اڄ جا جھاز
پدين ڳان دنيا تي ٺمنڏن ٻي تهاز هلي رهيا آهن. ڀلا گهڻو نه ٻه
نوٿ نبي تي ٻيڙي ڳان ئي ٺهي. تهاز تي ننذ وڙائي
مٽٻلڇ ثين تي ٿوالي ٺان ڱٿي وڃي ٿي. تهاز تي هڱ
ڱنڏ ڳان ٻي ڱنڏ ٻائين ڏيگهه، تنهن ڳي
Overall length
ٺڙتي ٿو يا تهاز تي ان ٿپي تي
ڏيگهه، تٻي هن ڳي پاڻيءَ تو ٺڄٿ ڇُهي، تنهن ڳي
Waterline length ٺڙتي ٿو. تهاز تي اونهائيءَ تي ٿٺاب ٺان يڃني تهاز تي
ڏيڱ (ڃرثي) ڳان هيٺين ٻري
(Keel)
واري ٻٽٻي ٻائين تي اونهائي ۽ ڏراڇٽ تي ٿٺاب ٺان
پڻ، تهاز تي ننذ وڙائي ماپي وڃي ٿي. ڏراڇٽ ڇا آهي؟
تهاز تي ٻري
(Keel)
ڳان وٺي تهاز تي واٽر لائين
(پاڻيءَ تي ٺڄٿ) ٻائين تي اوچائي. تهاز تي ننذ
وڙائي، ان تي وزن مان به لڳائي ٺگهتي ٿي- يڃني
تيڱو گهڻو ٺامان ڳڻي ٺگهي اهو وڙو تهاز ٿيو.
اوڻهين پدي تي ثروڃ وارن ٺالن ڳان وٺي، تهاز ڱلَ، يڃني مثينري
ٻي هلڻ ثروڃ ٿيا آهن. يڃني ٿجرٻ نوٿ ڃليھ الٺلام
تي ڙينهن يا ان ڳان به اڳ تي دور ڳان وٺي
1807ڃ
ٻائين- هزارين ٺال، تهاز ڱپڙي تي ٺڙه
(Sail)
ٻي هلندا رهيا يا وري چپوئن
(Oars)
ذريڃي- تنهن ڳي
Rowing ٺڙتي ٿو. ٺڙهن ٻي هلندڙ تهاز هر وحٻ
هوا ۽ ٺامونڏي ڇولين تي آڍار ٻي هليا ٿي. تنهن ڄرڇ
هوا يا ڇولين تو رُٽ، ان ڄرڇ تهاز وڍيا ٿي. تنهن
ڙينهن يا تنهن وحٻ هوا بند ٿي ٻه تهاز بيهي ٿي
رهيا ۽ پوءَ اهڙن موحڃن ٻي اوٺي پاٺي تي ٻيٽن وٽ
لڱل ٺامونڏي ڍاڙيلن (حزاحن)، بيٺل تهازن ٻي ٿملو
ڱري، هنن تو مال ۽ ماڻهو کريا ٿي. ان وحٻ تا ٺڙهن
وارا تهاز اڄ تي تهازن وانگر گهڻو ڳلئي ٺمنڏ مان
نٿي لنگهيا. هڱ بندرگاهه ڳان ٻئي بندرگاهه ٻائين
پهچڻ لاءَ ڱنارو ڱنارو ڙئي ٿي هليا. تيئن ڱنهن
ثيءَ تي
جرورٻ پوي يا ڱا اهڙي ايمرتنٺي ٿي پوي ٻه، مدد لاءَ يڱدم ڱناري
ٻي پهچي وڃتي. ٺاڳي وحٻ تيئن اڄڱلهه ٺنڍ تو ڱچي
وارو ڃلائحو ڍاڙيلن ڳان مثهور آهي، ٻيئن پراڻي
زماني ۾ دنيا تا ڱيٻرائي ڃلائحا ٺامونڏي ڍاڙيلن
(Pirates)
ڳان مثهور هئا. ٺنگاپور،
پينانگ تهڙا ان وحٻ تا ويران ٻيٽ ٻوڙي ملاڱا نار،
هندٺٻان تو مالا بار ڱنارو، ڀوڄ مڱران ڍاڙيلن
(حزاحن) ڳان مثهور هو. ٿتات بن يوٺڇ تي ڙينهن ۾
تڙهن تهاز ديبل، ٺٽو، بدين وارو ڱنارو ڙيئي
لنگهندا هئا، ٻڙهن هنن (يڃني ڃربن) تي پٿيٿ ڳالهه
هتي ٻه ٺنڍي حزاحن ٺلون ڳان ايندڙ ڃربن تي تهاز
(يا ثايد تهازن) ٻي ٿملو ڱيو. ڱيو هوندو. ٺنڍ ۾
رهندڙ ٺڀ ٺنڍي ڱي چڱا مڙٺ به نه هئا. هر ملڱ ۽ هر
حوم ۽ ٺوٺائٽيءَ ۾ ٽراب ۽ ٺٺا ماڻهو ٿين ٿا. اهڙي
ڄرٿ ان وحٻ تي ٺنڍين تي اها ثڱايٻ ٻه هنن تيڱا
تهازن ٻان مال تي کر ڱئي ۽ انهن تهازن ٻي ويندڙ
ڃورٻون اچوا ڱيون، ٺي ڱي ڃربن تون مائٽياڻيون نه
هيون، پر ان وحٻ تي ڃرب ٿاڱمن ٺلون ۽ اوٺي پاٺي تي
ڃلائحن تون زالون ڃياثيءَ لاءَ ڃراح ۽ ثام پئي
گهرايون ۽ ان ۾ به ڱو ثڱ نه آهي ٻه، ان وحٻ تا
ڱيٻرائي ڃرب ٿاڱم ۽ اٻي تا وڙيرا پير ڱي اهڙا ثريڇ
به ٻه نه هئا. هڱ ٻه پدي اڳ (تڙهن انگريزن ثيدي
چلامن تي وڱري ٻي بندث وڍي ٻڙهن) وڃي ڱا ٺاپر ٿي،
نه ٻه اومان پاٺي ڃربن تي آٽر ٻائين وڙي ڱمائي ٻه
هئي ئي انٺانن تي وڱري مان. هي ٺنڍ ۾ ميرن پيرن يا
ٻرڱيءَ تي ٿرمن ۾ زئنزبار تي مارڱيٽن مان چلام
ڱنهن ٿي پهچايا؟ آڇريڱا تي اوڀر واري ڱناري تي هر
ملڱ تي ٺاهوڱي ۽ توان ثيدياڻي ٻوڙي ثيديءَ تي ڃزٻ
۽ تان مٿڇوظ نه هئي. هنن ڳي وهٽن وانگر ماري ڱٽي،
کاٺائي، وڱرو ڱري ڃربن ٽوب پئٺو ڱمايو ٿي، تيٻوڻيڱ
اٺلام چلاميءَ ٻي بندث وتهي ٿو ۽ اهوئي ٿال آڇريڱا
تي اولهه واري ڱناري تي ملڱن تو هو، تٻي يورپين ۽
آمريڱن باهه ٻاري ڙني هئي ۽ ڱنهن به توان ثيدي
ڃورٻ ۽ مرد ڳي نٿي بٽثيائون. ڳين تانورن وانگر
آمريڱا پورهئي لاءَ نيو ويو ٿي. مٺ مٺ پوءَ
ابراهام لنڱن تهڙن وڃي چلاميءَ ٻي بندث وڍي ۽ هاڻ
يورپي ٻوڙي آمريڱن وڙا ٺاڍ ٿي ويا آهن ۽ انٺانيٻ ۽
انٺان ذاٻ تي ڳالهه ڱندي ڱندي اوٻائيءَ پئتي ٿا
وڃن.
