سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :2

  

انسان ۽ سمنڊ

سمونڊ جو منھنجي زندگيءَ تي تمام گھڻو اثر رھيو آھي، ان جو تصور ئي منھنجي لاءِ اتساھ پيدا ڪندڙ آھي. مون ڪيترو ئي وقت سمنڊ ڪناري ويھي، مست ڇولين کي ڏسندي من پرڀايو آھي. سياري جي سرد راتين ۾ سمنڊ جي ڪناري، عابده پروين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ”گھڙولي“ ٻڌي آھي. مان انسان جي سيني ۽ وشال سمنڊ جي ڀيٽ ڪندو آھيان، جن جي اندر سوين طوفان لڪل ھوندا آھن ۽ جڏھن اھي طوفان اٿندا آھن تھ ھر شيءِ کي لوڙھي ويندا آھن.

”منھنجو ساگر منھنجو ساحل“ کان وٺي الطاف شيخ جا سفرناما پڙھيا اٿم. سندن سفرنامن سان منھنجي چاھ جو بنيادي ڪارڻ اھو ئي سمنڊ آھي. سندس سفرنامن ۾ سمنڊ جون ڳالھيون پڙھي مون کي آسيس ملندي رھي آھي. سڀ ڪم ڇڏي، سندس ڪتاب پڙھندو آھيان، جن ۾ ديس ديس جون دلچسپ ڳالھيون، معلومات، مزي وارا جملا، تشبيھون ۽ حسن جو ذڪر ھوندو آھي.

الطاف جڏھن ڪجھھ لکڻ لاءِ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏنو، تڏھن اتفاق سان مون کي ھڪ ٽي وي پروگرام لاءِ، ماھيگيرن جي زندگيءَ بابت فلم ٺاھينڊڙ ٽيم سان گڏ سمنڊ ۾ وڃڻو پيو. رات جو ئي مون مسودي جو جائزو ورتو، جنھن ۾ سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. ٻئي ڏينھن اسان ھڪ ننڍڙي موٽر بوٽ ۾ سوار ٿي، ٽي چار ميل ٻاھر سمنڊ ۾ نڪري وياسين. اڄڪلھھ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ ماٺو آھي، پر اسان جي بوٽ جيئن جيئن ڪناري کان پري ٿيندي وئي، ڇولين جو ڇوھ وڌندو ويو. اسان ڇولين جي رخ طرف وڃي رھيا ھئاسين ۽ جيئن ئي ھڪ ڇولي گذرڻ سان ٻي ڇولي پھتي ٿي، بوٽ ”ڇپاڪ“ جي آواز سان پاڻيءَ سان ٽڪرائي ٿي. جيڪڏھن ڇوليون بوٽ جي پاسي ۾ ٽڪرائجن ھا تھ، اھا ضرور اونڌي ٿي پوي ھا. ان وقت مون کي ذھن ۾ الطاف جي ھن ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ جا ڪجھھ واقعا ذھن تي تري آيا ۽ مون پاڻ کي بھ ھڪ اھڙو ئي ڪردار تصور ڪيو. ان وقت مون کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. مست ڇولين کي مون پاٻوھ مان ڇھڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. پورا ٽي ڪلاڪ اسان ان سمنڊ ۾ شوٽنگ ڪندي گذاريا. (گھٽ ۾ گھٽ منھنجي لاءِ ھڪ بوٽ ۾ ٽي ڪلاڪ گذارڻ پھريون تجربو ھو)

