خودغرض آهن، جي ڪنهن طرح سان اسان کي تعليم کان پري رکن ٿا.

عزيزو!

اها هڪ وڏي بدقسمتي آهي جو اهي ماڻهو، جن جي هٿن ۾ اسان جي تعليم ۽ تعليمي مسئلن جون واڳون آهن ۽ جيڪي تعليمي پاليسيءَ تي بااثر اهن، تن جو اولاد اهڙن ادارن ۾ تعليم وٺي ٿو، انسان خود غرض آهي ۽ ان جي ابتدائي ۽ بنيادي دلچسپي هميشه پنهنجي نفس سان شروع ٿيندي آهي. جتي عوام جو اولاد نٿو پڙهي، ۽ نه ئي پڙهي سگهي ٿو. اسان جي پاليسي ٺاهيندڙن ۽ سنڀاليندڙن کي سندن اولاد جو فڪر آهي ۽ ٻين جي اولاد لاءِ سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ انهن لاءِ مشڪل آهي. هنن کي پنهنجي اولاد جو فڪر آهي ۽ کين ٻين جي اولاد جي پرواهه نه آهي. جيسين تعليم اسان جي پاليسي ٺاهيندڙن جي گهر جو ذاتي مسئلو بڻي رهندي، تيسين تعليم جي پاليسيءَ ۾ فرضي طرح يا ٻاهرينءَ طرح عوام جي بهتريءَ جو اصول ڏيکاءُ جي واسطي قبول ڪيو ويندو، مگر ان کي عمل ۾ آڻڻ مشڪل ٿيندو.

عزيزو!

توهان اسان جي معاشري جي جان ۽ روح آهيو. توهان جون ڪوتاهيون اسان لاءِ مصيبت ۽ مشڪلاتن جو باعث ٿينديون. آئينده اسين اهو لڻنداسون جو توهان پوکيندا، ۽ سنڀالي وڏو ڪندا. اسان جي اولاد ۾ اهو احساس ۽ اُها غيرت هوندي، جيڪي توهان ۾ صلاحيتون هونديون ۽ جيڪي توهان منجهن پيدا ڪندا. انهن ڳالهين لاءِ اهي نوجوان ۽ ٻار محبت رکندا، جن لاءِ توهان انهن کي تيار ڪندو. توهان اسان جي ثقافت ۽ ادبي دنيا جا محافظ آهيو. جيڪا اهميت زبان، علم ۽ ادب کي توهان ڏيندو، اها مقبول ۽ مروج رهندي. زبان انسان جي فطري ملڪيت آهي. زبان سان محبت ٻار جي فطري تقاضا آهي. ٻار لفظن جي دنيا ۾ پلجي ٿو. لفظ هن جي خلقيت جو جز آهن. هن لاءِ وڏي ۾ وڏو لفظ ۽ مٺي ۾ مٺو لفظ ”امان“ آهي.

لفظن جي اهميت فقط انهن جي لغوي ۽ لساني معنيٰ ۾ نه آهي. لفظن ۾ وڏي طاقت آهي. لفظن ۾ تاريخ آهي ۽ جاگرافي آهي. لفظن ۾ روح آهي ۽ ايمان آهي. لفظن ۾ فلسفو آهي ۽ سائنس آهي. لفظن ۾ جوش آهي. ۽ حلم آهي لفظن ۾ مٺاس آهي ۽ پرواز آهي. لفظن تان، ۽ انهن سان محبت رکڻ سان، ماڻهن ۽ قومن جانيون قربان ڪيون آهن. لفظ زندگيءَ جو راز آهن. زبان کي مصنوعي لفظن ۾ تصور ڪرڻ ظلم آهي. لفظن کي وسارڻ پنهنجي وجود کي وسارڻ آهي. لفظن سان محبت خودداريءَ جو باعث آهي. لفظن ۾ جنهن شخص لاءِ مقناطيسي اثر نه رهيو، اهو فضول آهي. زبان سان اجنبيت اختيار ڪرڻ، ملڪ سان اجنبيت اختيار ڪرڻ آهي. لفظن ۾ حب الوطني آهي.

عزيزو!