بهرٿال ٺامونڏي ڍاڙا
(Piracy)
اڄ به ٽٻم نه ٿيا آهن، ان تو اٿوال ڱنهن ٻئي هنڍ
ڱبو. هٻي تهازن تو ذڱر ڱريون ٿا ٻه اوڻهين پديءَ
تي ثروڃ ٿيڻ ٺان آگبوٽ
(Steamships)
ثروڃ ٿيا، تيڱي پنهنتي مرجيءَ
ٺان هلڻ لڳا. هونءَ تو ٺڙهن وارا تهاز بندرگاهه ۾
بيٺا هوندا هئا ۽ هوا تو انٻظار ڱندا هئا ۽ پوءَ
ان ڄرڇ هلڻ ثروڃ ڱندا هئا، تنهن ڄرڇ اها ڳين وٺي
وڃي- ان بدران ڱل ٻي هلندڙ تهاز ڱنهن وحٻ به ٺڇر
لاءَ نڱٻا ٿي ۽ ڱيڙانهن به وڃي ٺگهيا ٿي. نه ٻه
ٺياري ۾ تڙهن اٻر واء لڳندو هو ٻه ڃرب ملڱن ڳان
ٺڙه ٻي هلندڙ تهاز، هند ٺنڍ ڙي آيا ٿي ۽ هند ٺنڍ
تا تهاز لنڱا ڙي روانا ٿيا ٿي ۽ پوءَ تون، تولاءَ
۽ آگٺٽ ڍاري تڙهن ڙڳڻ ڇوٽ ٿي لڳو، چوماٺي تون
هوائون ثروڃ ٿي ٿيون ٻه، اهي تهاز پٺيان ٿي مڙيا
يڃني لنڱا ڳان هند ٺنڍ ۽ ڃرب ملڱن ڙي روانا ٿي
ٿيا.
ڪَلَ تي هلندڙ جهازن تي بئالرن ۾ ٻاڦ تيار ڪئي ٿي وئي. پاڻيءَ
کي گرم ڪرڻ لاءِ بئالرن ۾ پهرين ڪاٺ ساڙيو ويو ٿي
۽ پوءِ اڳتي هلي ڪوئلي جو استعمال ٿيو ۽ پوءِ
ويهين صدي ڌاري تيل
(Heavy fuel oil) ڪتب اچڻ لڳو جيڪو گهٽ جاءِ والاري ٿو ۽ پمپ ذريعي جهاز جي
ٽانڪين ۾ اچيو وڃي، نه ته جڏهن ڪوئلو استعمال ٿيو
ٿي ته، هڪڙن مزورن جهاز تي ڍوئڻ وارو سامان جهاز
تي چاڙهيو ٿي ته، ٻين بئالر کي ٻارڻ ۽ ٻاڦ پيدا
ڪرڻ لاءِ، سوين هزارين ڳوڻيون ڪوئلن جون جهاز تي
چاڙهيون ٿي. تن ڏينهن ۾ اڃا ڪرينون ۽ ڊيرڪون عام
نه ٿيون هيون، جن ذريعي اهو سامان جلدي چاڙهي
سگهجي. مزورن جون قطارون سامان جون ڀريون ۽ ڪوئلي
جون ڳوڻيون پٺيءَ تي رکي، جهاز جي ڏاڪڻ تي قطار ۾
چڙهيا ۽ لٿا ٿي. اڄ به ڪيتريون ئي ڪولمبو، مدراس ۽
ڪلڪتي بندرگاهن جون تصويرون، يورپي ميوزيم ۾ نظر
اينديون، جن ۾ ڪاري رنگ جا تامل ۽ بنگالي پٺيءَ
اگهاڙا، انگوڇا ٻڌل، هڪ ڊگهي تختي ذريعي جهاز تي،
پٺيءَ تي بار هجڻ ڪري ڊونڊا ٿي رڙهندا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا.
بئالر ۾ پاڻي وجهي، گرم ڪرڻ سان تيار ٿيل ٻاڦ ”اسٽيم انجن“ جي
پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪيو ٿي، جنهن ذريعي پئڊل هليا ٿي
۽ جهاز اڳتي وڌيو ٿي. بعد ۾ پئڊلن بدران پروپيلر
استعمال ٿيڻ لڳو. پسٽنن جي هيٺ مٿي ٿيڻ واري عمل
(Reciprocating)
کي ڪرئنڪ شفٽ ذريعي گول ڦرڻ
(Rotary motion)
واري عمل ۾ تبديل ڪري، جهاز جي پٺيان لڳل ٽن يا
چئن پرن واري پنکي
(Propeller)
کي گول گهمايو ويو ٿي. پاڻيءَ اندر پنکي جي گول
گهمڻ ڪري جهاز اڳتي ڌڪجي ٿو. جهاز کي هڪ هنڌ
بيهارڻ لاءِ بريڪ تي ٿئي ڪانه. پنکي کي ٻئي طرف
هلائڻ سان، جهاز جي پٺتي هلندڙ رفتار اڳتي واري کي
ختم ڪري زيرو ۽ رفتار تي آڻي ٿي ۽ جهاز هڪ هنڌ
بيهيو رهي. ۽ پوءِ کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي اتي ترسائڻ
لاءِ، جهاز جي لنگر کي رسي ذريعي سمنڊ ۾ اڇلڻو پوي
ٿو، جيڪو سمنڊ جي تري ۾ ڦاسيو پوي ۽ جهاز ڪِلي ۾
ٻڌل مينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ بدران ان
ڪِليءَ جي چوڌاري ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز کي
بندرگاهه ۾ ڪنهن جيٽيءَ وٽ بيهارڻ لاءِ جهاز ۾ لڳل
ڪِلي ۾ رسو ٻڌي، ان جو ٻيو پوڇڙ جيٽيءَ ۾ کتل
ڪِليءَ سان ٻڌي ڇڏجي ٿو. اهو رسو ڪافي مضبوط ۽
ماڻهوءَ جي ٻانهن جهڙو ٿلهو ٿئي ٿو. لنگر
(Anchor)
جنهن چين (رسي) ذريعي اڇلائبو آهي، اها چين لوهه
جي ۽ ٿلهي ٿيندي آهي، جنهن جو هڪ هڪ ڪڙو (ڪنڍو)
ايڏو ڳرو ٿئي ٿو، جو هڪ ماڻهو هڪ ڪڙو مس کڻي سگهي
ٿو. جهاز هلڻ مهل ونڊلس نالي طاقتور مشين سان، ان
لوهي زنجير (چين) کي ڇڪي لنگر کي ٻاهر ڪڍبو آهي.
اسڪول وارن ڏينهن ۾، لنگر بابت هڪ عام ڳجهارت ڏني ويندي هئي ته،
اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ضرورت وقت اڇلائي وڃي ٿي ۽
جڏهن ضرورت ناهي ته ان کي کڻي رکيو وڃي ٿو. جڏهن
به کلئي سمنڊ ۾ جهاز جي انجڻ خراب ٿئي ٿي، يا
طوفان لڳن ٿا يا بندرگاهه ۾ اندر هلڻ لاءِ کلئي
سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ، جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي
ضرورت پوي ٿي، ته اسان لنگر
(Anchor)
کي جهاز جي ڊيڪ تان کڻي، هيٺ اڇلي ڇڏيون ٿا ۽ جڏهن
جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت نٿي پوي ته ان
لنگر کي سمنڊ مان ڪڍي حفاظت سان رکي ڇڏيون ٿا.
پسٽنن واري اسٽيم انجن بعد ٽربائين به آيا. ان ۾ پسٽنن واري هيٺ
مٿي واري
Movement
جي ضرورت نٿي پوي. اها شئفٽ جنهن جي ڇيڙي تي
پروپيلر ٿئي ٿي، ان شئفٽ جي چوڌاري چوڏل وانگر
پئڊل يا پترا
(Blades)
لڳايا وڃن ٿا. بئالرن ۾ پيدا ٿيل ٻاڦ انهن بليڊن
تي جيٽ سان گڏ شئفٽ ۽ پروپيلر هلي ٿو. ٽربائين
جهاز ٻي جنگ عظيم کان گذريل صديءَ جي آخر تائين
چڱا مشهور رهيا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾، جڏهن
آئون جهازي دنيا ۾ آيس ته پاڪستان وٽ به هڪ حاجين
جو جهاز سفينه حجاج ٽربائين جهاز هو، جيڪو جرمنيءَ
۾ ٺهيو هو. اڄڪلهه
95
سيڪڙو جهاز ڊيزل انجڻ وارا آهن، جو ٽربائين جهازن
جا انجنيئر به مشڪل سان ملن ٿا. هرهڪ ڊيزل انجڻ ۾
ايڪسپرٽ ٿيڻ چاهي ٿو. اسان جي سڄي بئچ ۾ فقط هڪ،
مرحوم آصف غيور، ٽربائين جهازن جو چيف انجنيئر
ٿيو، پر هو به سفينه حجاج جهاز جي اسڪرئپ ٿيڻ تي،
پنهنجي
Specialty
بدلائي، ڊيزل جهازن ڏي هليو آيو.
ڊيزل جهازن تي ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ وڏن بئالرن جو کٽراڳ نٿو ٿئي.
ڦيول (ڊيزل آئل) انجڻ اندر ئي ٻاريو وڃي ٿو، ان
ڪري ڊيزل انجڻ کي انٽرنل ڪمبشن انجڻ به سڏجي ٿو.
ائين ته پيٽرول انجڻ به ڊيزل انجڻ جي سوٽ ماسات
آهي، پر پاڻيءَ وارن جهازن تي پيٽرول جهڙين شين کي
Explosion
جي خوف کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته پاڻيءَ وارا
آفت جيڏا جهاز ڊيزل انجڻيون ئي هلائي سگهن ٿيون.
ڊيزل انجڻ جي سيلينڊر ۾ ايڏو ته مٿاهين درجي جو
پريشر پيدا ٿئي ٿو ۽ ايڏي ته گرمائش پيدا ٿئي ٿو،
جو ڏامر جهڙو ڪارو تيل جيڪو ”هيوي فيول آئل“ سڏجي
ٿو، اهو آسانيءَ سان ساڙيو ٿو وڃي ۽ اهو تيل
پيٽرول کان تمام گهڻو سستو آهي. اهو سمجهو ته بنا
صفائيءَ جي زمين مان نڪتل تيل ٿئي ٿو، جنهن کي
جهاز جي رفائينري روم ۾ جهڙو تهڙو صاف ڪري، ٻاري
ڇڏيندا آهن.
ڊيزل انجڻ جا به ٻه قسم آهن: فور اسٽروڪ ۽ ٽو اسٽروڪ. جيئن
ڪرڪيٽ جو رانديگر بئٽ هلائڻ کي اسٽروڪ سڏي ٿو،
تيئن سيلينڊر اندر پسٽن جي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ
تائين پهچڻ، هڪ اسٽروڪ آهي ۽ وري ساڳي هنڌ واپس
موٽڻ، ان جو ٻيو اسٽروڪ آهي. فور اسٽروڪ واري انجڻ
۾ پسٽن جي اهڙين چئن چرپرن
(Strokes)
۾ هڪ دفعو تيل ساڙيو وڃي ٿو ۽ ٽو اسٽروڪ انجڻ ۾ هر
ٻئي اسٽروڪ ۾ انجڻ تيل سڙي ٿو. هاڻ ظاهر آهي ته ٽو
اسٽروڪ
(Two stroke) انجڻ ۾ تيل گهڻو سڙندو، ان ڪري طاقت به گهڻي حاصل ٿيندي. ان
ڪري جهاز هلائڻ لاءِ هميشھ ٽو اسٽروڪ انجڻ رکي وڃي
ٿي ۽ جهاز تي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ جنريٽر يا
ايئر ڪمپريسر وغيره لاءِ
Four Stroke
انجڻيون رکيون وڃن ٿيون.
ڊيزل انجڻ وارا جهاز، ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان سمنڊ تي آيا.
Vandal
نالي جهاز، پهريون ڊيزل انجڻ وارو جهاز چيو وڃي ٿو
جيڪو
1903ع ۾ سمنڊ تي لٿو. جهازن بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه ته انهن جي خشڪيءَ تي هلندڙ
گاڏين يا هوائي جهاز وانگر هڪ حد کان وڌيڪ رفتار
وڌائي نٿي سگهجي. جهاز يا ٻيڙي وغيره سمنڊ تي تڏهن
ٿي هلي، جڏهن ان جو پنکو
(Propeller)
جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهي ٿو، گول ڦري ٿو. جيئن جيئن
اهو تيز هلي ٿو، تيئن تيئن اهو پاڻيءَ کي تکو تکو
ڪپي ٿو ۽ جهاز اڳتي وڌي ٿو. پر هڪ رفتار کان پوءِ
اهو پاڻيءَ کي ڪپي نٿو سگهي، جو خال
(Vacum)
پيدا ٿيو پوي. هو ان خال ۾ ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز
جي رفتار ويتر گهٽجيو وڃي. جهاز جي پروپيلر کي
هلائڻ وارين انجڻين جي رفتار، هڪ سؤ کان ٻه سؤ
RPM
مس ٿئي ٿي، ان ڪري جهاز تي استعمال ٿيندڙ ڊيزل
انجڻيون، جيڪي مئرين انجڻيون سڏجن ٿيون،
Slow
اسپيڊ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي اسپيڊ گهڻي
هوندي آهي ته انجڻ ۽ پروپيلر جي وچ ۾ گيئرون هڻي،
گهٽ ڪئي ويندي آهي، جيئن پروپيلر جي رفتار سؤ ڏيڍ
سؤ
RPM
رهي. (آر پي ايم
Revolution Per Minute
جو مخفف آهي).
مئرين ڊيزل انجڻ جي تواريخ کي سؤ سال اچي ٿيا آهن، جنهن ۾
ڪيتريون ئي انجڻيون مشهور ٿيون ۽ ڪجهه ته اڄ تائين
هلنديون اچن، جهڙوڪ انگلينڊ جي ڊاڪسفورڊ، جرمني جي
MAN، جپان جي متسوبشي، اهڙي طرح پِيل اسٽڪ،
B & W،
سلزر وغيره وغيره. منهنجو تقريباً سڀني انجڻين
وارن جهازن سان واسطو پيو آهي. سڀ ۾ گهڻي مشهور ۽
ڪامياب مئرين انجڻ ”سلزر“ چئي وڃي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته رپيئر توڙي
Maintenance
جي حساب کان سلزر وڌيڪ بهتر انجڻ آهي ۽ منهنجو
پنهنجو اهو رايو آهي ته سلزر انجڻ واري جهاز جا
مئرين انجنيئر، سانتيڪي سمنڊ توڙي طوفاني راتين ۾
وڌيڪ سک جي ننڊ ڪن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه اها ته سلزر
انجڻ سئٽزرلينڊ ملڪ جي آهي، جنهن کي پنهنجو سمنڊ
آهي ئي ڪونه. افغانستان وانگر هن جي چوڌاري ملڪ ۽
جبل آهن.
مختلف سامان کڻڻ لاءِ مختلف جهاز
مون جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته انهن ڏينهن
۾ اڃا
Container
جهاز نه نڪتا هئا. ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ پئسينجر جهاز
هئا، جيئن پاڪستان وٽ سفينه حجاج، سفينه عرب،
رستم، اوشن انرجي وغيره جيڪي حج جي موسم ۾ حاجين
کي جدي کڻي ويندا هئا يا وري ڪراچيءَ کان چٽگانگ
هلندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اسان وارو پاڪستان مغربي
پاڪستان هو ۽ اڄ وارو بنگلاديش مشرقي پاڪستان هو.
جتي امير ماڻهو هوائي جهاز ۾ ويندا هئا، گهٽ پئسي
وارا يا سير سفر جا شوقين پاڻيءَ واري جهاز ۾
ويندا هئا. ڪراچي کان جهاز نڪرندو هو ۽ هفتي ڏهه
ڏينهن اندر چٽگانگ پهچي ويندو هو. رستي تي ٽن
ڏينهن بعد سريلنڪا جو بندرگاهه ڪولمبو ايندو هو،
جتي جهاز ڏهه ٻارهن ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ته ڏينهن رات به
ترسندو هو. جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ پئسينجرن لاءِ
سيڌو سامان ڪولمبو مان ورتو ويندو هو، جو انهن
ڏينهن ۾ هن سڄي علائقي ۾ ڪولمبو ۽ عدن ڊيوٽي فري
بندرگاهه هوندا هئا. هر شيءِ اتي سستي ملندي هئي.
ڪنهن به شيءِ ٽئڪس نه هوندو هو، ان ڪري جهاز وارا
پنهنجي لاءِ توڙي جهاز لاءِ خريداري ڪولمبو مان
ڪندا هئا. مسافر به ڪولمبو مان هر قسم جي خريداري
ڪندا هئا ۽ وڏي شوق مان انڊين فلمون ڏسندا هئا.
جيڪي انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ بند ڪيون ويون هيون.
ڪراچيءَ کان چٽگانگ پنجاهه رپيا کن مس ڀاڙو هو.
هوائي جهاز جي به ڪراچيءَ کان ڍاڪا ۽ ڍاڪا کان
چٽگانگ ٻه يا اڍائي سؤ رپيا کن ٽڪيٽ مس هئي.
سو سواءِ چند مسافر بردار جهاز جي، پاڪستان وٽ ٻيا جهاز ڪارگو
جهاز هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪارگو جهاز معنيٰ هر قسم
جو سامان کڻڻ وارا جهاز. اَن جون ڳوڻيون هجن يا
مشينن جا کوکا، ڪپهه جون ڳٺڙيون هجن يا ڪپڙن جا
تاڪيا، هر قسم جو سامان جهاز جي گدامن
(Hatches)
۾ ڀريو ويندو هو. ڪڏهن ته ڪارون، تيل جا ڊرم،
چانورن يا دالين جون ڳوڻيون، هر قسم جو سامان جهاز
تي چڙهندو هو. اهو سامان ٽرڪن ذريعي جهازن جي
ڀرسان ايندو هو ۽ پوءِ بندرگاهه جي ڪرين يا جهاز
جي ڊيرڪ ذريعي جهاز ۾ چاڙهيو ويندو هو. جهاز ۾
سامان کي ٺاهي رکڻ لاءِ ٻه ٽي مزور هيٺ گدامن ۾
بيهندا هئا، جيڪي سامان ٺاهي رکڻ مهل، کائڻ پيئڻ
جون شيون به کائيندا رهندا هئا يا ٻيون چوريون
ڪندا هئا. ان معاملي ۾ مصري ۽ آمريڪا جا ڪارا
(شيدي) مزور بدنام هئا. پوءِ ستر واري ڏهاڪي ۾
جڏهن ڪنٽينر جهاز شروع ٿيا ته، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي
ڪناري جي مزورن ڏاڍو گوڙ ڪيو، جو هنن جي موج مزي
جا ڏينهن ختم ٿي ويا. ڪنٽينر جهازن تي هنن کي
سامان ٺاهي نٿي رکڻو پيو. سامان اڳهين ڪنٽينرن ۾
پئڪ ٿي جهاز تي پهچڻ لڳو ۽ هر ڪنٽينر کي
Seal
ٿيل تالا لڳل ٿين، جيڪي ڪو کولي نٿو سگهي.
’ڪنٽينر جهازن‘ جي ڪري جهازن جا مالڪ خوش ٿيا، جو هڪ ته ڪارگو
(سامان) جي چوريءَ کي ٻنجو اچي ويو ۽ ٻيو ته جهاز،
جيڪو عام طور سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ خاطر، مهينو ڏيڍ
بندرگاهه ۾ بيٺو هوندو هو، اهو هفتي اندر فارغ ٿي،
پنهنجو نئون سفر شروع ڪري ڏيندو آهي. جهاز جا مالڪ
به اهوئي ٿا چاهين ته بندرگاهن ۾ جهاز گهٽ بيهي،
جو بندرگاهن ۾ بيهڻ دوران خرچ ئي خرچ آهي. جهاز
مالڪن کي تڏهن ڪمائي ڏين ٿا، جڏهن هو سمنڊ ۾ هلندا
رهن ٿا ۽ اسان جهاز وارا وري تڏهن خوش آهيون، جڏهن
جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو آهي، ڇو جو اسان کي سامونڊي
طوفانن ۽ جهاز هلائڻ جي ڏاکڙن کان موڪل ٿيو وڃي.
جهاز جيسين بندرگاهه ۾ آهي ته سامان لهرائڻ
چاڙهائڻ توڙي انجڻ جي وڏي مرمت جو ڪم، ان بندرگاهه
۾ موجود جهازران ڪمپنيءَ جي مڪاني آفيس حوالي رهي
ٿو ۽ اسان کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ سٺو موقعو مليو وڃي.
سو ڪنٽينر جهازن جي سورن ڪري ڪيترائي جهاز، ڪنٽينر
جهاز هلائڻ کان ڪيٻائين ٿا، جيتوڻيڪ جنرل ڪارگو
جهاز کان ڪنٽينر جهاز تي پگهار به وڌيڪ آهي.
اڄڪلهه جي دنيا ۾ نه فقط ڪنٽينر جهاز، پر ڪارگو (سامان) جي
نوعيت سان ڪيترن ئي قسمن جا جهاز ٿي پيا آهن، جيئن
ته تيل کڻڻ وارا ٽئنڪر
(Oil tanker).
انهن ۾ به مختلف قسم آهن، ڪي خام تيل
Crude oil
کڻن ٿا ۽ ڪي اعليٰ قسم جا تيل، خاص ڪري پام آئل
جهڙا کاڄرو تيل.
هڪڙا جهاز ”بلڪ ڪئريئر“
(Bulk carrier) به ٿين ٿا، جن جي هئچن (گدامن) جا مُنهن وڏا ٿين ۽ انهن ۾ ڪنهن
به قسم جو اناج ڦوهارن ذريعي ڀري سگهجي ٿو يا ريل
گاڏيءَ جا توڙي لوهي پٿرن جا ڀريل دٻا ليٽائي
سگهجن ٿا. منزل تي پهچڻ تي جهازن جي گدامن ۾
ٽرئڪٽر لاهي، ان ذريعي سامان ڪڍي سگهجي ٿو. اناج
جهڙي شيءِ کي واپس به ڦوهاري رستي ڪڍي سگهجي ٿو.
ڪڻڪ يا چانورن سان ڀريل جهاز، جيڪو ڳوڻين ذريعي
خالي ڪرڻ ۾ ٻه هفتا کن لڳيو وڃن، اهو اليڪٽرڪ پمپن
ذريعي
Suction
جي ڦوهارن ذريعي، ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪري سگهجي ٿو.
اسان جي ملڪ ۾ ته سئي گئس جهڙي گئس ڌرتي مان نڪري ٿي، جيڪا
پائيپن رستي گهر گهر ۾ پهچائي وڃي ٿي، پر جپان،
سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ آهن، جن
وٽ پنهنجي قدرتي گئس ناهي، اهي ٻين ملڪن مان جهاز
ذريعي گئس گهرائين، جن سان ننڍا سلينڊر ڀري، ضرورت
مندن کي وڪيا وڃن ٿا. ان قسم جا جهاز جيڪي خاص
جهاز ٿين ٿا، اهي ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪڙا گئس
Liquefied gas carrier
۽ ٻيا ڪيميڪل ڪئريئر.
گئس کڻندڙ جهاز جيڪا گئس کڻن ٿا، اها ايتري ته گهڻي پريشر تي
رکي وڃي ٿي، جو اها پاڻيٺ
(Liquefied)
واري شڪل ۾ رهي ٿي. ان ڪري اُن کي کڻندڙ جهاز
LG
يعني
Liquefied gas ڪئريئر سڏجن ٿا. انهن مان ڪي جهاز
LPG
سڏجن ٿا، يعني
gas
Liquefied petroleum ڪئريئر سڏجن ٿا، جيڪي پروپين، بيوٽين ۽ پروپلين جهڙيون گئسون
کڻن ۽ ٻيا جيڪي ايل اين جي
(Liquefied natural gas) ڪئريئر سڏجن ٿا، قدرتي گئس- خاص ڪري ميٿين گئس
(Methane)
کڻن. هن قسم جون گئسون کڻندڙ جهازن جون ٽانڪيون
تمام مضبوط هجڻ کپن، جيئن گئسن جي هاءِ پريشر ڪري
ڪٿان ليڪيج نه ٿئي. ٽانڪين کي گرمائش کان بچائڻ
لاءِ ان جي چوڌاري سخت قسم جي
Insulation
رکي وڃي ٿي. سڀ کان خطرناڪ نوڪري هنن گئس کڻندڙ
جهازن جي آهي. جهاز هلائڻ کان علاوه جهاز جي
ڪارگو- يعني
Pressurized
گئس جو به خيال رکڻو پوي ٿو. هيءَ گئس ايتري ته
وڏي پريشر تي ٿئي ٿي، جو اها
Liquid form
۾ رهي ٿي. ٿوري به لِيڪ ٿي انسان جي جسم کي لڳڻ
سان، جسم جي ان حصي کي ساڙي رکي ٿي- يعني اها
ايتري ته ٿڌي ٿئي جو ان جي ٿڌ ساڙيو رکي، جيئن ٿڌن
ملڪن ۾ سخت ٿڌ ساڙيو رکي ٿي. ساڳي وقت هنن جهازن
کي گرمائش کان به بچائڻو پوي ٿو. هي گئسون (ميٿين،
پروپين وغيره) اهي آهن، جيڪي ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون،
جيڪي سگريٽ لائيٽر ۾ ٿين ٿيون. هڪ چڻنگ ۾ وڏو ممڻ
مچائي سگهن ٿيون، ۽ ههڙن جهازن تي باهه نه لڳندي
آهي، پر ڌماڪو ٿيندو آهي، جنهن بعد جهاز تي، ڪوبه
هن حادثي جي رواداد ٻُڌائڻ وارو باقي نه بچندو
آهي.
گئس وارن جهازن وانگر ڪيميڪل ٽئنڪر به ٿين ٿا، جيڪي پڻ خطرناڪ
ٿين ۽ گئس وارن جهازن وانگر هنن جهازن تي به
زندگيءَ کي خطرو هجڻ ڪري، جهاز هلائيندڙن کي ٻين
جهازن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پگهار ڏنو وڃي ٿو.
اڄڪلهه
Combination
ڪئريئر نالي جهاز به عام ٿي رهيا آهن، جن جون
ٽانڪيون اهڙي نموني جون ٿين ٿيون، جو انهن ۾
مارڪيٽ موجب تيل به کڻي سگهجي ٿو ته
Bulk
ڪارگو به.
اڳ ۾ ڪنهن ڪار ڊيلر کي، ڪنهن ملڪ مان ڪارون گهرائڻيون هونديون
هيون ته، اهي عام ڪارگو جهاز ۾ اينديون هيون. اسان
جو جهاز به جڏهن جپان ويندو هو ته واپسيءَ تي ٻئي
سامان سان گڏ، هر دفعي ڏهه ويهه کن ڪارون به
آڻيندا هئاسين. انهن ڪارن کي جهاز ۽ سمنڊ جي لوڏن
کان بچائڻ لاءِ، جهاز جو واڍو هر ڪار جي چوڌاري
ڪاٺ جا فريم ٺاهيندو هو ۽ جهاز جا خلاصي هڪ هڪ ڪار
کي چڱيءَ طرح رسن سان ڇڪي ٻڌندا هئا، پوءِ به ڏکڻ
چيني سمنڊ ۾ يا خليج بنگال ۾ جيڪڏهن طوفان هڪ
پٺيان ٻئي ڏينهن به قائم رهندو هو ته، ڪيترين ڪارن
جا رسا ۽ ڪاٺ جا فريم ٽٽي پوندا هئا ۽ پوءِ سڄو
سڄو ڏينهن، سمنڊ تي انهن ڍرين ٿيل ڪارن کي، چڱيءَ
طرح سوگهو ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هو. ان کان علاوه ڪارن
رکڻ ڪري جهاز جي هئچن ۾، انهن مٿان سامان رکي نه
سگهبو هو ۽ گدامن جي اتاهين ڇت تائين سڄي جاءِ
خالي رهي ٿي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي عرب
ملڪن ۾ تيل جو پئسو اچي ويو ۽ ڪارن جي ضرورت ايتري
وڌي وئي جو ڪارن کڻڻ لاءِ خاص جهاز تيار ٿيا، جيڪي
Car carrier سڏجن ٿا. انهن جهازن تي ڪارون ڪرين ذريعي کڻي رکڻ ۽ ڪاٺ جي
فريم ۾ جڪڙڻ ۽ رسن سان ٻڌڻ ذريعي، ڊرائيوِ ڪري
جهاز تي چاڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٺهيل کانچن ۾ ڦاسي
بيهن ٿيون ۽ هڪڙي ئي هئچ ۾ ڪيترائي پليٽ فارم هجڻ
ڪري، ڪارن جو وڏو تعداد هڪ ٻئي مٿان بيهي سگهي ٿو.