مٿي ٻڌايو اٿم تھ ھن ڪتاب ۾ سمنڊ جي طوفانن ۽ حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. الطاف شيخ جي پڙھندڙن کيس خط لکيا ھئا تھ، ھو سندس سامونڊي زندگيءَ ۾ ساڻس پيش آيل حادثن ۽ تڪليفن تي بھ ڪجھھ لکي، پر جيئن تھ سامونڊي زندگيءَ ۾ اسان اڃا قدم رکي رھيا ھئاسين ۽ اسان جو ملڪ ۽ ماڻھو جپاڻين ۽ انگريزن وانگر Seafaring ناھي، تنھن ڪري کين سامونڊي زندگيءَ جي خوفائتن واقعن ٻڌائڻ سان بددل ڪرڻ بجاءِ ھن ھميشھ سامونڊي زندگيءَ جو بھتر ۽ دلچسپ رخ پئي ڏنو آھي. اھا حقيقت آھي تھ پنھنجي دلچسپ تحريرن سان ھن سامونڊي زندگيءَ لاءِ ماڻھن جو چاھ وڌايو آھي، پر خوفائتن واقعن نھ ٻڌائڻ وارو نظريو ايترو مناسب ناھي. اھڙا واقعا ٻڌائڻ گھرجن، جيئن ماڻھن ۾ ڏکاين کي منھن ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ ھو ذھني طرح ھر ڳالھھ لاءِ تيار رھن. اھا زندگي ڪھڙي جنھن ۾ خطرا نھ ھجن؟ خطرن کي منھن ڏيڻ ئي زندگيءَ جو رومان آھي. مون کي ياد آھي تھ ننڍي ھوندي مان اردو ڊائجيسٽ ۾ اھڙا واقعا دلچسپيءَ سان پڙھندو ھوس، جن ۾ سامونڊي جھاز ڪنھن طوفان يا ٽارپيڊو جو شڪار ٿي تباھ ٿي ويندا ھئا ۽ ان جا مسافر ٻيڙين ۾ بُک ۽ اڃ جو مقابلو يا تھ منزل تي پھچندا ھئا، يا ڪنھن شارڪ مڇيءَ جو کاڄ ٿي ويندا ھئا. تڏھن مان سوچيندو ھئس تھ، سنڌيءَ ۾ اھڙيون ڪھاڻيون ڇو نھ آھن؟ سچي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ سنڌي لٽريچر ۽ ائڊوينچر بابت نھ ھئڻ جي برابر لکيو ويو آھي. مان ان لاءِ اديبن کي ڏوھ نٿو ڏيان، ڇو تھ ھن سماج ۾ زندھ رھڻ ۽ پنھنجي ۽ قومي مسئلن کي منھن ڏيڻ ئي وڏو ”ائنڊوينچر“ آھي.

بھرحال! ھيءُ ڪتاب، جنھن ۾ الطاف ٻين کي پيش آيل سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنيون آھن، ھڪ سٺو قدم آھي ۽ اھو سلسلو جاري رھڻ گھرجي.

الطاف پاڻ چوي ٿو: ”سامونڊي سفر ھڪ ماڻھوءَ جي زندگيءَ وانگر آھي، جنھن ۾ کل خوشي بھ آھي تھ، ڏک ڏاکڙا بھ.“ تنھن ڪري اسان لاءِ ڏک ڏاکڙا پار ڪرڻ لاءِ زھني سکيا حاصل ڪرڻ بھ ضروري آھي ۽ اھو ڪم الطاف پنھنجي فنڪارانھ قلم سان ڪري سگھي ٿو. جيئن ھن ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ ۾ واقعن کي اھڙيءَ طرح پيش ڪيو آھي، جو پڙھندڙ کي محسوس ٿيندو، ڄڻ ھو بھ ان واقعي جو ھڪ ڪردار آھي. ان سان ھو خطرن کي منھن ڏيڻ جي سکيا حاصل ڪري سگھي ٿو. اھا ئي ڪتاب جي خصوصيت آھي. پڙھندڙن جي سولائيءَ لاءِ الطاف ھر ڪھاڻيءَ جي منڍ ۾ سمجھاڻي ڏئي، کين اصل ماحول ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪھاڻين جي عنوان لاءِ شعرن جي چونڊ، ڪتاب کي اڃا بھ دلچسپ بڻائي ڇڏيو آھي.

ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻين ۾ فنڪارانھ Touches ڏئي جنگ جي تباھڪاري، بيٺڪيت ۽ غلاميءَ کي نندڻ سان گڏ، الطاف خوبصورت نموني تاريخ جا ڪجھھ حوالا بھ ڏنا آھن. مون کي يقين آھي تھ ھن ڪتاب جا پڙھندڙ الطاف جي ٻين ڪتابن جيترو ئي مزو ماڻيندا ۽ ڪجھھ پرائيندا.

