سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :17

قزاقن جي عجيب دنيا...

ملائيشيا جي ملاڪا نار، جنهن جي ڪپر تي منهنجو گهر هو، اتان هڪ ٻيڙيءَ ذريعي، هتي جو هڪ سردار مونکي ملاڪا نار جي ٻي ڀر تي، هڪ ويران ٻيٽ تي وٺي آيو. منهنجي چوڻ تي هن مونکي انڊونيشيا جي هڪ اهڙي خاندان سان ملائڻ ٿي چاهيو، جنهن جو ابن ڏاڏن کان Piracy جو ڪم رهيو آهي. چوڌاري سوين ٻيٽن جي جهڳٽي ۾ هي ٻيٽ هو، جيڪو ظاهري طرح ته انساني آباديءَ کان خالي لڳي ٿو، پر پوءِ سونهين ذريعي جيئن جيئن گهاٽي جنگل ۾ اندر گهڙندا وياسين ته پهرين رول ڪتا ۽ ڪڪڙ نظر آيا ۽ پوءِ پيرين اُگهاڙين ٻار ۽ پوءِ بيحد گهاٽي جنگل ۾ جتي ماڻهوءَ جي قد جيڏو ته گاهه هو، جهوپڙيون ۽ ملئي نموني جا گهر ظاهر ٿيا. مونکي 1987ع جو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن مهيني ٻن جي موڪل تي آئون ڳوٺ آيو هوس ۽ ڀر واري ڳوٺ جو وڏيرو مونکي منهنجي چوڻ تي، قاضي احمد واري پاسي کان هڪ وڏيءَ ٻيڙيءَ تي جيپ رکي، درياهه ٽپي، سن شهر ۾ سائين جي ايم سان به ملڻ ويا هئاسين، ته ڪچي جي ٻيلي ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڌاڙيلن سان به ملڻ ويا هئاسين. انهن جي ۽ هنن انڊونيشيا جي ڌاڙيلن جي ڪا مختلف زندگي نه آهي. فرق فقط اهو آهي ته اسان جو سنڌي ڌاڙيلن، اسان جي معاشري ۾ انصاف نه هجڻ ڪري، وڏيرن سردارن جي ظلمن ڪري، پنهنجي نارمل زندگي ڇڏي مجبور ٿي، هينئن لِڪ ۽ ڏوهه جي زندگي گذاري رهيو آهي. ۽ هي ملئي نسل جو سامونڊي ڌاڙيل ڪجهه بيروزگاري ڪري ڪجهه ان کي اباڻو ڌنڌو سمجهي، هنن انڊونيشي ويران ٻيٽن تي لِڪُ جي زندگي گذاري رهيو آهي.

”اڄ جڏهن توهان جو علائقو ايڏو ته خوشحال ٿي ويو آهي، جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو روزگار لاءِ هتي اچن ٿا، پر توهان اهي ئي چوريءَ جا ڪم ڪندا رهو ٿا؟“ مون هڪ رٽائرڊ پوڙهي چور کان پُڇيو.

”هن سامونڊي درياهه (ملاڪا نار) جي هُن ڪپر واري ملڪ ملائيشيا ترقي ڪئي آهي.“ هن وراڻيو، ”ڪپر جي هِن پار اسان جو انڊونيشيا جهڙو هو تهڙو ئي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هي اسان جي وڏن جو ڌنڌو آهي (يعني جهازن جي ڦر ڪرڻ) ۽ هن کي اسان مردن جو ڪم سمجهون ٿا.“

