تيل جي جهاز جو ڪراچيءَ ۾ ٻُڏڻ
جتي سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جا سمنڊ، صاف رکڻ جي جستجو ۾
آهن، جتي بالٽي ٻه تيل هارڻ تي به سخت ڏنڊ وڌو وڃي
ٿو، ويندي جوابدارن کي جيل حوالي ڪيو وڃي ٿو، اتي
اسان جو ڪراچي بندرگاهه وڃي گدلو ٿيندو. سنگاپور
جو ان بابت نئون قانون اهو ٺهيو آهي ته، هاڻ جنهن
جهاز تان به سمنڊ ۾ تيل ڪِرندو ته، ان ڏوهاري جهاز
جي ڊيوٽي انجنيئر يا ڪنهن ٻئي آفيسر يا خلاصي
بدران، جهاز جي ٻن وڏن يعني ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر
کي جيل اماڻيو ويندو. ان کان علاوه جهاز جي
ڪمپنيءَ (مالڪن) کي ڏنڊ هڪ طرف ڏيڻو پوندو ته، ان
جي صفائيءَ جو خرچ ٻئي طرف. ۽ ان قانون جو پهريون
پهريون شڪار ڊئنمارڪ جو هڪ جهاز ٿيو، جيڪو اڳتي جي
سفر لاءِ جهاز جي ٽانڪين ۾ تيل ڀرائي رهيو هو ته،
تيل سپلاءِ ڪندڙ پائيپ جي هڪ هنڌان
Joint لِيڪ ٿيڻ تي، ڪجهه تيل سمنڊ ۾ ڪِري
پيو. سنگاپور حڪومت يڪدم قانون جي ڪاروائي ڪري،
جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کي جيل روانو ڪري
ڇڏيو، جيتوڻيڪ اهي ڪنهن اهڙي تهڙي آفريڪي يا
ايشيائي غريب ملڪ جا به نه، پر يورپ جا شهري هئا.
سندن ملڪن جي سفارتخانن ڏاڍيون دانهون ڪوڪون ڪيون،
پر سنگاپور وارن چيو: ”دانهون ڪوڪون ته اسان کي
ڪرڻ کپن، جو توهان اسان جي ملڪ جو سمنڊ ۽ ڪنارو ٿا
خراب ڪريو، سمنڊ جي سفيد گجيءَ سان ٽمٽار کير
جهڙين ڇولين کي ڇو ٿا ڏامر هاڻو ڪريو. (ٻين لفظن ۾
ڪهڙو
KTN
ٽي وي جو ماڊل جوڙو سنگاپور
اچي ”سمنڊ جو ڪنارو، ڇوليون ۽ تون مان...“
ڳائيندو)، ڇو ٿا اسان جي ڪناري تي رهندڙ شهرين جي
صحت خراب ڪريو، ڇو ٿا اسان جي سمنڊ جي سامونڊي
مخلوق گُهٽي ماريو...“
جهاز جو چيف انجنيئر شايد فئملي (زال ۽ هڪ ڇهه کن ورهين جي پٽ)
سان هو، تنهن لاءِ جڏهن سنگاپور حڪومت جو ڌيان
ڇڪايو ويو ته، هن وڏي سوچ ويچار کان پوءِ وراڻيو
ته، هو ڪنهن به صورت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري نٿا
سگهن، باقي انساني همدرديءَ طور هو ايترو سو ڪري
سگهن ٿا ته انهن کي به چيف انجنيئر سان گڏ ساڳي
کوليءَ ۾ رکي سگهن ٿا ۽ سندس مڙس چيف انجنيئر سان
گڏ کين به جيل طرفان ماني مفت ڏني ويندي. منهنجي
خيال ۾ هفتو ٻه کن همراهن کي جيل ۾ وهاريائون، پر
نه رڳو اهي پاڻ، پر دنيا جا سمورا جهاز سڌري ويا ۽
کين سگنل ملي ويو ته، اهڙي مشڪري سنگاپور ۾ ناهي
ڪرڻي، جيڪي گورن مائي باپ جي جهاز کي به نٿا
بخشين. اڄ سنگاپور جو بندرگاهه دنيا جو صاف سٿرو
بندرگاهه آهي. جنهن جي چوڌاري نيري بلو شفاف سمنڊ
۾، دنيا جي خوبصورت سامونڊي مخلوق- رنگين مڇين ۽
گانگٽن کان ويندي سائي جي هر رنگ جي شيڊ جا
سامونڊي گاهه خوشحال ۽ صحتمند زندگي گذارين ٿا.
