باب ڇهون
”لعان“ متعلق فيصلا
(1)
(73) حضرت عبدالله بن عباس رضه بيان ڪري ٿو ته
جڏهن قرآن مجيد جي هي آيت نازل ٿي، جنهن جو ترجمو
هي آهي ته ”۽ جيڪي شخص پاڪدامن عورتن تي تهمت
لڳائن ٿا ۽ ثبوت لاءِ چار شاهد پيش نه ٿا ڪري سگهن
ته پوءِ انهن کي اسي ڪوڙا لڳايو ۽ ڪڏهن به انهن جي
شاهدي قبول نه ڪريو. اهڙا ئي ماڻهو فاسق آهن.“
ته انصارن جي بنو خزرج جي سردار سعد بن عباده حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اچي عرض
ڪيو ته ”ڇا هيءَ آيت اهڙيءَ طرح نازل ٿي آهي؟“
سعد بن عباده رضه جو بيان ٻڌي حضور انور صلي الله
عليھ وسلم جن انصارن کي فرمايو ته
”اي انصارو! توهان پنهنجي سردار جون ڳالهيون ٻڌي
رهيا آهيو.“
اتي موجود ماڻهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله
عليھ وسلم! توهان سعد کي ملامت نه ڪريو، گهڻي غيرت
جي سبب انهيءَ جي منهن جا اهي الفاظ نڪتا آهن.
”انهيءَ تي سعد بن عباده خود عرض ڪيو ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجا ماءُ
پيءُ توهان جي مٿان قربان. منهنجو ايمان آهي ته
اهي آيتون حق آهن، جيڪي الله تعاليٰ نازل فرمايون
آهن. مگر پريشانيءَ واري ڳالهه اِها آهي ته جيڪڏهن
آءٌ پنهنجي زال کي ڪنهن مرد سان اعتراض واريءَ
حالت ۾ ڏسان ته ڇا آءٌ حق تي نه آهيان؟ ۽ انهيءَ
حالت ۾ انهن کي قتل ڪريان ته پوءِ ڇا منهنجي لاءِ
ضروري ٿيندو ته مان چار شاهد ڳوليندو رهان ۽
جيستائين گڏ ڪريان ته جوابدار پنهنجو مطلب پورو
ڪري ڀڄي وڃي.“
انهيءَ آيتن جي نازل ۽ سعد بن عباده رضه جي گفتگو
کي ٿورو وقت گذريو ته هلال بن اميه سان اهو واقو
پيش آيو. ڇا ٿيو سومهڻيءَ جي وقت جڏهن هو پنهنجي
زمين کان واپس گهر ڏانهن آيو ته هن هڪ مرد کي
پنهنجي زال سان ڏٺو، ڳالهيون به ٻڌائين، ليڪن ڪوبه
قدم ڪونه کنيائين. صبح ٿيندي ئي حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ سمورو قصو ٻڌايائين.
پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن اهو واقعو ٻڌي
سخت رنجيده ٿيا. ايتري ۾ انصارن جا ٻيا ماڻهو به
اتي پهتا ۽
پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته ”اسان جي سردار سعد بن عباده
جيڪا ڳالهه چئي، اسين مونجهاري ۾ پئجي ويا هئاسون.
هاڻي هلال چار شاهد پيش ڪري.“
هلال چيو ته ”الله جو قسم! مون کي الله جي ذات تي
ايمان آهي ته اهومون کي ذليل نه ڪندو.“
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”اي هلال چار شاهد پيش ڪر نه ته تنهنجي پٺي جي
مٿان اسي ڪوڙا لڳايا ويندا.“
هلال بن اميه عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله
عليھ وسلم! قسم آهي، انهيءَ پاڪ ذات جو، جنهن
توهان کي نبي ڪري موڪليو
آهي، آءٌ
پنهنجي دعويٰ تي سچو آهيان، الله سائين ضرور
منهنجي لاءِ ڪائي نه ڪائي واٽ ڪڍندو، جيڪا مون کي
اسي ڪوڙن کان بچائيندي.“
گفتگوءَ جي دوران حضرت جبرائيل عھ هيءَ آيت مبارڪ
کڻي آيو.
”۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن تي زنا جي تهمت لڳائي ۽
خود انهن کي پاڻ کانسواءِ ڪوبه شاهد نه هجي ته
اهڙين مدعين منجهان هر هڪ جي شاهدي هيءَ هوندي ته
پهرين چار دفعا الله تعاليٰ کي شاهد بنائين قسم
کڻن ته اهو پنهنجي بيان ۾ ضرور سچو آهي. پوءِ
پنجون دفعو چوي ته جيڪڏهن آءُ ڪوڙو آهيان ته
منهنجي مٿان الله تعاليٰ جي لعنت آهي ۽ جيڪڏهن مڙس
جي قسم کائڻ کانپوءِ عورت به چار دفعا الله تعاليٰ
کي شاهد بنائي قسم کائي ته هي شخص پنهنجي بيان ۾
سراسر ڪوڙو آهي ۽ پنجون دفعو چوي ته جيڪڏهن هي
پنهنجي بيان ۾ سچو آهي ته منهنجي مٿان الله سائين
جو غضب پوي. انهيءَ صورت ۾ عورت جي مٿان سزا ٽري
سگهي ٿي.“
حضرت انس رضه بيان ڪري ٿو ته ”جڏهن اهي مٿيون
آيتون نازل ٿيون ته حضور انور صلي الله عليھ وسلم
جن هلال بن اميه کي گهرائي بشارت ڏني ته الله
سائين تنهنجي لاءِ واٽ ڪڍي آهي.
تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
هلال ۽ انهيءَ جي گهر واريءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽
فرمايائون ته ”الله تعاليٰ، عليم ۽ خبير آهي،
انهيءَ کي سڀ خبر آهي ته توهان منجهان ڪهڙو سچو
آهي ۽ ڪهڙو ڪوڙو آهي، توهان منجهان جيڪو ڪوڙو آهي
ته اهو توبهه ڪري ۽ سچي ڳالهه بيان ڪري.“
انهيءَ تي هلال عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله
عليھ وسلم! منهنجا پيءُ ماءُ توهان جي مٿان قربان
وڃن.
مون جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها سراسر سچي آهي،
انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ۽ ڪوڙ نه آهي.
تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم
ڪيو ته ٻنهي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ قرآن مجيد جي حڪم
مطابق لعان ڪرايو وڃي. انهيءَ لاءِ هلال کي حڪم
ڏنائون ته اهو چار دفعا اهي الفاظ دهرائي، جيڪي
قرآن مجيد ۾ ذڪر ڪيل آهن. اهڙيءَ طرح هلال چار
دفعا اهي الفاظ چيا ته ”آءٌ الله تعاليٰ کي حاضر
ناضر ڄاڻي چوان ٿو ته آءٌ پنهنجي دعويٰ ۾ سچو
آهيان ۽ پنجين شاهديءَ لاءِ تيار آهيان، ته پوءِ
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هلال کي چيو ته
”ڏس هلال! خدا جو خوف ڪر، دنيا جي سزا آخرت جي
عذاب کان بلڪل هلڪي آهي ۽ الله جو عذاب ماڻهن جي
عذاب کان ڳرو آهي. پنجين شاهدي آخري شاهدي آهي.
انهيءَ تي فيصلي جو دارومدار آهي.“
تنهن کان پوءِ هلال چيو ته
”جيڪڏهن آءٌ ڪوڙ ڳالهايان ته منهنجي مٿان الله
تعاليٰ جي لعنت هجي.“
تنهن کانپوءِ هلال بن اميه جي زال اڳتي وڌي، ۽
چيائون ته ”منهنجو مڙس
ڪوڙ ٿو هڻين. آءٌ قسم کڻي چوان ٿي ته اهڙو ڪڌو ڪم
ڪونه ڪيو آهي. جڏهن پنجون دفعو چوڻ لڳي ته حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کين روڪيو ۽ فرمايو ته
”ياد رک، الله جو عذاب دنيا جي سزا کان وڌيڪ
دردناڪ آهي.“ جڏهن انهيءَ عورت اهو ٻڌو، ٿورو وقت
چپ رهي پر پوءِ جلد ئي اٿي ۽ چيائين ته آءٌ پنهنجي
قوم کي ڪڏهن به ذليل نه ڪنديس ۽ پنجون دفعو چيائين
ته ”جيڪڏهن منهنجو مڙس سچو آهي ته الله تعاليٰ
منهنجي مٿان لعنت وجهي.“
جڏهن لعان جي ڪارروائي ختم ٿي ته پوءِ رسول الله
صلي الله عليھ وسلم جن زال ۽ مڙس جي وچ ۾ علحدگي
فرمائي ۽ حڪم ڏنو ته
1.
انهيءَ حمل منجهان جيڪو ٻار ڄمندو، اهو ماءُ ڏانهن
منسوب ڪيو ويندو.
2.
ڪنهن کي به حق نه آهي ته اهو ٻار تي ملامت ڪري.
3.
جيڪڏهن ڪو به شخص الزام تراشي ڪندو ته انهيءَ تي
حد جاري ڪئي ويندي.
4.
عورت کي اِهو حق حاصل نه هوندو ته هلال کان عدت جي
ڏينهن ۾ ڪنهن به شيءِ جو مطالبو ڪري.
تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
فرمايو ته ”انهيءَ عورت منجهان جيڪو ٻار پيدا
ٿيندو ته ڏسون ته ڪنهن تي سندس مهانڊا ٿين ٿا؟
جيڪڏهن هلال تي آهن ته سمجهو ته هلال جو پٽ آهي ۽
جيڪڏهن ٻئي مرد تي آهن ته سمجهو ته انهيءَ جو
آهي.“
ٻار پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڏٺو ويو ته اهو ٻار هلال جي
مهانڊي نه هو. جڏهن حضور انور صلي الله عليھ وسلم
جن کي اطلاع ڏنو ويو ته فرمايائون ته
”جيڪڏهن الله جو ڪتاب پهريائين فيصلو نه ڪري ڇڏي
هان ته آءٌ ضرور حد جاري ڪريان ها.“
(تفسير سورت نور- صحيح بخاري جلد ڇهون ڪتاب
المحاربين)
(2)
(74) هڪ شخص ۽ انهيءَ جي زال جو مقدمو سرور ڪائنات
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو.
مڙس زال جي مٿان الزام لڳايو ته هيءَ ٻئي مرد سان
اعتراض جوڳيءَ واري حالت ۾ ڏٺي ويئي آهي، ته پوءِ
انهن ٻنهي جي وچ ۾ لعان ڪرايو ويو.
اها عورت پيٽ ڀري هئي، مرد چوي پيو ته هي ٻار هن
منجهان نه آهي.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
انهن ٻنهي جي وچ ۾ علحدگي ڪرائي ۽ فيصلو فرمايو
ته ”ٻار ماءُ جو هوندو.“
(موطا امام مالڪ)
(3)
(75) حضرت عبدالله بن عمر رضه بيان ڪري ٿو ته
”اهڙو هڪ ٻيو معاملو حضور انور صلي الله عليھ وسلم
جن جي آڏو پيش ڪيو ويو. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ
وسلم ”لعان“ جو حڪم فرمايو ۽ پوءِ فرمايائون
”توهان جو حساب الله تعاليٰ جي مٿان آهي، توهان
منجهان هڪ ڪوڙو ضرور آهي.“
۽ پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن مرد کي
مخاطب ٿي فرمايو ته ”هيءَ عورت هاڻي تنهنجي حق ۾
نه رهي، هاڻي تنهنجو تعلق هن سان نه رهيو، تون
انهيءَ عورت جي خلاف ڪنهن به قسم جي دست اندازيءَ
ڪري سگهين ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي به ڪونه
ڪري سگهين ٿو.“
انهيءَ تي ان شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي مال جو
ڇا بڻجندو، جيڪو مون انهيءَ کي ڏنو آهي.“
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”توکي
مال وٺڻ جو ڪو به حق نه آهي، توکي تنهنجو مال
انهيءَ عمل جي عيوض آهي، جيڪو هلال جي صورت ۾ تو
انهيءَ منجهان حاصل ڪيو هو ۽ جيڪڏهن تون دعويٰ ۾
ڪوڙو آهين ته به توکان مال عورت وانگر پري هليو
ويو آهي.“
(4)
(76) هڪ دفعي
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ”لعان“ جي آيت
جي تشريح ڪندي فرمايو ته
”جيڪڏهن ڪائي عورت ڪنهن خاندان ۾ اهڙو ٻار کڻي
اچي، جيڪو انهيءَ خاندان منجهان نه آهي، يعني حرام
منجهان آهي ته اها ان جي رحمت کان پري آهي، اها
هرگز جنت ۾ داخل نه ٿيندي ۽ جيڪو مرد پنهنجي ٻار
جي نسب کان انڪار ڪري، حالانڪه ٻار انهيءَ کي ڏسي
رهيو هجي، يعني انهيءَ جو هجي ته الله تعاليٰ
قيامت جي ڏينهن پنهنجي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ حجاب جو
پردو کڻائي ڇڏيندو ۽ اڳين ۽ پوئين مخلوق جي اڳيان
انهيءَ کي ذليل ڪندو.“
(5)
(77) حضرت عبدالله بن عباس رضه بيان ٿو ڪري ته
”جڏهن زنا جي تهمت لڳائڻ وارن تي حد مقرر ڪئي ويئي
ته موجود ماڻهن منجهان عاصم بن عدي اٿيو ۽ عرض
ڪيائين ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!
منهنجي جان توهان جي مٿان قربان ٿئي، جيڪڏهن اسان
منجهان ڪوئي شخص پنهنجي عورت کي ٻئي ڪنهن مرد سان
ملوث ڏسي، جيڪڏهن اکين ڏٺو واقعو پيش ڪري ٿو ته
مٿانهس حد جاري ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن شاهدن جي ڳولا
ڪرڻ ۾ نڪري ٿو ته جوابدار ڪم پورو ڪري ڀڄي وڃي ٿو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڇا ٿيو جو، هن جي پنهنجي
خاندان ۾ اهڙو واقعو پيش آيو. عاصم جي سوٽ عويمر
عجلاتي جي زال خوله جيڪا هن جي ٻئي چاچي جي ڌيءَ
هئي. هڪ ڏينهن شريڪ بن سماءَ سان ڏٺي ويئي. هي
شريڪ به عاصم جي ٻئي چاچي جو پٽ هو.
عويمر عجلاتي اهو واقعو عاصم کي ٻڌايو، عاصم اهو
ڪيس رسول الله
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽
چيائين ته ”افسوس آهي جو منهنجي خاندان وارا
انهيءَ ۾ مبتلا ٿيا آهن.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن انهيءَ ڳالهه کي ناپسند فرمايو.
تنهن کانپوءِ عاصم عويمر کي چيو ته ”تون منهنجي
لاءِ چڱائي نه ڪئي، آءٌ خود حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ اهو فيصلو پيش ڪندس.“
اهڙي طرح سان عويمر حضور انور صلي الله عليھ وسلم
جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن ڪوئي
شخص پنهنجي زال کي ڪنهن غير مرد سان اعتراض جوڳيءَ
حالت ۾ ڏسي ته انهيءَ کي قتل ڪري يا انهيءَ جي
بدلي خود مارجي وڃي، ڀلا ڪري ته ڇا ڪري؟“ ۽ سڄي
حقيقت پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو
بيان ڪئي. سڄو واقعو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وسلم جن فرمايو ”پريشان نه ٿيءُ، الله تعاليٰ
توهان جي ۽ توهان جي زالن جي معاملي ۾ حڪم نازل
فرمايو آهي، وڃ ۽ وڃي پنهنجي گهر واريءَ کي مون وٽ
وٺي آءُ.“
اهڙي طرح سان عويمر ۽ انهيءَ جي گهر واري مسجد
نبويءَ ۾ آيا.
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم ”لعان“ جو حڪم صادر فرمايو ته ”الله تعاليٰ
عليم ۽ خيبر آهي، اهو خوب ڄاڻي ٿو، توهان منجهان
هڪ نه هڪ ڪوڙو ضرور آهي، جيڪو ڪوڙو آهي ته اهو
توبهه تائب ٿئي.“
ليڪن ڪنهن به توبهه ڪانه ڪئي. تنهن کانپوءِ
پهريائين مرد کي قسم پنج دفعا کڻايو ويو، جيڪو
انهيءَ کنيو ۽ پوءِ انهيءَ جي زال کي جيڪو انهيءَ
کنيو.
اهو ڏسي عويمر عجلاتي پنهنجي زال کي طلاق ڏني.
۽ پوءِ اها سنت قائم ٿي ويئي ته لعان ڪرڻ وارن زال
۽ مڙس جي علحدگي ڪئي وڃي ۽ انهن کي گڏ هڪ جاءِ تي
نه رکيو وڃي.
عويمر جي زال پيٽ ڀري هئي، عويمر جو اسرار هو ته
ٻار سندن منجهان نه آهي. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم صلي
الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
1.
ٻار ماءُ جي طرف منسوب هوندو.
2.
ٻار ماءُجي ميراث جو حقدار هوندو ۽ نه پيءُ جي.“
3.
ماءُ به انهيءَ جي ميراث جي حقدار هوندي.
(صحيح بخاري جلد چوٿون ڪتاب الطلاق)
(6)
(78) هڪ شخص رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي
الله عليھ وسلم! منهنجي هڪ زال آهي، جيڪا مون کي
ڏاڍي پياري آهي، ليڪن انهيءَ جو حال اهو آهي ته
جيڪو هن کي هٿ وجهي ٿو ته انهيءَ کان هٿ ڇڏائي نه
ٿي.“
اِهو ٻڌي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”انهيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏ.“
انهيءَ تي ان شخص عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي
الله عليھ وسلم! مگر آءُ ته انهيءَ کانسواءِ رهي
نه سگهندس.“ تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم
جن فرمايو ته ”تون انهيءَ کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي.“
جيئن ته مٿيون معاملو ڳجهو هو، رسول اڪرم صلي الله
عليھ وسلم مدعيءَ کان وڌيڪ ڪجهه تشريح ڪانه ڪرائي
۽ لعان جو حڪم نه فرمايو.
(7)
(79) هڪ ڳوٺاڻو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي زال کي
هڪ پٽ ٿيو آهي، جيڪو ڪاري رنگ جو آهي، آءٌ نه ٿو
سمجهان ته اهو منجهان آهي.“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”تو وٽ
ڪجهه اُٺ آهن؟“
انهيءَ شخص وراڻيو ته ”هائو سائين!“
تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
فرمايو ته ”ڪهڙي
رنگ جا آهن؟“
انهي ڳوٺاڻي عرض ڪيو ته ”سرخ رنگ جا.“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”خاڪي
رنگ جا به آهن؟“
”انهيءَ ڳوٺاڻي عرض ڪيو ته ”هائو سائين.“
تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
فرمايو ته ”اهو رنگ ڪيڏانهن آيو؟“
انهيءَ شخص وراڻيو ته ”وڏن منجهان ڪنهن جو رنگ
اهڙو هوندو.“
اهو ٻڌي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”شايد انهيءَ ٻار جي ڪنهن وڏي جو رنگ به اهڙو
هجي، انهيءَ ڪري توکي حق نه آهي ته انهيءَ ٻار جي
نسب جو تون انڪار ڪرين.“
(صحيح بخاري جلد چوٿون ڪتاب الطلاق)
باب ستون
”طهار“
(1)
(80) هڪ عورت حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! جڏهن منهنجي
مڙس مون کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو هو ته انهيءَ وقت
آءٌ نوجوان، حسين، خوبصورت ۽ دلڪش هئس، هن وقت عمر
سان گڏ منهنجي وهي به هلي ويئي، گهڻن ٻارن جي ڄمڻ
مون کي پوڙهو بڻائي ڇڏيو، جسم ۾ گهنج پئجي ويا
آهن. اِهو ڏسي منهنجي مڙس مون کي چيو ته ”تون
منهنجي ماءُ جهڙي آهين.“
سڄي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وسلم جن فرمايو ته ”اي مائي! تون هلي وڃ، مون وٽ،
تنهنجي لاءِ ڪو به حڪم نه آهي.“
اِهو ٻڌي اها عورت ليلائڻ لڳي ۽ ايلاز منٿ ڪرڻ لڳي
ته ”منهنجي واٽ ڪڍو،
منهنجا ننڍا ننڍا ٻار آهن، جيڪڏهن منهنجي مڙس مون
کان تعلق ٽوڙيو ته پوءِ انهن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟“
ايتري ۾ الله تعاليٰ جي طرفان وحي نازل ٿي ۽ هي
آيتون نازل ڪيائين.
”۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي گهر وارين کي ماءُ چئي ويهن
ته پوءِ پنهنجي قول سان رجوع ڪن ته پوءِ انهن کي
همسبتري ڪرڻ لاءِ هڪ غلام آزاد ڪرڻ گهرجي.