منزل اچڻ تي اهي ڪارون ڊرائيو ڪري جهاز تان منٽن ۾
لاهي سگهجن ٿيون. جهاز جي پاسن کان اهڙي قسم جا
دروازا ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي کُلڻ سان جهاز جي ڊيڪ ۽
جيٽيءَ جي فرش ۾ پيل پُلِ پون.
1973ع
۾ اسان ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ مان، لاس
اينجلس (آمريڪا) لاءِ ٽونا
(Tuna)
مڇي ڀري، بس نڪرڻ وارا هئاسين ته، اسان جي
ملائيشيا واري آفيس چيو ته هونءَ ئي توهان لاس
اينجلس ويندي رستي تان جپان وٽان لنگهندئو. هينئر
هينئر هيروشيما لاءِ ڪجهه ڪارگو ملي آهي، ڊيڪ تي
ئي رکي وڃوس. ڇهه ستن ڏينهن جو ته سفر آهي، واٽ
ويندي لاهيندا وڃجو ۽ ڪمپنيءَ کي ڪجهه فائدو ٿي
ويندو. ٻيو نه ته ڀلا رستي جي سفر جو خرچ نڪري
ويندو ۽ گراهڪي به پڪي ٿي ويندي. اسان جهاز وارن
کي ڪو اعتراض نه هو، جو جهازن جي گدامن کي مڇي ۽
ٻئي جنهن سامان سان ڀريو هئوسين، اهو ڪو اهڙو نهرو
نه هو. ان ۾ فقط واليوم هو. ان ڪري اسان ان کي کڻڻ
لاءِ هائوڪار ڪئي، پر جڏهن خبر پئي ته اهو سامان
ٻيو نه پر
Lumber
(ڪاٺ ۽ وڻن جا چيريل بُنڊ) آهن ته اسان دل من
هنيو. ڇو جو جهاز جي ڊيڪ تي ڪاٺ کڻڻ وڏو مسئلو
آهي. هونءَ ڪو رکڻ ۾ مسئلو نه آهي ۽ نه وري ان ۾
ڪو بانس
(Bamboo)
وارو مسئلو آهي، جنهن ۾ اڪثر نانگ بلائون ٿين
ٿيون، جيڪي پوءِ بانس جي لڙهن مان نڪري ڊيڪ تي پيا
هلندا آهن ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ مصيبت پيدا ڪندا
آهن. ڪاٺ کي پاڻي ڇُهڻ جي وڏي قوت آهي. جهاز جي
ڊيڪ تي ڪاٺ رکڻ سان، هونءَ ئي سمنڊ جي گهميل هوا
ڪري ٿورو گهڻو پاڻي ڪاٺ ۾ جذب ٿيو وڃي، پر جيڪڏهن
خراب موسم جي ڪري سمنڊ جون ڇوليون، جهاز جي ڊيڪ
(عرشي) مٿان اچيو ٿيو وڃن، ته پوءِ ڪاٺ ايڏو ته
ڳرو ٿيو پوي، جو جهاز جي
Stability ڊسٽرب ٿيو وڃي. جهاز جي
Centre of gravity
جيڪڏهن هيٺ ڀري آهي ته سامونڊي لهرن ۽ طوفاني
هوائن ڪري، جهاز کاٻي ساڄي لڏي ضرور ٿو پر ٻُڏي
نٿو. هو وري
Stable
حالت ۾ اچيو وڃي، پر جيڪڏهن
CG
(سينٽر آگ گريو وٽي) مٿي هلي وڃي ٿي ته پوءِ خطري
واري حالت ٿيو پوي ۽ اهڙيءَ صورت ۾ جهاز جي لڏڻ
مهل ممڪن آهي ته، اهو واپس وچ واري صورت ۾ اچڻ
بدران کاٻي يا ساڄي اونڌو ٿي وڃي. هيءَ صورت ان
مثال مان سمجهي سگهجي ٿي ته، هڪ ٽرڪ ۾ جيڪڏهن
هيٺان لوهه جو سامان يا ٽرئڪٽر جهڙي ڳري شيءِ رکي،
مٿان ڀلي اٺ فٽ کن گاهه يا ڪانن جهڙي هلڪي شيءِ
رکبي ته، ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو، پر جيڪڏهن
اٺ فٽ کن گاهه هيٺان رکي، ان مٿان ٽرئڪٽر رکبو ته
صحيح ڪم نه ٿيندو. ٽرڪ جي
CG
مٿي ٿي ويندي ۽ ڪٿي ساڄي يا کاٻي پاسي ٽرڪ کي تڪڙو
موڙڻ سان، اها اونڌي ٿي سگهي ٿي.
جهاز جي ڪئپٽن آخري وقت تي ڪاٺ جهڙو ڪارگو کڻڻ لاءِ پهرين نهڪر
ڪئي، پر پوءِ پينانگ جي آفيس وارن جي
Convince
ڪرڻ تي ته، ڀائي ڪڏهن ڪڏهن اصولن کي ڇڏي، پنهنجي
ڪمپنيءَ جي ڀلي لاءِ
Risk
کڻڻو پوندو آهي، آخرڪار راضي ٿي ويو. هونءَ به
اونهاري جا ڏانهن هئا، جن ۾ ملائيشيا جي هن پاسي
خليج بنگال ۾ ته طوفان
(Cyclones)
۽ مَون سُون جا مينهن رهن ٿا، پر ٻئي پاسي ڏکڻ
چيني سمنڊ شانت رهي ٿو. اسان جو جهاز هانگ ڪانگ
تائين ايئن هلندو رهيو ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪي رهيو
هجي، نه لهر نه لوڏو مليو. هانگ ڪانگ ۾ اڌ ڏينهن
کن ترسي، هيورشيما (جپان) لاءِ ڪوچ ڪيوسين ۽ پوءِ
به موسم ۾ سمنڊ سانتيڪو رهيو. سڀئي چوندا رهيا ته
چڱو جو اهو فالتو ڪارگو کنيوسين. ڪئپٽن اجايو پئي
ڦڏو ڪيو ۽ قاعدا قانون ٻُڌايا. هيڏي ساري آفت ڪا
ائين ٻڏندي ڇا؟ ان جيترو ٻيو سامان ملي ها ته اهو
به کڻڻ سان ڪجهه نه ٿئي ها. لوڊ لائين (جهاز تي
ٺهيل ليڪ) سمنڊ جي سطح کان اڃا گهڻو مٿي آهي.
اسان ڏينهن رات جهاز هلائيندا اچي جپان جي ويجهو پهتاسين. هاڻ
ڪو ويهه ڪلاڪن جو پنڌ هو ته، اچي ٿو مينهن جو
وسڪارو ٿئي. وسڪارو به اهڙو جو بند ئي نه ٿئي ۽
اڳيان خراب موسم
(Typhoon)
جي اڳڪٿي. ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ان جو به اثر شروع ٿي
ويو. پهرين هلڪي هوا، پوءِ تيز، پوءِ واچوڙو ۽ هاڻ
طوفاني هوائن سان گڏ سمنڊ جون لهرون، جهاز جو ڊيڪ
اورانگهي وڃڻ لڳيون. ڪاٺ کي جيڪو پاڻي ڇهڻو هو اهو
هن ڇهي ورتو ۽ هاڻ اسان لاءِ خطرناڪ حالت هئي.
جهاز کي لُڏڻ کان هر صورت ۾ بچائڻو هو، ٻي صورت ۾
جهاز سان گڏ اسان به سمنڊ جي تري ۾ ٿي وياسين. موت
جڏهن مٿان اچي سوار ٿيو ته هرڪو ٻولي ئي ٻي
ڳالهائڻ لڳو. چي ڪئپٽن کي ههڙي خطرناڪ ڪارگو کڻڻ
کان صاف انڪار ڪرڻ گهربو هو. قانون به اجازت نٿو
ڏئي ته اهڙي صورت ۾ ڪاٺ
(Lumber)
جهڙو ڪارگو کڻو. ڪمپنيءَ کي باقي ڪارگو مان ئي
ڪافي فائدو پئي ٿيو، ته هي فالتو کڻڻ جي ڪهڙي
ضرورت هئي... وغيره وغيره
آئون ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر (يعني چيف انجنيئر کان پوءِ ٻي
نمبر تي انجنيئر) هوس. چانهه تي ڪئپٽن وٽ برج
(ڪنٽرول روم) ۾ ويس. ڪئپٽن چيو ته ڪنهن نموني سان
گهڻي کان گهڻي رفتار ڏيو، ته باقي ٽن چئن ڪلاڪن جو
پنڌ ڪڍي وٺان. چيومانس، ”انجڻ جي رفتار ته اسان به
Maximum
پيا ڏيون، پر جهاز کي رفتار ته رب پاڪ ئي ڏيندو.
دعا ئي ڪري رهيا آهيون.“ دراصل سامهون جي لهرن ۽
هوا ڪري، جهاز پچنگ به ڪري رهيو هو. يعني جهاز جو
ڪڏهن اڳيون حصو مٿي ٿي ٿيو، ته ڪڏهن سمنڊ اندر
هليو ٿي ويو. جنهن وقت سمنڊ اندر هليو ٿي ويو ته،
سندس پٺيون حصو جنهن ۾ پروپيلر ٿئي، اهو مٿي کڄي
ٿي آيو ۽ جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ ۾ گهمڻ بدران هوا
۾ ڦرڻ ٿي لڳو. ظاهر آهي جهاز ته تڏهن اڳتي ٿو هلي
يا رفتار ٿو حاصل ڪري جڏهن جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ
۾ ڦري ٿو. پروپيلر جي هوا ۾ هلڻ ڪري، جهاز جو تيل
اجايو هڪ طرف سڙيو ٿي ته انجڻ اوورلوڊ ٻي طرف ٿي
ٿي، جنهن ڪري ان جي مختلف حصن تي منفي اثر ٿي ٿيا.
ڪئپٽن کي ٻُڌايم ته اسان جو چيف انجنيئر جيڪو هن
وقت ڊيوٽي تي آهي، ان ڪوشش ۾ آهي ته جهاز جون
پٺيون ٽانڪيون تيل ۽ پاڻيءَ سان فل ڪري- جيئن جهاز
جو جهڪاءُ پٺيان ٿئي ۽ پروپيلر جي ٻاهر نڪرڻ جو
وقت ڪجهه گهٽ ٿئي ۽ جهاز کي رفتار ملي سگهي.
”هن رفتار سان هيروشيما تائين ڪيترو وقت لڳندو؟“ مون ڪئپٽن کان
پڇيو.
”هيروشيما تائين هلڻ جو ته هن وقت سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.“ ڪئپٽن
ٻُڌايو، ”هاڻ رڳو ڪناري جي ويجهو ڪا اَڙ
(Shelter)
ملي ته اتي هلي جهاز کي لنگر انداز ڪري، ٽائفون
(طوفان) جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪريون.“
سامهون جپان جو ڪنارو ئي ڪنارو هو، پر پورچوگال وانگر هي هنڌ به
اهڙو جابلو هو، جتي بيهڻ ” آ بیل
مجھے
مار“ جي مصداق هو. زير آب ۽ پاسن کان سنهين سنهين
ٽڪرن سان جهاز جو لڳي ڇيتيون ڇيتيون ٿيڻ جو ڊپ هو.
يعني”آسمان سے
گرا کھجور میں
اٹکا“
وارو حساب هو. بهرحال ڪنهن جي دعا قبول پئجي وئي.
هڪ سڻائو هنڌ ملي ويو، جتي سڄي رات انتظار ڪري،
ٻئي ڏينهن صبح جو هيروشيما لاءِ نڪتاسين ۽ منجهند
ڌاري اچي پهتاسين.
اهي ستر واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا، جڏهن جهازن تي هر قسم
جو سامان کڻبو هو. ان بعد سگهوئي ڪارون کڻندڙ جهاز
(Car carriers) به نڪتا ته ڪاٺ جا بُنڊ
(Lumber & timber)
کڻندڙ جهاز به نڪري پيا، جن ۾ ڪاٺ جو هر قسم حفاظت
۽ سهوليت سان نه فقط هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين کڻي
سگهجي ٿو، پر آسانيءَ سان جهاز تي چاڙهي ۽ لاهي به
سگهجي ٿو. |