 

نصير اعجاز

 

 

ڪجھ مون پاران

يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ڪراچي سينٽر جي طرفان اندرون سنڌ جي لئبريرين جو ھڪ ڏھھ ڏينھن جو سيمينار ترتيب ڏنو ويو ھو ۽ 21 ڊسمبر 1082ع تي ان جو افتتاح ھو. ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حيدرآباد کان ڪراچيءَ وئي ھيس. انتظام لياقت نيشنل لئبرري جي عمارت ۾ ڪيل ھو. افتتاحي تقريب کان پوءِ مھمانن لاءِ رسيپشن بھ ھئي. مھمان چانھھ بسڪيٽ کائڻ کان پوءِ تقريبا ھليا ويا ھئا. مان اتي ئي ھئس، جو پھرئين سيشن جي صدارت بھ ڪرڻي ھئي. اتي ڳالھين ۾ مشغول ھئس تھ، دروازي کان ھڪ ڄاتل سڃاتل صورت پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺم. ھٿ ۾ ڪجھھ ڪتاب ۽ منھن تي مرڪ، قدم ٿورا تڪڙا، ويجھو آيو تھ ڏٺم، الطاف ھو. سلام دعا ٿي. پڇيومانس: ھتي ڪيئن؟ چيائين: ”نوان ڪتاب ڇپيا آھن. انھن جون ڪاپيون ڪاپي رائيٽ لاءِ لئبرري ۾ ڏيڻ آيو ھوس.“ ڏاڍي خوشي ٿي. چيومانس ڪتابن تي ڪجھھ لکي تھ ڏيو. بھرحال! ڪتاب ڏيندي چيائين: ھڪ ڪتاب پريس ۾ اٿم، مواد توھان کي موڪلي ٿو ڏيان. پيش لفظ تھ لکي ڏجو.

”حاضر“ کيس اھو نھ ٻڌايم تھ، سندس ڪتاب لاءِ پيش لفظ پاڻ لاءِ اعزاز پئي ڀانيم.

الطاف سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ھڪ لحاظ کان تھ بلڪل واجبي آھي، جو ان کان اڳ صرف ھڪ دفعو سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي ھئي، سا بھ بلڪل مختصر. پاڻ ئي اچي تعارف ڪرايو ھئائين ۽ مسطوارا (سندس گھر واريءَ) سان گڏ تصويرون ورتيون ھئائين. پنھنجي اٿڻيءَ ويھڻيءَ ۽ ھلت چلت ۾ بلڪل سنئون سڌو ۽ طور طريقن ۾ Matter of Fact وارو طريقھ ڪار. اھا شايد سندس طبيعت جي بنيادي خصوصيت ھجي يا سندس پيشي جي تقاضا. پر مون ان فنڪشن ۾ بھ کيس ائين وقت وڃائيندو محسوس ڪو نھ ڪيو. ڏٺم پئي تھ ھن بڪ اسٽالن تي چڪر پئي ھنيا ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن ۽ مون جھڙن اڻ ڄاتن سان بھ واقفيت پئي ڪيائين ۽ فنڪشن جا فوٽو بھ پئي ورتائين.

ھونئن ليکڪ ۽ پڙھندڙ جي حيثيت سان الطاف ۽ منھنجو ناتو پراڻو آھي. الطاف جڏھن کان لکڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان پڙھيو اٿمانس. ھن کان اڳ سندس تحرير کي ڪڏھن تنقيدي نظر سان نھ ڏٺم، جو سندس تحريرون عام پڙھندڙ لاءِ معلومات ۽ دنيا جي ڏورانھين ملڪن جي دلچسپ قصن جا خزانا کنيو اچن. سندس لکت تمام شگفتھ ۽ اتساھ ڏياريندڙ آھي.

اھا ڳالھھ نھ رڳو مان، پر ھر پڙھندڙ محسوس ڪندو ھوندو. ڪنھن بھ واقعي کي بيان ڪرڻ مھل الطاف ان جو پس منظر، پيش منظر، تاريخ جاگرافي ۽ تمام جزئيات اھڙي تھ پيرائتي ۽ اثرائتي نموني سان پيش ڪري ٿو، جو پڙھندڙ جو تحرير کان علاوه، سندس ذھانت ۽ معلومات کان اثر نھ وٺڻ ممڪن نھ آھي. انھن سڀني ڳالھين کي بيان ڪندي، ھن ۾ ڪو تصنع نھ ٿو محسوس ٿئي. لڳندو آھي تھ ليکڪ پاڻ ان ماحول جو ھڪ جز آھي.