انسان جو اهو پيٽ ئي آهي، جو هر ڪنهن ارتڪابِ گناهه ۽ بي غيرتيءَ جو باعث آهي. جيڪي ماڻهو صرف پيٽ پٺيان آهن، ۽ مصنوعي ۽ نقلي دنيا ۾ رهن ٿا، انهن لفظن ۾ وڃايا ۽ زبان به وڃائي. لالچ ۽ خودغرضي ۽ عارضي دنيوي مفاد وڏيون خطرناڪ شيون آهن. شايد دنيوي مراتب اخلاقي ڳالهين کي ترڪ ڪرڻ سان حاصل ٿي سگهن ٿا، مگر سڪونِ قلب ۽ خودداري حاصل نه ٿينديون. خبردار! متان اسين به انهيءَ ماحول جو شڪار بنجون ۽ پيٽ جي لالچ ۾ پاڻ کي وساريون. اهڙيءَ حالت ۾ جيئنداسون مگر سک نه ڏسنداسون، ۽ نه عزت حاصل ڪنداسون.

اها هڪ تسليم شده ڳالهه آهي ته اهڙي ڪابه زبان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ نه آهي، جيڪا ذريعه تعليم نٿي ٿي سگهي، ۽ انهيءَ قسم جي صلاحيت نه رکندي هجي. اڄڪلهه هن دنيا جون سڀ زبانون هڪٻئي تي مدار رکن ٿيون، ۽ هڪٻئي مان ذخيرو ۽ مواد اخذ ۽ حاصل ڪن ٿيون. مگر هڪ ڳالهه اشد ضروري آهي ته زبان ۾ جاذبيت هجي، ۽ زبان جي خدمت ڪندڙ جاندار ۽ مستعد هجن. انگريزي ڌارين زبان آهي. اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪابه زبان نه آهي، جنهن ۾ اسان جي زبان جهڙي جاذبيت ۽ لچڪ هجي. اسان جي رسم الخط ۾ اسان جي طاقت آهي. جيڪي لفظ عربيءَ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا اهي اسان جا آهن. جيڪو لفظ انگريزيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو، سو اسان جو ٿي سگهي ٿو. رسم الخط ۽ لساني آساني، ۽ صحيح توڙي موزون تلفظ ڪنهن به زبان ۾ اهڙو نه آهي جهڙو اسان جي زبان ۾. اميد ته اوهين اسان جي زبان جي انهن فضيلتن ۽ قوتن ۾ اعتبار رکو ٿا، اگر هائو ته ٻيڙا پار آهن، ۽ اگر مستعد آهيو ته سڀڪجهه آسان آهي. زبان جي ترقي ۽ ان جو علمي ذخيرو لکڻ سان وڌي سگهي ٿو. دل جو راز و نياز، دماغي پرواز، علمي، فني ۽ سائنسي ترقي اسان جي جدوجهد سان ئي حاصل ٿي سگهنديون.

توهان سوچيو ته توهان تي ڪيڏو نه زبردست فرض آهي. توهان هن باغ جا مالهي آهيو. ”توهان“ چوڻ سان هن وقت منهنجو مقصد ۽ مفهوم اهي سڀ استاد آهن، جيڪي حاضر آهن يا غير حاضر، ابتدائي تعليم ۾ آهن يا ثانوي ۾، ڪاليج ۾ آهن يا يونيورسٽين ۾ _ مطلب ته اهي سڀ دوست، جيڪي سڌيءَ طرح يا اڻسڌيءَ طرح درس و تدريس ۽ ادب جي خدمت ۾ رڌل آهن. زبان جي خدمت خون ۽ پگهار سان ٿيندي آهي. ان کان گهٽ قرباني ڪڏهن قبول نه پوندي.

رسول اڪرم ﷺ جن جي حديث آهي؛

کُلُ مَولُود يُولدَ عَليَ الفطرة فَاَبَواهُ  يُهوّدِانہ اَو يُنَصرانہ اوَ يُمّجسِانہ.

اهي اصول اسان سان به لاڳو آهن.