هن ڪراڙي رٽائرڊ قذاق مڙس جو هڪ جملو ٻُڌي ته، ”اسان تيسين ڪنهن کي بالغ نه سڏيندا آهيون، جيسين هو ملاڪا نار مان لنگهندڙ ڪنهن جهاز مان ڦر ڪري نه اچي.“ مون وانگر ڪيترن کي سنڌيءَ جي مشهور ليکڪ نسيم کرل جو افسانو ”پهرين مراد“ ياد ايندو هوندو. جنهن ۾ ڌاڙيل پنهنجي پٽ کي ٿڪ بُجو ڪندو رهي ٿو ته، سڄو ڏينهن رڳو کٽون پيون ڇنين. مُنهن ۾ ڏاڙهي مڇون اچي ويون اٿئي، پر اڃا ڪا ڪنهن جي مينهن ڍڳي چورائي نه آيو آهين.“ هو پنهنجي دوستن اڳيان مُنهن کڻڻ جهڙو نه رهيو آهي، جيڪي هن کي هر وقت اهو ڏوراپو ڏيندا رهن ٿا ته، تنهنجو پٽ اڃا بالغ نه ٿيو آهي ڇا. ”منهنجا ماڻهن سان پير ڀريل آهن،“ هو پنهنجي پٽ کي چوي ٿو، ”تون جنهن پاسي ويندي، توکي مدد ڪرڻ ۽ لڪائڻ لاءِ منهنجا دوست نظر ايندا.“ وغيره وغيره. ۽ پوءِ هن جي پٽ کي غيرت اچي ٿي ۽ رات اندر درياهه ٽپي، ڪنهن جي ٿلهي متاري مينهن چورائي، اچي کٽ جي پائي سان ٻَڌي ٿو. صبح جو ان کي ڏسي پيءُ کي به خوشي ٿئي ٿي. ”واهه جي چوري ڪئي اٿئي. ڀاڳين کي بخار چڙهي ويا هوندا.“ پر پٽ پيءُ جي واکاڻ ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري، سمهي رهي ٿو. ٿوري دير به ڪا مس ٿي ته مينهن جا مالڪ پيرا کڻي، اچي هنن وٽ نڪتا.  ٻاهران سڏ ٿيڻ تي پيءُ هنن سان ملڻ ويو ۽ پوءِ ٿوري دير بعد اندر آيو ۽ پٽ کي ننڊ مان اُٿاري ڦٽ لعنت ڪري چيائين: تون مينهن چورائي آيو آهين، سا به منهنجي دلبر ۽ دوست جي! هاڻ هو اندر چڪاس ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. مون لاءِ ته ٻُڏي مرڻ آهي.“

پٽ پيءُ سان تکو ٿيندي چيو: ”خبردار بابا جي چوري باسي اٿئي. هي منهنجي پهرين مراد آهي. گهر آيل مهمانن کي نيرن ڪرائي پوءِ وٺي اچ.“

جيسين مهمان نيرن ڪن، تيسين پٽ مينهن کي سير وڌي ۽ پوءِ وڏي کڏ کوٽي ان ۾ دفن ڪري، مٽي ورائي، مٿان کٽ رکي سمهي رهيو. هوڏانهن مينهن جي ڳولا وارا نيرن ڪري اندر آيا. هنن هڪ هڪ ڪنڊ ڳولي، پر کين پنهنجي ڀلوڙ مينهن نظر نه آئي. ڀاڳئي موڪلائڻ وقت پنهنجي دوست کي ڀاڪر پائي چيو، ”مبارڪون هجنئي اڄ توکي پٽ ڄائو آهي.“

سو هتي جي ڌرتيءَ يعني Malay Archipelago جي ڪيترن Pirates قذاقن ۽ اسان جي چورن جي ڪهاڻي ۽ ڪلچر ڪجهه ڪجهه ساڳيو آهي.

جن ڏينهن ۾ هندستان ۾ اورنگزيب مغل بادشاهه جي حڪومت هئي، انهن ڏينهن ۾ ڪئپٽن وليم ڪڊ نالي هڪ قذاق هندستان جي مالا بار ڪناري وٽان لنگهندڙ جهازن لاءِ وڏي باهه ٻاري هئي. پاڻ انگريز هو، پر هن ڌارين جهازن تي ته ڦر ڪئي ٿي، پر پنهنجن کي به نه بخشيائين. ڪئپٽن ڪڊ (هن قسم جا سڀ ڌاڙيل ڪئپٽن سڏجن ٿا، جو اهي ڌاڙيلن جي گئنگ جا ليڊر هجڻ سان گڏ نيويگيشن جي به ڄاڻ رکن ٿا) پهرين نيويارڪ پاسي ننڍا ننڍا ڌاڙا هڻندو هيو. وڏو دلير هو سو انگلينڊ جي حڪومت هن کي هڪ جهاز تي 34 کن توبون (Cannons) هڻائي ڏنيون ته، هو مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي اردگرد موجود قذاقن کي تباهه ڪري ۽ اتان لنگهندڙ فرانس جي جهازن کي سوگهو ڪري .