اهو فقط ان ڪري جو هن ننڍڙي ٻيٽ نما ملڪ تي، ملڪ ۽
قوم کي صحيح رکڻ ۽ انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ، قاعدا
قانون آهن ۽ انهن تي عمل به ڪرايو وڃي ٿو ۽ ڏوهاري
چاهي انگريز هجي يا آمريڪن، ان کي سزا به ڏني وڃي
ٿي ۽ اهو صحيح ثابت ٿيو آهي ته ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو
آهي، پر موچڙو ڇٽيهه لڇڻو ٿئي ٿو ۽ اسان جهڙن ملڪن
۾ جتي چورن، ٺڳن، غنڊن رشوت خور عملدارن کي مانيءَ
ڍوَ تي آهي ۽ موچڙو گهٽ آهي ته هرڪو پنهنجو پرايو
جهازران، سڄي سفر جو گند ڪچرو نه رڳو اسان جي
سامونڊي حدن ۾ ڦٽو ڪريو وڃي، پر بندرگاهه کي به
نٿو بخشي. ڪراچيءَ جو بندرگاهه جيڪو گذريل صديءَ
جي ٽي چوٿائي تائين دنيا جي سهڻن، صاف سٿرن ۽ ڍنگ
جي بندرگاهن مان سمجهيو ويو ٿي، اڄ اهو گندي ۾
گندو آهي. ڪراچيءَ ۾ بيٺل جهاز وارا نه فقط پنهنجي
Toilets
جا ڊسچارج سمنڊ ڏي کوليو ڇڏين پر زهر جو تيل ۽
مشينن جو گندو پاڻي به خارج ڪريو ڇڏين. ڪنهن کي ڪو
فڪر ناهي ته، اسان جي ملڪ جي ماحول کي پنهنجا ۽
پراوا ايڏو بي درديءَ سان گدلو بڻائي رهيا آهن ۽
اسان جي ملڪ جي سموري سامونڊي جيوت تباهه ٿي رهي
آهي. هڪ اهڙي جهاز جي ڪئپٽن کي مون شڪايت طور چيو
هو ته، پنهنجي جهاز جون بلجز (گڏ ٿيل گندو پاڻي ۽
تيل) اسان جي بندرگاهه اندر ڇو پيا ڊسچارج ڪريو.
هي ته توهان کي پورٽ کان سؤ ميل پري خارج ڪرڻ کپي،
پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو، بلڪ هو الٽو مون کي ٽوڪ
طور چوڻ لڳو، توهان جي ملڪ ۾ ٻين ڪهڙن قانونن تي
عمل ٿي رهيو آهي. هڪ ٻئي اهڙي فارين جهاز جي
انجنيئر چيو ته، هي ته اسان رات وچ ۾ جهاز جي
هيٺان لڳل پائيپن ذريعي ڪچرو ڪڍيو ڇڏيون، توهان وٽ
ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو اميرن جون
گاڏيون ته ڇا عام بس ڊرائيور به سگنل جي پيا ڀڃڪڙي
ڪن. بس اسٽاپ بدران جتي وڻي ٿو اتي گاڏي بيهاريو
ڇڏين. فٽ پاٿن تي گاڏيون بيهاريو ڇڏين. تيز
رفتاريءَ ۾ ٻي گاڏيءَ يا ماڻهن کي ڌڪ هڻيو ڀڄيو
وڃن. هيترا سارا سفيد ورديءَ ۾ ٽرئفڪ پوليس جا
اهلڪار چالان جون ڪاپيون جهليو بيٺا آهن، پر
منجهائن ڊپ ته ڪنهن کي به ڪونهي.
ننڍي پئماني ۾ ڪراچيءَ جي هن بندرگاهه ۽ اوس پاس جي سمنڊ جو
خانو خراب ته وڏي عرصي کان ٿيندو رهيو ٿي، پر
2003ع
۾ تاسمن اسپرٽ
(Tasman Spirit)
نالي هڪ ڌارئين ملڪ جي تيل
بردار جهاز جي ڦاٽڻ ڪري، منجهانئس
12000 ٽنن کان مٿي ليڪ ٿيل ڏامر جهڙي تيل، هن
علائقي ۾ اهڙي تباهي مچائي ڇڏي، جو سڄي دنيا جون
اکيون هيڏانهن ڄمي ويون.
12000
ٽن ڪو گهٽ تيل ناهي. هڪ عام
ماڻهو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهي ٿو ته هڪ ٽن
۾
27
مڻ کن تيل ٿئي ٿو يا سنئون سڌو
لٽرن جو حساب لڳائجي ته هڪ ٽن ۾ مِلڪ پئڪ جي وڏي
دٻي جهڙا هڪ هزار لٽر ٿين ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو
ته
12000 ٽنن تيل ۾
12000,000 لٽر (هڪ ڪروڙ ويهه لک لٽر) ٿيل ٿيو.
مٿي ٻُڌائي چڪو آهيان ته تيل ۾ پکڙجڻ
(Spreadibility)
جي وڏي سگهه آهي. تيل پاڻيءَ کان گهڻو هلڪو آهي،
ان ڪري اهو سمنڊ ۾ اندر داخل ٿي، لڪڻ بدران سمنڊ
جي مٿاڇري تي پري پري تائين پکڙجندو رهي ٿو.
”تاسمن اسپرٽ جهاز“ (جيڪو پاڪستاني اخبارن ۾ ته يوناني
جهاز سڏبو رهيو- شايد سندس يوناني ڪئپٽن ڪئرسٽينو ڊيميٽرياس جي
ڪري) ميڊيٽرينين سمنڊ جي ٻيٽ مالٽا جي بندرگاهه ۾
رجسٽرڊ ٿيل هو ۽ سندس مالڪ ”اسيمينيا مئريٽائيم
لميٽيڊ“ وارا وليٽا (مالٽا) جا آهن. هن جهاز مان
وهي نڪرندڙ تيل ڪراچيءَ جي ڪلفٽن ۽ ڪياماڙيءَ کان
وٺي، پنجاهه کن ميلن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
تيل جي زهريات ڪري چوڌاري مڇين جا ڍير ٿي ويا. تيل
مان نڪرندڙ گئسن، اوسي پاسي جي رهاڪن جي زندگي زهر
ڪري رکي. ڪئين هزارين فئمليون ڪلفٽن، ڊفينس،
ڪياماڙي جهڙي علائقي مان عارضي طور لڏي ويون. سوين
گلي، ڦڦڙن ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي، اسپتالن
۾ داخل ٿي ويا. ڪجهه فارين جي اخبار وارن ۽ مڪاني
ٽي وي جي فوٽو گرافرن جهاز جي ويجهو وڃي جلدي جلدي
فوٽن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هيڪاندين گئسن ڪري بيهوش
ٿي ويا ۽ کين اسپتال کڻي وڃڻو پيو ۽ پوءِ ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ
13000
وڌيڪ تيل، هن جهاز جي ٽانڪين
مان ڳڙي سمنڊ سان ملي ويو ۽ جهاز بندرگاهه واري
علائقي مان ٻاهر نڪرڻ بدران ٻه اڌ ٿي ويو.
پاڪستان جي تيل صاف ڪرڻ واري هڪ ڪمپني ”پاڪستان ريفائينري
لميٽيڊ“ دستور موجب عرب امارات مان تيل گهرائڻ
لاءِ، پاڪستان جي قومي جهازران ڪمپني
PNSC
کي تيل گهرائڻ لاءِ، چيو، جن وٽ تيل بردار جهازن
جي کوٽ هجڻ ڪري، هنن مالٽا ٻيٽ جي هڪ ڪمپني
Polembros shipping Ltd وارن سان ڳالهايو، جيڪي ڏينهن جي حساب سان
يا مقرر مسافريءَ موجب ڀاڙي تي جهاز ڏيندا رهن ٿا.
هنن هڪ جهاز
Tasman spirit
نالي پنهنجي عملي سان
PNSC
حوالي ڪيو ۽ اهو
Voyage charter طور ڏنو ويو، يعني
PNSC
هنن کي مقرر ٻولايل ڀاڙو ڏيندي
۽ جهاز ايران مان تيل کڻي، ڪراچيءَ ۾ لاهڻ بعد
آزاد رهندو. جهاز جي عملي جو پگهار، کاڌو پيتو ۽
ٻيو خرچ پکو جهاز جا مالڪ ڀريندا. بهرحال اها هڪ
عام ڳالهه آهي ۽ ضرورت موجب مختلف ڪمپنيون، هڪ ٻئي
کي جهاز ڀاڙي تي ڏينديون رهن ٿيون. جيئن ڪي بسون
في مسافر جي حساب سان ڀاڙو ڪمائين ٿيون، ته ڪي
پڪنڪ پارٽيءَ يا شاديءَ جي ڄڃ کڻي، يڪو ڏينهن جي
حساب سان يا منزل تي پهچائڻ ۽ واپس آڻڻ جي حساب
سان ڀاڙو طئي ڪن ٿيون. حج جي موسم ۾ به جڏهن حاجين
جو تعداد تمام وڌي ويندو آهي يا اسان جي
PIA جا جهاز خراب ٿي ويندا آهن ته ٻين ملڪن مان مسواڙ تي ورتا
ويندا آهن.
تاسمن اسپرٽ ڪو نئون جهاز نه هو، اٽڪل
25
سال پراڻو هو، پر ان سان ڪو فرق نٿو پوي. جيڪڏهن
جهاز جا ڪاغذ پٽ صحيح آهن، يعني ڪلاسيفڪيشن
سوسائٽيءَ طرفان هن جي هر شيءِ ۽ مشينري جي چڪاس
ٿيل آهي ۽
Sea worthiness جو سرٽيفڪيٽ مليل آهي ته، اهو جهاز ان نئين جهاز کان بهتر آهي،
جنهن ۾ ڪا خامي هجي، جنهن ڪري ان جي ٻُڏڻ يا سڙڻ
جو انديشو هجي. ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيءَ وارن جو
انشوئرنس ڪمپينءَ سان واسطو رهي ٿو، بلڪ دنيا جون
ڪيتريون ئي ”ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيون“ انشوئرنس به ڪن
ٿيون. سو ظاهر آهي ته ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي غلط
سرٽيفڪيٽ هرگز نه ڏيندي، ڇو جو جهاز جي ”سي وردي“
هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ بعد جهاز جي حادثي جي قيمت ان
کي ئي ڀرڻي پوي ٿي.
Tasman Spirit
جهاز
1979ع ۾ جپان جي Onomichi Zosen
ڪبوشيڪي شپ يارڊ ۾ ٺهيو ۽ سندس ان وقت
Kenko Maru نالو رکيو ويو، جيڪو پوءِ فقط
Kenko
جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ڪجهه سالن بعد ان کي ڪنهن
ٻئي خريد ڪيو ۽ سندس نئون نالو
Mabini
رکيو. ان بعد تاسمن اسپرٽ، ۽
پوءِ
Hyperion
۽ پوءِ هيمنگوي رکڻ بعد
1998ع
۾ ان جو نالو وري پراڻو
Tasman Spirit
رکيو ويو. مشهور ڪالم نگار ۽
جهازران ڪمپنيءَ جي پارسي ملڪ اردشير ڪائوسجي
ٻُڌايو ته، جهاز جو اهو نالو تاسمان اسپرٽ گهڻو
ڪري سترهين صديءَ جي ڊچ نيويگيٽر (جهازران) ”ابل
جانسزون تاسمان“
جي پٺيان آهي، جيڪو
1603ع
۾ ڄائو ۽
1659ع
۾ وفات ڪيائين، جنهن آسٽريليا جو حصو تاسمانيا،
نيوزيلينڊ، ٽونگا ۽ فجي ٻيٽ ظاهر ڪيا.
PNSC
جي طرفان تاسمان اسپرٽ چارٽر ٿيڻ تي، جهاز جو
ڪئپٽن جهاز کي دبئي وٺي ويو، جتان
67500
ٽن ايراني پيداوار جو تيل،
جيڪو
Light crude oil
سڏجي ٿو، جهاز ۾ پاڪستان ريفائينري لاءِ پائي،
26
جولاءِ تي پوري ساڍي ٻارهين بجي منجهند جو،
ڪراچيءَ کان ٽي چار ميل پري کلي سمنڊ ۾ اچي لنگر
ڪيرايو. سمنڊ جو اهو حصو ڪراچي جو آئوٽر ائنڪريج
سڏجي ٿو. دنيا جي هر بندرگاهه جو
Outer Anchorage ٿئي ٿو، جتي ولايت پار کان موٽڻ وارا
پنهنجا توڙي پراوا جهاز سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي،
بندرگاهه ۾ اندر اچڻ لاءِ پنهنجي واري جو انتظار
ڪندا آهن. بندرگاهه وارا روزانو هڪڙا جهاز
بندرگاهه کان ٻاهر ڪڍي، انهن جي جاءِ تي ٻيا
آڻيندا آهن ۽ هي سلسلو ان وقت شروع ٿيندو آهي،
جڏهن سمنڊ جي وير چڙهندي آهي، يعني
High Tide ٿيندي آهي. دنيا جي مڙني سمنڊن تي
24
ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا وير چڙهي ٿي، ته ٻه دفعا صفا لهيو
Low
ٿيو وڃي. وير چڙهڻ وقت چوڌاري،
ويندي بندرگاهه اندر، پاڻيءَ جي ليول مٿي ٿيو وڃي
۽ اهو وقت جهازن کي بندرگاهن ۾ آڻڻ يا ٻاهر ڪڍڻ
لاءِ بهترين ٿئي ٿو، ڇو جو پاڻيءَ جي گهڻي اونهائي
(Depth)
هجڻ ڪري، جهاز جي تري
(Keel)
جو زمين کي ڇُهڻ جو خطرو نٿو رهي.
Low Tide
۾ پاڻيءَ جي ليول گهٽ هجڻ ڪري، گهڻي وزن واري جهاز
کي بندرگاهه ۾ آڻڻ جوکم جو ڪم ٿيو پوي، ڇو جو حساب
جي ٿوري غلطي
(Miscalculation)
يا غلط اندازي ڪري، جهاز جو
ترو زمين کي ڇُهي سگهي ٿو، جنهن کي جهاز جو
گرائونڊ ٿيڻ سڏجي ٿو.
Ground ٿيڻ تي جهاز تري جي مٽيءَ ۾ کونئر
وانگر چنبڙيو پوي ۽ پوءِ جڏهن مٿاهين وير (هاءِ
ٽائيڊ) شروع ٿئي يا جيسين جهاز تان چڱو خاصو سامان
خارج ڪجي (جيئن اهو هلڪو ٿئي) جهاز سمنڊ جي تري جي
(يا سمنڊ جو ترو جهاز جي) جان نٿو ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن
ته جهاز اهڙو ته خراب طريقي سان گرائونڊ ٿي ويندا
آهن (خاص ڪري جڏهن رفتار ۾ هلندڙ جهاز گرائونڊ ٿئي
ٿو) جو ان جو ٻاهر نڪرڻ محال ٿي پوي ٿو ۽ ان کي
ڪڍڻ لاءِ خاص قسم جا ٽگ جهاز گهرائڻا پون ٿا، جيڪي
مڪينيڪلي يا هئڊراليڪلي جهاز کي ڇڪي ٻاهر ڪڍن ٿا ۽
ان تي ايڏو وڏو خرچ اچي ٿو جو جهازن جي مالڪن کي
هارٽ اٽيڪ کان گهٽ بيماري نٿي ٿئي ۽ ائين رفتار ۽
جهٽڪي سان جهاز جي گرائونڊ ٿيڻ جو اثر، جهاز جي
انجڻ تي پڻ تمام خراب پوي ٿو، جيڪي اثر هڪ مڪينيڪل
انجنيئر چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ۽ ان کان وڌيڪ
تفصيل ۾ نقصان مئرين انجنيئر سمجهي سگهي ٿو، خاص
ڪري گرائونڊ ٿيڻ مهل جيڪا سمنڊ جي تري جي مٽي يا
ريتي جهاز جي پروپيلر وٽ، اسٽرن ٽيوب مان داخل ٿي
Propeller shaft bearing جو خانو خراب ڪري ٿي، جيڪا شيءِ سڄي جهاز کي لولو لنگڙو
بڻايو ڇڏي.
جهاز کي آئوٽر ائنڪريج کان اندر بندرگاهه ۾ آڻڻ يا ٻاهر ڪڍڻ
لاءِ هر بندرگاهه جا پنهنجا جهازي ڪئپٽن ٿين ٿا،
جيڪي جهازي دنيا ۾ ”پائليٽ“ سڏجن ٿا. اسان جي
ڪراچي پورٽ يا قاسم پورٽ کي به پنهنجا پنهنجا
ڏهاڪو کن پائليٽ آهن، جيڪي تجربيڪار ڪئپٽنن مان
چونڊيا وڃن ٿا. هنن پائليٽن کي پنهنجي بندرگاهه جي
انچ انچ جي ڄاڻ رهي ٿي ته، ڪهڙي هنڌ پاڻيءَ جي
ڪيتري ليول آهي ۽ سمنڊ اندر ڇا ڇا آهي. سمنڊ جي
مٿان ڪهڙي ڪهڙي هنڌ
Buoy
۽ بيڪن آهن ۽ انهن جو مطلب ڇا آهي ۽ ڪيتري وزن
واري جهاز کي مختلف هنڌن تان، ڪيتري رفتار سان
هلائجي ۽ بندرگاهه ۾ اندر پهچڻ لاءِ جيڪي موڙ اچن
ٿا، انهن موڙن اچڻ کان ڪيترو اڳ جهاز کي موڙڻ شروع
ڪجي ۽ ڪيئن جهاز جي انجڻ اڳواٽ بند ڪرائجي، جيئن
مقرر هنڌ تي جهاز اچي بيهي (Stop ٿئي)، ڇو جو پاڻي واري جهاز ۾ ته بريڪ ٿئي
ڪانه ۽ ڪيئن ٽگ (طاقتور ٻيڙين) ذريعي جهاز کي پاسن
کان ٿونا هڻائي (ڌڪا ڏياري) جيٽيءَ سان لڳائي
بيهارجي، جو اهو
Parallel parking
وارو ڪم جهاز پاڻ مرادو نٿو
ڪري سگهي.
هي تيل بردار جهاز ”تاسمان اسپرٽ“
67500
ٽن تيل کڻي،
26
جولاءِ
2003ع
تي ڪراچي ائنڪريج تي پهتو، جتي هڪ ڏينهن انتظار
ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن
27
تاريخ، جهاز کي بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ،
منجهند ڌاري
11 بجي جهاز تي پائليٽ چڙهيو. هڪ عام پڙهندڙ جي معلومات
لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته، جهاز کي بندرگاهه ۾
يا بندرگاهه کان ٻاهر، جيتوڻيڪ بندرگاهه جو پائليٽ
(ڪئپٽن) ٿو ڪڍي، تڏهن به قانوني طرح جهاز تي رکيل
سامان ۽ جهاز جي سلامتيءَ جو جوابدار جهاز جو
ڪئپٽن ليکيو وڃي ٿو.
ڪراچيءَ ۾ هرڪو جهاز منهوڙي واري ڪنڊ وٽان ڦري، پوءِ کاٻي پاسي
ڪياماڙي ڏي اچي ٿو. منهوڙي واري اها ڪنڊ جيڪا بريڪ
واٽر به سڏجي ٿي، جو اُن ڪري عربي سمنڊ جي خوفناڪ
لهرن جي جوش جو اثر جهڪو ٿيو وڃي ۽ اندر واري پاسي
بگڙيل سمنڊ شانت ۾ رهي ٿو. ان موڙ وٽ ساڄي پاسي
اوسٽر راڪس به آهن، جن جي وڌيڪ ساڄي پاسي اسان جو
ڪلفٽن وارو سمنڊ آهي. بندرگاهه ڏي ايندي وقت، ان
منهوڙي واري بريڪ واٽر کان پوءِ، اٽڪل
1245
تي جهاز گرائونڊ ٿي ويو. يعني جهاز ايترو ڳرو ۽
هيٺاهون هو، يا سمنڊ جي ليول ايتري گهٽ هئي، جو
جهاز جو ترو سمنڊ جي تري سان ڄمي ويو ۽ انجڻ جي
اڳيان پويان هلائڻ جي باوجود، جهاز هڪ انچ به چرڻ
کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو. بندرگاهه جي مُنهن وٽ ڪو
جهاز گرائونڊ ٿي وڃي، خاص ڪري ٽئنڪر، سا هڪ خطرناڪ
ڳالهه آهي، جنهن جي خطري جا گهنڊ واسطيدار عملدارن
جي ڪنن اڳيان وڄڻ لڳا. سڀ ٻيا ڪم ڪاريون ڇڏي، هن
مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ گڏ ٿي ويا. هي اطلاع جهاز
جي مالڪن تائين به پهچي ويو. بقول جهازن جي ”بزنيس
۽ قانون جي ڄاڻو“ اَردشير ڪائوسجي جي، جهاز جي
مالڪن کي شابس هجي، جن هن جهاز مان تيل ڪڍي هلڪو
ڪرڻ خاطر (جيئن جهاز زمين جو تر ڇڏي مٿي ٿي بيهي ۽
انجڻ هلائڻ سان اڳتي وڌي مقرر هنڌ تي بيهي) پنهنجي
ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جهاز
Endeavour II
نالي ڪراچيءَ روانو ڪيو، جيڪو
31 جولاءِ تي پوري ڏهين بجي صبح جو ڪراچي پهچي ويو. هنن
Salvage لاءِ به رضامندي ڏيکاري، جنهن لاءِ هنن
”لائڊ اوپن سالويج فارم“ ڀريو جيڪو
“No cure – No pay” بنياد تي، هڪ ڊچ ڪمپنيءَ سان طئي ٿيو. دنيا ۾ ڪيترائي
بندرگاهه آهن جتي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ”سالويج
ڪمپنيون“- يعني جهازن کي بچائڻ جي ڪمپنين جون
آفيسون آهن. انهن وٽ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ننڍڙا
طاقتور جهاز ٿين، جيڪي
Salvage Tugs سڏجن ٿا، انهن ٽگن ذريعي هو گرائونڊ ٿيل- يعني زمين جي تري ۾
ڦاٿل جهاز کي ڇڪي، اونهي پاڻيءَ ۾ آڻينِ يا ٻُڏل
جهاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪي مٿي آڻين ۽ انهن ۾
ڀرجي ويل پاڻي يا تيل ڪڍي، مرمت ڪري جهاز کي
بچائين. يا ڪنهن تباهه ٿيل جهاز کي جيڪو هاڻ ٻين
جهازن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي پيو آهي (۽ ٻين جهازن
جو ان سان ٽڪرائجي حادثو ٿيڻ جو خطرو آهي) کي مٿي
ڇڪي
Gas cuttings
يا ٻين اوزارن سان، لوهي جهاز
جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، پوءِ اتان کڻائي، اسڪريپ يارڊ
(گڊاني وغيره) ۾ ڪٻاڙيءَ حوالي ڪرڻ ۾ مدد ڪن، ان
ڪم جو اجورو هو ڏينهن جي حساب سان وٺن يا
“No cure – No pay”
جي حساب سان طئه ڪن. يعني جي توهان ان جهاز کي
چاهي هڪ ڏينهن ۾ بچائي ويائو ته توهان کي فل اجورو
ملندو، پر جي بچائي نه سگهيائو ته هڪڙو پئسو به نه
ملندوَ. چاهي توهان ان ڪم پويان توهان جي ٽگ ۽
ماڻهن، مهينو ڏينهن راتين پورهيو ڪيو هجي. ڪجهه
اهڙا ماڻهو آهن جيڪي جهاز خريد ڪري سامان کڻن ٿا
يا مسافر کڻن ٿا ۽ ڀاڙو ڪمائين ٿا. سالويج ٽگ وارن
جا جهاز بندرگاهن ۾ ئي بيٺا رهن ٿا يا اوسي پاسي ۾
ڦرندا رهن ٿا. هنن کي هر وقت اهو انتظار هوندو آهي
ته، ڪنهن وقت ڪنهن جو ٿو جهاز خراب ٿئي ۽ کين مدد
لاءِ سڏ ٿئي ۽ ڪا ڪمائي ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو
مهينو بک تي ويٺا هوندا آهن، نه طوفان لڳندو آهي ۽
نه ڪو جهاز ٻُڏندوآهي ۽ جهاز ٻُڏڻ تي به ڪمائيءَ
جي پڪ ته هوندي ناهي، جو ان معاملي ۾ جهاز بچائڻ
واري ڪمپني
(Salvage Co.)
جو جهاز ٻوڏڻ وارن سان
No cure-No pay
جي بنياد تي ئي معاهدو ٿئي ٿو ۽ ڪٿي ٿو ائٽلانٽڪ،
اڊارڪٽڪ، بالٽڪ جهڙن اونهن خطرناڪ سمنڊن ۾، سياري
جي طوفاني راتين ۾ ٽڪرايل سمورن جهازن جو بچاءُ ٿي
سگهي. اهي هڪ دفعو سڌو سمنڊ جي تري ۾ هليا وڃن ٿا
ته وري ٻاهر نٿا نڪرن، جو سالويج ٽگ وارن کي سندن
پورهئي جو اجورو ملي سگهي. منهنجي به هڪ ٻن جهازي
دوستن جي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ سالويج ڪمپني آهي.
هنن هڪ ٻه ٽگ خريد ڪري، ڏهاڪو کن ماڻهو
Employ
ڪري رکيا آهن. گذريل سال سنگاپور واري دوست وٽ ٻه
ڏينهن کن رهيس. هو ملئي مسلمان آهي. ٻئي ڏينهن فجر
نماز تي سندس گهران، سرنگون نارٿ ايوينيو تان،
سنگاپور جي ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيل مسجد استقامت ۾ فجر
نماز لاءِ آياسين، جيڪا
Yio Chu Kang
۽ انگ موکيو روڊ جي ڪنڊ تي آهي. نماز بعد
Ang Mo Kio
روڊ تي هڪ تامل انڊين جي
ريسٽورنٽ ۾ چانهه لاءِ ويهي رهياسين.
”ڪئپٽن ذوالقفلي! نماز بعد ڪهڙيون پئي ڊگهيون دعائون گهريئي؟“
مون پنهنجي دوست کان پڇيو، جنهن جو سنگاپور
Ship salvage
جو بزنيس آهي ۽ مهيني کن کان هن جو ڪاروبار ٺپ
آهي، يعني اوسي پاسي ۾ ڪو جهاز ٻُڏو يا سڙيو ناهي
جنهن کي بچائي هو روزگار ڪمائي.
هن کلندي وراڻيو: ”بس يار اهائي پئي الله کان دعا گهريم ته جڳ
جهان کي مصيبتن کان بچائجانءِ، ويندي دشمنن جي
جهازن کي به سلامت رکجانءِ، پر روزي رزق ڏيڻ وارو
به تون آهين. اسان جو به سوچجانءِ...“
مون کان به ٽهڪ نڪري ويو، چيومانس ته جيئن اخبار وارن لاءِ خراب
خبر ئي سٺي خبر هوندي آهي، تيئن توهان ”شپ سالويج“
وارن لاءِ جهاز جو ٻُڏڻ سٺي خبر آهي.
”بس ڇا ڪجي. اسان جو روزگار ان ۾ لکيل آهي. جهازن وارا به اهڙا
ڪنجوس آهن، جو آخر تائين پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا
رهندا، پوءِ جڏهن بنهه پڄي نه سگهندا، ته پوءِ
جهاز تان رڙ ڪري، اسان کي چوندا ته جهاز بچائڻ
واري معاهدي جا ڪاغذ موڪليو ته هاڻ ڀلا صحيح
ڪريون.“
بهرحال هن ڪراچيءَ ۾ ڦاٿل
Tasman Spirit
جهاز کي ڇڪڻ لاءِ، ساليوج ڪمپنيءَ جي ٻن ٽگ
Umka
۽ هڪ ٻئي
Fair jolly
نالي جيڪو ننڍڙو آئل ٽئنڪر به
هو، بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيتوڻيڪ منجهانس ويهه
هزار کن تيل ڪڍي هلڪو به ڪيو، پر جهاز هيڏانهن
هوڏانهن چرڻ بدران ٻه اڌ ٿي پيو، ان ڪري منجهانئس
وڌيڪ تيل سِمندو رهيو. چوڌاري تيل پکڙجڻ ڪري
سامونڊي جيوت کي وڏو نقصان رسيو. ڪيترائي مڇين جا
قسم، ڪميون، کيکڙا، گانگٽ ۽ سپون تيل جي زهريات ۾
تباهه ٿي ويا. سامونڊي اڇا پکي جن جو گذر سفر
سامونڊي شين تي ٿئي ٿو، اهي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ يا
سمنڊ تي ترڻ ڪري تيل ۾ ڪارا ٿي ويا ٿي. ڪيترا ته
گهڻي تيل لڳڻ ڪري اُڏامڻ کان ويهي رهيا. تيل مان
نڪرندڙ زهريلي گئسن کي گهٽائڻ لاءِ هوائي جهاز ۽
هيليڪاپٽر ذريعي مختلف دوائون ۽ پائوڊر ڇڻڪايا
ويا. بهرحال قصي کي ختم ڪجي، آخر مختلف ملڪن کان
اهم تجربيڪار ۽ ماڊل ”سالويج ٽگ“ گهرايا ويا، جن
مختلف طريقن سان جهاز ۾ باقي بچيل تيل ڪڍي، جهاز
جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ڪرينن ذريعي بارجن ۾ چاڙهي،
جهازن جي قبرستان- گڊانيءَ موڪليا، جتي جي ڪٻاڙين
جهاز جي لوهه، ٽامي، پتل ۽ ڪاٺ جي شين کي مختلف
ڪارخانن ۽ ڪٻاڙين کي وڪرو ڪيو. منهنجي خيال ۾ دنيا
جي شايد ئي ڪا اخبار هجي، جنهن ۾ هن حادثي جي خبر
نه ڇپي هجي. پاڪستان جي ته ڪيترن ئي رسالن:
هيرالڊ، نيوز لائين، تڪبير جهڙن ته هن جهاز سان
واسطو رکندڙ خبرن کي ٽائيٽل ڪور تي پڻ ڏنو. |