بابت تيرهون
هيٺ ڪريل شين متعلق فيصلا
(1)
(151) سلمان بن ربيع چوي ٿو ته ”آنحضرت صلي الله
عليھ وسلم جن جو دور هو، هڪ دفعي مون کي هڪ سئو
اشرفيون واٽ تي ڪريل مليون، آءٌ اهي اشرفيون کڻي
آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيس ته
جيئن اشرفين بابت حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
کان دريافت ڪريان.
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته
”هڪ سال انهيءَ جي متعلق اعلان ڪندو رهه ته شايد
انهيءَ جو مالڪ ملي وڃي، اهڙي طرح سان آءُ هڪ سال
تائين اعلان ڪندو رهيس، مگر انهن اشرفين جو مالڪ
نه مليو ۽ پوءِ مان ٻيو دفعو سندن خدمت ۾ ويس ۽
کانئن دريافت
ڪيو ته ”هاڻي منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟“ آنحضرت
صلي
الله عليھ وسلم جن ٻيو دفعو ساڳيو حڪم فرمايو ته
ٻيو سال به انهيءَ اشرفين جي مالڪ جي ڳولا ۾ رهيس
۽ آءٌ ٻيو سال به ڳوليندو رهندس.
۽ وري ٽيون دفعو آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي
خدمت ۾ حاضر ٿيس ته ”هاڻي منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم
آهي؟“ اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن
فرمايو
”سلمان! اشرفين جي مالڪ جي چڱيءَ طرح ڳولا ڪر،
جيڪڏهن سال ۾ توکي اهو نه ملي ته پوءِ اشرفين
جومالڪ تون ئي آهين.“
(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 93)
(2)
(152) زيد بن خالد بيان ڪري ٿو ته ”هڪ شخص آنحضرت
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ حضور اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن کان سوال ڪرڻ لڳو ۽ انهيءَ
شخص آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن کان گم ٿيل اٺ
بابت دريافت ڪيو ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم
جن فرمايو ته
”اي شخص! توکي آخر انهيءَ اٺ کي پڪڙڻ جو فڪر ڇو
آهي؟ گهمڻ لاءِ انهيءَ کي پير آهن، کائڻ پيئڻ لاءِ
پيٽ آهي، اهو خودهلي گاهه کائيندو، پاڻي پيئندو،
وڻن جي پنن سان پيٽ ڀريندو، ايستائين جو انهيءَ جو
مالڪ (الله) انهيءَ کي پاليندو.“
تنهن کانپوءِ انهي شخص ٻيو دفعو عرض ڪيو ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! گم ٿيل ٻڪري
متعلق توهان ڇا فرمايو ٿا؟“ تنهن تي آنحضرت صلي
الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ کي پڪڙي
پنهنجي قبضي ۾ رکُ، جڏهن انهيءَ جو مالڪ اچي ته
انهيءَ کي ڏج، نه اچي ته اها تنهنجي آهي. نه ته
اها بگهڙ جي خوراڪ بڻجندي.“
باب چوڏهون
متفرق فيصلا
(1)
(153) آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾
ڪجهه ماڻهو حاضر ٿيا ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وسلم جن جي خدمت ۾ هڪ جهوپڙيءَ جو مقدمو پيش
ڪيائون، انهيءَ جهوپڙيءَ تي ٻه شخص بضد هئا جن
منجهان هر هڪ چوي پيو ته اها جهوپڙي هن جي آهي.
اِهو ٻڌي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن حذيفه بن
اليمان رضه کي حاڪم بنائي، انهيءَ جهوپڙيءَ ڏانهن
وڃي فيصلي ڪرڻ جو حڪم فرمايو.
حذيفه رضه جهوپڙي ڏانهن ويو ۽ فيصلو ڪيائين ته
”جنهن شخص جو رسو انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ ٻڌل آهي، اها
جهوپڙي انهيءَ جي آهي.“
فيصلي ڪرڻ کانپوءِ اهو شخص آنحضرت صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ ٻڌايل فيصلو پيش ڪيائين،
تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ
فيصلي کي صحيح فرمايو.