ڪئپٽن ڪڊ انگريز سرڪار کان مليل 80 خلاصي ڇڏي، هڪ سؤ کن رهزن قسم جا غنڊا جهاز تي چاڙهيا ۽ خوب ڦرلٽ مچائي ۽ مئڊا گاسڪر کي ڇڏي اچي انڊيا جي ڪناري کان نڪتو ۽ فرانس جا جهاز ته ڇا، پر جنهن حڪومت کيس پگهار تي رکيو هو، انهن جي به جهازن تي حملا ڪري سون، چاندي، هيران جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال لٽيائين. ان بعد مال جي ونڊ ورڇ ڪرڻ لاءِ نيويارڪ پهتو ته هو جهلجي پيو. کيس لوهي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري انگلينڊ پهچايو ويو، جتي هن کي موت جي سزا ڏني وئي. ڪئپٽن ڪڊ جو موت تمام خوفناڪ قسم جو ٿيو جنهن رسيءَ سان کيس ڦاهيءَ لاءِ ٽنگيو پئي ويو، اها ٻه دفعا ڇڄي پئي ۽ پوءِ ٽئين دفعي سندس مڻڪو ٽٽي پيو ۽ موت آيس. سندس مرڻ بعد کيس تارڪول (ڏامر) ۾ ٻوڙي، رسين ذريعي ٿيمس ندي مٿان لڙڪايو ويو. ڪئپٽن ڪڊ تمام مختصر عرصو قذاق تي رهيو، پر ڏاڍا ماڻهو (جهازي) ماريائين ۽ وڏي ڦرلٽ ڪيائين. ڦاهيءَ تي چڙهڻ وقت سندس شعر نما تقرير تمام مشهور آهي. چي:

My name was Captain Kidd, when I sail’d, when I sail’d,

And so wickedly I did, God’s laws I did forbid, When I Sail’d, when I sail’d.

I murder’d William Moore, And laid him in his gore,

Not many leagues from shore, When I Sail’d.

Farewell to young and old, All jolly seamen bold,

You’re welcome to my gold, For I must die, I must die.

Farewell to Lunnon town, The pretty girls all round,

No pardon can be found, and I must die, I must die, Farewell, for I must die,

Then to eternity, in hideous misery, I must lie, I must lie.

سترهين ارڙهين صديءَ ۾ انگريز، فرينچ، اسپيني، پورچوگالي هڪ طرف ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن کي پنهنجيون ڪالونيون ٺاهيندا ويا (ٻين لفظن ۾ انهن ملڪن مان قيمتي مال جا جهاز ڀرائي، پنهنجي ملڪ ڏي کڻائي پئي ويا) ته ٻئي طرف آفريڪا کنڊ مان- خاص ڪري اولهه واري ڪناري جي ملڪن جا ڏٽا مٽا شيدي جهلي انهن کي غلام ڪري، آمريڪا وڪري لاءِ موڪليندا رهيا، جتي سندن ٻين يورپي ڀائرن کي پوک جي ڪم ۽ کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ سستو مزور ٿي کتو. آمريڪا ۾ جيڪا پوک ٿئي ٿي- خاص ڪري تماڪ، ڪمند، جنهن مان کنڊ ٺاهي وئي ٿي، شراب ٺاهيو ويو ٿي، ڪافي وغيره ۽ کاڻين مان جيڪو سون چاندي ۽ هيرا جواهر نڪتا ٿي، انهن جا جهاز ڀري پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪليا ٿي. هي سمورا يورپي ملڪ، هاڻي سڌري پيا آهن ۽ وتن ٿا اسان جهڙن کي نصيحتون ڪندا، نه ته انهن ڏينهن ۾ هنن جي هڪ ٻئي سان هر وقت لڳي رهي ٿي. هڪ ٻئي کي نقصان رسائڻ ۽ هڪ ٻئي جون چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ لاءِ هنن پگهارن تي قذاق (سامونڊي ڌاڙيل) رکيا، جن کي پوءِ ڦُر مان اهڙو مزو آيو جو هنن پنهنجن کي به نه ڇڏيو. مٿن ڪنٽرول ڪرڻ مسئلو ٿي پيو. (جيئن اسان جي وڏيرن ڌاڙيل پاليا جي پوءِ کين به رکي رکي اکيون ڏيکارڻ لڳا.) انهن ئي سامونڊي ڌاڙيلن مان هڪ چارلس بيلاني هو، جنهن پوءِ پنهنجن ئي انگريز جهازن جي آمريڪا جي ڪناري وٽ ڦر شروع ڪري ڏني ۽ هو ان ڦرلٽ مان ايڏو ته مالدار ۽ طاقتور ڌاڙيل ٿي پيو، جو هو وقت جي حڪومتن کي چئلينج ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ اڄ واري آمريڪا جو ڪجهه حصو انگريزن جي قبضي ۾ هو ته ڪجهه فرينچن جي، ڪجهه ڊچن جي ته، ڪجهه هسپانوي ۽ جرمن جي. ۽ اهي يورپي قومون ننڍيءَ ننڍيءَ ڳالهه تان آمريڪا جي سرزمين تي به وڙهي رهيون هيون، ته پنهنجي يورپي کنڊ ۾ به ته ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ به. سموري جنگ زمين هٿ ڪرڻ، اهم سامونڊي رستن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ، واپار تي پنهنجو قبضو رکڻ تي هئي ۽ انهن ڦورن حڪومتن کي ڦرڻ لاءِ وري سندن ڦورو ڌاڙيل پيدا ٿي پيا هئا. هن ڌاڙيل هڪ واهه جي ڳالهه ڪئي ته، انگريز حڪومت اسان کي Scoundrels (ڦورو، ڌاڙيل) ٿي سڏي، دراصل ڦورو ته پاڻ به آهن. فرق فقط اهو آهي جو هو قانون جي ڇٽيءَ هيٺ غريب ماڻهن کي ٿا ڦرين ۽ اسان انهن چور اميرن کي ٿا ڦُريون ۽ پنهنجي همٿ سان.

