باب چوٿون
شراب نوشي متعلق فيصلا
(1)
(50) حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
”جيڪو شخص شراب واپرائي، انهيءَ کي تازيانو ڏيو،
جيڪڏهن اهو باز نه اچي ۽ چار دفعا شراب واپرائي ته
پوءِ انهيءَ جو سِرُ ڌڙ کان الڳ ڪريو.“
تنهن کانپوءِ هڪ شخص کي رسول اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو، انهيءَ چوٿون دفعو
شراب پيتو هو.“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته
”شرابيءَ کي تازيانه ماريا وڃن.“
(مشڪواة شريف جلد 2 ص 175)
(2)
(51) نعيمان کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي درٻار ۾ اهڙي حالت ۾ آندو ويو، جڏهن ته هي شراب
جي نشي ۾ مست هو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
کي جلالي اچي ويئي ۽ حاضرين کي حڪم فرمايائون ته
”انهيءَ شخص کي خوب ماريو ۽ ڪٽيو“ ته پوءِ موجود
ماڻهن انهن کي مارڻ ڪٽڻ شروع ڪيو.
حضرت انس رضه جو بيان آهي ته ”حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جڏهن انهيءَ کي مارڻ جو حڪم صادر
فرمايو ته پوءِ شرابي کي کجيءَ جي ڇڙين ۽ جوتن سان
ماريو ويو.
(صحيح بخاري جلد 5 ص 56)
(3)
(52) حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ هڪ اهڙي شخص کي آندو ويو، جنهن شراب پيتو
هو، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن اصحابن کي
حڪم فرمايو ته ”هن جي مٿان حد جاري ڪريو.“ پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو اهو ارشاد ٻڌي.
ڪنهن اصحابي انهيءَ کي هٿن سان ماريو، ڪنهن جوتن
سان ۽ ڪنهن ڪپڙو استعمال ڪيو.
(صحيح بخاري جلد 5 ص 651)
(4)
(53) هڪ شخص
جنهن جو نالو عبدالله هو، ماڻهو انهيءَ کي ”حمار“
جي لقب سان سڏيندا هئا. هي طنز و مزاح ۾ به
مشهور هو.
هڪ ڏينهن هن کي شراب جي نشي ۾ حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي مٿان حد جاري ڪئي،
تنهن کانپوءِ انهيءَ جي مٿان ڪوڙا ماريا ويا.
موجود شخص منجهان هڪ شخص انهيءَ شرابيءَ تي لعنت ۽
ڦٽڪار هنئين.” پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
لعنت هڻڻ کان کيس منع فرمائي.
(صحيح بخاري جلد 5 ص 652)
(5)
(54) هڪ شخص يمن کان آيو ۽ حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اچي عرض ڪيائين ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان يمن ۾ جوئر
منجهان هڪ قسم جو شراب تيار ڪندا آهيون ۽ انهيءَ
کي واپرائيندا آهيون. انهيءَ متعلق توهان جو ڪهڙو
حڪم آهي؟“
اِهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”ڇا انهيءَ شراب ۾ نشو آهي؟“
يمني جواب ڏنو ته ”هائو يارسول الله صلي الله عليھ
وسلم!“ اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
فرمايو ته ”ٻڌو! الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته جيڪو
نشي وارو شربت استعمال ڪري ٿو، انهيءَ کي طية
الجنال پياريو ويندو.“
اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله
عليھ وسلم طية الجنال ڪهڙي شي جو نالو آهي؟“
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اِهو
دوزخين جو پگهر ۽ انهن جي زخمن جي پونءِ آهي.“
(صحيح مسلم-مشڪواة شريف-سنن نسائي)
(6)
(55) ويلم حميري بيان ٿو ڪري ته ”اسين حضور اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿياسين ۽
عرض ڪيوسون ته يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم!
اسان سخت محنت، تڪليف ۽ مشقت جو ڪم ڪريون ٿا،
انهيءَ ڪري اسان شراب پيئڻ لاءِ مجبور آهيون، تان
ته اسان سرديءَ کان به محفوظ رهون ۽ پنهنجي
تندرستي ۽ توانائي به بحال رکون.“
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا
اهو شربت نشه آور آهي.؟“
مون کين عرض ڪيو ته ”هائو سائين!“
اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”انهيءَ کي بلڪل ترڪ ڪري ڇڏ.“
مون کين عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ
وسلم! اسان جا ماڻهو انهيءَ شراب کي ڪيئن ترڪ
ڪندا.!“
اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”جيڪڏهن تنهنجا ماڻهو انهيءَ کي ترڪ نه ڪندا ته
پوءِ انهن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪر.“
(سنن ابي دائود-مشڪواة جلد 2 ص 183)
(7)
(56) حضرت ابو
موسيٰ اشمعوي رضه بيان ٿو ڪري ته ”حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن مون کي يمن ڏانهن گورنر ڪري
موڪليو. مون کين عرض ڪيو ته ”يمن ۾ ٻن قسمن جو
مشروب استعمال ڪيو وڃي ٿو، منهنجي لاءِ
ڪهڙو حڪم آهي ته ڪهڙو مشروب استعمال ڪريان؟“
اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”انهيءَ مشروبات ۾ نشو ته ڪونه آهي.“
مون کين عرض ڪيو ته ”هائو انهن ۾ نشو آهي؟“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهي
مشروبات ڪهڙن شين منجهان بنايا وڃن ٿا؟“
مون کين عرض ڪيو ته ”هڪ ماکيءَ منجهان ۽ ٻيو جون
جي کاڌي منجهان.“
پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن
انهن ۾ نشو آهي ته پوءِ انهن کي ڪڏهن به استعمال
نه ڪر.
ڇاڪاڻ ته نشي وارين شين کي حرام قرار ڏنو ويو آهي.
(سنن نسائي جلد ٽيون)
باب پنجون
چوري ڪرڻ متعلق فيصلا
خاتم النبين صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”جڏهن زاني زنا ڪندو آهي ته ايمان جي نعمت کان
محروم ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح چور جڏهن چوري ڪندو
آهي ته ايمان جي دولت انهيءَ کان کسجي ويندي آهي،
شرابي جڏهن شراب پيئندو آهي ته ايمان هن کان پري
ڀڄي ويندو آهي ۽ جيڏهن رهزن ۽ ڌاڙيل ڦر ۽ ڌاڙو
هڻندو آهي ته اهو به ايمان جي نعمت هٿن کان
وڃائيندو آهي، يعني اهي ڪڌا ڪرتوت انسان کي ايمان
کان پري ۽ ڪفر جي قريب ڪندا آهن.
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 340)
(1)
(58) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾
هڪ شخص حاضر ٿيو، هن اقرار ڪيو ته هن چوري ڪئي
آهي، تلاشي وٺڻ کان بعد هن کان ڪجهه به ڪونه نڪتو،
اِهو ڏسي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”ائين معلوم ٿئي ٿو ته تون چوريءَ جو عمل ئي
ڪونه ڪيو آهي.“ انهيءَ شخص عرض ڪيو ته ”يارسول
الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ اقرار ڪريان ٿو ته
مون چوري ڪئي آهي.“ انهيءَ تي پاڻ ڪريم صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هن کي وٺي وڃو ۽ هن جو هٿ
ڪپي ڇڏيو ۽ پوءِ مون وٽ وٺي اچوس.“ اهڙيءَ طرح سان
هن جو هٿ وڍيو ويو ۽ پوءِ هن کي حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو.
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي
شخص! چئهُ ته آءٌ الله تعاليٰ جي حضور ۾ توبهه
ڪريان ٿو ۽ انهيءَ کان معافي جو طلبگار آهيان.“
انهيءَ تي انهيءَ شخص چيو ته ”آءُ سچي دل سان
توبهه ڪريان ٿو ۽ الله سائينءَ کان معافي جو
طلبگار آهيان.“ تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن هٿ مبارڪ مٿي کڻي دعا فرمائي ته ”اي
الله! پنهنجي هن عاجز ٻانهي کي معاف فرماءِ.“
(سن نسائي جلد ٽيون ص 342)
(2)
(59) هڪ شخص مسجد نبويءَ جي هڪ جڳهه صفتھ النساءَ
منجهان هڪ ڍال چورائي. انهيءَ ڍال جي قيمت ٽي درهم
هئي، جڏهن انهيءَ چور کي حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي آڏو آندو يو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ
وسلم جن انهيءَ چور جي لاءِ حڪم فرمايو ته ”هن چور
جو هٿ وڍيو وڃي“ ۽ تنهن کانپوءِ وڌيڪ ارشاد
فرمايائون ته ”هر چور جو هٿ وڍيو وڃي. توڙي جو اهو
دينار جي چوٿين پتي يا ان کان وڌيڪ چوري ڪري.“
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 351)
(3)
(60) هڪ شخص چوري ڪئي، پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ
وسلم جن انهيءَ کي قيد ۾ وڌو ۽ پوءِ انهيءَ کي
آزاد ڪري ڇڏيو.
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 372)
(4)
(61) هڪ عورت جي عادت هوندي هئي ته ماڻهن کان جيڪا
شيءِ اُڌاري وٺندي هئي ته واپس ڪانه ڪندي هئي،
بلڪه صاف انڪار ڪندي هئي، زيور وٺندي هئي ته اُهي
به واپس ڪانه ڪندي هئي، جڏهن انهيءَ عورت جي
انهيءَ بدعادت جي خبر رسول اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن کي پئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ عورت کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايائون ته
”توبهه ڪر ۽ ٻين جو جيڪو مال تو وٽ آهي ته اهو به
مالڪن کي موٽائي ڏي“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم
جن اهو حڪم کيس ڪيترا دفعا ياد ڏياريو، مگر عورت
پهريائين لنوائيندي رهي ۽ پوءِ صاف انڪار ڪيائين.
تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم
فرمايو ته ”هن عورت جو هٿ ڪپيو وڃي“ ۽ اهڙي طرح
سان انهيءَ عورت جو هٿ وڍيو ويو.
(سنن نسائي)
(5)
(62) سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار
۾ هڪ شخص کي آندو ويو، جنهن چوري ڪئي هئي، پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو
حڪم صادر فرمايو ۽ فرمايو ته ”ڪٽيل هٿ انهيءَ جي
ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڇڏيو.“ تنهن کانپوءِ چور جو هٿ
ڪٽيو ويو ۽ ڪٽيل هٿ هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪايو ويو .
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 365)
(6)
(63) حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”جڏهن ڪوئي غلام چوريءَ جو ڪم ڪري ته انهيءَ کي
وڪڻي ڇڏيو، چاهي انهيءَ جي قيمت ويهه درهم وصول
ٿئي.“
(7)
(64) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾
هڪ شخص کي آندو ويو، جنهن چوري ڪئي هئي. پاڻ سڳورن
صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل ڪرڻ جو حڪم
فرمايو. مگر درٻار ۾ موجود ماڻهن عرض ڪيو ته ”يا
رسول الله صلي الله عليھ وسلم! انهيءَ شخص چوري
ڪئي آهي، تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ
وسلم جن انهيءَ جي ساڄي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو.
تنهن کانپوءِ سندس ساڄو هٿ ڪٽيو ويو. ڪجهه ڏينهن
کانپوءِ هي چوري ڪرڻ کان نه مڙيو ۽ چوري ڪيائين،
جنهن ۾ پڪڙجي پيو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل ڪرڻ جو حڪم فرمايو.
مگر درٻار ۾ موجود ماڻهن چيو ته ”يارسول الله صلي
الله عليھ وسلم! هن ٻيو دفعو چوريءَ جو ڪم ڪيو آهي
ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”هن جو کاٻو پير ڪٽيو وڃي“ تنهن کانپوءِ هن جو
کاٻو پير ڪٽيو ويو، ٻه دفعا سزا ملڻ کانپوءِ به هي
شخص نه مڙيو ۽ چوري ڪيائين، جنهن ۾ پڪڙجي پيو ۽
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جي درٻار ۾ پيش ڪيو
ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي
قتل ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو، ليڪن درٻار ۾ موجود
ماڻهن عرض ڪيو ته ”سائين هن چوري ڪئي آهي.“ اهڙيءَ
طرح سان رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن هن جي
کاٻي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو“ پوءِ سندس کاٻو هٿ
ڪٽيو ويو، تنهن کانپوءِ هن چوٿون دفعو چوري ڪئي ۽
رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو
ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي
ساڄي پير جي ڪٽڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ هن جو ساڄو
پير ڪٽيو ويو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن پنجون دفعو چوري ڪئي ۽ هن
کي پڪڙي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار
۾ آندو ويو ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم
جن انهيءَ جي قتل ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. تنهن
کانپوءِ انهيءَ شخص کي ”مربد“ جي جڳهه تي قتل ڪرڻ
لاءِ وٺي ويا، اتي هن کي اونڌو ليٽايو ويو، ليڪن
هي هٿن ۽ پيرن نه هئڻ جي باوجود به اٿي ڀڄڻ لاءِ
زور ڏيڻ لڳو. تنهن کانپوءِ هن جي مٿان پٿرن جو
وسڪارو ڪيو ويو جنهن ۾ هي مري ويو ۽ مرڻ کانپوءِ
سندس لاش کي کوهه ۾ اڇلايو ويو.
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 358)
(8)
(65) هڪ شخص جنهن جو تعلق مزينه قبيلي سان هو،
انهيءَ کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ پيش ڪيو ويو، انهيءَ شخص جي رسول ڪريم صلي
الله عليھ وسلم جن سان هيئن گفتگو ٿي.
شخص:- يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! جبلن ۾
چرڻ وارن جانورن جي متعلق توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟
جيڪڏهن ڪوئي انهن کي چورائي.
رسول الله صلي الله عليھ وسلم:- جيڪڏهن ڪوئي شخص
اهڙي قسم جي جانور جي چوري ڪري ته اهو جانور واپس
ڪيو وڃي. انهيءَ سان گڏ انهيءَ کي اهڙي قسم جو ٻيو
جانور ڏنڊ ۾ ڏيڻو پوندو. انهيءَ کانسواءِ انهيءَ
کي سزا به ڏني ويندي، ليڪن انهيءَ چوري ڪرڻ جي
بدلي ۾ انهيءَ جو هٿ نه ڪٽيو ويندو.
هائو جيڪڏهن ڪوئي شخص اهڙو جانور چوري ڪري ٿو،
جيڪو واڙي اندر هجي ۽ توڙي جو انهيءَ جي قيمت ڍال
کان به گهٽ هجي ته پوءِ اهو جانور واپس ڪيو ويندو
۽ انهيءَ چور کي ڪوڙا به لڳايا ويندا.
شخص:- يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان جو
اهڙي ميوي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي، جيڪو وڻ ۾ آهي ۽
انهي کي چورايو وڃي؟“
رسول الله صلي الله عليھ وسلم:- جيڪڏهن ڪوئي سخت
ضرورتمند شخص ضرورت جي وقت وڻ منجهان ميوو چوري
ڪري يا پٽي انهيءَ جي مٿان ڪوبه ڏنڊ نه آهي، ليڪن
شرط اِهو آهي ته ميوو ڪنهن ڪپڙي ۾ ٻڌي نه لڪائي.
مگر جيڪڏهن ڪوئي شخص عام حالت ۾ ميوو چورائي يا
پٽي ته پوءِ ان کي ٻيڻو ميوو واپس ڪرڻو پوندو،
انهيءَ کي سزا به ڏني ويندي. جيڪو ميوو مالڪن پٽي
هڙن ۾ ٻڌو هوندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهو چورايو هوندو
ته پوءِ انهيءَ جو هٿ ڪٽيو ويندو، چاهي انهيءَ
ميوي جي قيمت ڍال جي رقم کان گهٽ هوندي ۽ انهيءَ
کي ڪوڙا به لڳايا ويندا.
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 356)
(9)
(66) ام المومنين بي بي عائشه صديقه رضي الله عنھ
کان روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
هڪ عورت جو جنهن چوري ڪئي هئي هٿ ڪٽرايو. سزا ملڻ
کانپوءِ اها عورت هميشھ مون وٽ ايندي هئي ۽ آءٌ
انهيءَ عورت جي ضرورت جي شين جي سفارش رسول الله
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪندي هيس ۽
پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي ضرورت
پوري ڪندا هئا ۽ انهيءَ عورت توبهه ڪئي ۽ نيڪ بنجي
ويئي.“
(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الحدود ص 660)
(10)
(67) هڪ شخص چوري ڪئي، پڪڙجي پيو ۽ حضور انور صلي
الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. هن توبهه
ڪئي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي
معاف فرمايو. مگر اهو شخص چوري ڪرڻ کان نه مڙيو،
پڪڙجڻ کان بعد توبهه ڪندو رهيو، چار دفعا چوري
ڪيائين ۽ هر دفعي پڪڙيو ويو ۽ حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ ڪريم
صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي معاف فرمايو، هي
هر دفعي توبهه ڪندو رهيو. هن پنجون دفعو چوري ڪئي
۽ پڪڙجي پيو ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ آندو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم
جن انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو، تنهن کانپوءِ
هن جو هٿ ڪٽيو ويو. مگر هي چوري ڪرڻ کان نه مڙيو ۽
ڇهون دفعو چوري ڪيائين، پڪڙيو ويو، رسول اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن هن جي ٻئي هٿ ڪٽڻ جو حڪم
فرمايو. انهيءَ کانپوءِ به هي چوري ڪرڻ کان نه
مُڙيو. ستون دفعو جڏهن هن رسول الله صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو ته پوءِ پاڻ سڳورن
صلي الله عليھ وسلم جن هن جي ٻئي پير جي ڪٽڻ جو به
حڪم فرمايو ۽ پوءِ هن جو ٻيو پير به ڪٽيو ويو.
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 358)
(11)
(68) هڪ شخص کي ٻارن چورائڻ جي عادت هئي، حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو
حڪم صادر فرمايو، مگر حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن انهيءَ کي کائڻ وارين شين چورائڻ تي معاف
فرمايو.
(12)
(69) صفوان بن
اميه رضه کان روايت آهي ته هي فرمائي ٿو ته ”آءُ“
هڪ
ڏينهن مسجد ۾ پنهنجي چادر مٿي جي هيٺان رکي سمهيو
پيو هيس، جنهن جي قيمت ٽيهه درهم هئي، هڪ شخص آيو،
انهيءَ چادر کي آهستي آهستي منهنجي مٿي جي هيٺان
کسڪائي چادر کڻي ڀڄي ويو.
چور کي پڪڙي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ آندو ويو، پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ جي هٿ ڪٽڻ جو حڪم فرمايو. اِهو ڏسي مون عرض
ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آئون فقط
ٽيهن درهمن لاءِ انهيءَ جو هٿ نه ڪپيندس. توهان
مهرباني ڪري انهيءَ کي معاف فرمايو، آئون انهي
چادر کي انهيءَ وٽ وڪڻان ٿو.“ انهيءَ تي پاڻ ڪريم
صلي الله عليھ وسلم جن ارشاد فرمايو
”هاڻي الله جو قانون ۽ حڪم ٽري نه سگهندو، مون وٽ
آڻڻ کان اڳ پهريان ئي تون انهيءَ سان ائين ڇو نه
ڪيو؟“
(ابو دائود ص 602- سنن نسائي جلد ٽيون 342)
(13)
(70) هڪ عورت جنهن جو تعلق بنو مخزوم قبيلي سان
هو، انهيءَ عورت فتح مڪي جي دوران چوري ڪئي،
ماڻهو انهيءَ عورت کي وٺي حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ وٺي آيا. هيءَ عورت هڪ وڏي
قبيلي منجهان هئي، هن جي قبيلي وارا سفارش لاءِ
اسامه بن زيد رضه وٽ آيا ته جيئن هي حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن وٽ انهيءَ عورت جي سفارش ڪري.
انهن جو خيال هو ته هن جي سفارش تي حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت کي معاف فرمائيندا.
جڏهن سفارش ڪرڻ لاءِ اسامه بن زيد رضه حضور اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن سخت جلال م آيا ۽ فرمايائون
ته ”اي اسامه! بني اسرائيل فقط انهيءَ ڪري تباهه
ٿي ويا، جو انهن منجهان ڪوئي وڏو ماڻهو چوري ڪري
يا ٻئي ڏوهه جو ڪم ڪري پيو ته انهيءَ کي درگذر ڪيو
وڃي پيو، مگر جڏهن انهن منجهان ڪوئي غريب ۽ مسڪين
ماڻهو چوري يا ڏوهه ڪري پيو ته انهيءَ کي سزا ڏني
وڃي پئي. جا توهان چاهيو ٿا ته الله تعاليٰ جي
مقرر ڪيل حدن منجهان هڪ حد توهان لاءِ ٽوڙي وڃي.
انهيءَ پاڪ ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي
جان آهي، جيڪڏهن فاطمه بنت محمد صلي الله عليھ
وسلم به چوري ڪري ته آءٌ انهيءَ جو به هٿ ڪپيندس.“
تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ عورت جو هٿ ڪپڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ
انهيءَ عورت جو هٿ ڪپيو ويو.
(سنن نسائي جلد ٽيون ص 245)
(14)
(71) عباد بن شرجيل رضه بيان ٿوڪري ته ”مديني ۾ هڪ
سال سخت ڏڪار پيو، مون کي انهيءَ سال مديني شريف
ڏانهن وڃڻ ٿيو. جڏهن آءٌ اتي پهتس ته بک کان لاچار
هئس. کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪين هو. منهنجو گذر هڪ باغ
منجهان ٿيو، اهو باغ انگورن جو هو، مان بک جي حالت
۾ باغ ۾ ويس ۽ انگورن جو هڪ ڇُڳو پٽيم ۽ کائي ڇڏيو
۽ ڪجهه ٻيا ڇُڳا پٽي کڻي چادر ۾ وجهي هلڻ لڳس،
ايتري ۾ باغ جو مالڪ به اچي پهتو ۽ مون کي پڪڙي
وڌائين. مون کي نه فقط مالڪ مار ڏني، ليڪن ڪپڙو به
کسي ورتو. آءُ انهيءَ حالت ۾ حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيس ۽ سموري حقيقت
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي ٻڌائي. پاڻ
ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن باغ جي مالڪ کي
پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ فرمايو ته ”جڏهن هي شخص
بکيو هو، ته پوءِ انهيءَ کي تو کاڌو ڇو نه کارايو؟
جيڪڏهن اهو بي خبر هيو ته تو انهيءَ کي ٻڌايو ڇو
نه؟ هاڻي منهنجو حڪم ٻُڌ، وڃ ۽ وڃي انهيءَ کي ڪپڙو
واپس ڪر.“
(سنن ابن ماجھ جلد ٻيو ص 37)
(15)
(72) رافع بن عمرو الغفاري رضه بيان ڪري ٿو ته
”مون هڪ ڏينهن هڪ انصاريءَ جي کجين ۾ کارڪون حاصل
ڪرڻ لاءِ پٿر اڇلايا ته
ايتري ۾ کجين
جو مالڪ اچي ويو ۽ مون کي پڪڙي حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ وٺي ويو ۽ سڄو واقعو کين
ٻڌايائين.
انهيءَ تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”اي ڇوڪرا! تون وڻ کي پٿر ڇو هنيا هئا؟“
مون عرض ڪيو ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!
جيئن آءٌ کارڪون حاصل ڪري کاوان.“
انهيءَ تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”ڏسو! کجين
کي پٿر نه هڻو، مگر جيڪي کارڪون زمين تي ڪرن اهي
کڻي کائو.“
(سنن ابن ماجھ جلد ٻيو ص 37) |