هن حديث جي عبارت ايتري ته آسان آهي، جو توهان کي ترجمي ٻڌائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. اسان به انهيءَ مسئلي ۾ مبتلا آهيون. اسان کي مجوسي بنائڻ واريون قوتون وڏي انداز ۾ موجود آهن. پيدا سڀ هن زمين تي ٿين، مگر ملڪ ۾ اجنبي ٿي هلن، جن کي بقول اقبال نه پنهنجي راڳ سان دلچسپي نه ساز سان، نه درياهه سان نه ٿر سان، نه ڪوهستان سان سمنڊ سان، نه سانوڻ سان نه ڪينجهر سان، نه ماڃر سان نه ناڙيءَ سان، نه بکر سان، نه ڪيٽي بندر سان. ڇا وجود هوندو اهڙي انسان جو، جنهن کي پيٽ ئي پيٽ نظر ٿو اچي. اهڙو انسان حب الوطنيءَ جي قوتن کان محروم آهي. الله تبارڪ وتعاليٰ شل انهن کي، جيڪي هن ملڪ ۾ ڄاوا آهن ۽ نپنا آهن، سوچ ڏئي، احساس ڏئي ۽ ڊگهي نظر ڏئي.

عزيزو!

تعليم جو نظريو وڏي انقلاب مان گذري چڪو آهي. معاشي نظام ۽ جمهوري نظام جون تقاضائون پوريون ڪرڻيون آهن. هن وقت ۾ متضاد طاقتون اسان جي ۽ ملڪ جي زندگيءَ ۾ اثرانداز آهن. قومن کي وسعت نظري ۽ استعداد رکڻو آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي. قومن جي زندگيءَ جا هزارها پهلو آهن، جن جي پرداخت ڪرڻي آهي. قومن جو منهاج هڪ نه آهي، ۽ ترقيءَ جي راهه ڪنهن هڪ طرف نڪ سامهون هلڻ سان نه ملندي. اسان کي پاڻ ۾ اهي طاقتون ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻيون آهن، جيڪي هن جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏين. اسان لاءِ جهاد اصغر قريب قريب ختم ٿيڻ وارو آهي. ترقيءَ جو جهاد اڪبر اڃا شروع ڪرڻو اٿئون. يقيناَ الله تبارڪ و تعاليٰ اسان کي موقعا پيدا ڪري ڏنا آهن. موقعي جو هٿ مان وڃائڻ مشڪل ڪم نه آهي. آيا اسين مستعد آهيون يا نه؟

اسان جي معاشري جي خدمت ڪرڻ چرچو نه آهي. دل کي مايوس ڪرڻ وارا، پنهنجا ۽ پراوا، ڪافي موجود آهن. اسان جي همت پست ڪرڻ لاءِ ڪافي طاقتون ڪم ڪندڙ آهن. اسان جي قوم جي خدمت جان تريءَ تي رکڻ کان سواءِ نه ٿيندي. اهي پٺتي پيل قومن جي ترقيءَ جون اميدون ۽ تقاضائون آهن.

عزيزو!

مون ذڪر ڪيو آهي ته قوم جي خدمت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي، خاص طرح اسان جي قوم جي خدمت.