چارلس بيلاني اهو مشهور قذاق آهي، جنهن 1717ع ۾ اعلان ڪيو هو ته:

 “I am a free prince! I have as much authority to make war on the whole world..”

”آئون آزاد شهزادو آهيان! مونکي به ايتري طاقت آهي جو سڄي

دنيا سان جنگ جوٽي سگهيان ٿو، ڀلي کڻي مخالف ڌر کي هڪ سؤ جهاز هجن ۽ وڙهڻ لاءِ هڪ لک ماڻهن جي فوج هجي...“

اڄ جي دور جو ماڻهو ان ڳالهه کي شايد ٻٽاڪ سمجهي، پر ان دور جي حالتن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته، ان زماني ۾ سامونڊي ڌاڙيل (قذاق) هڪ خوفناڪ شيءِ هئا، جن وڏن وڏن پهلوانن جي دلين ۾ به ڏهڪاءُ پيدا ٿي ڪيو. ڪي ڪي قذاق جيئن ته اميرن ۽ حڪومتن کي ڦريندا هئا، ان ڪري اهي ماڻهن لاءِ هيرو به هئا. اهوئي سبب آهي جو قذاقن تي تمام گهڻيون فلمون ٺهيون آهن، جن ۾ ڪي Horror فلمون آهن ته ڪي مزاحيه ۽ رومانس سان ڀرپور.

Pirates تي ٺهندڙ فلمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته 1952ع جي هڪ فلم Against All Flags ٿي ياد اچي، جيڪا اسان تعليم دوران 1963ع ۾ چٽگانگ ۾ ڏٺي هئي، جنهن ۾ ائنٿوني ڪئن کي ڏسي، اسان به مئرين اڪيڊميءَ جي ڏکيءَ پڙهائيءَ کي ڇڏي ڪئپٽن بدران Pirate ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳا هئاسين. فلم جي هيروئن مورين اوهارا ٿي هئي، جنهن جي فلم ۾ قميص هيٺان باڊي (بريزئر) نه پائڻ ڪري مغرب ۾ به وڏو گوڙ متو هو! ڪهڙو ته فضيلت وارو زمانو هو! اڄ ته پاڪستاني فلمي اداڪارائون به Kissing جا سين ڀرائيندي فخر ٿيون محسوس ڪن ۽ وزيرائون فرينچ ڪوچن کي پيون ڀاڪر پائين. بهرحال مورين اوهارا هن فلم ۾ قذاقن جي ليڊر ۽ Pirate ship جي ڪئپٽن ٿي آهي.

