پڙهڻ، لکڻ ۽ مطالعي جي به عادت حاصل ڪبي آهي. اها
عادت جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ حاصل نه ڪئي ويئي ۽ راسخ نه
ٿي ته وڏي هوندي حاصل ٿيڻ مشڪل ٿيندي. اهو اسان جو
عظيم فرض آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي معياري ادب
جي لطافت ۽ شيرينيءَ کان واقف ڪريون. هن وقت جي
عارضيت جي نمائشي ۽ ڊرامائي فضا صحيح ۽ ٺوس ادب
کان منحرف آهي. زندگيءَ جون مجبوريون، محتاجيون ۽
طوفان اسان کي ڀٽڪائي رهيا آهن. استادن ۽ والدين
جو فرض آهي ته پنهنجي اولاد ۽ نوجوان کي هن مدهوش
ڪندڙ فاحش ۽ ڊرامائي ادب کان بچائين ۽ نوجوانن جي
رهبري ڪن.
افسوس! اسان جي نوجوانن کي ته ڇڏيو، مگر چڱي خاصي
تعليم رکندڙ استادن ۾ به مطالعي جي لاءِ نه دلچسپي
آهي، نه سليقو ۽ ترتيب. ڪتابن جو مطالعو سلسلي جي
تقاضا ڪري ٿو. اهو مطالعي جو تسلسل سولائيءَ سان
نه ايندو آهي. اهو تجربي ۽ غور سان حاصل ڪبو آهي.
اسان جون لئبرريون ۽ ڪتبخانا جهنگ ۽ ٻيلا نظر اچن
ٿا. انهن ڪتب خانن ۾ اسان جي نوجوانن لاءِ ڪتابن
جو چونڊڻ مشڪل آهي. نوجوان ذهن لاءِ اهو وڏو مشڪل
فيصلو آهي ته ڪهڙو ڪتاب پڙهجي؟ ڪيترا نوجوان هنن
ڪتابن جي خزانن ۽ ڀنڊارن مان بنا ڪنهن ڪتاب حاصل
ڪرڻ جي ٻاهر نڪري ايندا آهن.
ڇا پڙهڻ گهرجي؟ اهو هڪ وڏو مشڪل مسئلو آهي، جنهن
لاءِ نوجوانن جي رهبريءَ جي ضرورت آهي. اسان
جيڪڏهن جهالت ۽ تعليمي پستيءَ جو بالترتيب مقابلو
نه ڪيو، ته ڏک ڏسنداسين. ياد رکو! تعليم، تدريس،
مطالعي ۽ تصنيف جو ڪم ورهين جي محنت جو ڪم آهي.
عزيزو! اچو ته ڪتابن ۾ دلچسپي وٺون انهن سان محبت
ڪريون. اچو ته ڪجهه پنهنجي فضوليات مان پئسا بچائي
ڪتابن تي صرف ڪريون. اچو ته مهيني ۾ ٻن ڏينهن جو
خرچ ۽ ٻن ڏينهن جي سئنيمائن ڏسڻ جو خرچ بچائي ڪتاب
وٺون. اچو ته پنهنجي ماهيانه آمدنيءَ جو فقط هڪ
سيڪڙو ڪتاب تي خرچ ڪريون. اچو ته ڪتاب وٺون، پڙهون
۽ انهن شاگردن جي مدد ڪريون، جن کي ڪتابن وٺڻ جي
وسعت نه آهي. اچو ته لئبرريون ٺاهيون، انهن کي
سنڀاليون ۽ انهن مان فائدو وٺون.
جيڪڏهن اسين اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسون ته
اسان جا ٻيڙا پار آهن.
وما علينا اِلاالبلاغ
اُستاد
مون اڳي هڪ مضمون ”ڪتاب“ تي لکيو هو، جيڪو اميد ته
توهان جي نظرن مان نڪتو هوندو
”ڪتاب“ سان لاحق ٻه لفظ بلڪل لازم ملزوم آهن، جن
تي لکڻ ۽ انهن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. اهي لفظ
آهن ”استاد“ ۽ ”شاگرد“.
اهي ٽيئي لفظ بلڪل عام فهم ۽ محاوري ۾ معمولي لڳن
ٿا. اسين انهن ٽنهي لفظن کي هر وقت دهرائيندا رهيا
آهيون ۽ اهو خيال رهيو آهي ته انهن لفظن جو مفهوم
ايترو آسان ۽ ايترو مروج آهي، جو انهن جي وڌيڪ
سمجهڻ جي ۽ انهن تي سوچڻ جي اسين ڪابه ضرورت محسوس
نٿا ڪريون. فطرت جو عجيب قانون آهي، جيڪي شيون
بلڪل ابتدائي لڳن ٿيون ۽ ڪيتري قدر عام، اهي دقيق
کان دقيق به آهن ۽ انهن ۾ فطرت ڪيتري قدر طاقت رکي
آهي! مثلاً ائٽم. وڌيڪ اهو ثابت ٿيو آهي ته زياده
کان زياده طاقت انهن شين ۾ آهي، جي نظر کان ٻاهر
آهن ۽ فقط محسوس ڪيون وڃن ٿيون، مثلاً اليڪٽرڪ
سٽي. مگر اهو ائٽم ۽ اها اليڪٽرڪ سٽي اڃا به تخيل
۾ اچن ٿيون، پر ان کان به وڌيڪ طاقت ان لفظ ۾ آهي،
جيڪو تخيل ۾ اچڻ مشڪل آهي، جو فقط هڪ سادو لفظ
آهي. اهو آهي نالو الله جو.
مطلب ته سادي کان سادا لفظ (مثلاً هوا، پاڻي،
باهه)، اهي لفظ جيڪي اسين هر وقت اُچاريندا رهون
ٿا، انهن جي سمجهڻ جي ۽ انهن جي اهميت جي واقفيت
جي خاص ضرورت آهي. اهي سادا لفظ وڏي فڪر ۽ خوض جو
بنياد آهن. اسان جا اڄوڪا عالم فقط اسان کي وڏن
پستڪن جي نالن سان ڊيڄاريندا رهيا، مگر بنيادي طرح
سندن علم ۽ فڪر فقط سطحي ۽ لٻاڙ جو مرڪب آهي.
افسوس هيءُ آهي ته اڄڪلهه هرڪو پاڻ کي درس تدريس
جو صاحب ٿو سمجهي، يعني پاڻ کي استاد ٿو سمجهي.
اڄڪلهه عالم تي ۽ استاد تي جاهل کان نڪته چيني ٻڌڻ
عام ڳالهه آهي. گهڻو ڪري اڄڪلهه علم ۽ تدريس تي
اسان کي جاهلن کان تقريرون ٻڌڻ نصيب ٿين ٿيون.
عالم ۽ استاد ڪوئن جا ٻر ڳوليندا وتن. اسان وٽ علم
۽ تعُلم سان مذاق ڪئي وڃي ٿي. اها دل ڏاريندڙ آهي.
اها اسان جي فڪري، ذهني ۽ معاشرتي انحطاف ۽ تنزل
جي نشاني آهي. اسان اهو نه سوچيو ۽ نه سمجهيو ته
دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته بلند قومون بلند استاد
ٺاهيون آهن.
استاد زبان جو مالڪ آهي ۽ محافظ آهي. استاد جي
زبان مٺي، جاذب ۽ وڏي ولولي واري آهي. استاد جي
زبان مستند آهي. استاد وٽ لفظن جو ذخيرو اڻ کٽندڙ
آهي. سوچ جو اصلي مفهوم استاد جي زبان ئي ادا ڪري
سگهي ٿي. استاد جو تلفظ مڃيل آهي. جنهن استاد جي
زبان ۾ خلوص ۽ جاذبيت نه آهي، اهو استاد نه آهي.
جاذبيت اخلاص ۽ علم جو نتيجو آهي. مطلب ته جي
استاد ۾ اخلاص ۽ حلم نه آهي ته هو استاد جي درجي
کان ڪريل آهي.
چوندا آهن ته ڪاوڙ ۾ عقل نه رهندو آهي. مغرور
بيوقوف آهي. استاد درياءَ دليءَ جو مجمسو آهي.
جيئن ماءُ کان اولاد لاءِ بد دعا نه نڪرندي، تيئن
استاد کان شاگرد لاءِ پٽ نه ٿيندي. عالم ۽ استاد
هڪ معنيٰ آهن. عالم ۽ استاد نبين جي قطار ۾ آهن.
هر پيغمبر، رهبر ۽ استاد هو. پيغمبر سيکاريندڙ
آهي. راهه ڏيکاريندڙ آهي. پيغمبر ۽ استاد روشنيءَ
۽ سوجهري جا ڏيئا آهن. قومن جي عروج جو مسلم
معيار، انهن ۾ استادن جي اهميت ۽ وقار مان ملندو.
جن قومن استادن کي بلند نه رکيو، اهي ذليل ۽ نابود
ٿيون.
استاد جي تاريخ جي بلندي ته ڏسو! اسان ڏٺو ته هر
پيغمبر ۽ نبي حقيقي استاد آهي. سقراط چوندو هو ته
”سندس علم هڪ ريڍار جي علم کان به گهٽ آهي“_ ۽
سقراط علم ۽ فڪر جو سرچشمو هو. هن وڏي استاد، حق
کي برقرار رکڻ لاءِ تدريس کي ترڪ ڪرڻ کان زهر جو
پيالو قبول ڪيو. افلاطون استاد هو، ارسطو استاد هو
۽ اهڙو استاد جنهن سڪندر اعظم پيدا ڪيو. لقمان
حڪيم استاد هو. سولن
(Solon)،
سيسرو
(Cicero)،
پئٿا گورس
(Pythagorus)
استاد هئا. گئليلو
(Galileo)،
ڪاپرنيڪس
(Copernicus)استاد
هئا. ٿامس آڪيناس
(Thomas Acquinas)،
اسپينوز
(Spinoza)،
ڊي ڪارٽ
(Descarte)،
مارٽن ليوٿر
(Martin Luther)
۽ ڪالون
(Calvin)استاد
هئا. حضرت علي ڪرم الله وجہ استاد هئا. فارابي،
خوارزمي، ڪندي، ابن سينا، بيروني ۽ غزالي استاد
هئا. شاهه ولي الله ۽ مولانا عبيدالله سنڌي استاد
هئا. مولانا محمد عثمان نورنگ زادو، مولانا
عبدالرزاق قاضي، حاجي محمد ابراهيم پليجو، ماستر
محمد يوسف پنجابي، ماستر سامنداس ڪڇي، ماستر جمعو
تيجاڻي، ماستر خانصاحب مريد علي، ماستر ڀڳت سنگهه،
ماستر محمد حسن سولنگي، ۽ ماستر حاجي جاڙو، صحيح ۽
مثالي استاد هئا، جن جي پوشاڪ ۽ صحبت استاد جو
امتيازي ڪردار هو.
يورپ جي فڪر ۽ ترقيءَ جو راز مانٽين
(Montaigne)،
بيڪن
(Becon)
۽ والٽيئر
(Voltaire)
۾ رهيو. ليڪي
(Lecky)،
گرين(Green)،
ڪارلائل
(Carlyle)،
گبن
(Gibbon)،
آرنولڊ
(Arnold)
۽ لاسڪي
(Lasky)
استاد هئا. پروفيسر روسٽوف
(Prof: Rostow)
گلبريٿ
(Gailbraith)،
هڪسلي
(Huxley)،
۽ ڪينز
(Keynes)
استاد هئا. نيوٽن
(Newton)،
رٿر فورڊ
(Rutherford)،
پريسٽلي
(Priestley)،
آئنسٽائن
(Einsten)،
وان برون
(Van Braun)،
پروفيسر اوپنهائيمر
(Prof: Oppenheimer)
استاد هئا. استاد جي تاريخ ڇا
شاندار آهي!
تعليم جو بنيادي مفهوم استادن ڏنو. افلاطون، حضرت
علي ڪرم الله وجہ، غزالي، روسو
(Rousseau)،
ڪانٽ
(Kant)،
پيسٽالازي
(Pestalozzi)،
مانٽيسوري
(Montessori)،
وهائيٽ هيڊ
(Whitehead)،
ڊاڪٽر ذاڪر حسين ۽ غلام سعيدين استاد هئا. اڄ به
جن قومن ۾ بلند استاد نه آهن، انهن جي عزت ۽ عظمت
غير مسلم ۽ کوکلي آهي. استادن کان سواءِ قومن جي
طاقت حيواني شجاعت آهي.
اسان هن وقت عجيب دور ۾ گذري رهيا آهيون. طبقاتي
زندگي ۽ پيشه ورانه دور ۾ اسين استاد پنهنجي وقار
کي وڃائي ويٺا آهيون. رسول اڪرم ﷺ جن فرمايو
”الفقر فخري“ نه ڪي ”الجوع فخري“. فقيري اخلاقي
بلندي آهي، ۽ بک ۾ اونداهه. ياد رکو روزگار جي
جستجو ۽ تلاش، ڪم ۾ انهماڪ ۽ مصروفيت ۽ زماني جي
ڪشمڪش ۾ رهڻ، اخلاق، تعليم ۽ فڪر جو بنياد آهن.
مصروفيت ذاتي ۽ اجتماعي صحت جو بنياد آهي. بي عذر
بيڪار، نه صرف بيمار مگر بداخلاق ۽ شيطان آهي.
اها ڪيڏي بلنديءَ جي نشاني آهي. ائين چوڻ ته
”والدين مون کي آسمان تان زمين تي آندو ۽ منهنجي
استاد مون کي زمين تان آسمان تي پهچايو.“ اها
استاد جي خصوصيت آهي ته هو ڪڏهين به بخيل نه
ٿيندو، جيڪي کيس اچي ٿو، سو ڏئي ٿو ۽ پيش ڪري ٿو.
مگر اها استاد جي ئي خصوصيت آهي ته جي علم ڏيڻ
سندس مقصد آهي ته علم گڏ ڪرڻ به سندس فرض آهي.
استاد پنهنجي ڪمال علم ۽ مطالعي سان دلين جو مالڪ
ٿيندو. تدريس (پڙهائي) ۾ غرور ۽ هام هڻڻ خطرناڪ
آهن. ڪاوڙ آئي ته عقل ويو. غرور آيو ته علم ڇٽو.
نئڙت ۽ نياز عالم جي بنيادي تعريف ۽ ڪوٽ آهن،
جهڙيءَ ريت حياءُ ۽ شرم عورت لاءِ قلعو ۽ ڍال آهن.
استاد پنهنجي علم سان دلين جو مالڪ بنجي ٿو. استاد
حاڪم، حڪمران، قانون ساز، مصنف مگر سڀ کان وڌيڪ هڪ
محسن، رهبر ۽ دعاگو آهي. استاد انسانيت جو
علمبردار آهي. تڪليف ۾ استاد جهڙو دلدار دوست نه
هوندو. استاد جي بي لوث نصيحت ڏڍ آهي. ننڍپڻ ۾ يا
بلوغت ۾ يا جوانيءَ ۾ استاد جو لفظ تسلي بخش آهي.
چون ٿا ته جمهوريت مهارت جي دشمن آهي. استاد هڪ
طرف جمهوريت جو باني آهي ته ٻئي طرف جمهوريت جو
وڏي ۾ وڏو شڪار آهي. جمهوريت جو خمار علم جي
ناقدريءَ جو باعث ٿي سگهي ٿو. جمهوريت ۾ تعليم جي
ناقدريءَ جو انديشو آهي. مگر تعليم کان سواءِ
جمهوريت فرد ۽ قوم لاءِ وبال آهي.
دنيا جي مشهور جمهوريتن ڏانهن نظر ڊوڙايون ته
آمريڪي آئين جا باني استاد ۽ مفڪر هئا. آمريڪا جي
وڏي ۾ وڏي خدمت انهن پريزيڊنٽن ڪئي، جن جو علم ۽
تعليم سان واسطو هو. عالم ۽ استاد پريزيڊنٽن جو
دور آمريڪا جي تاريخ جا سونهري ورق آهن. ابراهام
لنڪن ووڊرو ولسن ۽ ڪينيڊي مثال آهن. انگلينڊ جو
مثال اڃا به شاندار آهي. اڻويهين صديءَ جي شروع
کان وٺي جڏهين انگلينڊ ۾ صنعتي ۽ مشيني انقلاب آيو
۽ جمهوريت جو آغاز ٿيو، ته انهن جا وزير اعظم سڀ
اهڙا شخص هئا جيڪي يونيورسٽين جي تدريس سان تعلق
رکندڙ هئا. ننڍي پٽ کان وٺي هيرولڊ ولسن تائين
انگلينڊ هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي سچي رهبري ۽
بنيادي فڪر استادن جي هٿن ۾ رهيو. وولزي کان وٺي
ولسن تائين انگلينڊ اهو ملڪ آهي، جنهن عين عالمي
جنگ جي دوران (1944ع) ۾ پنهنجو مشهور تعليمي قانون
پاس ڪيو، جنهن جنگ جي پيدا ڪيل اقتصادي، معاشرتي،
معاشي ۽ اخلاقي امراض جو حل تعليم ۾ سمجهيو، ۽
استاد انگلينڊ جي تعليم، معاشري ۽ نظام ۾ هڪ نئون
۽ خاص درجو حاصل ڪيو. ٽريويلن جي انگلينڊ جي
معاشرتي تاريخ هن ڳالهه جو ثبوت آهي.
ان کان پوءِ روس؛ ڇانه اتي استاد ۽ عالم جو قدر
آهي! اتي استاد صدر مملڪت کان به زياده عزت جا
حامل آهن، وڏي پگهار کڻن ٿا ۽ مراعات نصيب اٿن.
روس ۾ مشهور قول آهي ته ڊگريون محنت سان حاصل
ڪبيون آهن، ٿاڦيون نه وينديون آهن. اسان وانگر بي
علم مولانا ۽ جاهل ڊاڪٽر نه پيدا ڪيا ويندا هئا.
روس ۾ بهترين آسائش، انفرادي ۽ رهائشي گهر استادن
لاءِ آهن. ماسڪو يونيورسٽيءَ جي چاليهه ماڙ عمارت
شهر جي وچ ۾ آهي. ماسڪو جي وچ شهر ۾ ٽي بهترين
مڪان روس جي صدر کي نه آهن، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي
سيڪريٽريءَ کي نه آهن، روس جي وزير اعظم کي نه
آهن، مگر روسي ائڪيڊميءَ جي اول درجي جي استادن
لاءِ آهن. روس ۾ استاد کي حقيقي تعظيم ۽ عزت جو
مالڪ سمجهيو وڃي ٿو.
هندستان جي مختصر تاريخ اڃا به سبق آموز آهي_
مائونٽبيٽن کان پوءِ هندستان جا سڀ صدر مملڪت
عالم، استاد ۽ فيلسوف هئا_ راج گوپال اچاريه يا
راجندر پرشاد، راڌا ڪرشنا يا ڊاڪٽر ذاڪر حسين. علم
۽ تعليم جي برڪت ۽ بلندي نه فقط زبان ۽ ذهن ۾ هجي،
مگر اکين سان ڏسڻ به ضروري آهي. جهالت، غرور ۽
عالم ۽ استاد لاءِ ناقدريءَ اسان کي هتي پهچايو
آهي. اسان جي سياسي، اجتماعي ۽ معاشرتي نظام ۾
استاد جي مرتبي ۽ قدر جي گفتگو ڪرڻ ضروري نه آهي،
چوڌاري نظر ڦيرائڻ ڪافي آهي.
جرمنيءَ ۽ جپان جو مثال تازو آهي. اصل کان جرمني ۽
جپان سندن يونيورسٽين ۽ استادن جي پيدائش هئا. مگر
هنن عالمي جنگ (1940ع) کان پوءِ پنهنجي اڀرڻ ۽
ارتقا جو واحد علاج يونيورسٽين ٺاهڻ ۽ بهترين
استادن پيدا ڪرڻ ۾ ڏٺو، ۽ هن وقت هنن ٻنهي قومن جي
ترقيءَ ۽ وقار جو معجزو اسين ڏسي رهيا آهيون.
تباهه، برباد، منتشر، ڇڙوڇڙ ۽ مفتوح قومون چند
سالن ۾ (فقط ڏهن سالن ۾) تباهيءَ ۽ برباديءَ مان
بدلجي غيور، شاهوڪار ۽ اول درجي جون باوقار قومون
پيدا ٿيون.
انگريزن جو دور اسان لاءِ وڏي اخلاقي ۽ اجتماعي
ذلت جو دور هو. انگريزن جي دور اسان مان انسانيت
جون بلنديون ختم ڪيون. انگريزن کي خبر هئي ته هر
معاشري جي صحت تعليم ۾ آهي، ۽ تعليم جي صحت استاد
۾. انگريزن ڄاڻي ٻجهي اسان جي استادن کي حقير ۽
ذليل ڪيو ۽ ان سان اسان جي تعليم کي ذليل ڪيو.
اسان تي جيڪي گذري رهيو آهي، سو ان راز جو نتيجو
آهي.
انگريزن جي نوڪريءَ، نوڪر شاهيءَ ۽ شهنشاهيت، اسان
مان سڀ اخلاقي ۽ فطري قوتون ختم ڪيون. حيران ۽
پريشان استادن اسان کي بي مقصد تعليم ڏني. بي
ترتيب ۽ بي پاڙ تعليم اسان کي اکيڙي ڇڏيو، اسان جو
دماغي توازن ختم ٿي ويو. غلاميءَ ۽ حڪمرانيءَ جي
اصولن ۾ اسين، اسان جا استاد ۽ اسان جي تعليم
پيسجي وياسين.
چوندا آهن ته قوم جي تعليم جي صحت ۽ تعليمي نظام
جو وقار قوم جي استادن جي اهميت ۽ افاديت ۾ مضمر
آهي. چيو وڃي ٿو ته قوم جو اخلاقي، ذهني ۽ معاشرتي
توازن، انهن جي استادن جي فرض ادائيءَ ۽ صدق ۾
آهي. چيو وڃي ٿو ته قوم جي بنيادي اصولن سان جوانن
کي دلي رغبت ڏيارڻ استاد جو عمل ۽ ڪردار آهي،
ڀٽڪيل استادن کان صرف ڀٽڪيل قوم جي نمودار ٿيڻ جي
توقع آهي. انگريزن اسان وٽ استاد ۽ تدريس جي اهميت
ختم ڪئي. استاد قومن جي روايتن جا محافظ آهن.
يونان ۾ هيروڊوٽس
(Herodotus)،
اسلامي تاريخ ۾ بلاذري، ابن خلڪان، ابن خلدون،
هندستان ۾ ڊاڪٽر سيتاراميا، شفاعت احمد خان، تارا
چند يا ايشوري پرشاد يا سرڪار، انگلنڊ ۾ پروفيسر
گرين(Green)
، پروفيسر
سيلي(Seely)
، پروفيسر ليڪي ،(lecky)
لارڊ برائيس(Lord
Bryce)
، پروفيسر ٽريولين(Prof:
Treveleyan)
، پروفيسر ٽائن بي(
Prof: Toynbee)
آمريڪا ۾ پروفيسر ايمرسن(Prof:
Emerson)
۽ پروفيسر لوول(Prof:
Lovell)
، ۽ اسان وٽ مڙيوئي خير. هن ملڪ ۾ تاريخ گناهه
آهي، تاريخ تي نظر ڪجي ٿي ته شرم ٿو اچي. قائد
اعظم مرحوم کي پنجويهه سال فوت ٿئي ٿيا آهن، اڃا
پيئي سندس سوانح حيات لکجي. اسان جي قوم پنهنجي
اعمالن ۽ ڪرتوتن تي پشيمان آهي، اسان جي تاريخ
مايوس ڪن آهي.
دنيا جي تاريخ عجيب مثالن سان ڀريل آهي. شاهجهان
بادشاهي وڃائي ته ماستري گهريائين. آمريڪا جو هر
صدر پنهنجي صدارتي دور کان پوءِ ڪنهن يونيورسٽيءَ
جو پروفيسر ٿيو. مصطفيٰ ڪمال جڏهن ترڪن کي جاڳايو
ته بليڪ بورڊ کڻي ترڪيءَ جي ڳوٺن ۾ ويو. جڏهن لينن
روس کي اڀاريو ته ڪلاس کوليائين، مائو جڏهن چين کي
اڀاريو ته جنرل مان ڦري استاد ۽ فيلسوف جي نمودار
ٿيو.
اسان کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۾ وڃڻ جي ضرورت نه
آهي. اسان کي پنهنجي تاريخ تي روئڻ اچڻ کپي. حاڪمن
۾ جهالت ۽ بداخلاقيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه مثالي
ڪردار نه ڏٺوسون.
سچ چيو وڃي ٿو ته دنيا جا وڏي ۾ وڏا تعليمي ادارا
۽ يونيورسٽيون انهن جي استادن کان سواءِ ڪجهه به
نه آهن. جاهل استاد، فارغ البال استاد، نافرض شناس
استاد، لغويات ۽ منهمڪ استاد، ڏڦيڙ ۾ مبتلا استاد
کان ادارن جي ناموس ۽ ترقيءَ جي ڇا توقع ڪري سگهجي
ٿي! دنيا جا مشهور اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽
مدرسا، استادن جي تدريسي محنت، فڪر ۽ تصنيف ٺاهيا.
سچ چيو ويو آهي ته آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽيون،
ڪارڊووا
(Cardova)يا
گرناڊا
(Granada)،
قاهره يا استنبول، بغداد يا دمشق، پيرس يا روم،
ماسڪو يا ڪولمبيا، وڏين عمارتن سان نه، ڪشادن رستن
سان نه، وڏن باغن سان نه، وڏين ڍنڍن يا جبلن سان
نه، سمنڊ ۽ درياهن سان نه، مگر استادن ۽ انسانن جي
وابستگيءَ سان مشهور ۽ دنيا ۾ مقبول ٿيون.
توهان دنيا ۾ ڪابه بلند پايي جي قوم وٺو. يونان،
روم يا عربستان، هندستان، انگلنڊ يا فرانس، جرمني،
روس، چين يا جپان، هالنڊ يا ڊنمارڪ، اهي سڀ استادن
جي صحت تي بلند ٿيون. اهي استاد ئي آهن، جيڪي قوم
جي امراض جي تشخيص ۽ علاج ڏسي سگهن ٿا. انهيءَ
اصول جي ثابتي هن مان ملي ٿي ته اڄ به دنيا ۾ ترقي
يافته ۽ اول درجي ۽ مرتبي جي ڪابه اهڙي قوم نه
آهي، جنهن ۾ تحقيق، تجسس ۽ ايجاد کي همٿايو نه
ويندو هجي. تحقيق، تجسس ۽ ايجاد استادن جو ئي ڪم ۽
پيشو آهي. اڄ هن زماني ۾ هر قسم جي تحقيق ۽ تجسس
جي گنجائش ۽ ضرورت آهي. ڇا حڪومت جا اصول ڇا
اقتصادي مسئلا، ڇا آدمشماري ڇا معدنيات، ڇا
معاشرتي خرابيون ڇا اخلاقي تقاضائون، ڇا علمي
رجحانات ڇا روحاني جذبات، ڇا بک جون مصيبتون ڇا
پيٽ ڀرئي جون مستيون، ڇا امن جا اصول ڇا جنگ جا
نتيجا، ڇا بارن ۾ موت ڇا پوڙهن جي پرداخت، ڇا
خوراڪ جا مسئلا، ڇا نباتات ۽ حيوانات جون گهرايون_
مطلب ته ڪابه قوم پنهنجو وجود ۽ وقار ۽ ترقي،
تحقيق ۽ تجسس کان سواءِ برقرار رکي نٿي سگهي، ۽
اهو ڪم استادن جو آهي_ ڪلاس جو ۽ لئبارٽريءَ جو
آهي، ڪتاب ۽ فڪر جو آهي. تدريس، تحقيق ۽ تجسس آهي.
علم ۽ فڪر کي ڪم لڳائڻ، استادن ۽ عالمن جو ڪم آهي.
تحقيق، تجسس ۽ ايجاد ترقي يافته قومن ۾ ڪيڏي اهميت
رکن ٿا، ان جو هن مان اندازو لڳايو ته هر سڌريل
ملڪ ۾ عام طرح ۽ آمريڪا ۽ روس ۾ خاص طرح جيڪڏهن
ڪنهن استاد کوجنا نه ڪئي، ته ان واسطي پگهار ۽
پيشه ورانه ترقي ڇا مگر پنهنجي مليل نوڪري رکڻ به
مشڪل ٿي پوندي. اگر مقرر وقت ۾ ڪجهه نه ڪري يا لکي
ڏيکاريائين، ته پت وڃايائين ۽ عزت وڃايائين ۽ ان
سان گڏ نوڪري به. اسان پاڻ وٽ ته حال ڏسون! ڊگريون
ڪلهن تي کڻي پيا هلون، مگر لکڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ تيار
نه آهيون. ڪهڙي علمي ۽ تدريسي ڪم ۾ مصروف آهيون،
ان جو خيال نه آهي، باقي ترقيءَ ۽ پگهار ۾ نظرون
اٿئون. دنيا جي ترقي يافته قومن ۾ اهڙو ڪو مشڪل
استاد هوندو، جنهن تعليمي ۽ تدريسي ڪم کان رٽائر
ڪرڻ کان پوءِ لکڻ پڙهڻ کي ڇڏي ڏنو هوندو. پينشن
وارو وقت ته خاص لکڻ ۽ تحقيق جو آهي. جي ايندڙ
نسلن، استاد جي علم، تجربي ۽ ڊگرين مان فائدو نه
حاصل ڪيو، ته ڪهڙو نه افسوس آهي! مگر اسان سستيءَ
۾ آهيون، فقط ڊگرين جي نمائش ۾ مصروف آهيون ۽
سازشن ۾ رڌل آهيون. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ جهڙو موت
جي انتظار ۾ ويٺا آهيون، جنهن کان اصل نه ڀڄي
ڇٽنداسون. اهو وقت ضرور ايندو. اسان وارين ڊگرين
جا صاحب لٻاڙ ۾ مصروف آهن، رلهيون وجهي هنڌ ۾ پيا
آهن، ٻين تي نڪته چيني ڪندا ۽ نصيحتون ڪندا، مگر
کانئن ڪجهه به نه بڄندو. سازشون ڪندا، مگر لکڻ
پڙهڻ کي خدا حافظ. يونينون ۽ ائسوسيئشنس ٺاهيندا،
مگر پڙهائيندا نه. ڊگريون هنن کي پٿر جا ڳٽ آهن،
لوڏيندا وتن.
تقريباً مهينو ڏيڍ ٿيندو، استادن جو هڪ گروه مون
کي مليو، جن سان منهنجا ڪافي وقت کان گهاٽا تعلقات
رهيا هئا. دوران گفتگو مون کانئن پڇيو ته مهرباني
ڪري اهو ٻڌايو ته گذريل ڇهن مهينن ۾ توهان مان
ڪنهن هڪ ڪلاس به ورتو آهي. حيرت ۾ هڪٻئي ڏانهن
نهارڻ لڳا. مون کين تسلي ڏني ته پاڻ ۾ ويٺا آهيون،
هتي کلي چئون. حيراني ٿي ۽ خود کين به تعجب لڳو ته
هنن دوستن مان گذريل ڇهن مهينن ۾ ڪنهن به هڪ ڪلاس
به نه ورتو هو! کين فرصت نه آهي. نمائندگيءَ ۾
پورا آهيون. سياستدان سان ملڻ ۾ مصروف آهيون،
اسلام آباد، لاهور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾
چڪرن ۾ آهيون. حيرت آهي! استاد آهيون، مگر پڙهائڻ
کان پري. پڙهائڻ وسري ويو. هاڻي نمائندا آهيون،
پڙهائڻ کان مٿي آهيون ۽ پري آهيون. افسوس ته
ليڊري، تدريس ۽ علم کي کائي ويئي. خدا خير ڪري!
اسان چوڌاري نظر ڪريون ته ڇا ويراني آهي! ڪامل
استاد کان سواءِ ڪامل شاگرد ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جنهن
استاد ۾ خودداري، سچ ۽ فرض شناسي نه آهي، اهو
شاگرد کي خودداري ۽ فرض شناسي ڇا سيکاريندو؟ جنهن
استاد کي پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ دلچسپي نه آهي، اهو
شاگرد کي ڇا علم پهچائيندو؟ جنهن استاد ۾ پاڻ قول
۽ فعل جي پاڪيزگي ۽ بزرگي نه آهي، اهو شاگرد کي ڇا
اخلاق ۽ اطوار سيکاريندو؟ ڪٿي آهن اهي استاد، جن
قومن کي بلند ڪيو، جاڳايو ۽ چمڪايو!
مون دنيا جون ڪيتريون قومون ۽ ڪيترا ملڪ ڏٺا،
ڪيتريون يونيورسٽيون ۽ ادارا ڏٺا، مگر ڪنهن به
ترقي يافته قوم ۾ ملڪ جي استادن کان نوجوانن ۾
مايوسيءَ جو لفظ نه ٻڌو. اسان پاڻ ۾ نااميد آهيون،
انڪري نوجوانن مان نااميد آهيون. اسان جو نوجوان
اڄ به سچي سون ۽ صاف چاندي جو آهي. سندس صلاحيتن
کي اسان نه پروڙيو نه آزمايو نه وڌايو. قصور اسان
استادن جو آهي، پڙهايون نه، تقريرون ڪريون ۽
تبليغون ڪريون. وقت تي نه اچون، مگر وقت جي
پابنديءَ جون ڳالهيون ڪيون. پڙهائڻ جا چور، مگر
انسپيڪشن لاءِ تيار. پڙهڻ ۾ شرم، مگر صاحبيءَ ۾
نظر. اسان جي تعليم کي ذليل رکڻ ۾ حڪومتن جو ته
حقيقي هٿ رهيو آهي، مگر استادن جو جيڪو حصو آهي،
تنهن تي افسوس آهي.
اسان جي مائٽن ۽ استادن جي اسان جي اولاد ۽ شاگردن
۾ مايوسي، اسان جي معاشري جي نااهليءَ ۽ بزدليءَ
جو ثبوت آهي.
هر ملڪ جي معاشري جي صحت، فڪري ۽ علمي اهميت،
تعليمي نظام ۽ سرشتي جو رنگ ۽ خوشبوءِ ان ملڪ جي
استادن مان ملن ٿا. اسين پاڻ کي هن ڪسوٽيءَ تي ته
پرکي ڏسون، ته ڇا لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس
(London School of Economics)
يا مئسچيوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
(Massachusetts Institute of Technology)،
ڇا فرينچ اڪيڊمي يا روسي اڪيڊمي ۾ استاد، نوجوانن
کان مايوس آهن؟ نه بلڪل نه..... نوجوانن کان مايوس
ٿيڻ ملڪ کان مايوس ٿيڻو آهي. ڇا اسين پنهنجي
احتساب ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟ ٻين جي عيب جوئي آسان
آهي. پنهنجا عيب لڪائڻ مشڪل آهن. قومن جي جهالت ۽
ذلت جا حقيقي ذميوار اسين آهيون. اسان جي تعليم نه
وڌندڙ آهي نه صحتمند. اسين اخلاقي ۽ تدريسي علالت
۾ آهيون. اگر ائين نه هجي ته ڇو هر ملڪ ۾ جهالت
ختم ٿيندڙ ۽ گهٽجندڙ آهي، مگر اسان وٽ هيترين
ڪوششن هوندي به وڌندڙ آهي؟ افسوس ته علم جو قدر
عام پڙهيل لکيل طبقي ۾ ته ٺهيو، مگر اسان جي عالم
وٽ به نه رهيو آهي. اسان جي پيٽ اسان مان سڀ
اخلاقي ۽ ارتقائي قوتون ختم ڪري ڇڏيون آهن. دماغ
ڪند ٿي ويا آهن، اکيون انڌيون ٿي ويون آهن. عذرن
ڳولڻ ۾ محو آهيون. هيءَ ڪمزوري ۽ غفلت ۽ هي مرض
اسان کي نابود ڪندا.
اسان کي خبر نه آهي ته ڪهڙي خمار ۾ آهيون! ائين ٿو
نظر اچي ته ڪنهن کي به، نه ڪم ڪرڻ جي نيت آهي نه
ڪوشش. هر ڪو ڪم کان نٽائڻ ۽ ڀڄڻ ۾ مصروف آهي. ائين
پيو نظر اچي ته خاص طور گذريل پنجن سالن ۾ اسان جي
قوم حقي ۽ پڪي موڪل ورتي آهي. اسڪول بند، ڪاليج ۽
يونيورسٽيون بند، پڙهائڻ بند، هڙتالون ۽ جلوس،
مطالبا ۽ ڌمڪيون. مطلب ته سڄو ملڪ وئڪيشن يعني
موڪل تي آهي. اسان جو هڪ سڄو نسل ڪمزور ۽ نااهل
پيو پيدا ٿئي. پڙهڻ پڙهائڻ جو ماحول قريب قريب ختم
ٿي چڪو آهي. |