جڏهن اسان مان ڪو انهيءَ راهه تي هلي ٿو، ته سازشن جي مقابلي لاءِ تيار رهي_ جيڪي سازشون پنهنجن کان ۽ پراون کان ملنديون. ڪن جا ڀالا، ڪن جون بندوقون، ڪن جا لفظ ۽ ڪن جا گل، مگر انهن حالتن کي ڏسي چپ ڪري ويهڻ به بزدلي آهي. گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ اسان ڏٺو ته اسان جي متعلق عجيب و غريب قياس آرائيون ۽ بهتان پکيڙيا ويا آهن. اسان جي بزرگن، تحريڪن ۽ ادارن کي گاريون ڏيڻ فئشن ٿي ويو آهي. اسان کي عجيب و غريب مشورا ڏنا وڃن ٿا، ۽ مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ائين پيو نظر اچي ته ڄڻ ڌاريا اسان جا مسئلا اسان لاءِ بهتر نموني حل ڪري سگهندا. ڪيترا ائين سمجهن ٿا ته اسان جي مرضن جو علاج سندن نسخن ۾ آهي. گارين سان، بهتانن سان، ڪوڙ سان، جعلسازيءَ سان اسان کي مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ڌاريان پاڻ کي اسان جو خيرخواهه چوائين ٿا. منافقيءَ ۽ ڪوڙ جي به حد هوندي آهي. مگر اسان جي معاشري جي خدمت ڪرڻ واري کي وڏي ۾ وڏيون گاريون ملن ٿيون. جيڪي سندن رسيءَ ۾ ٻڌل آهن، انهن کي اوڀاريو ۽ چڙهايو وڃي ٿو. اسان جي خادمن تي وار ڪيا وڃن ٿا، ۽ اسان مان بزدلن کي ساراهيو وڃي ٿو. معاملن کي بدنيتيءَ سان موڙيو ۽ جوڙيو وڃي ٿو، ۽ اسان مان ڪم ڪندڙن تي گند اڇلايو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ بدوڙ ڦهلايو وڃي ٿو. آءٌ اسان جي انهن دوستن کي عرض ڪندس ته خدارا سوچيو، توهان هن ملڪ جي باشندن ۾ نفاق پيدا ڪري رهيا آهيو. اوهان اسان مان خود غرض جي تعريف ڪريو ۽ ڪم ڪندڙن تي وار ڪريو. هيءُ ملڪ هاڻي بيدار آهي. اسين پنهنجن سڄڻن ۽ اسان جي متعلق بدنيتي رکڻ واران کي سمجهون ٿا. اسين ڪوڙ کان مرعوب ٿيڻ وارا نه آهيون. مهرباني ڪري پنهنجو مشورو ۽ پنهنجو فلسفو پاڻ وٽ رکو. اسين سڀني کي سڃاڻون ٿا. الله تبارڪ و تعاليٰ اسان کي ترقيءَ جي راهه کولي ڏني آهي. اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. اسين اهڙن دوستن جي صلاحن ۽ مشورن جو ڪافي شڪار ٿي چڪا آهيون. اسين ٻين جي ڳالهين ۾ ڪوبه دخل نٿا ڏيون. خدارا! اسان کي اسان جي قسمت تي ڇڏيو وڃي. زمانو وڏي انقلاب مان گذري چڪو آهي. اسان ۾ مرعوب ٿيڻ وارا، خريد ٿيڻ وارا، بي حيا ۽ بزدل هاڻي ايترو آسانيءَ سان نه ملندا. اسان ۾ هاڻي ڪافي درد رکندڙ موجود آهن، جيڪي هنن سازشن کي سمجهن ٿا. اسان جي اٻوجهه قوم جي توڪل پروردگار تي آهي. اسان کي، اسان جي اخلاص ۽ ڪم جي سرٽيفڪيٽ جي، ٻئي ڪنهن کان ضرورت نه آهي. اسين، اسان جو قلم ۽ زبان اسان جي ترقيءَ جي راهه ۾ استعمال ڪنداسين. اسين پنهنجي اخلاص جو ڪافي شڪار ٿيا آهيون. اسان ترقيءَ جي راهه ۾ ڪنهن رڪاوٽ کي برداشت نه ڪنداسين.

اها اسان جي بدقسمتي آهي ته جيڪي پاڻ کي اسان مان نٿا سمجهن، ۽ پاڻ کي علحدو تصور ڪن ٿا، اهي اسان کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ لاءِ تيار آهن، ۽ اها توقع رکن ٿا ته اسين هنن کي پنهنجو سڄڻ سمجهون ۽ سندن صلاحن تي هلون. اسان جي اکين ۾ هاڻي ڌوڙ وجهڻ آسان نه آهي. اسين جڏهن ٻين ڪيترن ئي مشڪلاتن مان اچي پار پيا آهيون ته باقي ٿوريون رهيل تڪليفون اسان کي ويهاري ڪونه ڇڏينديون.

اسان ۾ بزدلن، ذليلن ۽ خود غرضن جي لاءِ جاءِ پناهه نه رهي آهي. اسان جو تعليم يافته طبقو احساس رکي ٿو. الله جي قدرت آهي جو جن انسانن کي الله تبارڪ وتعاليٰ ڪا تعليم نصيب نه ڪئي آهي، جن ۾ ڪو اخلاق نه آهي، جن جي زندگيءَ ۾ خوف خدا ختم ٿي ويو آهي، جن جي ڪردار مان ڌپ ٿي اچي، اهي پاڻ کي عالم پاڪ مان ٿا سمجهن. ڇا مسخري آهي! اهڙا ماڻهو پاڻ کي ملڪ جا ٺيڪيدار ۽ خدائي فوجداري سمجهن ٿا. هو پاڻ کي مصلح الزمان سمجهن ٿا. ڪارين دلين وارن مان، ڪارين نيتن رکڻ وارن مان، ۽ ڪارن چشمن پائڻ وارن کان ٻي ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org