انهن ئي ڏينهن جي هڪ ٻي مشهور فلم Black beard the Pirate آهي. بليڪ بيئرڊ ارڙهين صديءَ جو بيحد خطرناڪ قذاق ٿي گذريو آهي، سندس وڏي ڪاري ڏاڙهيءَ ڪري بليڪ بيئرڊ نالو پيو. کيس مارڻ لاءِ ورجينيا (آمريڪا) جي حڪومت انعام رکيو هو. آخر ٻن ماهر نيوي جي ڪئپٽنن کي بندوقن ۽ توبن سان ٻه جهاز ڏئي، وڏي فوجي عملي سان، بليڪ بيئرڊ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هڪ ڪئپٽن ۽ ڪيترائي سپاهي مارجي ويا، پر آخرڪار بليڪ بيئرڊ (جنهن جو اصل نالو ايڊورڊ ٽيچ هو) جو سر ڌڙ کان ڪري، ورجينيا جي گورنر وٽ پهچايو ويو، جيڪو ڪيترا ڏينهن بانس جي ڏنڊي تي لڙڪايو ويو ته جيئن قذاق بنجڻ جا شوقين، بليڪ بيئرڊ جي انجام مان سبق حاصل ڪن.

فلمن ۾ The Devil ship pirates به گهڻي مشهور ٿي. هيءَ 1964ع جي انگلينڊ جي ائڊونچر نموني جي فلم آهي، ان کان علاوه انگريز ليکڪ رابرٽ لوئيس اسٽيونسن جي ناول ٽريزر آئلڊ تي به ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن.

قذاقن ۽ انهن جي سامونڊي ڌاڙن بابت سڀ کان بهترين ڪتاب 1724ع جو ڇپيل آهي، جنهن جو ٽائيٽل آهي:

A General History of the Robberies & Murders of Natorious Pirates.”

چيو وڃي ٿو ته سامونڊي ڌاڙيلن (قذاقن) جا پنهنجا قائم ڪيل اصول (Code of conduct) هئا، جنهن تي سڀني قذاقن سختيءَ سان عمل ڪيو ٿي. ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت کان سخت سزا ڏني وئي ٿي ۽ انهن سزائن ۾ عام سزا اها هئي ته، ان قذاق کي بنا کاڌي پيتي جي، ڪنهن اهڙي ويران ٻيٽ تي اڇلايو ويو ٿي، جتي ڪوبه ماڻهو ڇيڻو نه هجي ۽ هو بک وگهي مري وڃي يا کيس نانگ بلائون ۽ جنگلي جانور چيري ڦاڙي ڇڏين. ان سزا مان ڪو خوش نصيب ئي بچي سگهندو.

قذاقن لاءِ سڀ جهاز هڪ جهڙا هئا. هو بنا شڪ جي دلير هئا. اسان جو اڄ جو سنڌي ڌاڙيل پنهنجو پاڻ کي وڏو پهلوان ۽ خوفناڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ڌاڙا هڻندو ۽ اغوائون ڪندو، پر فقط پنهنجن سنڌي مسڪينن کي. پنجابي پٺاڻن کان ڪنبندو وتندو. سترهين ارڙهين صديءَ جي هنن ڌاڙيلن کان وقت جون حڪومتون به ڊنيون ٿي- اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن قذاقن کي ٺاهڻ ۾ به سندن هٿ هو. قذاقن جو ڪم جهاز ڦرڻ هو. هنن اهو نٿي ڏٺو ته ڌاڙي هيٺ آيل جهاز سندن ملڪ جو آهي يا ڪنهن دشمن ملڪ جو. ڪيترائي قذاق ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي بين الاقوامي شهرت جا مالڪ ۽ Legends بنجي ويا. بليڪ بيئرڊ قذاق- جنهن جنگي جهاز جي پورچوگالي ڪئپٽن کي، سندس ئي ڪن، نڪ ۽ چپ وڍي کائڻ لاءِ مجبور ڪيو. هڪ ٻئي قذاق ويم ڪڊ ڦر هيٺ آيل جهاز جي سڄي عملي کي رسين سان ٻڌي، سخت اُس ۾ واريءَ مٿان تيسين سڙڻ ڏنو، جيسين هنن لڪل خزاني بابت نه باسيو ته هنن اهو سون ڪهڙي هنڌ لڪايو آهي ۽ ايوري نالي قذاق نه فقط ڦر ڪئي، پر انڊيا جي مغل گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي به ڪئي.