سندس لکت ۽ بيان ۾ انھن سڀني خصوصيات جو موجود ھئڻ ان ڳالھھ کي ظاھر ڪري ٿو تھ کيس پنھنجي ڪم سان عشق آھي ۽ ان کان وڌيڪ عشق ان ڳالھھ سان تھ ھو انھن سڀني تجربن ۾ اسان ۽ توھان کي بھ شامل ڪري.

ھن مھل تائين سنڌ جا الائي ڪيترا ماڻھو دنيا جي ڪھڙي ڪھڙي ڪنڊ ۾ نھ ويا ھوندا، پر ڪنھن بھ سنڌي اديب سفرنامي واري صنف کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪابھ اھڙي شعوري ڪوشش نھ ڪئي ھوندي، جھڙي ڪوشش لاشعوري طور تي الطاف ڪري رھيو آھي.

شروع ۾ تھ ھن محض ڪجھھ تجربا ئي بيان ڪرڻ چاھيا ھوندا، پر پوءِ ھر سفر کان پوءِ ڪتاب (اھڙي طرح سفر ۽ ڪتاب... سفر ۽ ڪتاب... ۽ الله ڪري تھ سلسلو جاري رھي) جنھن جو سلسلو اڃا جاري آھي. اھڙي تھ تيزيءَ سان سفرنامن جي لسٽ ۾ اضافو ڪيو آھي، جو سند باد وارو رڪارڊ تھ ڪڏھوڪو ٽٽي چڪو ھوندو، بلڪھ ھن پنھنجا ڪيئي رڪارڊ قائم ڪرائي ڇڏيا ھوندا. البتھ سندباد جي مقابلي ۾ الطاف جا سفر ھيبتناڪ، دھشتناڪ ۽ خوفناڪ نھ پر خوشگوار ۽ دلچسپ رھيا.

الطاف شيخ جا ايڪيھھ ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آھن ۽ جيستائين ھي ڪتاب توھان تائين پھچي، ٿي سگھي ٿو تھ پنج کن ٻيا ڪتاب بھ ڇپجي اچن، ڇو جو جنھن رفتار سان الطاف لکي ٿو، ۽ وري ڇپائڻ لاءِ ڪوشان ٿئي ٿو، تنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تھ رفتار روز بروز وڌندي، گھٽبي نھ.

زير نظر ڪتاب ”موج نھ سھي مڪڙي“ الطاف جي لکيل ٻين ڪتابن کان موضوع جي اعتبار کان ان لحاظ کان مختلف آھي، جو سفرناما تھ ان ۾ بھ بيان ڪيل آھن، پر اھي سفر سندس عمدن سفرن جي ڀيٽ ۾ خوف ڏياريندڙ آھن.

ھن کان اڳ جيترا ڪتاب پڙھيا اٿئون، تن ۾ تھ سامونڊي سفر اھڙو تھ حسين، دلڪش ۽ خوشگوار بيان ڪيو ويو آھي، جو ڀانءَ تھ اڄ ئي جھاز جي ٽڪيٽ کڻي وٺجي. پر ھن ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ شايد ھڪ لمحي لاءِ ڪو سوچڻ تي مجبور ٿي پوي تھ، نھ ٻيلي! سامونڊي سفر ڪو صفا سھنجو بھ ناھي. انھن خوفائتن سفرن بيان ڪرڻ جو الطاف وٽ ھڪ سبب آھي – جيئن پڙھندڙن کي ھن سامونڊي سفر جو خوشگوار پھلو ڏيکاريو آھي، تيئن کين اھو بھ ٻڌايو وڃي تھ سفر کڻي ڪھڙو بھ ھجي، پر ان ۾ Risk بھرحال آھي ۽ سامونڊي سفر ان معاملي ۾ ڪجھھ اڳڀرو ئي ڏسجي ٿو.

انھن سڀني واقعات کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ الطاف جيڪا ھڪ تمام سٺي ڪوشش ڪئي آھي، سا آھي ٽيڪنيڪل اصطلاحات جي وضاحت. ھونئن جي اھي اصطلاحات يا اکر جيئن جو تيئن رکجن تھ شايد پڙھندڙ جي انھماڪ تي ڪوبھ اثر نھ پوي، پر انھن جي وضاحت ھر پڙھندڙ لاءِ لفظن ۽ Terms کي ايترو تھ سولو ڪري ڇڏيو آھي، جو ھر واقعي ۽ واسطي سان واسطو رکندڙ اصطلاحات، پڙھندڙ مزو وٺي پڙھندو ۽ سمجھندو.

الطاف جي اھا شعوري ڪوشش ان ڪري بھ قابل تعريف آھي، جو اھو اضافو سندس تحرير ۽ بيان کي وڌيڪ مقصدي بنائي ٿو. محسوس ٿو ٿئي تھ ليکڪ آڏو پڙھندڙن جو ھڪ تعداد آھي، جن کي ھو پنھنجي وس آھر ھر معلومات مھيا ڪرڻ چاھي ٿو. اھڙي نموني عام پڙھندڙ سان گڏوگڏ ھر اھو ماڻھو، جيڪو سامونڊي سفر ۾ خاص دلچسپي رکندو ھوندو، تنھن لاءِ بھ وڏي مدد ملي ٿي.

جيستائين انداز بيان آھي، الطاف اڳي کان اڳرو پيو ڀانئجي. ٻولي تي سندس عبور چڱي کان چڱي ليکڪ سان ڀيٽي سگھجي ٿو.

ڪتاب پڙھڻ مھل ذھن ۾ ھڪ خيال جيڪو اڀري ٿو، سو اھو تھ جنھن بھ ڪتاب ھڪ دفعو ھٿ ۾ کنيو، سو ان کي پوري ڪرڻ کان سواءِ مشڪل ڇڏي، جو ڪتاب ۾ جيڪي قصا بيان ڪيا ويا آھن، سي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان دلچسپيءَ ۽ تجسس جو جز رکن ٿا ۽ پڙھندڙ لاءِ ان ۾ وڏي ڪشش آھي.

آخر ۾ مان چوڻ چاھيندس تھ الله ڪري تھ الطاف جي سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ جي اسپيڊ ايتري تھ وڌي جو ھلندڙ سال ۾ ئي ھو پنھنجن ڇپيل ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪري.

سڪ مان

مھتاب اڪبر راشدي

21 جنوري 1983ع

 

 

ٽائٽانڪ ڀلا ڇو؟

ڇا ٽائٽانڪ جھاز سامونڊي تواريخ ۾ پھريون جھاز ھو جيڪو ٻڏيو؟ نھ، ھرگز نھ.

ڇا ٽائٽانڪ کان اڳ يا پوءِ ڪوبھ جھاز نھ ٻڏو آھي؟ ڪيترا ئي ٻڏا آھن ۽ اڄ تائين ٻڏندا اچن.

تھ پوءِ ڀلا ٽائٽانڪ جھاز جي حادثي تي ايڏي واويلا ڇو؟ ٽائٽانڪ کي ايڏي اھميت ڇو ڏني وئي، جو ان جي ٻڏڻ کان پوءِ جھازن ۽ مسافرن جي سلامتيءَ جو سختيءَ سان خيال رکڻ لاءِ ڪيترا ئي اپاءَ ورتا ويا. ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سئيڊن) ۾ M.Sc ڪرڻ وقت ھڪ اھڙو بھ اسان جو سبجيڪٽ ھو، جنھن ۾ حادثي ھيٺ آيل جھاز تي بحث مباحثو ھلندو ھو. ٽائٽانڪ جھاز جي Case Study مھل انگريز پروفيسر الڊرٽن کي ڏاڍيون خارون اينديون ھيون. چوندو ھو ٽائٽانڪ کان وڌيڪ ٻيا اھم جھاز ۽ حادثا آھن، پر ھن جھاز جي حادثي کي اھم بنائڻ ۾ وڏو ڪردار پريس وارن جو آھي ۽ اخبار وارن ان کي گھڻي اھميت ان ڪري ڏني، جو ھن جھاز ۾ ٻڏي وڃڻ وارا دنيا جا امير ۽ اھم ماڻھو ھئا. آفريڪا جي ڪنھن ڏورانھين ڳوٺ ۾ پنجاھ مزدور مري وڃن تھ، اخبار جي آخري صفحي تي ٽن سٽن جي ھڪ ڪالمي خبر ايندي، سا بھ اخبار ۾ جاءِ بچي تھ. ان جاءِ تي انگلينڊ جو پرائيم منسٽر جان ميجر يا اٽليءَ جي فلم ائڪٽريس صوفيھ لارين جو رستي ۾ ھلندي پير ترڪڻ ڪري موت ٿي پوي تھ، اخبار جي نھ فقط پھرين صفحي تي خبر اچي وڃي، پر لنڊن ۽ روم جون گھٽيون صاف رکڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿي وڃن.

بھرحال! ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ، ٻڏي ويل مسافرن جو وڏو تعداد امير ماڻھن جو ھو. غريب غربي جو نھ ھو، پر ان کان علاوه ٻيون بھ ڪجھھ ڳالھيون آھن، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي حادثي کي اھم بنائين ٿيون.

مسافر جھاز ھونءَ بھ عام جھازن کان بھتر نموني سان ٺھن ٿا. منجھن Safety Factor (سلامتيءَ جو درجو) وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ ھي جھاز تھ ان دور ۾ ٺھندڙ ٻين پئسينجر جھازن کان تمام مضبوط ۽ سلامتيءَ وارو ٺاھيو ويو ھو. ايتري قدر جو ھن جھاز کي Unsinkable جو لقب ڏنو ويو ھو. يعني ان کي اھڙي نموني سان Buoyancy Tank وغيره ٺاھيو ويو ھو،وجھي جو جھاز کي اونڌو ڪري ھيٺ ٻوڙيو وڃي ھا، تھ بھ مٿي اپڙي سمنڊ جي مٿاڇري تي تري ھا. (اھو ائين آھي جيئن ڪنھن ماڻھوءَ جي پٺ سان ھوا سان ڀريل وڏو ڦوڪڻو ٻڌي ڇڏجي. پوءِ ظاھر آھي تھ ھن کي پاڻيءَ ۾ زور ڏئي اندر ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪبي تھ بھ ھو مٿي تري ايندو)

انھن ڏينھن ۾ پئسي وارن ماڻھن کي جھاز ۾ چڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھو، پر کين ۽ سندن دوستن عزيزن کي اھو ڊپ ٿيندو ھو تھ، ڪٿي جھاز ٻڏي نھ وڃي. اھڙي Scenario (تناظر) ۾ ٽائٽانڪ جھاز جي ٺھڻ وارن ڏينھن ۾ ئي سڀني کي ٻڌايو ويو ھو تھ، انگلينڊ جي جھازران ڪمپني ھڪ اھڙو جھاز ٺاھي رھي آھي، جيڪو ٻوڙڻ سان بھ نھ ٻڏندو. نتيجي ۾ ھن جي Maiden Voyage (پھرين سفر) ۾ ئي دنيا جا اھم ماڻھو چڙھي پيا ۽ مڃون ٿا تھ جھازن جا حادثا ٿيندا رھن ٿا – گھڻو ڪري تڏھن جڏھن جھاز پراڻا ٿين ٿا يا انھن جھازن جا گھڻا حادثا ٿين ٿا، جيڪي سادي مال مان ٺاھيا وڃن ٿا، پر ھن جھاز سان اھي ڳالھيون ھرگز لاڳو نھ ھيون. جھاز سال بھ پراڻو نھ ھو. بلڪھ پھرين Voyage (سفر) تي ئي حادثي جو شڪار ٿي، ٻڏي ويو ھو. جھاز تمام سٺي مٽيريل مان ٺاھيو ويو ھو. ھر شيءِ اوچي کان اوچي استعمال ٿيل ھئي، پر ھن جھاز ۽ ان ۾ چڙھيل مسافرن جي قسمت ئي اھڙي ھئي جو غلط نموني سان سامان رکڻ ڪري اٿلڻ يا ڪنھن ٻئي جھاز سان ٽڪرائجڻ بدران، ھڪ برف جي ڇپ (Ice berg) سان وڃي لڳو.

برف جون ڇپون Ice berg

دنيا جي اتر قطب (توڙي ڏکڻ قطب) ڏي جيترو ويجھو وڃبو، اوتري گھڻي ٿڌ ملندي. آخر اھڙو ھنڌ شروع ٿي ويندو، جتان کان وڌيڪ اڳيان سخت سيءَ ڪري سڄو سمنڊ برف وانگر ڄميل ملندو. اونھاري جي موسم ۾ سمنڊ جا ڪجھھ برفاني حصا باقي کان ڇڄي ڌار ٿي، پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳندا آھن. اتر ناروي ۽ ڪئناڊا پاسي جھاز ھلائيندي برف جون اھي ڇپون (آئيس برگ) نظر اينديون آھن. اھي آئيس برگ ڪافي وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي تھ جھاز کان بھ ٻيڻا ٽيڻا وڏا ٿين ٿا، پر تعجب جي اھا ڳالھھ آھي تھ سمنڊ جي مٿان نظر ايندڙ ھي آئيس برگ سڄي آئيس برگ جو فقط ھڪ حصو ھوندا آھن. جيئن جھاز جيترو نظر اچي ٿو، اوترو سمنڊ اندر بھ ٿئي ٿو. اھڙيءَ طرح نظر ايندڙ ھيءَ ”برف جي ڇپ“ اصل ۾ ”آئيس برگ“ جي فقط Tip (ذرڙو) ٿئي ٿي، باقي ان جو اٺوڻ يا نائوڻ جيترو حصو سمنڊ اندر ٿئي ٿو. ان ڪري ھنن آفت جيڏن آئيس برگس سان پاڻيءَ جو جھاز ٽڪرائجي تباھ ٿي سگھي ٿو.

ناٽ: سمنڊ تي ھلندڙ جھاز جي رفتار جو يونٽ ناٽ (Knot) آھي. ھڪ ناٽ معنيٰ ”ھڪ ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ“ رفتار. ڪنھن جھاز جي رفتار 25 ناٽ آھي، معنيٰ ھڪ ڪلاڪ ۾ پنجويھھ ناٽيڪل ميل ھلي ٿو.

ناٽيڪل ميل: ناٽيڪل ميل زمين جي عام ميل کان ڪجھھ وڏو ٿئي ٿو. ھڪ ناٽيڪل ميل دراصل ھڪ ”منٽ“ آھي، جيڪو حسابن يا جاگرافيءَ جو شاگرد تھ چڱيءَ ريت سمجھي ٿو، پر ھڪ عام ماڻھوءَ جي ڄاڻ لاءِ عرض آھي تھ ھر گول دائري کي 360 ڊگريون ٿين. ان جو مثال ائين سمجھي سگھجي ٿو تھ جيڪڏھن ھڪ گدري جون 360 ھڪ جيڏيون ڦارون ھجن (جيڪو ڪم آھي تھ ڏکيو پر سمجھو تھ ڪا اھڙي وڏي شيءِ آھي، جنھن جون سولائي سان ڪري سگھجن) تھ ھر ڦار جي وچ واري ٻاھرين ويڪر ھڪ ڊگري مفاصلو ٿيو. ھاڻي ان کي وري سٺ حصن ۾ ورھائجي تھ ھر حصي جي ويڪر ھڪ منٽ ٿيو. ڌرتي بھ ھڪ گدري مثل آھي، جنھن جون (360 x×60) يعني 21600 ڦارون ڪجن تھ ھڪ ڦار جي ٻاھرين وچ واري (يعني خط استوا واري حصي جي) ويڪر ھڪ منٽ ٿي ۽ اھو مفاصلو يعني ھڪ منٽ دراصل ھڪ ناٽيڪل ميل ٿيو. ٻين لفظن ۾ خط استوا (Equator) وٽ ڌرتيءَ جو گھيريو ايڪيھھ ھزار ڇھھ سؤ ناٽيڪل ميل آھي. پر ان ساڳي گھيري تي جيڪڏھن ڪار ھلي تھ ان جو ميٽر 25000 کن ميل رڪارڊ ڪندو. يعني ناٽيڪل ميل Statue (زمين تي ماپڻ واري) ميل کان وڏو ٿيو.

خط استوا: خط استوا (Equator) اھا خيالي ليڪ آھي، جيڪا دنيا جي پوري وچ تان لنگھي ٿي ۽ ڌرتيءَ کي ٻن ھڪ جيڏن حصن ۾ ورھائي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: