باب ٽيون
زنا متعلق فيصلا
(1)
(32) خيبر ۾
يهودي قبيلا آباد هئا، انهن ۾ هڪ شادي شده جوڙي
زنا جو
ارتڪاب ڪيو، توريت جي حڪمن مطابق انهيءَ جي
سنگساري هئي. مگر يهودين نفس جي خواهش مطابق انهن
حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو، يهودين
سمجهيو ته شايد
اسلامي شريعت، موسوي شريعت مطابق نرم آهي. انهيءَ
ڪري هنن هي فيصلو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي درٻار ۾ پيش ڪيو، يهودين جي چڱن مڙسن پنهنجي
يهودين کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن رسول اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن توهان جي حق ۾ فيصلو ڪيو ته پوءِ
قبول ڪجو ۽ جيڪڏهن توهان جي حق ۾ فيصلو نه ڏنو ته
پوءِ قبول نه ڪجو ۽ انڪار ڪجو.“
جڏهن يهودين جو وفد حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن جي درٻار ۾ پهتو ته پوءِ انهن حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن کان پڇا ڪئي ته ”اي محمد صلي
الله عليھ وسلم! جيڪڏهن شادي شده مرد ۽ عورت زنا
جو ڏوهه ڪري وجهن ته انهن لاءَ ڇا حڪم آهي؟“
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪو
آءٌ فيصلو ڪريان ته پوءِ اهو توهان کي منظور آهي؟“
انهن يهودين وراڻيو
ته ”هائو!
اسان کي توهان جو فيصلو منظور آهي.“ ايتري ۾ حضرت
جبرائيل عه الله تعاليءِ جي طرفان هي حڪم نازل ڪيو
”اهڙن گنهگارن جي سزا رجم آهي“
مٿيون فيصلو ٻڌي يهودين فيصلي مڃڻ کان انڪار ڪيو.
حضرت جبرائيل عه حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
کي مشورو ڏنو ته ”توهان يهودين کي فرمايو ته ”ڇا
توهان فيصلي جو امين ابن صوريا کي بنايو ٿا؟“
اهڙي طرح سان حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
يهودين کي فرمايو ته ”ڇا توهان انهيءَ نوجوان کي
سڃاڻو ٿا، جنهنجو رنگ سفيد آهي ۽ هو هڪ اک کان
معذور آهي.“ يهودين چيو ”هائو”
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”توهان جو
انهيءَ نوجوان متعلق ڪهڙو خيال آهي؟“
يهودين وراڻيو ته ”هن وقت سڄي زمين جي مٿان انهيءَ
جهڙو عالم نه آهي.“
تنهن کانپو پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن ابن
صوريا ڏانهن پيغام موڪليو. جڏهن هي حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن قسم ڏيئي انهيءَ کان
پڇا ڪئي ته ”اي شخص! توريت ۾ زنا جي متعلق ڪهڙو
حڪم آهي؟“
ابن صوريا وراڻيو ته ”قسم آهي انهيءَ پاڪ ذات جو،
جنهن جو توهان قسم وڌو آهي، جيڪڏهن توهان مون کي
الله جو قسم نه وجهو ها ته مون کي خوف نه ٿئي ها،
جيڪڏهن مان غلط بياني ڪئي ته الله جو ڪتاب توريت
مون کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي. سچ هي آهي ته اسلامي
شريعت وانگيان توريت ۾ به اهوئي حڪم آهي ته شادي
شده زنا ڪندڙ عورت ۽ مرد کي سنگسار ڪيو وڃي. مگر
اسان جي غلطي اها آهي ته جيڪڏهن امير ۽ دولت وارا
زنا جو ارتڪاب ڪن پيا ته انهن کي ڇڏي ڏيون پيا ۽
جيڪڏهن غريب مرد ۽ عورت زنا جو ڏوهه ڪن پيا ته
انهنکي سزا ڏيون پيا. انهيءَ کانسواءِ سنگسار جي
سزا کي اسان تبديل ڪري ڇڏيو. مثال طور؛ منهن ڪارو
ڪرڻ، گڏهه تي الٽو سوار ڪرڻ ۽ ڪوڙا مارڻ وغيره.“
اِهو ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”يا الله! آءُ“ پهريون شخص آهيان، جنهن تنهنجي
انهيءَ حڪم کي زنده ڪيو، جڏهن ته انهيءَ کان اڳ
وارن انهيءَکي تبديل ڪري ڇڏيو.“
تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
انهن ٻنهي زاني مرد ۽ زاني عورت کي سنگسار ڪرڻ جو
حڪم فرمايو ۽ پوءِ کين سنگسار ڪيو ويو.
(صحيح بخاري ڪتاب الحدود جلد 2 )
(2)
(33) هڪ دفعي ڪجهه يهودي حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته
”سائين! اسان منجهان هڪ مرد ۽ هڪ عورت زنا جو ڪم
ڪيو آهي. انهيءَ متعلق توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پڇا ڪئي ته
”توريت ۾ زنا جي متعلق ڪهڙو حڪم آهي؟“
يهودين وراڻيو ته ”اسين زنا ڪندڙن کي ذليل ڪندا
آهيون ۽ انهن کي ڪوڙا هڻندا آهيون.“
عبدالله بن سلام انهيءَ وقت درٻار ۾ موجود هو.
انهيءَ يهودين جي ڳالهه ٻڌي چيو ته ”توهان ڪوڙ ٿا
هڻو. توريت ۾ انهن جي لاءِ سنگسار ڪرڻ جو حڪم
آهي.“
تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
آڏو توريت آندو ويو ۽ پوءِ يهودي انهيءَ جا ورق
اٿلائڻ لڳو. جڏهن رجم جي آيت آئي ته يهودي انهيءَ
جي مٿان پنهنجو هٿ رکيو. تڏهن عبدالله بن سلام چيو
ته ”ڪجهه پنهنجو هٿ ته پري رک“ اهو ٻڌي يهودي هٿ
پري ڪيو ته رجم جي آيت موجود هئي.
اِهو ڏسي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن زاني
عورت ۽ زاني مرد کي سنگساري ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽
پوءِ کين سنگسار ڪيو ويو.
(موطا امام مالڪ- صحيح بخاري جلد 6)
(3)
(34) هڪ شخص
سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾
حاضر ٿيو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي
آڏو بيان ڪيائين ته ”هن کان زنا جو ڪم ٿيو آهي ۽
هاڻي کيس پاڪ ڪيو وڃي.“
جيئن ته هن شخص پاڻ اقرار ڪيو هو، تنهن ڪري حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن درٻار منجهان هڪ شخص
کي ڪوڙي آڻڻ جو حڪم فرمايو. اهو شخص اُٿيو ۽ هڪ
ٽٽل دُرو کڻي آيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم
جن فرمايو ته ”هي دُرو ٽٽل آهي، هن کان بهتر دُرو
آڻيو.“ تنهن کانپوءِ اهو شخص هڪ نئون دُرو کڻي
آيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن اِهو ڏسي
فرمايو ته ”هي دُرو تمام سخت آهي، انهيءَ کان ڪجهه
نرم دُرو آڻيو.“
تنهن کان بعد اهڙو دُرو حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي آڏو پيش ڪيو ويو، جيڪو استعمال ٿيل هو،
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حد جاري ڪرڻ جو
حڪم صادر فرمايو. اهڙي طرح سان انهيءَ جي اقرار
ڪندڙ شخص جي مٿان حد جاري ڪئي ويئي.
تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن
ارشاد فرمايو ته ”اي انسانو! توهان لاءِ وقت آيو
آهي ته توهان الله جون مقرر ڪيل حدون نه لتاڙيون،
آءٌ الله تعاليٰ جي ڪتاب (حڪم) مطابق عمل ڪندس.“
(موطا امام مالڪ)
(4)
(35) هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ ٻه شخص حاضر ٿيا ۽ پنهنجو مقدمو حضور اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو پيش ڪيائون. انهن
منجهان هڪ شخص عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله
عليھ وسلم! اسان جي وچ ۾ الله جي ڪتاب مطابق فيصلو
فرمايو.“
ٻئي شخص به چيو ته ”هائو يا رسول الله صلي الله
عليھ وسلم! اسان جي مقدمي جو فيصلو الله جي ڪتاب
مطابق فرمايو. توهان مون کي اجازت فرمايو ته آءُ
سموري صورتحال توهان جي آڏو پيش ڪريان.“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کي
بيان ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. انهيءَ شخص چيو ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو پٽ هن
شخص وٽ ملازم هو. منهنجي پٽ هن شخص جي زال سان زنا
جو گناهه ڪيو. ڪجهه ماڻهن منجهان مون کي معلوم ٿيو
ته منهنجي پٽ جي مٿان رجم جي حد جاري ڪئي ويندي.
مان پنهنجي پٽ جي جان بچائڻ خاطر فديي ۾ هن شخص کي
هڪ سئو ٻڪريون ۽ هڪ ٻانهي ڏيئي ڇڏي. ان کانپوءِ به
منهنجو ضمير مطمئن نه ٿيو ۽ پوءِ مون عالمن جو
دروازو کڙڪايو، انهن مون کي چيو ته ”تنهنجي پٽ کي
هڪ سئو دُرا هنيا وڃن ۽ هڪ سال لاءِ کيس جلاوطن
ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنوارو آهي ۽ انهيءَ شخص جي
زال جي مٿان رجم جي حد جاري ڪئي وڃي، تنهن ڪري آءٌ
توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان.“
ٻنهي شخصن جو بيان ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن فرمايو ته ”قسم آهي انهيءَ ذات جو، جنهن
جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، آءٌ توهان جي وچ ۾ الله
جي ڪتاب مطابق فيصلو ڪندس ۽ اهو فيصلو هي آهي ته
”اي شخص! تو کي تنهنجون ٻڪريون ۽ ٻانهي ڏني وڃي ۽
تنهنجي پٽ کي هڪ سئو دُرا ماريا وڃن ۽ هڪ سال لاءِ
جلاوطن ڪيو وڃي.“
اهڙيءَ طرح سان انهيءَ شخص جي پٽ کي حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جي فيصلي مطابق سزا ڏني ويئي ۽
ٻئي شخص جي زنا ڪندڙ عورت کي به سنگسار ڪيو ويو.
(صحيح بخاري جلد 6 ص 2)
(5)
(36) ما عزبن مالڪ قبيلي اسلم جو هڪ يتيم ڇوڪرو
هو، جنهن جي پرورش حضرت هندال رضه ڪئي هئي. انهيءَ
يتيم ڇوڪري هڪ آزاد ٿيل ٻانهيءَ سان زنا جو ڪم
ڪيو. حضرت هندال رضه کي جڏهن خبر پيئي ته انهيءَ
ماعزبن مالڪ کي انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪيو ته هو
خود حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾
پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪري. ٿي سگهي ٿو ته رسالت
مآب صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار منجهان هن کي
ڪائي واٽ ملي وڃي.
اهڙيءَ طرح سان مسجد نبويءَ ۾ هي حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن وٽ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي پاڪ ڪيو
وڃي، مون کان زنا جو عمل ٿيو آهي.“ پاڻ ڪريم صلي
الله عليھ وسلم جن هن جي ڳالهه ٻڌي پنهنجو منهن
مبارڪ ٻئي طرف ڪيو ۽ فرمايو ته ”ها موٽي وڃ ۽ الله
سائين کان پنهنجي گناهن جي معافي گهر ۽ توبه تائب
ٿيءُ.“ تنهن کانپو به اهو شخص اتان نه ويو ۽ پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي اڳيان آيو ۽ اچي
ساڳي ڳالهه ڪيائين. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم
جن پنهنجو منهن مبارڪ ٻئي طرف ڪيو، تڏهن به اهو
شخص نه مڙيو ۽ ٽيون دفعو به حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي آڏو ساڳي ڳالهه دُهرائي، ليڪن
حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن هن دفعي به
پنهنجو منهن مبارڪ ڪونه ڦيرايو. حضور ابوبڪر صديق
رضه انهيءَ وقت ساڻن گڏ ويٺو هو ۽ ماعز کي خبردار
ڪيائين ته ”ڏِسُ
جيڪڏهن تو
چوٿون دفعو پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪيو ته پوءِ حضور
ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن تنهنجي مٿان حد جاري
ڪرڻ فرمائيندا.“
هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته ”ماعز پهريائين حضرت ابوبڪر
صديق رضه وٽ ويو هو، انهيءَ کيس توبه ڪرڻ جي صلاح
ڏني هئي، مگر انهيءَ کي تسلي ڪانه ٿي ۽ پوءِ هي
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽
ڏوهه جو اعتراف ڪيائين ته ”مون کي پاڪ ڪريو، مون
زنا جو ڏوهه ڪيو آهي.“ بهرحال حضرت ابوبڪر رضه
جي سمجهائڻ تي
به هن عمل ڪونه ڪيو ۽ چوٿون دفعو به حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جي اڳيان عرض ڪيائين ته ”يا
رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي پاڪ ڪريو،
مون زنا جو ڏوهه ڪيو آهي.“
جڏهن هن چوٿون دفعو پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪيو ته
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ماعز جي طرف
متوجه ٿيا ۽ فرمايائون ته ”تون نشي ۾ ته نه آهين؟
شراب ته ڪونه پيتو اٿئي؟” ماعز وراڻيو ته ”نه
سائين! بلڪل نه“ تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن پاڙي وارن کان پڇا ڪئي ته ”هي ديوانو
ته نه آهي“، ليڪن انهن چيو ته ”هي چريو نه آهي،
بلڪل سياڻو آهي.“
تنهن کانپوءِ سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن
هن جي پيءُ هندال کي فرمايو ته ”ڪاش! تون هن جي
مٿان پردو ڪرين ها ته اهو تنهنجي لاءِ بهتر هو.“
تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ کيس هڪ
ميدان ۾ آندو ويو ۽ کيس ماڻهن سندس مٿان پٿر وسائڻ
شروع ڪيا، جڏهن هن جي مٿان پٿر وسڻ لڳا ته هي ڀڄڻ
۽ دانهون ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”مون کي خدا جي
واسطي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن وٽ وٺي
هلو، مون کي منهنجي قبيلي وارن ڌوڪي سان مارايو
آهي، مون کي غلط تسلي ڏني ويئي هئي ته رسول الله
صلي الله عليھ وسلم جن تنهنجي مٿان رحم نه ڪندا.“
مگر ماڻهن هن کي پٿر هڻي هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو.
جڏهن هن جي صورتحال جي خبر پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن کي پيئي ته فرمايائون ته ”ڪاش! توهان
انهيءَ کي ڇڏي ڏيو ها ۽ اهو مون وٽ اچي ها، شايد
اهو سچي دل سان توبه ڪري ها ۽ الله ان جي توبه
قبول ڪري ها.“
(صحيح بخاري جلد 6 ص 16-33)
(6)
(37) هڪ دفعي ڪجهه ماڻهو هڪ عورت کي سرور ڪائنات
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ وٺي آيا، جنهن
کان زنا جو ڏوهه سرزد ٿيو هو. حصور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڪير آهي؟ جيڪو ان عورت
سان زنا ۾ شريڪ ٿيو آهي؟“ انهن ماڻهن
عرض ڪيو ته
”هي فعل انهي شخص ڪيو آهي، جيڪو معذور ۽ لولو
لنگڙو آهي ۽ اهو شخص حضرت سعد بن عباده رضه جي باغ
۾ رهندو آهي.“
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي پاڻ وٽ
گهرائن لاءِ فرمايو. انهيءَ کانپوءِ انهيءَ شخص کي
ٽيڪن جي ذريعي آندو ويو. تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن
صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته هن کي کجي جي
سُنڍن سان ختم ڪيو وڃي.“ تنهن کانپوءِ هن جو ڪم
ختم ڪيو ويو.
(سنن نسائي جلد 3 ص 468)
(7)
(38) هڪ عورت ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول
الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان زنا جو ڏوهه ٿيو
آهي ۽ مان حمل (پيٽ) سان آهيان.“ اِهو ٻڌي پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي سرپرست کي
پاڻ وٽ گهرايو
۽ فرمايو ته ”هن عورت کي پاڻ وٽ رکُ ۽ چڱي طرح سان
هن جي سار سنڀال ڪر. جڏهن هن کي ٻار ڄمي ته پوءِ
مون کي اطلاع ڪر.“
جڏهن هن کي ٻار ڄائو ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن کي اطلاع ڏنو ويو. پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن هن کي گهرايو ۽ سنگسار ڪرڻ جو
حڪم صادر فرمايو.
تنهن کانپوءِ هن کي سنگسار ڪيو ويو ۽ رسول ڪريم
صلي الله عليھ وسلم جنهن جي جنازي پڙهڻ جو حڪم
فرمايو. تنهن تي حضرت عمر فاروق رضه عرض ڪيو ته يا
رسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان هن زاني عورت
جي جنازي نماز پڙهائيندا.“ تنهن تي پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ” مون کي قسم آهي
انهي ذات پاڪ جوجنهن جي قبضي ۾ منهن جي جان آهي.
هن عورت اهڙي توبه ڪئي آهي، جيڪڏهن اها توبه مديني
جي ستر رهواسين ۾ ورهائي وڃي ته اهي بخشجي وڃن.
هيءَ عورت خود آئي ۽ اعتراف ڪيائين.
(سنن ابو دائود جلد 2)
(8)
(39) حضرت انس بن مالڪ رضه بيان ٿو ڪري ته ”آئون
حضور ڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويٺو
هئس ته هڪ شخص اتي آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول
الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان اهڙو گناهه جو
ڪم ٿيو آهي، جنهن جي مٿان حد جاري ڪري سگهجي ٿي.“
مگر رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ڏانهن
متوجه نه ٿيا. ايتري ۾ نماز جو وقت ٿيو. انهيءَ
شخص پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ نماز
ادا ڪئي، جڏهن نماز کان پاڻ سڳورا صلي الله عليھ
وسلم جن فارغ ٿيا ته اهو شخص وري پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا
رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان اهڙو گناهه
ٿيو آهي، جيڪو حد جي قابل آهي، توهان الله جي ڪتاب
مطابق منهنجي مٿان حد جاري ڪريو.“
انهيءَ تي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”ڇا تون اسان سان گڏ نماز پڙهي آهي؟“ انهيءَ
شخص وراڻيو ته ”هائو سائين پڙهي آهي.“ تنهن
کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”بس هليو وڃ. الله سائين تنهنجا سڀ گناهه معاف
ڪري ڇڏيا ۽حد به معاف فرمائي آهي.“
(صحيح بخاري جلد 6 ڪتاب المحاربين)
(9)
(40) هڪ دفعي بنو غامديه جي عورت سرور ڪائنات صلي
الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي عرض ڪيائين ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کان زنا جو
ڪم سرزد ٿيو آهي، مون کي پاڪ ڪريو.“ پاڻ سڳورن
صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”واپس هلي وَڃُ“
تنهن کانپوءِ اها عورت واپس موٽي وئي، مگر ٻئي
ڏينهن به حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي
الله عليھ وسلم! توهان شايد مون کي انهيءَ لاءِ
واپس ڪريو ٿا، جيئن توهان مالڪ جي پٽ ماعز کي واپس
ڪيو هو، مون زنا جو ڏوهه ڪيو آهي، مون کي پاڪ
ڪريو، آءُ پيٽ سان آهيان.“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”انهيءَ وقت تائين هلي وَڃُ، جيستائين ٻار ڄمئي ۽
پوءِ اچُ.“
اهڙي طرح سان اها عورت هلي ويئي ۽ جڏهن ٻار ڄايس
ته پوءِ ٻار سميت آئي ۽ عرض ڪيائين ته ”يارسول
الله صلي الله عليھ وسلم! هيءُ منهنجو ٻار آهي،
مون هن کي ڄڻيو آهي، هاڻي مون کي پاڪ ڪريو.“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن وري کيس فرمايو
ته ”انهيءَ وقت تائين هلي وَڃُ، جيستائين ٻار کير
پيئڻ ڇڏي ڏي ۽ اناج کائڻ جي قابل ٿئي ۽ پوءِ موٽي
اَچُ.“ اُها عورت هلي ويئي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ وري
درٻار نبوي صلي الله عليھ وسلم ۾ حاضر ٿي ۽ انهيءَ
وقت سندس ٻار کير پيئڻ ڇڏي ڏنو هو.
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن هڪ شخص کي فرمايو
ته ”هن عورت کان ٻار وٺ ۽ هن جي سار سنڀال لهڻ جو
ذمو تنهنجي مٿان آهي.“
انهي کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ عورت جي سنگسار ڪرڻ جو حڪم فرمايو. تنهن
کانپوءِ انهي عورتءَ کي سنگسار ڪيو ويو. تنهن
کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”انهيءَ عورت اهڙي توبه ڪئي آهي، جيڪڏهن ناجائز
ٽيڪس وٺڻ وارو به اهڙي توبه ڪري ته انهيءَ جي بخشش
ٿي ويندي“ تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ
وسلم جن جي حڪم مطابق انهيءَ عورت جي جنازي جي
نماز پڙهي ويئي ۽ کيس دفنايو ويو.
(صحيح مسلم جلد 4 ڪتاب الحدود ص 322)
(10)
(41) حضرت جابر رضي الله تعاليٰ عنھ بيان ٿو ڪري
ته ”هڪ شخص ڪنهن عورت سان زنا ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي
ڏوهه جو اعتراف ڪيو. حضور انور صلي الله عليھ وسلم
جن انهيءَ کي ڪوڙن لڳائڻ جو حڪم فرمايو، مگر جڏهن
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي خبر پيئي ته
ڏوهي شادي شده هو ته پوءِ فيصلي کي بدلايو ويو ۽
انهيءَ شخص کي سنگسار ڪرڻ جو فيصلو فرمايو.“
تنهن کانپوءِ کيس سنگسار ڪيو ويو.
(11)
(42) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کان ٻانهيءَ
سان زنا ڪرڻ جي متعلق پڇا ڪئي ويئي. پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن ٻانهي زنا
ڪرائي ۽ انهي جي زنا ثابت ٿي وڃي ته پوءِ انهيءَ
جي مٿان دُرن جي حد مقرر ڪئي وڃي. مگر زبان سان
انهيءَ کي ملامت نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن اها حرام
ڪاريءَ کان باز نه اچي ته پوءِ انهيءَ کي دُرا
ماريا وڃن، ٽيون دفعو زنا ڪري ته انهيءَ کي دُرا
ماريا وڃن، مگر سزا ڏيڻ کانپوءِ انيءَ کي وڪرو ڪيو
وڃي. چاهي توهان کي هڪ رسي جيتري قيمت ملي.“
(صحيح بخاري جلد 6 ڪتاب المحاربين ص 26)
(12)
(43) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ارشاد
فرمايو ته ”جن شخصن کي توهان ڇوري بازيءَ جي عمل ۾
ڏسو ته انهن ٻنهي فاعل ۽ مفعول کي قتل ڪري ڇڏيو.“
(13)
(44) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”جيڪڏهن مرد مرد سان هم جنسيءَ جو عمل ڪري ته اهي
ٻئي زاني آهن ۽ جيڪڏهن عورت عورت سان بدفعلي جو
ارتڪاب ڪري ته اهي ٻئي زانياڻيون آهن. ٻنهي حالتن
۾ سندن مٿان حد جاري ڪئي ويندي.“
(بيهقي شرح الزرقاني)
(14)
(45) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”جيڪو شخص ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري ٿو ته پوءِ
انهيءَ کي قتل ڪريو ۽ انهيءَ جانور کي به انهيءَ
سان گڏ ڪهي ڇڏيو.“
حضرت عبدالله بن عباس رضه جيڪو ان حديث جو راوي
آهي، انهيءَ کان سوال ڪيو ويو ته ”جانور ته بي
زبان آهي، انهيءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جو انهيءَ کي
سزا ڏني وڃي.“
حضرت عبدالله بن عباس رضه جواب ڏنو ته ”حضور انور
صلي الله عليھ وسلم جن جانور جي متعلق ڪجهه به
ڪونه فرمايو، مگر ايترو ضرور محسوس ٿيو ته رسول
الله صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ڳالهه کي
مڪروهه سمجهيو ته اهڙي جانور جو گوشت کاڌو وڃي يا
انهيءَ کي ڪم ۾ آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان
بدفعلي ڪئي ويئي آهي.“
(سنن ابي دائود- ترمذي شريف – مشواة شريف)
(15)
(46) حضرت علي ڪرم الله وجھ بيان ڪري ٿو ته ” هڪ
ٻانهيءَ کان زنا جو ڏوهه ٿيو. پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن حد جاري ڪرڻ جو حڪم فرمايو، جڏهن آءٌ
حد جاري ڪرڻ لاءِ تيار ٿيس ته مون کي خبر پيئي ته
اها عورت ٻار ڄڻڻ واري آهي. انهيءَ جو ذڪر مون
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن سان ڪيو ته پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تون چڱو
ڪم ڪيو آهي، جو انهيءَ جي مٿان حد جاري ڪانه ڪئي.“
هڪ ٻي روايت ابو دائود ۾ آهي ته ”حضور انور صلي
الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”هن وقت هن عورت کي
ڇڏي ڏي، جڏهن هن جو خون بند ٿئي ته پوءِ حد جاري
ڪجانءِ.“
(صحيح مسلم – مشڪواة شريف)
(16)
(47) عمرو بن حمزه اسلمي صلح حديبيه جي موقعي تي
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هو ۽ پوءِ
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن سان مديني ۾ آيو.
تنهن کانپوءِ باديه ڏانهن وڃڻ جي اجازت طلب ڪئي.
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن اجازت ڏيئي ڇڏي
ته پوءِ هي باديه ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن عمرو بن
حمزه ضبوعه جي جڳهه تي پهتو ته جيڪا مديني پاڪ کان
مڪي شريف جي هڪ منزل تي واقع آهي. هن جي انهيءَ
جڳهه تي هڪ اهڙي ٻانهيءَ تي نظر پيئي هئي، جيڪا
حسين ۽ خوبصورت هئي. شيطان هن کي ڀڙڪايو ۽ هي زنا
جو ارتڪاب ڪري ويٺو. انهيءَ وقت عمرو بن حمزه جي
شادي ٿيل نه هئي، تنهن کانپوءِ هي ڏاڍو شرمندو ٿيو
۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾
آيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن عمروءَ جي
مٿان حد جاري ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ کين ڪوڙا
لڳايا ويا.
(طبقات ابن سعد جلد 4)
(17)
(48) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ هڪ
عورت نماز جي ارادي سان اچي رهي هئي ته واٽ تي هڪ
شخص انهيءَ کي پڪڙي ورتو ۽ زبردستيءَ سان انهيءَ
سان زنا ڪئي ۽ پوءِ فرار ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته عورت
شور ڪري رهي هئي. اتفاق سان انهيءَ گهڙي هڪ ٻيو
شخص اتان گذري رهيوهو، عورت سمجهيو ته اِهو ئي شخص
ڏوهي آهي ته پوءِ انهيءَ جي متعلق چوڻ لڳي ته ”هن
مون سان بدفعلي ڪئي آهي.“ ايتري ۾ مهاجرن جا ڪجهه
ماڻهو آيا ۽ عورت جي گوڙ ڪرڻ تي انهيءَ شخص کي
پڪڙي وڌائون، حالانڪه اهو شخص بيڏوهي هو. عورت به
چيو ته ا”اِهو ئي شخص آهي، جنهن منهنجي عصمت دري
ڪئي آهي.“ تنهن کانپوءِ انهيءَ شخص کي رسول الله
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو.
هيڏانهن اصل ڏوهيءَ کي جڏهن خبر پيئي ته هڪ
بيگناهه جي مٿان حد جاري ٿيندي ته اهو پاڻ رسول
الله صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽
عرض ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!هي
شخص بيڏوهي آهي، زنا جو ارتڪاب مون ڪيو آهي.“
اِهو ڏسي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن عورت کي
فرمايو ته ”الله تنهنجي بخشش فرمائي“ ۽ پوءِ حڪم
ڏنائون ته ڏوهيءَ کي سنگسار ڪيو وڃي.“ تنهن
کانپوءِ کيس سنگسار ڪيو ويو.
(مشڪواة شريف جلد 2 ص 36)
(18)
(49) لجلاج بيان ڪري ٿو ته ”آءٌ بازار ۾ ويٺو هيس
۽ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيس ته هڪ عورت پنهنجي ٻار کي
ڇاتيءَ سان لڳائي اتان گذري. ماڻهو هن جي پويان
هئا. آءٌ به انهيءَ جي پٺيان لڳي پيس، اها عورت
جڏهن انهن ماڻهن سان گڏ رسول الله صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ پهتي، ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت کان دريافت ڪيو ته
”انهيءَ ٻار جو پيءُ ڪير آهي؟“ اها عورت خاموش
رهي، مگر هڪ نوجوان اڳتي وڌي چيو ته ”يارسول الله
صلي الله عليھ وسلم انهيءَ ٻار جو پيءُ آءٌ
آهيان.“
انهيءَ تي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ
عورت ڏانهن مخاطب ٿيندي فرمايو ته ”ٻڌاءِ ته
انهيءَ ٻار جو پيءُ ڪير آهي؟“ عورت وري به خاموش
رهي، ليڪن انهيءَ نوجوان وري چيو ته ”يارسول الله
صلي الله عليھ وسلم! آءٌ انهيءَ ٻار جو پيءُ
آهيان.“
انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ٻين
ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ”هي شخص چريو ته نه آهي؟“
سڀني ماڻهن عرض ڪيو ته ”سائين هي شخص چڱو ڀلو
آهي.“ اهو ٻڌي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ شخص کي فرمايو ته”ڇا تون شادي شده آهين؟“
ته انهيءَ شخص هائو ڪئي. تنهن کانپوءِ حضور اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص جي سنگسار ڪرڻ
جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ انهي کي سنگسار ڪيو ويو.
(سنن ابي دائود جلد ٻيو ڪتاب الحدود) |