انگريز قذاق ايوري (جنهن جو سڄو نالو Henry Avery) هو، 1653ع ۾ انگلينڊ جي شهر پلاءِ مائونٽ ۾ جنم ورتو. هي اهو قذاق آهي جيڪو پڪڙجڻ يا لڙائيءَ ۾ مارجڻ بنا، ڦُر جي مال سان رٽائرڊ ٿيو. ايوري برٽش نيوي ۾ Sailor (خلاصي) هو. 1671ع ۾ جڏهن انگريزن جي جهازن الجيريا جي شهر الجيرس تي گولي بازي ڪئي ته، ان وقت به ايوري برٽش جي هڪ جهاز تي هو. پوءِ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي، ڪجهه وقت ڪئريبين سمنڊ تي قذاق ٿي سمنڊ تي هلندڙ جهازن تان ننڍيون ڦرون ڪيون. ان بعد آفريڪا جي اولهه ڪناري تي اچي، غلامن جو بزنيس ڪيو. هي ۽ هن جا ڌاڙيل ساٿي ڇا ڇڪندا هئا جو آفريڪا جي ڪناري تان واپارين کان غلام خريد ڪري، آخر ۾ انهن وڪرو ڪندڙ سيٺين کي اغوا ڪري، پنهنجي جهاز تي کڻي ايندا هئا ۽ کين لوهي زنجيرن سان ٻڌي رکندا هئا. قذاق جي حيثيت سان ايوري هڪ ئي سفر آمريڪا کان انڊيا تائين ڪيو، جنهن ۾ هن کي ايڏو ته مال ۽ ملڪيت ڦٻيو، جو هن قذاق (هينري ايوري) مال غنيمت (Booty) لاءِ فريزر جهڙي مشهور ليکڪ لکيو آهي ته، ايوريءَ جو اهو سفر “The single richest crime in history” هو.

قذاق ايوري کي وڏو مال ملڪيت، هندستان جي مغل بادشاهه اورنگزيب جي جهاز ”گنج سوائي“ تان حاصل ٿيو، جنهن کي هلائڻ وارو فتح محمد نالي ڪئپٽن هو. هن جهاز تي سون، چاندي، سڪن ۽ ڳهه ڳٺن کان علاوه مغل حاڪمن لاءِ سريتون (Concubines) ۽ مسافر به چڙهيل هئا. گنج سوائي جهاز تي به توبون بندوقون هيون. ٻنهي ڌرين جي ويڙهه هلندي رهي، پر آخرڪار قذاق ڪامياب ٿيا. قذاقن جي انگريز هجڻ ڪري انڊيا ۾ انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي ڪافي بدنامي ٿي، جو وقت جي حاڪم ”اورنگزيب بادشاهه“ جي خزاني جو جهاز ڦريو ويو هو. ڪاوڙ ۾ آيل اورنگزيب انگريزن جي چئن فئڪٽرين کي بند ڪري، انهن جي انگريز آفيسرن کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اورنگزيب کي خوش ڪرڻ لاءِ برطانيه جي پارليامينٽ، ڪئپٽن هينري ايوري خلاف سخت قدم کڻڻ جو وعدو ڪيو ۽ هن کي پڪڙڻ لاءِ ڪئپٽن وليم ڪڊ جهڙي قابل ماڻهوءَ کي مقرر ڪيو ويو ته هندي وڏي سمنڊ ۾ تباهي مچائيندڙ قذاقن جو خاتمو آڻي.

۽ پوءِ ڇا ٿيو؟

ڪئپٽن وليم ڪڊ پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿيو؟

شايد هو پنهنجي حساب سان ٿيو- جو هو ماڳهين پاڻ به وڏو قذاق ٿي ويو ۽ سمنڊ تي هلندڙ جهازن تي ڌاڙا هڻڻ لڳو. ان بابت يعني ڪئپٽن ڪڊ جو احوال شروع ۾ ڪري چڪو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: