قزاق (Pirates)
۽ سندن طريقا
سئيڊن جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ ۾، مئرين انجنيئرنگ جي
پوسٽ گريجوئيشن دوران، اسان جو هڪ سبجيڪٽ
“Marine Law” به هو جنهن ۾
Piracy
(سامونڊي ڦر ۽ ڌاڙن) بابت پڻ ڪيتريون ئي ڳالهيون
بحث هيٺ آيون ٿي. ان کان علاوه ملاڪا نار جي ڪپر
تي موجود، ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڻ، اٺ سال
کن ملازمت ڪرڻ جو موقعو مليو. هيءَ اها سامونڊي
پَٽي آهي، جتي اڄ به دنيا ۾ سڀ کان گهڻا قزاق/
سامونڊي چور رهن ٿا ۽ اهو ڏينهن خالي ناهي، جو
پينانگ کان وٺي جوهور بارو بندرگاهه تائين، جهازن
جي هن اڍائي ٽن ڏينهن جي سفر ۾ ڪا ڦُر يا جهاز جي
اغوا جو ڪيس نٿو ٿئي. هتي انهن پڙهندڙن جي معلومات
لاءِ، جن جو سمنڊ سان يا جهازي دنيا سان واسطو
ناهي، قزاقن، سندن حملن ۽ وارداتن جي طريقن بابت
ڪجهه بنيادي، معلوماتي ۽ دلچسپ نقطا لکان ٿو.
Pirate
جنهن کي عام طرح نه فقط عرب دنيا ۾، پر اسان وٽ به
قذاق سڏيو وڃي ٿو، اهو چور يا ڌاڙيل آهي، جيڪو
سمنڊ تي سفر ڪري ٿو ۽ سمنڊ تي سفر ڪندڙ يا ائنڪريج
تي بيٺل جهازن تي چڙهي، جهاز جي عملي جي قيمتي شين
جي چوري ڪري ٿو، جهاز ۾ چڙهيل ڪارگو جي چوري ڪري
ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو جهاز کڻيو وڃي.
سمنڊ تي هلندڙ جهازن جي ڦُر جو سلسلو صدين کان پيو هلي ۽ اڄ به
جاري آهي، پر هڪڙو عرصو
1650ع
کان
1720ع تائين واري مني صدي کن، هزارين قذاقن، جهاز وارن کي تمام گهڻو تپايو. اهو
عرصو سامونڊي ڦر جو سونهري دور
(Golden age)
سمجهيو وڃي ٿو.
قذاق تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف نالن سان به سڏيا ويا ٿي.
جيئن
15
۽
18 صدي جي وچ واري دور ۾، ميڊيٽرينين سمنڊ تي، جيڪي جهازن
جي ڦر ڪندا هئا اهي ڪورسيئرس
(Corsairs)
به سڏبا آهن. انهن ۾ اتر آفريڪا جا مسلمان به هئا
جن پنهنجي بچاءَ ۽ لڪڻ لاءِ الجيرس، طرابلس ۽
تيونس ۾ قلعا ٺاهي رکيا هئا. عيسائي ڪورسيئرس به
هئا، جن جا اڏا مالٽا ٻيٽ تي هئا. مسلمان توڙي
عيسائي سامونڊي ڌاڙيلن وٽ، چپن تي هلندڙ ٻيڙيون
هيون، جن ذريعي هو، سامان کڻي لنگهندڙ سڙهن تي
هلندڙ جهازن تي چڙهي، ڦُر ڪري ڀڄي ويا ٿي. ڪڏهن
ڪڏهن ته هنن مال سان گڏ نوجوان خلاصين کي به اغوا
ڪري ڀُنگ جي گهر ڪئي ٿي يا سٺا پئسا ملڻ تي هنن کي
غلام ڪري وڪيو ٿي يا پنهنجي ڪم ڪار لاءِ رکيو ٿي-
خاص ڪري ٻيڙيءَ جا چپو هلائڻ لاءِ.
ائين ته ناروي پاسي جا وائيڪنگ ڏٺو وڃي ته اهي به هڪ قسم جا
سامونڊي ڌاڙيل هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي پوءِ
چڱا مڙس ٿي، حڪومت جي مدد ڪندا هئا ۽ انهن ملڪن جي
جهازن جي ڦر ڪندا هئا جن ملڪن سان سندن ملڪ جي
لڙائي هلندڙ هئي.