اي ايمان وارؤ! انهيءَ حڪم سان توهان کي نصيحت ڪئي
وڃي ٿي ته جيڪي توهان ڪريو ٿا، تنهن کان الله
خبردار آهي، جيڪڏهن غلام نه ملي ته اهو ٻه مهينا
لاڳيتو روزا رکي ۽ جيڪڏهن روزا نه ٿو رکي سگهي ته
پوءِ سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائين. اِهو حڪم انهيءَ
لاءِ آهي ته توهان الله تعاليٰ ۽ رسول ڪريم صلي
الله عليھ وسلم جن جا
فرمانبردار
ٿيو ۽ اِهي خدا جون حدون آهن، جيڪو اهي حدون
اورانگيندو انهيءَ لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
انهن آيتن نازل ٿيڻ کانپوءِ سرور ڪائنات صلي الله
عليھ وسلم جن انهيءَ عورت جي مڙس کي پاڻ وٽ گهرايو
۽ فرمايو ته
”ڇا تون هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي طاقت رکي سگهين ٿو؟“
انهيءَ شخص عرض ڪيو ته ”نه سائين“
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا
تون ٻه مهينا لاڳيتو روزا رکي سگهين ٿو؟“
انهيءَ شخص وراڻيون ته ”نه سائين آءُ معذور آهيان“
تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
فرمايو ته
”ڇا تون سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائي سگهين ٿو؟“
انهيءَ شخص وراڻيو ته ”سائين مون وٽ ته ڪجهه به نه
آهي.“ اهڙي طرح
سان رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص
کي پندرنهن صاءَ ڏنا ۽ هڪ ٻئي شخص کيس پندرنهن
صاءَ ڏنا. اهڙي طرح سٺ مسڪينن ۾ کاڌو ورهايو.
(2)
(81) سلمان بن صحر جيڪو سلمه بن صحر بياضيءَ جي
نالي سان مشهور آهي. هڪ ڏينهن انهيءَ پنهنجي زال
کي چيو ته ”تون منهنجي ماءُ لڳين ٿي،“ تيستائين جو
رمضان جو مهينو گذري وڃي. ليڪن اڌ رمضان شريف مس
گذريو ته هن پنهنجي زال سان همسبتري ڪئي ۽ پوءِ هن
کي ندامت ٿي ۽ انهيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ حضور انور
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽
سموري ڳالهه کين بيان ڪيائين.
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”توکي
هڪ غلام آزاد ڪرڻو پوندو.“
سلمان وراڻيو ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ
وسلم! مون کي ايتري طاقت نه آهي، جو هڪ غلام آزاد
ڪري سگهان.
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ٻه
مهينا لاڳيتو روزا رک.“
سلمان عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ
وسلم! مون ۾ ايتري طاقت نه آهي، جو ٻه مهينا
ساندهه روزا رکي سگهان.“
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”پوءِ
سٺ مسڪينن کي کاڌو کاراءِ.“
سلمان عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ
وسلم! مون ۾ ايتري به طاقت نه آهي.“
تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ
اصحابي فروه بن عمر کي حڪم ڏنو ته هن کي کجين جو
عرق ڏي ته جيئن هي سٺ مسڪينن ۾ ورهائي سگهي.“
(مشڪواة جلد پهريون ص 104)
بابت اٺون
”قــــذف“
قرآن مجيد ۾ آهي ته ”جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن جي
مٿان تهمت لڳائڻ ۽ پوءِ ثبوت لاءِ چار شاهد نه آڻي
سگهن ته انهن کي 80 ڪوڙا هڻو ۽ ڪڏهن به انهن جي
شاهدي قبول نه ڪريو، اهڙا ئي ماڻهو فاسق آهن، پر
جن ماڻهن انهيءَ عمل کان پوءِ توبهه ڪئي ۽ پنهنجي
زندگي سڌاري ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشڻ وارو ۽ رحمت
وارو آهي.“
(سورت نور آيت 65)
(1)
(82) سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن سن ڇهين
هجريءَ ۾ غزوه بني المصطق ۾ تشريف فرما ٿيا. سائين
جن سان گڏ ام المومنين بي بي عائشقه صديقه رضه به
گڏ هئي.
غزوه جي فارغ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وسلم جن مديني ڏانهن واپسي فرمائي. واپسيءَ جي
دوران هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جيڪو حديث ۽ سيرت جي
سڀني ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. ٿيو ائين جو رات جي
آخري حصي ۾ ڪوچ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو، انهيءَ وقت
ام المومنين بي بي عائشه صديقه رضه حاجت لاءِ
جهنگل جي طرف ويل هئي. اتفاق سان بي بي صاحبه رضه جو هار ٽٽي زمين تي ڪري پيو. انهيءَ
جي ڳولا ۾ بي بي صاحبه رضه کي دير ٿي ويئي ۽
قافلي کي نه پهچي سگهي. تنهن کانپوءِ هن
عقل ۽ ڏاهپ کان ڪم ورتو، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ جي
بجاءِ چادر ويڙهي ويهي رهي، رات جو ڪافي حصو گذري
چڪو هو ۽ هن کي ننڊ اچي ويئي.
حضرت صفوان بن معطل رضه جي مٿان حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن هيءَ ذميواري عائد ڪئي هئي ته
قافلي جي پٺيان اچي جيڪڏهن ڪابه شيءِ جيڪڏهن قافلي
وارن جي ڪري پوي ته اها حفاظت ۾ رکي، صبح سان جڏهن
هي بيٺڪ واري منزل وٽ پهتو، ته ڪنهن سمهيل کي
ڏٺائين، جڏهن ويجهو آيو ته بي بي صاحبه رضه کي
سڃاتائين، ڇاڪاڻ ته پردي واري آيت جي نازل ٿيڻ کان
اڳ ۾ هن بي بي صاحبه رضه کي ڏٺو هو، ڏک ۽ ارمان ۾
هن جي واتان ”انا الله وَ اِنا اليھ راجعونَ“ نڪري
ويو، جيڪو بيبي صاحبه رضه جي ڪنن تي پيو ته سندن
سجاڳي ٿي ۽ جلد ئي پنهنجو چهرو مبارڪ ڍڪي ڇڏيائين.
صفوان رضه بي بي صاحبه رضه جي ويجهو اُٺ کي آندو ۽
پاڻ پري بيهي رهيو. بي بي صاحبه رضه اُٺ تي سوار
ٿي ۽ صفوان رح اُٺ جي مُهار پڪڙي اچي قافلي سان
مليو.
اِها صورتحال ڏسي منافقن جي سردار عبدالله بن
ابيءَ کي موقعو هٿ چڙهي ويو ۽ بهتان بازي شروع
ڪيائين. بس پوءِ ڇا ٿيو، جو سادا سودا مسلمان به
هن جي ور چڙهي ويا ۽ پٺيان لڳيس. انهيءَ منافق جي
بهتان جو چوٻول جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن تائين پهتو، ته پاڻ صلي الله عليھ وسلم جن کي
سخت صدمو رسيو ۽ بي بي صاحبه رضه کي به سخت صدمو
پهتو. اها ڪيفيت سڀني مومنن ۾ هڪ مهيني تائين رهي،
آخر الله تعاليٰ بي بي صاحبه رضه جي پاڪدامن جي
حمايت ۾ آيتون نازل فرمايائون. منافقن جي تهمت بي
بنياد ۽ ڪوڙي هئي.
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن تهمت هڻڻ وارن کي
چئن شاهدن آڻڻ لاءِ فرمايو، جيڪي هو ڪونه آڻي
سگهيا، تنهن کانپوءِ انهن جي مٿان حد ”قذف“ جاري
ڪئي ويئي، کين اسي دُرا لڳايا ويا.
تنهن کانپوءِ مومنن الله جي در تي توبهه ڪئي ۽
منافق پنهنجي منافقت ۾ غرق ٿي ويا.
(سيرت ابن هشام-تاريخ طبري)
(2)
(83)
عربن جي قبيلي بنو بڪربن ليٽ جو هڪ شخص حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
هن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي اڳيان چار
دفعا اقرار ڪيو ته هن کان زنا سرزد ٿي آهي. هن
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي عرض ڪيو ته
”هي غير شادي شده آهي.“
اهڙي طرح سان حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن هن
تي حد جاري ڪرڻ جو حڪم صادر فرمايو. هن کي هڪ سئو
دُرا لڳايا ويا. تنهن کانپوءِ ان شخص جنهن عورت کي
پاڻ سان گڏايو هو، انهيءَ کي گهرايو ويو. پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کان شاهد
طلب ڪيا، ليڪن ڪوبه شاهد ڪونه پيش ڪيو. اها عورت
چوڻ لڳي ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! الله جو قسم هي
شخص بلڪل ڪوڙو آهي، انهيءَ منهنجي مٿان بهتان
مڙهيو آهي.“ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ شخص جي مٿان حد جاري فرمائي. |