(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 88)
(2)
(154) حضرت ابو موسيٰ اشعري رضه بيان ڪري ٿو ته
”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ٻن شخصن
کي آندو ويو، جيڪي هڪ جانور جي متعلق پاڻ ۾ جهڳڙو
ڪري رهيا هئا، ليڪن ڪوبه اهڙو شخص ڪونه هو، جيڪو
انهن ٻنهي منجهان هڪ جي حق ۾ شاهدي ڏي ته اهو
جانور انهيءَ جو آهي.
اهو ڏسي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن اِهو
جانور انهن بنهي ۾ برابر تقسيم فرمايو.
(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 45)
(3)
(155) هڪ دفعي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ ٻه شخص پيش ٿيا. هڪ جو تعلق ڪندهه سان ۽ ٻئي جو تعلق حضر موت سان هو. هنن
ٻنهي جومقدمو زمين بابت هو، جيڪا يمن ۾ واقع هئي.
حضري عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!
هن ڪنديءَ جي والد منهنجي زمين تي قبضو ڪيو هو ۽
اها ئي هن جي قبضي ۾ آهي.“ پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تو وٽ ڪوئي شاهد آهي؟“
حضري چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!
شاهد ته ڪوئي به نه آهي، هائو جيڪڏهن هي شخص قسم
کائي ۽ الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي چوي ته هن
کي انهيءَ ڳالهه جي خبر نه آهي ته هن جي پيءُ
غائبانه قبضو منهنجي ايراضيءَ تي ڪيو هو ته پوءِ
آءُ دستبردار ٿيان ٿو.“ اِهو ٻڌي ڪندي قسم کائڻ
لاءِ تيار ٿي ويو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن فرمايو.
”قسم کڻي ڪنهن جو به مال ڦٻائڻ هرگز جائز نه آهي،
ڪوڙي قسم کڻڻ وارو جڏهن الله تعاليٰ جي حضور ۾
حاضر ٿيندو ته حالت اها هوندس ته هٿ هن جي ڳچيءَ ۾
ٻڌل هوندو.“
ڪنديءَ جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
ڳالهه ٻڌي ته پڪاري اٿيو.
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءُ قسم نه ٿو
کڻان، تسليم ڪريان ٿو ته هيءَ زمين حضريءَ جي
آهي.“
اهڙي طرح سان زمين حضريءَ جي حوالي ڪئي ويئي.
(سنن ابو دائود – مشڪواة جلد ٻيو ص 207)
(4)
(156) ام المومنين بي بي عائشه صديقه رضه بيان ڪري
ٿي ته
”هڪ شخص هڪ غلام خريد ڪيو، خريد ڪرڻ واري انهيءَ
غلام کان مزدوري به ورتي، انهيءَ دوران انهيءَ
(غلام) ۾ ڪوئي عيب نڪري آيو، ته پوءِ انهيءَ غلام
واپس ڪيو. انهيءَ کي وڪڻڻ وارو آنحضرت صلي الله
عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! انهي شخص منهنجي
غلام کان مزدوري ڪرائي آهي ۽ پوءِ واپس ڪري ٿو”،
تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فيصلو
فرمايو ته ”غلام وڪرو ڪرڻ واري جو هوندو ۽ غلام جي
واپسيءَ جو اختيار خريدار کي ٽن ڏينهن تائين هوندو
آهي، انهيءَ کانپوءِ نه هوندو آهي.“
(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 22)
(5)
(157) هڪ دفعي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جو
لنگهڻ هڪ اهڙي جاءِ تا ٿيو، جتي اناج جو انبار لڳل
هو، پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ان
جي ڍير جي ويجهو ويا ۽ پنهنجو هٿ مبارڪ انهي ڍير
جي اندر هنيائون ته ڍير جي اندر ڪجهه آلاڻ محسوس
ڪيائون، تنهن کانپوءِ فرمايائون ته ”هيءَ ڪهڙي
ماجرا آهي؟“
انهيءَ شخص چيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ
وسلم! اناج جي مٿان برسات پيئي هئي، مون اهو آلو
اناج خشڪ جي هيٺان لڪايو آهي.“
اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”اي شخص! تون جڏهن معاملو ڪرين ته ٻئي شخص کي
صاف صاف ٻڌاءِ، ڏيتي ليتيءَ ۾ ڌوڪو ۽ فريب نه ڪر.“
(صحيح مسلم- صحيح بخاري- مشڪواة شريف)
(6)
(158) حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته
”هڪ شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي عهد
مبارڪ ۾ پنهنجو باغ هڪ ٻئي شخص کي هڪ سال لاءِ
ٺيڪي (مقعادي) تي ڏنو. انهيءَ وقت باغ جي وڻن ۾
ڦرڪو نه هو، اتفاق اهڙو ٿيو جو انهيءَ سال وڻن ۾
ڦرڪو نه ٿيو، تنهن ڪري خريداري وڪرو ڪرڻ (ٺيڪي
ڏيڻ) واري کي چيو ته آءٌ باغ ايستائين ڪونه
ڇڏيندس، جيستائين وڻن ۾ ڦر ڪونه ٿيندو ۽ انهيءَ
منجهان فائدو حاصل ڪندس، مگر ٺيڪي ڏيڻ واري انڪار
ڪيو ته ”مون هي باغ توکي هڪ سال لاءِ ڏنو هو، ڦر
جو آءُ ذميوار نه آهيان.“
اهڙيءَ طرح سان ٻئي شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ مقدمو کڻي آيا، آنحضرت ٻنهي
جون ڳالهيون ٻڌي ٺيڪي ڏيڻ واري کي فرمايو ته
”ڇا خريدار تنهنجي باغ منجهان فائدو حاصل ڪيو
آهي؟“
انهيءَ شخص وراڻيو ته ”نه سائين.“
تنهن تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”هن جو مال تنهنجي لاءِ ڪيئن جائز ٿيندو؟“
انهيءَ کانپوءِ حڪم فرمايائون ته ”تون جيتري رقم
هن کان ورتي آهي، اها واپس ڪر ۽ ٻڌو آئنده انهيءَ
وقت تائين سودو نه ڪريو، جيستائين وڻن ۾ ڦر نه
اچي.“
(سنن ابن ماجه ٻيو ص 33)
(7)
(159) چئن شخصن هڪ خالي پيل زمين کي آباد ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو، هر هڪ شخص طرفان ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي
پيشڪش ڪئي.
هڪ چيو ته ”زمين منهنجي طرف کان هوندي.“
ٻئي چيو ته ”“ٻج آءُ ڏيندس.“
ٽئين چيو ته ”ڏاندن جو جوڙو آءٌ ڏيندس.“
چوٿين چيو ته ”محنت ۽ مزدوري جو ڪم آءُ ڪندس.“
اهڙيءَ طرح سان سڀني پنهنجو پنهنجو ڪم پورو ڪيو،
فصل پچي ويو ۽ لڻيائون جڏهن بٽئي جو وقت آيو ۽
ورهاست جو مسئلو اٿيو ته چئن ئي جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي
پيو، تنهن کانپوءِ چئن ئي شخصن پنهنجو فيصلو
آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو
۽ پنهنجي پنهنجي دعويٰ به پيش ڪئي.
چئن ئي شخصن جون ڳالهيون ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو ته
1.
مالڪ زمين جي دعويٰ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي
زمين هئي ئي ڪانه. انهيءَ کي ڪجهه به نه ڏنو وڃي.
2.
ڏاندن ڏيڻ واري کي اجرت ڏني وڃي.
3.
مزدوري ڪرڻ واري کي محنت معاوضو ادا ڪيو وڃي.
4.
باقي فصل سمورو ٻج وجهڻ واري جو آهي.
(8)
(160)
هڪ شخص ٻئي شخص جي اجازت کانسواءِ انهيءَ جي زمين
۾ کجيءَ جا وڻ لڳايا، ڪجهه وقت کان پوءِ ٻنهي
شخصن جي وچ ۾ جهڳڙو ٿي پيو ۽ اهي ٻيئي آنحضرت صلي
الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا.
ٻنهي جا بيان ٻڌي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن
فيصلو فرمايو ته
”زمين زمين جي مالڪ جي آهي، باقي وڻ لڳائڻ واري کي
حڪم ڏجي ٿو ته اهو پنهنجا وڻ اتان پٽي، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ بغير اجازت جي وڻ لڳايا هئا.“
(ختم ٿيو) |