سترهين صديءَ ۾ ڪئريبين سمنڊ تي جن ڦورن (قذاقن) جهازن جي ڦر
ڪئي ٿي، اهي بُڪانير به سڏبا هئا. ڪئريبين سمنڊ ۾
هسپانيولا ۽ تورتوگا ٻيٽ هنن جي لڪڻ ۽ مال ورهائڻ
جون بهترين جايون هيون. هي بڪانير، سامونڊي ڦورو
ٿيڻ کان اڳ شڪاري هئا ۽ ڊگهين نالين واريون
بندوقچيون کڻي، جهنگلي سوئر ماريندا وتندا هئا ۽
جن ڪاٺ جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا اُهي اسپيني زبان ۾
”بڪان“ سڏبيون هيون، جنهن تان هنن جو نالو بڪانير
پيو. پوءِ ڪئريبين ٻيٽن جي گورنرن (خاص ڪري
جامائيڪا جهڙن) هنن ٺڳن کي پئسا ۽ لالچون ڏيئي
سمنڊ تي موڪليو ته اسپين ڏي ويندڙ خزاني سان ڀريل
جهازن تي حملا ڪري ڦُر ڪيو ۽ پوءِ ڦرين جو تعداد ۽
ڦر جو تخمينو ويو وڌندو. انهن ڦورن ۾ هينري مورگن
تمام مشهور ٿيو. سو بهرحال اهي ڦورو اهڙيءَ ريت
پيدا ٿيا جن سرڪاري پٺڀرائي هيٺ پهرين ته ڌاريان
جهاز ڦريا ٿي ۽ پوءِ کين اهڙو چشڪو لڳي ويو جو
پوءِ نه پنهنجو ٿي ڏٺائون نه پرايو. هنن کي جنهن
جهاز ۾ شڪ پيو ٿي ته اهو قيمتي سامان کڻي پيو وڃي
ته ان تي حملو ڪيائون ٿي.
قذاقن جي ڪاميابي تڏهن ٿي ٿئي، جڏهن هنن جي ٻيڙي يا جهاز ڦر
واري جهاز کان تيز رفتار هجي ۽ ٻيو ته ڦر بعد ڪا
ويجهي جاءِ لڪڻ لاءِ هجي، جتي پناهه وٺي سگهن.
ڪئريبين، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي، ننڍا ننڍا
سوين ٻيٽ آهن، جن مان انيڪ ٻيٽ ماڻهن جي رهائش کان
غير آباد آهن، پر ڌاڙيلن جي لڪڻ لاءِ گهاٽن جنگلن
سان جهنجهيل آهن.
اڄڪلهه ڪَل جا جهاز آهن ۽ انجڻ تي هلندڙ جهاز جي رفتار
15 ناٽيڪل ميلن کان
25 ناٽيڪل ميل آهي، پر سامونڊي ڌاڙيل جيڪي اسپيڊ بوٽون يا
لانچون استعمال ڪن ٿا، انهن جي رفتار
40 ناٽ آهي، يعني
40 ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ آهي ۽ هو ڦر ڪري غائب ٿيو وڃي.
اڳئين زماني ۾ جڏهن جهاز سڙهن تي هليا ٿي ته هي قذاق چپن
(Oars)
وارين ٻيڙين ۾ آيا ٿي. چپن واري ٻيڙي سڙهه واريءَ
ٻيڙيءَ وانگر ڏينهن رات نٿي هلائي سگهجي، جو چپو
هلائيندڙ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ ٿڪجيو پون، پر اهو آهي
ته چپن
(Oars)
سان ٻيڙي هڪ ته تکي هلائي سگهجي ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته
پنهنجي مرضيءَ مطابق جيڏانهن وڻي اوڏانهن وڃي
سگهجي ٿو ۽ ان کي تکو تکو موڙي به سگهجي ٿو- فقط
سکان کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻو ٿيو، پر سڙهن تي
هلندڙ ٻيڙي ان طرف ئي وڃي سگهي ٿي، جنهن جي مخالف
طرف کان هوا لڳي رهي هجي.
سامونڊي ڦُر
(Piracy)
۾ گهڻو ڪري ڪاميابي ڌاڙيلن جي ئي ٿئي ٿي. ان جا
ڪيترائي سبب آهن. ڌاڙيلن جي جهازن تي ان ماپ جي
عام جهازن کان گهڻا ماڻهو ٿين ٿا. ڌاڙيلن وٽ هٿيار
ٿين ٿا. بين الاقوامي قانون موجب عام جهاز تي ڪنهن
کي به هٿيار رکڻ جي اجازت ناهي. وڌ ۾ وڌ ڪنهن ڪنهن
جهاز تي ڪئپٽن پستول رکي سگهي ٿو. ان کان علاوه
هنن سامونڊي ڌاڙيلن (قذاقن) جو ماڻهن جي دلين تي
وڏو خوف ويٺل آهي ته هو وڏا ظالم آهن، ڪنهن کي به
بخشين نٿا. هنن سان ڪڏهن به مهاڏو نه اٽڪائجي-
نتيجي ۾ هو هر جهاز جي منٽن ۾ ڦر ڪيو وٺن. مختلف
ظالم قذاقن جي سڃاڻپ هنن جي جهنڊن مان به پئي ٿي،
جيڪي هو پنهنجين ٻيڙين مٿان لهرائين ٿا. جهنڊي ۾
گهڻو ڪري انسان جي کوپڙي ۽ ٻه ڊگها هڏا هوندا آهن.
بليڪ بيئرڊ جهڙن قذاقن جي شڪل به خوفناڪ ٿئي ٿي ۽
هو سر جو آسرو کڻي اچن ٿا. ان ڪري هنن کان هرڪو
ڊڄي ٿو ۽ هو بنا مقابلي جي ڪامياب ٿيو وڃن. ان ۾
به ڪو شڪ ناهي ته ماضيءَ ۾ توڙي اڄ به ڪيترائي
حڪومتي عملدار ۽ وڏيرا ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو،
قذاقن جي سرپرستي ڪن ٿا ۽ هنن سان اندروني طور
مليل رهن ٿا ۽ جهلجڻ وقت هنن جي مدد به ڪن ٿا.
قذاق ڪهڙي قسم جي شين جي ڦُر ڪن ٿا؟ ڪنهن زماني ۾ يورپي جهاز
آمريڪا کان سون، چاندي ۽ هيرا کڻي پنهنجي ملڪ
ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ انهن شين جي ڦر وڌيڪ ٿي
ٿي- خاص ڪري سون ۽ چانديءَ جي سڪن جي، جيڪي ڦر
ڪندڙ پاڻ ۾ سولائيءَ سان ورهائي سگهيا ٿي. آمريڪا
کان يورپ ويندڙ مسافر جهازن تان هيرن جواهرن جي به
ڦر ڪئي وئي ٿي. انهن شين کان علاوه هي سامونڊي
ڦورو کاڌي پيتي جي شين ۽ شراب پويان به هوندا هئا،
جو هنن کي جهاز جي ڳولا ۾ ڪيترائي ڏينهن سمنڊ تي
گذارڻو پيو ٿي. بقول هڪ قذاق (سامونڊي ڌاڙيل) جي،
جيڪو سمنڊ تي اچڻ کان اڳ ڪناري جو چور هو ۽ ماڻهن
جي گهرن ۾ کاٽ هڻندو هو، ”سامونڊي ڌاڙو ڏکيو ڪم
آهي. ان ۾ ڪيترائي ڏينهن سمنڊ ۾ رهڻو پوي ٿو. سمنڊ
جي ڇولين ۽ طوفانن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. جي موسم
سٺي آهي ته به ڪيترائي ڏينهن ساڳي ماحول ۾ رهي
رهي، انسان چريو ٿيو پوي.“
هي قذاق جهازن تي ڦر ڪرڻ وقت جهاز جون رسيون، ضروري
اوزار- خاص ڪري واڍي ۽ جراح جا توڙي گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان پڻ
کڻندا هئا، جن سان سندن
Pirate ship
۽ ان تي رهائش بهتر ٿي سگهي.
قذاق (جهازن جي ڦر ڪرڻ وارا ڌاڙيل) نه فقط مرد هئا، پر عورتون
پڻ ٿي گذريون آهن، جن جي بهادريءَ جا قصا اڄ جي
Bandit Queen
(ڦولن ديوي) وانگر مشهور آهن. انهن مان ٻه ائن
بوني ۽ ٻي مئري ريڊ تمام مشهور ٿي گذريون آهن.
انهن ٻنهي عورتن ڏکڻ آمريڪا پاسي ڪئريبين سمنڊ ۾
ڪيترائي جهاز ڦريا ۽ جهازين کي ماريو ۽ جهيڙن ۾
مردن وانگر ويڙهه ڪئي. هو جئڪ رئخام
(Calico)
نالي قذاق جي ٽولي سان شامل هيون. آخرڪار
1720ع
۾ هنن جو سڄو ٽولو جهلجي پيو. جميڪا ۾ مٿن ڪيس
هليو ۽ سڀني کي موت جي سزا ڏني وئي. اَئن بوني
اهوئي چوندي رهي ته، سندن ليڊر جئڪ رئخام جيڪڏهن
مردن وانگر مقابلو ڪر ها ته هينئن ڪتي جو موت هرگز
نه مري ها.
هنن ٻنهي عورتن کي به جيتوڻيڪ موت جي سزا ملي، پر هو ڦاهيءَ کان
بچي ويون، جو هنن ڪورٽ کي ثبوت ڏنو ته هو پيٽ سان
آهن. مئري ريڊ
(Mary read)
ته ٻار ڄڻڻ کان اڳ بخار وگهي جيل ۾ مري ويئي. ائن
بوني
(Ann bonny) جي خبر نه پئجي سگهي ته ٻار ڄڻڻ کان پوءِ هن جو موت ڪڏهن ۽
ڪيئن ٿيو.
سامونڊي ڌاڙن جو ايڏو ته آزار وڌي ويو جو مختلف ملڪن جي حڪومتن
ان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ، گڏجي وٺ پڪڙ شروع ڪرڻ جو
سوچيو. ارڙهين صديءَ ۾ هنن پنهنجا جنگي جهاز
(Naval ships)
اسلح سان ڀري، انهن هنڌن ڏي موڪلڻ شروع ڪيا، جيڪي
هنن ڌاڙيلن جا ڳڙهه هئا. ڪن هنڌن تي ته قذاقن جلدي
آڻ مڃي، پر ڪيترن هنڌن تي هنن خوني مقابلا ڪيا.
بليڪ بيئرڊ ۽ بارٿولوميو جهڙا نامي گرامي ڌاڙيل
مارجي ويا. ڪيترن کي جيئري سوگهو ڪري، ڪورٽن ۾ ڪيس
هلايا ويا، جتان کين موت جي سزا ملڻ تي، هنن کي
عوام اڳيان ٽنگيو ويو يا سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.
ان بعد انهن جي لاشن کي ڪول تار (ڏامر) هڻي، خاص
قسم جي لوهي پنڃرن ۾ بند ڪري، عوام جي عبرت لاءِ،
شهر جي مارڪيٽن ۾ ٽنگيو ويو، جيئن انهن ماڻهن جي
دلين ۾ خوف پيدا ٿئي، جيڪي قذاق (سامونڊي ڦورو)
بنجي، سمنڊ تي جهازن کي ڦرڻ جو سوچين ٿا.
بهرحال سامونڊي ڦُرون ختم نه ٿي ويون آهن ۽ وقت سان گڏ هاڻ قذاق
به ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺڻ لڳا آهن. اڄ
هنن وٽ پرانگ (ملئي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ وڏي ڦَرَ
وارو ڇُرو) نه آهي، پر پستول ۽ ڪلاشنڪوف جهڙا
هٿيار آهن. اڄ هنن وٽ موبائيل فون ۽ وائرليس سسٽم
آهن. اڄ هنن وٽ تيز رفتار (اسپيڊ بوٽ) جون انجڻيون
۽ سمنڊ تي الاهي ڏينهن رهڻ لاءِ پئڪڊ فوڊ
(Tin Food) آهي. ڪيترا ته اهڙا آهن، خاص ڪري ملئي دنيا ۾- يعني انڊونيشيا،
ٿائلينڊ، فلپين جي ارد گرد، جيڪي پڙهي ڳڙهي
نوڪريون حاصل ڪرڻ بدران سمنڊ تي ڦر ڪرڻ چاهين ٿا.
هو ان کي اباڻو/ خانداني ڌنڌو سمجهن ٿا. هو ان ڪم
کي (يعني
Piracy
کي) پهلواني ۽ جوان مردي سمجهن ٿا. سندن ڪٽنب
قبيلي ۾ ڪو اهو ڪم ڇڏي ٿو ته، اهو چوڻ بدران ”هو
نيڪ راهه تي آيو آهي“ هو هن کي ڪانئر ۽ ڊڄڻو سمجهن
ٿا. ان بابت خبرون ٻئي مضمون ۾ ڪنداسين. |